لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

مناجات الاھي

مناجات عربي لفظ ”نجو“ يا ناجا مان ورتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي پڪارڻ، ڳالھيون ڪرڻ، ڀيد، راز، ڳُجهہ، آزيون ڪرڻ ۽ ٻاڏائڻ يا نجات گهرڻ. هن ڪتاب ۾ اوهان کي مختلف سگهڙن جون آهون، دانھون، سُڏڪا، سسڪيون، صدائون ۽ مالڪ حقيقي توڙي محبوبِ خداونديءَ کي مخاطب ڪري گهريل دعائون ملنديون، جن ۾ موجودہ حالتن جو عڪس بہ هوندو، سماجي مسئلن جي شعور جون ڳالھيون بہ هونديون تہ هن امن واريءَ ڌرتيءَ تي ٿيندڙ وارتائون ۽ وارداتون بہ لفظن جو جامو پائي پڙهندڙ جي اڳيان هڪ چٽو عڪس پيش ڪنديون.

Title Cover of book مناجات الاھي

گل حسن سومرو

تعارف
نالو: گل حسن
پيءِ جو نالو: حاجي لال بخش
ذات: سومرو
پيدائش: 17 اپريل 1972ع.
تعليم: گريجوئيشن
فن جي شروعات: 1990ع کان.
استاد: سگهڙ محمد ملوڪ عباسي
ڇپيل ڪتاب: “برائيءَ جو بدلو”.
مليل مڃتا: محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفڪيٽ، سلات پاران مليل سرٽيفڪيٽ، موهن جو دڙو ڪلچرل سوشل فورم

سرٽيفڪيٽ.
شائع ٿيل مواد: شوبز ورلڊ رسالي ۾ ڇپيل شعر، مختلف اخبارن رسالن ۾ ڪھاڻيون مضمون، مقالا، بيت ڇپيا جن ۾ عوامي آواز، ڪوشش ڪاوش عبرت لاشار سنڌ رنگ ڊائجيسٽ جاڳو فاسٽ ٽائيم تعمير سنڌ وغيره پورو پتو/ائڊريس: اصل شھر نصيرآباد بعد لاڙڪاڻو هن وقت ڊيوٽي جي ڪري ميرپور خاص. ڌنڌو / ڪرت: هاءِ ڪورٽ ۾ ملازم.
موبائل نمبر 03003489249

مُناجات

ڇڏي در اوھانجو، ڪاڏي وڃان مان،
منھنجا مٺڙا مولا، ڪنھن در پِنان مان.

محتاجي مالڪَ، ڪنھن جي نہ ڏي تون،
پنھنجي گنجَ مئون ڏي، مونکي سڏي تون،
ڀر جهولي خالي، ٿو عرض ڪيان مان.

ڪيو تنگ گهيرو آهي دنياداري،
پنھنجن پراون ڪئي آ بيزاري،
رحمت توهان جي ۾ توقع رکان مان.

تون ڪريم آھين، منھنجا مٺڙا مولا،
لاهي غم غُباره ڪيو ڪمڙا سولا،
سخي در اوهان جو ڇا لئہ ڇڏيان مان.

لڪيرون ڏکن جون ڊاهي سگهو ٿا،
تڪليفون پَل ۾ لاهي سگهو ٿا،
ربَ مشڪلاتون، ڪنھن کي ڏسيان مان.

نہ ڪئي سوچ ڪا مون ڪئي ٿم تباهي،
“سومرو گل حسن” آ ڏاڍو گناهي،
تون ئي آھين خالق ٿو توکي سڏيان مان