لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

مناجات الاھي

مناجات عربي لفظ ”نجو“ يا ناجا مان ورتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي پڪارڻ، ڳالھيون ڪرڻ، ڀيد، راز، ڳُجهہ، آزيون ڪرڻ ۽ ٻاڏائڻ يا نجات گهرڻ. هن ڪتاب ۾ اوهان کي مختلف سگهڙن جون آهون، دانھون، سُڏڪا، سسڪيون، صدائون ۽ مالڪ حقيقي توڙي محبوبِ خداونديءَ کي مخاطب ڪري گهريل دعائون ملنديون، جن ۾ موجودہ حالتن جو عڪس بہ هوندو، سماجي مسئلن جي شعور جون ڳالھيون بہ هونديون تہ هن امن واريءَ ڌرتيءَ تي ٿيندڙ وارتائون ۽ وارداتون بہ لفظن جو جامو پائي پڙهندڙ جي اڳيان هڪ چٽو عڪس پيش ڪنديون.

Title Cover of book مناجات الاھي

مقدمو: سنڌي لوڪ ادب بچائڻ لاءِ تحريڪ جي ضرورت ڇو ؟

ان ڳالھہ ۾ ڪوبہ شڪ نہ آهي تہ اسان جو “لوڪ ادب” جڏهن کان هن سماج جو حصو ٿيو آهي، تڏهن کان زميني حقيقتون ۽ انساني شعور پڌرو ٿيو آهي. انساني فڪر ۽ فلسفي توڙي زندگيءَ جو هرهڪ پھلو هن ۾ نہ رڳو سمايل آهي پر محفوظ پڻ آهي جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ راھہ هموار ڪري ٿو. اسانجو لوڪ ادب بي بھا آهي انساني تاريخ کي پرکڻ لاءِ لوڪ ادب هڪ تحقيق جو ڪم ڏنو آهي، هتان جي سماج جا طور طريقا، ريتون رسمون، ڪار وهنوار ۽ گذران جا ذريعا ۽ وقت بدلجڻ سان ان ۾ جيڪي بدلاو آيا سي سڀ لوڪ ادب مان پرکي سگهجن ٿا، اها سموري ڄاڻ لوڪ گيتن، لوڪ ڪھاڻين، چوڻين، اصطلاحن ۽ پھاڪن مان چڱيءَ ريت ڄاڻي سگهجي ٿو.
اها اسانجي بدقسمتي آهي جو اسان پنھنجي لوڪ ثقافتي ورثي، خاص طور سنڌي لوڪ ادب جي معيار ۽ اهميت بابت ترجيحي بنيادن تي ڪوبہ خاطرخواھہ ڌيان نہ پئي ڏنو آهي، اها اسانجي ادارن سميت حڪومتي ذميوارن جي نا اهلي ۽ عدم توجھہ جي ڪري آهي جو اسان وٽان دانائيءَ جو دان ختم ٿيندو پيو وڃي پر اسان جا اڪابر اگهور ننڊ ۾ ستل آهن، هونءَ بہ جنھن فن ۽ فڪر کي اهميت نہ ملندي اها پنھنجو پاڻ ختم ٿي ويندي.
اها هڪ حيرت جھڙي ڳالھہ آهي تہ اسانجي هن قومي ورثي کي هڪ فرد جو ڪم سمجهي نظرانداز ڪيو پئي ويو آهي، ڪنھن هن کي ڳوٺاڻن/اڻ پڙهيلن جو فن چئي دهقانيت جو داغ ڏنو آهي تہ ڪنھن مدي خارج چئي پُٺ تي اڇلي ڇڏيو آهي ۽ سنڌي لوڪ ادب تضاد جي ور چڙهي ويو آهي جنھن کي ڪير بہ پنھنجو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ حقيقت ۾ اها ڪيڏي نہ ستم ظريفي چئبي جو اسان پنھنجو بنياد ۽ اصليت وساري رهيا آهيون.
اڄ ڏٺو ويو آهي تہ ڪي نام نھاد وڏا وڏا نقاد، محقق ۽ تاريخدان توڙي ٻولي ماهر پنھنجي ڪرسي قائم رکڻ لاءِ غلط مقصدن لاء تہ لکن ٿا جنھن ۾ انھن جو مطلب صرف پنھنجي آقائن کي خوش ڪري انعام اڪرام وٺڻ ئي مقصد هوندو آهي، اهڙا ماڻھو حقيقت پسنديءَ کان پري ۽ رڳو ها ۾ ها ملائي ڪنڌ لوڏيندڙ درٻاري ئي هوندا آهن جن سدائين اسانجي قومي ادب کي نقصان پئي ڏنو آهي، سندن دلين ۾ پيدا ٿيل حسد، بغض، عناد ۽ نہ ختم ٿيندڙ فساد ئي آهي جنھن لوڪ ادب جي ترقي واري راھہ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪئي آهي، سندن سوچ تي مغربي تھذيب ۽ يورپي ڪلچر حاوي هجڻ ڪري پنھنجي لوڪ ثقافتي ورثي کي نہ ڏسڻ لاءِ اکين تي انڌ جا پردا چڙهيل آهن. دانشمندانا ۽ فلسفانا دليلن جي ڪسوٽي رکي جيڪڏهن پرک ڪئي وڃي تہ جديد علمن جا ماهر سنڌي لوڪ ادب جي مواد کي ملڪ ۽ قوم جي تاريخ ۾ داخل ڪرڻ جا سخت مخالف پئي رهيا آهن، سندن کي ياد رکڻ کپي تہ هڪ قوم جي مڪمل تاريخ، سندس علمي، ادبي، ثقافتي، تاريخ ئي ٿي سگهي ٿي ۽ نہ سياسي تاريخ …! جنھن مواد ۾ ان قوم ۽ ملڪ جي اقتصادي حالتن، مذهبي رجهان، گذريل وقت جي هنري ۽ فني معلومات سميت رهڻي ڪھڻي، ريتن رسمن ۽ قومي ادب جو ذڪر نہ هجي ان تاريخ کي من گهڙت يا اڻ پوري چئبو. اصول موجب تاريخ حال ۽ مستقبل سان گڏ ماضيء جي سڀني ڪارگذارين جي ترجمان هئڻ گهرجي جنھن مان قوم پنھنجو چھرو ڏسي ۽ پاڻ ئي اندازو لڳائي سگهي تہ اها ماضيءَ ۾ ڪيتري قدر مھذب، شائستہ ۽ سڌريل هئي ۽ کيس آئيندي جو ڪھڙو الڪو ڪرڻ کپي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي لوڪ ادب وارو اهو صدري خزانو جيڪو سگهڙن جي دلين ۾ محفوظ آهي. انھيءَ سرمايي کي گڏ ڪرڻ طرف خاص ڌيان نہ ڏنو ويو آهي، جنھن سبب اهو آهستي آهستي ضايع ٿيڻ لڳو آهي ۽ صدين جون روايتون جيڪي سگهڙن ذريعي سيني بسيني هلنديون پئي آيون سي هاڻي قلم بند نہ ٿيون ڪيون وڃن.
سگهڙن جي ڏاهپ ۽ لياقتن ڀريا قول جن سان هنن سماج کي آئينو ڏيکاريو سي سرڪار جي بي ڌياني ۽ ادارن جي بيحسي سبب زوال طرف وڃي رهيا آهن. سگهڙن جي سينن ۾ سانڍيل اهو قومي ادب جو سرمايو، ساڻن گڏ قبر ۾ دفن ٿيندو پيو وڃي جنھن ڪري سنڌي لوڪ ادب جي خزاني تي لٽ چڙهندي پئي وڃي ۽ اسانجي ٻوليءَ ۾ ڌاريو رنگ ايترو چڙهي ويو آهي جو سنڌي لوڪ ادب جون روايتون ۽ نج سنڌي ٻولي نئين نسل کي ڏکي لڳي ٿي.
ڏٺو وڃي تہ ڪنھن بہ ٻوليءَ جي لوڪ ادب کي نظرانداز ڪري ڇڏجي تہ اها ٻولي ڪڏهن بہ ترقيءَ جي راھہ تي گامزن ٿي نہ سگهندي، ڪيڏو بہ تناور درخت ڇو نہ هجي مگر انھي وڻ جي پاڙ ڪٽي ڇڏجي تہ سڪي ختم ٿي ويندو. اهوئي سبب آهي جو دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ لوڪ ادب جي حفاظت لاءِ باقائدہ ادارا قائم ٿيل آهن.
اها هڪ مڃيل حقيقت آهي تہ شروعاتي دئور ۾ هتي لوڪ ادب جا ڀنڊار هئا پر وقت گذرندي اهي شھري ۽ هنري اثرن سبب مٽيءَ ۾ دٻجندا ويا. سنڌي اديبن سنڌي معياري ادب کي تہ جيئاريو، وڌايو، ويجهايو پر سنڌي لوڪ ادب ڏانھن ڪوبہ جوڳو ڌيان نہ ڏنو سواءِ ڪجهہ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اديبن جي، جن منجهان بہ ڪجهہ ڊاڪٽر بلوچ جھڙن لوڪ ادب جي خيرخواهن تي تہ ڪيس بہ ٿيا ۽ ڪورٽون بہ ڏٺيون، جنھن بعد جيڪو حال آهي سوبہ سڀني جي سامھون آهي. ڏٺو وڃي تہ هن جديد ميڊيائي دور ۾ جتي اسانجي ٻولي ۽ ادب ترقي ڪري رهيو آهي، اتي لوڪ ادب زوال جو شڪار آهي. اسان جي جدت پسندي، لوڪ ڏاهپ ۽ ثقافت کي وساريندي پئي وڃي. اهڙيءَ صورتحال ۾ اسان جي حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن تي فرض ٿئي ٿو تہ هو پنھنجي قومي ادب کي بچائڻ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺن ڇو تہ پنھنجي لوڪ ورثي کي جديد دور سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان حوالي سان مجموعي طور ڏسجي ٿو تہ جٿي ڪٿي جدت (MODERNIZATION) اچي ديرو ڄمايو آهي. ان جدت پسنديءَ جي ڪري پنھنجون ريتون رسمون اسانکي سٺيون نٿيون لڳن. اسان وٽ وڏن ۽ ننڍن شھرن کان سواءِ وڏن ڳوٺن ۾ بہ روايتي لوڪ گيت ۽ سهرا تيزيءَ سان گهٽجي رهيا آهن جنھن ڪري نوجوان ڇوڪريون هندستاني گيتن تي نچڻ ۾ وڏو فخر محسوس ڪن ٿيون.
مٿي ڄاڻايل سموري صورتحال کان پوءِ ان ڳالھہ کي محسوس ڪندي ڏات ڌڻي سگهڙن جي ملڪي سطح تي سنڌي لوڪ ادب لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم “سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم” سلات پاران حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي سميت لاڳاپيل سمورن ادارن جو سنڌي قوم جي لوڪ ثقافتي ورثي يعني سنڌي لوڪ ادب ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ پرامن طور “لوڪ ادب بچايو تحريڪ” جو عزم ورجائيندي 25 مارچ 2018ع تي لوڪ ادب پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مزار سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري کان جاڳرتا جدوجھد شروع ڪئي جنھن ۾ سنڌي لوڪ ادب سان چاھہ رکندڙ اديبن، شاعرن، صحافين سميت تخليقڪار ڏات ڌڻي سگهڙن ۾ سنڌ سان گڏ صوبي پنجاب ۽ بلوچستان جا سگهڙ بہ سنڌي لوڪ ادب بچائڻ واري جدوجھد ۾ شريڪ هئا. ان موقعي تي ٽيچرس ڪلب ۾ “لوڪ ادب بچايو ڪانفرنس” پڻ ڪوٺائي وئي هئي جنھن ۾ مختلف ٻولي ماهر ۽ سڄاڻ شخصيتن شريڪ ٿي سنڌي لوڪ ادب تي روشني وڌي. اسان ان لوڪ ادب بچايو پرامن جدوجھد جا چوڏهن نقطا/تجويزون ۽ مطالبا رکيا هئا جن جو تفصيل هن ريت آهي.

1: سگهڙن جي وارثي ۽ سنڌي لوڪ ادب بچائڻ لاءِ الڳ ادارو قائم ڪيو وڃي.
2: ثقافت کاتي جي اينڊومينٽ فنڊ فارم جي شعبن واري خاني ۾ سگهڙ جو جدا شعبو لکيو وڃي.
3: ثقافت کاتي جي اينڊومينٽ فنڊ ڪميٽي ۾ لوڪ ادب جي ڄاڻوء/سگهڙ کي بہ ميمبر طور کنيو وڃي.
4: سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري طرفان هرسال لوڪ ادب جي شعبي جو الڳ ايوارڊ ڏيڻ سان گڏ اداري جي بورڊ آف گورنرس ۾ سگهڙن کي بہ نمائندگي ڏني وڃي ۽ انسائيڪلوپيڊيا جي شعبي ۾ لوڪ ادب توڙي سگهڙن جي تاريخ سهيڙڻ لاءِ سگهڙ نمائندا مقرر ڪيا وڃن.
5: سنڌي ادبي بورڊ ۾ لوڪ ادب اسڪيم جي ٻيھر شروعات ڪري بورڊ جي بورڊ آف گورنرس ڪاميٽي ۾ سگهڙن کي بہ نمائندگي ڏني وڃي.
6: انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشوري طرفان ايوارڊن واري مرحلي ۾ لوڪ ادب کي بہ ترجيح ڏئي سنڌالاجي جي ميوزم ۽ لائبريري ۾ سگهڙن جو الڳ ڪارنر قائم ڪيو وڃي.
7: لئنگئيج اٿارٽي/سنڌالاجي/سنڌميوزم سميت سنڌ جي سمورن سرڪاري آڊيٽوريم هالن جي لوڪ ادب سرگرمين لاء چارجز فيس ختم ڪئي وڃي.
8: بيمارسگهڙن/شاعرن/اديبن/صحافين/فنڪارن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ لاء ڊويزن سطح تي ڪنھن بہ وڏي اسپتال ۾ سرڪاري پينل قائم ڪيو وڃي.
9: اڪادمي ادبيات پاڪستان/لوڪ ورثہ ۽ وفاقي سرڪار پاران هر سال سنڌي لوڪ ادب جو جدا ايوارڊ ڏنو وڃي.
10: ڪاري موري حيدرآباد ۾ اڳوڻي وزيراعلي' ڄام صادق علي پاران ڏنل ٻيڙو فقيرسگهڙ هال تان پڃاري پوليس جو قبضو ختم ڪرايو وڃي.
11: سرڪاري ميلن ۾ ٿيندڙ سگهڙ ڪچھرين جا ڪنوينر ڪامورن يا آفيسرن بدران سگهڙ مقرر ڪيا وڃن ۽ سرڪاري ڪانفرنس/ڪچھري ۾ پيش ڪيل فن هرسال ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو وڃي.
12: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نالي سان قائم ڊاڪٽربلوچ انسٽيٽيوٽ/ڊاڪٽربلوچ فائونڊيشن/ڊاڪٽربلوچ چيئر سميت سمورا ادارا لوڪ ادب کي هٿي وٺرائڻ لاء پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪن .
13: پرائمريءَ کان يونيورسٽيء تائين لوڪ ادب کي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي.
14: پرائمري اسڪولن ۾ لوڪ ادب پڙهائڻ لاءِ سگهڙن کي استاد مقرر ڪيو وڃي.

ان سموري جدوجھد تي هن وقت سال 2024ع تائين اڃا تائين ڪنھن بہ سرڪاري توڙي غير سرڪاري اداري ڪنھن بہ قسم جو ڪو ڌيان نہ ڏنو آهي پر اسان پنھنجي ڪوششُن ۾ هڪ وک بہ پوئتي ناهيون هٽيا ۽ ان کي اڳتي وڌائيندي لوڪ ادب سکيا جي نالي سان واٽس اپ گروپ قائم ڪري ڏاهپ جي ڏات سان تعلق رکندڙ سنجيدہ قلم ڌڻي دوستن کي ساڻ کڻي هن وقت لکجندڙ لوڪ ادب کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هڪ سلسليوار مھم شُروع ڪئي آهي جنھن ۾ شروعات ”وحدت جي وائيءَ“ کان ڪئي وئي هئي ۽ ان سلسلي جو مناجاتن تي مشتمل هي ٻيو ڪتاب ڇپجڻ جا سڀئي مرحلا طئي ڪري پنھنجي آخري مرحلن تائين پھچي اوهانجي هٿن ۾ آيو آهي.
هن ڪتاب ۾ جن بہ دوستن ساٿ ڏئي پنھنجو مواد موڪليو ان کي سنواري، سڌاري هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو اٿئون. اهڙي طرح جيڪو حال سو پيش پريان وارو سلسلو جاري آهي ۽ جاري رهندو.

ڪتاب جي موضوع بابت:
مُناجات :
لفظ “مُناجاة” عربي (مادہ=ناجيٰ، مُناجاة آهي. ۽ ان جي معنىٰ آهي : “حال اورڻ”. سنڌيءَ ۾ “مُناجات” بہ “مَداحَ” وانگُر سنڌي نظم جِي هڪ خاص جِنس آهي، جنھن ۾ شاعر پنھنجي ڏُکن تڪليفُن جو حال اوري ڌڻي تعالىٰ جي درگاھہ ۾ ٻاڏائي پنھنجي مُشڪل جِي آسانيءَ لاءِ سوال ڪَري ٿو، يا پنھنجي ذاتِي عقيدت جي بنياد تي نبيﷺ، اصحابن سڳورن، يا ڪنھن ولي ۽ درويش کي ساڻي ٿيڻ لاءِ سڏ ڪَري ٿو. “مُناجات” ڌڻيءَ جِي ساراھہ نبيﷺ ۽ اصحابن سڳورن جي مداح يا ڪنھن ولي ۽ درويش جي تعريف جو جُز پڻ شامل هوندو آهي. “مداح” ۽ “مناجات” ۾ خصوصي فرق هيءُ آهي، تہ مداح جو خاص مضمون ساراھہ ۽ تعريف آهي، پوءِ ڀل کڻي ضمني طور ان ۾ مدد لاءِ سوال بہ ڪيل هجي.
“مناجات” جو خاص مقصد پنھنجو حال اورڻ ۽ مدد لاءِ سوال ڪرڻ آهي، حالانڪہ ساراھہ ۽ تعريف بہ ان جو لازم ملزوم جُز آهي.
مجموعي طور سان، “مداح” ۾ ساراھہ ۽ “مُناجات” ۾ سوال جو جُز غالِب آهي. ٻيو تہ ڌڻي تعالىٰ جِي تعريف ۽ ساراھہ ۽ سندس مدد لاءِ ڪَيل سَوال واري نظم کي “مناجات” چئبو ۽ نہ “مداح”. “مداح” فقط نبيﷺ ۽ اصحابن سڳورن، يا ڪنھن ولي ۽ درويش يا مُرشد جي شانَ ۾ چَيل نظم کي چئبو. (1)

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لکي ٿو تہ:
“مناجات” عربي لفظ آهي جنھن جو بنياد يا مادہ آهي “ناجيٰ” جنھن جي معنىٰ آهي: ڪن ۾ ڳالھہ ڪرڻ.
مجازاً خدا کي حاضُر ڄاڻي، سندس حُضور ۾ دعا گهُرڻ. هندي ۾ “ايشور پرارٿنا”
جامع اللُغات وارو لکي ٿو تہ: اُهو نظم جنھن ۾ خدا جِي تعريف ۽ پنھنجِي عاجزيءَ جو اظھار ڪَري، التجا ڪئي وڃي. مٿين معنائُن مان صاف ظاهر ٿيو تہ “مناجات” محض مالڪ جي ئي درگاھہ ۾ پيش ڪري سگهجي ٿي: پر شاعرن ان کي وسيع معنىٰ ۾ ورتو يعني ﷲ تعالىٰ جِي ساراھہ کان علاوہ آنحضرتﷺ ۽ اصحابن جِي مَدح، اوليائن ۽ درويشَن جِي تعريف بہ ان ۾ شامل ڪَري ڇَڏي. جيتوڻيڪ ظاهراً “مناجات”۽ “مدح” قريب قريب ساڳي معنىٰ رکندڙ آهن، پر لُغوي خيال کان عليحدہ آهن، جيئن مٿي ڏيکاريل آهي تہ “مناجات” فقط ﷲ تعالىٰ جي ئي حُضور ۾ پيش ڪري سگهجي ٿي، جنھن ۾ واحد جِي واکاڻ سان گڏ، دِلي آرزو بہ يعني سوال پُوري ڪرڻ لاءِ پڻ التجا هوندِي آهي، پر “مدح” محض آنحضرتﷺ، اصحابن، اوليائن، پِيرَن، فقيرن جي شان تائين محدود هُوندِي آهي.(2)

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادبَ جو تاريخي جائزو ۾ ڄاڻايو آهي تہ:
پھريائين “مناجات” مخدوم عبدﷲ (وفات 1763ع) عرف ميان مورئي جِي مِلي آهي، جيڪو مخدوم ابوالحسن جو سئوٽ ۽ شاگرد هو. (3)

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي موجب:
“مناجات” لاءِ چيو وڃي ٿو تہ: ان جو باني سنڌ جو حاڪم ميان سرفراز ڪلھوڙو پُٽ ميان غُلام شاھہ ڪلھوڙو آهي. (جيڪو 1772ع ۾ سنڌ جِي گاديءَ تي ويٺو. ٽالپُرن سندس خلاف بغاوت ڪئي ۽ 1775ع ۾ کيس تخت تان لاهي حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد ڪيائُون) جڏهن ميان سرفراز پنھنجي حُڪومت هٿان وِڃائي تہ هُن کي قيد ڪيو ويو. جيل ۾ سندس اکيون ڪَڍيون ويون. ان کان پوءِ هن شاعريءَ کي پنھنجو ساٿي بڻايو. فارسي شاعري بہ ڪيائين. سنڌيءَ ۾ سندس هڪ مناجات سڄي سنڌ ۾ مشھور آهي، جيڪا سندس واحد سنڌي ڪلام آهي. ان بابت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنھنجي ڪتاب سنڌي ادب جِي مختصر تاريخ ۾ لِکي ٿو تہ: اها مناجات عِلم بديع جي لِحاظ کان صنعت ترصيح تي بيٺَل آهي. بحر هِزج ۾ چَيل آهي ۽ وزن اٿس: مفاعيل مُفاعيل فعولن. شاعريءَ ۾ سندس اُستاد غُلام علي مداح آهي. جنھن کان سيد ثابِت علي شاھہ مرثئي گو پڻ اصلاح وٺندو هو.(4)



رحمت ﷲ “عاجز” لاشاري
باني چيئرمين
سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)

حوالا:
(1) مداحُون ۽ مُناجاتون، ص14-15 مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڇاپو ٻيو، سال2006ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
(2) لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، ص 228-229 ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڇاپو پھريون، 2016ع، پيڪاڪ پرنٽرس ۽ پبلشرس، ڪراچي.
(3) سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، ص101، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي. نئون ڇاپو 1982ع، نيشنل پريس سکر.
(4) ڪچھريءَ جا مور.ص 31، مقدمو: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ڇاپو پھريون: ڊسمبر 2013ع، ثقافت کاتو حُڪومتِ سنڌ.