حالات خليفہ گل محمد مرحوم
خليفہ گل محمد 1226 هجريءَ ۾ توليد ٿيو. سندس ننڍپڻ جي حياتيءَ جي پوري خبر ڪانہ ٿي ملي سگهي، مگر سندس ديوان ۽ ٻين ڳالھين مان پروڙ پوي ٿي تہ هن جو علم ڏي تمام گهڻو خيال هو. علم عربيءَ جو عالم هو ۽ پارسيءَ ۾ ڪامل دستگاه ھيس. هن ان وقت جي صوفين جي بہ صحبت ڪئي هئي ۽ پنھنجو طريقو بہ صوفي ڏيکاريندو هو، پر شريعت جو پورو پورو پائبند هو ۽ ڪابہ ڳالھہ شريعت جي حڪم کان ٻاهرنہ ڪندو هو.
ھي روھڙيءَ واري پير پاڳاري جو مريد ۽ خليفو هو ۽ اهو خلافت جو سلسلو اڃا تاءِ آخوندن ۾ قائم آھي. جئن دستور آھي تہ پيرن جي پاران جيڪي خليفا هوندا آهن، تن جي منزلت مريدن ۾ گهڻي هوندي آھي، تنھن موجب هن جي بہ عزت مريدن ۾ گهڻي هئي. هو صاحب قناعت جو هو، تنھن ڪري انھي اپت مان خيريت جو وقت چڱو ۽ شان سان پيو گذاريندو هو. هن جو لھہ وچڙھہ شھري ماڻھن کان ٻھراڙيءَ وارن ماڻھن سان گهڻو ۽ گهاٽو هو، جيئن تہ اھڙا اصطلاح ۽ جملا سندس ديوان ۾ گهڻن جاين تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ديوان گل کان سواءِ سندس ٻي ڪا تصنيف معلوم ڪانہ ٿي ٿئي. سندس غزلن ۾ ظاهري معنيٰ دنيوي ڪمن ۽ ڳالھين سان لاڳو ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر جي غور سان ڏسبو تہ سڄو ديوان معرفت جي موتين سان مڙھيل ڏسڻ ۾ ايندو ۽ جا محبت، نزاڪت، لذت، پاڪيزگي ۽ معتقدي سندس ڪلام مان بکي ٿي، سا سنڌ جي ٻئي ڪنھن شاعر جي ڪلام ۾ مشڪل ڏسڻ ۾ ايندي. هن کي آخر عمر ۾ اچي زيارت بيت الله ۽ حضور اڪرم صلي الله عليه وآلـﮧ وسلم جن جي روضي مبارڪ جي زيارت جو شوق دامنگير ٿيو. اهو شوق هن کي وٺي بمبئيءَ ويو، جتي هن پنھنجو ديوان اکرن جي هجي جي سمجهاڻين سان ڇپائي پڌرو ڪيو. اتان پوءِ روانو عربستان ٿيو، جتي 1272 هجري ۾ وفات ڪئي. سندس عمر 47 ورھہ ٿي.
خليفہ گل محمد کي ٻہ پٽ هئا، جن مان ننڍو پٽ سندس حياتيءَ ۾ فوت ٿي ويو، باقي وڏو پٽ خليفہ احمد، پي کان پوءِ گهڻو وقت حيات هو. هلت چلت خواه رهڻي ڪهڻي ۾ هو انھي وقت جي شريف ماڻھن مان هو. زمين بہ ڳچ ھيس، جنھن ڪري هو باعزت گذاريندو هو. افسوس جو اهو بہ پٺيان نياڻيون ڇڏي واھي ملڪ بقا ٿيو. مايون بہ جو وقت حيات ھيون، سو مائٽن جي شان موافق هلنديون ھيون، مگر
ڪل من عليھا فان
جي حڪم موجب اھي بہ راھہ رباني وٺي ويون. رھي نالو الله جو.
ديوان گل اصل پراڻي سنڌيءَ ۾ ڇپايل هو، جا سنڌي ھاڻوڪي سڌريل زماني ۾ نڪمي سمجهڻ ۾ اچي ٿي، تنھن ڪري غزلن مان جا لذت ۽ ميٺاج پڙهندڙن کي ملڻ گهرجي، تنھن کان محروم رھيا ٿي اھا ڳالھہ محسوس ڪري سنڌي ساهت سوسائٽي ڪراچيءَ جي ديوان گل کي ھاڻوڪي مروج سنڌيءَ ۾ ڇپائي سنڌ تي ٿورو ڪيو، پر اهو ڇاپو سوسائٽي جي سکانين جي سھو سببان اھڙو غلط نڪتو، جو آرام جي بدران آزار ٿي پيو. سندس لفظن جي ردوبدل ۽ چوڪن کان غزلن جي نزاڪت ۽ مطلب فوت ٿي ويو ۽ شايد پڙهندڙ پريشان خاطر ڪتاب کي پڙهڻ ئي ڇڏي ڏين ھا.
انھيءَ ڇاپي جو نسخو مون کي 1930 ۾ مليو، جنھن جي مطالع مان مضمون بدليل ڏسي گهڻو ارمان ٿيم ۽ اصل بمبئيءَ واري ڇاپي تان صحيح ڪري ڏکين لفظن جي معنيٰ لکڻ جو ارادو ڪيم.
ديوان ۾ جيڪا ٻولي ڪتب آيل آھي، سا بلڪل ٻھراڙيءَ جي ۽ لفظ جيڪي ڏنل آهن، سي بلڪل پراڻا. مصنف کي وفات ڪئي بہ اسي ورھہ گذري چڪا آهن، انھيءَ ڊگهي وقت ۾ ٻولي ڪيترو نہ مٽي سٽي هوندي. گهڻيءَ تڪليف هوندي بہ ڪوشش وٺي معنيٰ لکي مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد جي کي پيش ڪيم، جا سوسائٽي ھينئر سنڌيءَ جي اعليٰ خدمت پيئي ڪري. اميد تہ اهو سندس احسان آئندہ نسل گهڻي عزت ۽ قرب سان قبول ڪندو.
خاڪسار عبدالغفور ھالائي
ھالا نوان
25 جولاءِ 1933