لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

مناجات الاھي

مناجات عربي لفظ ”نجو“ يا ناجا مان ورتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي پڪارڻ، ڳالھيون ڪرڻ، ڀيد، راز، ڳُجهہ، آزيون ڪرڻ ۽ ٻاڏائڻ يا نجات گهرڻ. هن ڪتاب ۾ اوهان کي مختلف سگهڙن جون آهون، دانھون، سُڏڪا، سسڪيون، صدائون ۽ مالڪ حقيقي توڙي محبوبِ خداونديءَ کي مخاطب ڪري گهريل دعائون ملنديون، جن ۾ موجودہ حالتن جو عڪس بہ هوندو، سماجي مسئلن جي شعور جون ڳالھيون بہ هونديون تہ هن امن واريءَ ڌرتيءَ تي ٿيندڙ وارتائون ۽ وارداتون بہ لفظن جو جامو پائي پڙهندڙ جي اڳيان هڪ چٽو عڪس پيش ڪنديون.

Title Cover of book مناجات الاھي

گل حسن “گل” مَلڪ

تعارف
دوستو!
اڄ آءٌ هڪ اهڙي شخصيت جو تعارف پيش ڪري رهيو آهيان جنھن لوڪ ادب ۾ سڄي سنڌ ۾ نالو روشن ڪيو آهي ـ تاريخ شاهد آهي تہ سنڌ جي تھذيب، تمدن ۽ آثار اهڃاڻ جا والي وارث ساڃاھہ وند، سالڪ، مانجهي مڙس رهيا آهن ـ جنھن جو پيوند پيچرو نظم، نثر ۽ لوڪ ادب سان رهيو آهي ڇاڪاڻ جو اُهي اديب ۽ شاعر ئي هوندا آهن جيڪي سير سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي هيرا لعل جنھوار ۽ ماڻڪ موتي ميڙي موتيُن جي مالھا جوڙيندا آهن، لفظن جي سھيڙ جا ڳھڻا ڳچي ڳل پائيبھترين سماج جوڙيندا آهن. پوءِ اهڙا املھہ مانجهي ماڻھو سماج جا ستارا موتي داڻا هوندا آهن جيڪي پڻ ڀٽائي جي ڀُونءِ جي آثار اهڃاڻ ثقافت تھذيب ۽ تمدن جا والي وارث بڻبا آهن.
جي دوستو!
هڪ اهڙو نانءٌ جيڪو ماکيءَ جِي مِٺاس جيان چاھہ رکندڙن کي چَس چکائيندو رهيو آهي، جنھن جو تعلق ڊگهي عرصي کان وٺي لوڪ ادب سان آهي پاڻ سنڌ جو ناميارو سگهڙ، شاعر ليکڪ ۽ محقق آهي.
1 سيپٽمبر 1967ع تي ﷲ وڌايو مَلڪ جي گهر هڪ گُلُ ٽڙيو جنھن جي خوشبو هر هنڌ هٻڪار آڻي ڇڏي، وڏڙا شروع ۾ هاڻوڪي ڪشمور ضلعي جي شھر ڪرم پور ويجهو ڳوٺ گُڙدو بجاراڻي ۾ ويٺا هئا ۽ بعد ۾ هن لڏ پلاڻ ڪري ضلعي جيڪب آباد جي شھر مبارڪپور کي مَسڪن بڻايو.
استاد گل حسن “گل” مَلڪ شروع کان وٺي علم ادب سان چاھہ رکندڙ شخص آهي اهو ئي سبب آهي جو هو هن وقت 18 گريڊ ۾ گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول مبارڪپور ۾ استاد طور ڪم ڪري رهيو آهي، هن جو شوق شاعري ڏانھن ايترو تہ هوندو هيو جو هو ننڍي هوندي کان ئي سياري جي سرد ڊگهي راتين ۾ ٿيندڙ مچ ڪچھرين ۽ ٻين سگهڙ پروگرامن ۾ شرڪت پڻ ڪندو هو. جيئن جيئن وقت جا وهڪرا گذرندا رهيا تيئن تيئن هن جو لوڪ ادب ڏانھن لاڙو پڻ ترقي جون منزلون طئي ڪندو وڌندو رهيو، هن صرف 13 سالن جي الھڙ جواني ۾ سگهڙائپ جو شاگردي وارو ڳانو جڳ مشھور سگهڙ استاد محمد سيفل خان ڀَٽيءَ کان ٻڌرائڻ جي منزل ماڻي ورتي، جنھن پڻ گُل حَسن کي “گُل” بڻايو، سندس استاد جو ساٿ “ڪل نفس ذائقة الموت” واري حقيقت جي ڪري ٿورو عرصو رهيو، پوءِ هن اڃا وڌيڪ سگهڙائپ جي صنفن تي پڪڙ پختي ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مشھور سگهڙ شاعر استاد بھار علي “بھار” ٻُرڙي کان سگهڙائپ ۽ شاعريءِ جو ڳانو ٻڌايو، جنھن پڻ هن کي سگهڙائپ ۽ شاعري جي هر صنف تي دسترس دست شفقت سان پڻ حَقِ اُستادي ادا ڪندي سونپي، هن بہ پڻ آدابِ شاگردي، آداب روحاني فرزندي جيان نڀايا، گل جو سندس استاد سان اهو وچن هو تہ پھريان اُن استاد جي شاعري سھيڙي “بُوند بھار” ڪتاب مرتب ڪري سنڌ جي سگهڙن لاءِ آڻي پر هو قضا ڪريم آڏو بيوس ٿي پيو ۽ استاد بھار جي وفات بعد سندس لوڪ شاعري ڪافي مشڪلاتن سان مُنھن ڏئي سھيڙي چڪو آهي. اهو ان ڪري لکڻو پئجي رهيو آهي تہ استاد بھار جي ڪافي شاعري گم ٿي چڪي هئي پوءِ هن سندس همعصر سگهڙن ۽ شاگردن سان گڏ چاھہ رکندڙن کان پڻ جاکوڙ ۽ جفا ڪشي سان شاعري گڏ ڪئي ۽ شڪر ٿيو جو استاد جي سھيڙيل لوڪ شاعري کي ڪتابي شڪل ڏئي چڪو آهي. جيڪو جلدئي سندس چاھہ رکندڙ ۽ نون نويڪلن سگهڙن جي ۽ ڀٽائي جي ڀونءِ تي رهندڙ رهواسين جي لوڪ ادب جي دنيا ۾ اڻکٽ اڻ لڀ معلومات پھچائڻ جو پڻ ذريعو بڻبو. هن وقت گل حسن “گل” مَلِڪ لوڪ شاعري جي هر صنف تي پڻ مھارت حاصل ڪري ورتي آهي هن جي شاعري ڏهس، سينگار، هنر، پھاڪو، ڳجهارت، ٽه ڳڻو، سي حرفي، ڏور، نظم، نعت، وائي غزل کان علاوہ سنڌ جي لوڪ داستان عمر مارئي، سسئي پنھون، سھڻي ميھار ۽ نوري ڄام تماچي کي پڻ محور بڻايو آهي، جڏهن تہ پورهيت مزدور هارين جي حقن بابت پڻ مھل ۽ موقعي جي مناسبت سان قومي عوامي شاعري سان گڏ ڏهس جيڪو اڳ ۾ شاھہ لطيف جي همعصر جلال کٽي جي شاعري ۾ ملي ٿو هن ان کي وڌائي ٻٽو ڏهس، ٽيهس، چاليهس ۽ پنجاهس ۽ سٺهس تائين پھچايو آهي جيڪا پڻ سگهڙ شاعري ۾ هڪ وڏي تحقيق آهي.
مثال چنڊ جا ٽيھہ نالا جھڙوڪ:
چنڊ، چاند، چندورو، چن، چندرما، پانو، پونو، پنرو، پُورَنْ، پُونم، پھلو، نوخ، نشاقر، نوڪ، مُون، ماھہ، مھتاب، مڪرند، مَڌاس، اُماس، اِندُ، هلال، هسند، ڌَڄراج، طُوبا، سَن، سَسُ، قمر، بدر آهي سڀ تحقيق مطابق چنڊ جا نالا آهن اهو ٽيهس چئبو اهڙي نموني سج جا ڏھہ نالا ڏهس چئبو،
مثال طور: ارن، آرق، آڏِت، دي، ديتاب، آفتاب، شارق، شمس، سج، سُوهو، هوْر، ڀانُ، سورج نہ صرف ايترو ان تحقيق سان گڏ ڏهس شاعري بہ موجود آهي ـ
ياد رهي تہ سندس استاد سگهڙ بھار علي بھار پھريون ڏات ڌڻي هئو جنھن ٻولين جي سينگارَ ۽ سٽاءَ ۾ ٽيھہ اکري لکي هئي ۽ سندس هن شاگرد وري ان کي اڃا بہ تحقيق جو نئون رخ ڏئي ڪري “ڏهس” ۾ “سينگار سي حرفي” لکي ورتي آهي. ان کان علاوہ جس لھڻي سندس شخصيت ئي آهي جنھن پڻ هڪ نئين صنف ايجاد ڪري لوڪ ادب تي پڻ احسان ڪري ڇڏيو اها صنف جيڪا بنيادي طور سگهڙن وٽ گُرو چيلو مشھور آهي ۽ تحقيق دانن پڻ ان تي تحقيق ڪئي آهي جنھن کي ٻين لفظن ۾ سگهڙن ڳاڻوءِ جا بيت بہ چيو آهي. دراصل گروچيلو کي ڳاڻوءَ جا بيت چوڻ مناسب آهي يا نہ اهو تحقيق طلب آهي پر گروچيلي جي پرولين جا اصول ڳُڻن، خوبين يا لڇڻن مطابق قائم ڪيل آهن جن کي هن استاد سُگهڙ “ٽه ڳُڻو” نالو ڏِنو آهي ۽ نہ رڳو نالو ڏنو آهي پر ان کي هن اڃا وڌايو پڻ آهي ۽ وڌيڪ محنت ڪري چوڳڻ پنج ڳُڻو، ڇھہ ڳُڻو ۽ سَت ڳُڻو تائين پھچايو. ان کان اڳ ڪنھن بہ سگهڙ جي لوڪ شاعري ۾ اهڙي قسم جي نواڻ ناهي آندي.
استاد گل حسن گل ملڪ جا 1983ع کان وٺي هن وقت تائين ڪيترائي ڀيرا پي ٽي وي ۽ ٻين سنڌي چئنلن ۽ ريڊيو تي سگهڙائپ ۽ شاعري جا پروگرام نشر ٿيندا آيا آهن، نظم کان علاوہ نثر نويسي بہ سندس مشغلو رهيو آهي، هن جون لکڻيون ۽ شاعري ڪيترين ئي قومي اخبارن جي زينت بڻجي چڪيون آهن. وينجهار رسالي ۾ بہ هن ڪيترائي ڪالم لکيا آهن ۽ گذريل وڏي عرصي کان هن وقت تائين شاعري جو مڪمل صفحو “جهہانگين جي جهونگار” سندس نالي تي ڇپجندو آهي، ان کان اڳ 1985ع کان 1990ع تائين شڪارپور مان شائع ٿيندڙ رسالي “شاگرد” ۾ پڻ شاعري واري شُعبي جو انچارج رهيو ۽ اسلام آباد کان نڪرندڙ ماهوار السنڌ رسالي، توڙي ڪراچي مان شائع ٿيندڙ “پُورب” رسالي ۾ پڻ اڻ ڳڻيون تحريرون ۽ شاعري ڇپجندي رهي. ٻئي طرف حيدرآباد مان نڪرندڙ “ساٿي” رسالي ۾ ٻاراڻين لکڻين جي اعتراف ۽ اعزاز ۾ اداري پاران کيس “رائيٽرايوارڊ” پڻ ڏنو ويو. ان کان علاوہ سندس انقلابي ۽ اصلاحي شاعري مصري بلاول جي ڳايل “جوڌا اٿي جاڳ” ڪيسٽ ۾ پڻ موجود آهي. هن ڪرونا وائرس جي وبائي صورتحال تي بہ دعائيا نظم لکيا آهن.
اهو گل کي ئي اعزاز حاصل آهي جو سنڌ ڌرتي جي مھان لوڪ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان پڻ سڪ ڀريل سنيھن جو سلسلو رهيو آهي، هڪ خط ۾ ڊاڪٽر صاحب سندس لکيل ڪتاب!
The book of pronunciation “اچارن جي ڪتاب” ۾ ساراھہ ڪئي آهي، سڀ خط 2013ع ۾ سنڌيالاجي ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ياد ۾ سلات پاران ڪوٺايل سنڌ بلوچستان لوڪ ادب ميلي جي موقعي تي سندس پُٽ ڊاڪٽر محمد شريف حوالي ڪيا هئائين، جنھن بعد سندس پوٽي ارشد طرفان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي خطن تي مشتمل “سڄڻن کي ساريوم” ڪتاب آندو آهي انھيءَ ۾ استاد گل حسن گل ملڪ ڏانھن لکيل خط پڻ شامل ڪيا ويا آهن.
سنڌ جي مھان لوڪ اديب ۽ استاد سگهڙ جو تعارف پڻ ڪيترن ئي ادبي ڪتابن ۾ ڇپجي چڪو آهي جھڙوڪ “سوچن جي سرهاڻ” (غلام مصطفيٰ مشتاق ميمڻ مھراڻ اڪيڊمي) سگهڙن جي ڊائريڪٽري (عبدﷲ ورياھہ سنڌي ادبي بورڊ)، سنڌي شاعري جي مختصر تاريخ (ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري )، ڪچھريءَ جا مور (ثقافت کاتو ) ۽ “سھڻل جا سينگار” (عاجز رحمت ﷲ لاشاري ۽ گل حسن “گل” ملڪ خود هن ڪتاب کي ترتيب ڏئي تنظيم فڪرو نظر سنڌ کان ڇپرايو)
استاد گل حسن “گل” ملڪ کي لوڪ ادب خدمتن جي ڪري کين ڪيترائي ڀيرا مڃتا ايوارڊز ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽن سان پڻ نوازيو ويو آهي، جنھن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو،
“ مڃتا ايوارڊ” ٢٠٠٣ع ۾ سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو جي موقعي تي اڳوڻي ناظم ضلع جيڪب آباد مير شبير علي خان بجاراڻي جي هٿان وصول ڪيو.
١٩٩۵ع ۾ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ هارس اينڊ ڪيٽل شو جيڪب آباد ۾ ادبي سب ڪميٽي طرفان پڻ مليو.
مارچ ١٩٩۵ع ۾ “ڪمينڊيشنس سرٽيفڪيٽ” ڊي سي جيڪب آباد عِلم الدين بُلي جي هٿاران مليو.
“ايوارڊ سرٽيفڪيٽ” ٢٠١١ع نوشھرو فيروز ۽ ساڳئي ئي سال” ايوارڊ سرٽيفڪيٽ” سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪانفرنس جي موقعي تي پڻ مليو.
٢٠١٢ع سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو پاران سلات سنڌ بلوچستان ڪانفرنس ۾ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ مليو.
٢٠١٣ع سندس” استاد محمد سيفل ڀٽي يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ “ سلات پاران مليو ۽ ساڳيئي سال” ساٿي رايئٽر ايوارڊ” پڻ مليو پاران ٻاراڻي ادب ۾ ويھن سالن جي جدوجھد مستقبل جي معمارن جو علمي ۽ ادبي ترجمان ماهوار ساٿي حيدرآباد.
وڏي ڪاميابي هن تڏهن ماڻي جڏهن هن کي ٢٠١٣ع ۾ سنڌيالاجي طرفان “ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ايوارڊ” سان نوازيو ويو. ٢٠١۴ع ۾ سندس استاد بھار علي “بھار” جي چاليھي تي بين الصوبائي ڪنوينشن ۾ “بھار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ” سان پڻ نوازيو ويو.
“شھباز ايوارڊ” ٢٠١۴ع ۽ ٢٠١٧ع ۾ “بهترين سگهڙ” شھباز ميلا ڪاميٽي پاران ٻہ ڀيرا ملي چڪو آهي.
“گريجوئيٽ سگهڙ ايوارڊ” ٢٠١٦ع پاران باني سلات عاجز رحمت ﷲ لاشاري هنڌ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري، ڊاڪٽر نبي بخش خان هال حيدرآباد
گل کي سندس لوڪ ادب خدمتن عيوض ٢٠١٦ع ۾ “چاندي جو تاج” پڻ پارايو ويو لعلو رائنڪ ١٠٠ سگهڙن جي مڃتا ڪانفرنس جي موقعي تي پاران مولا بخش عرف عبدالخالق شيدي نائب صدر سلات
“لوڪ ادب ايوارڊ” ڊسمبر ٢٠١٧ع آل پاڪستان سگهڙ ڪانفرنس لوڪ ادب ڏھہاڙي جي موقعي تي هنڌ لعلو رائنڪ پاران سلات.
جنوري ٢٠١٧ع تي “شيلڊ” ادب ۽ ٻولي جي سلسي م خدمتن عيوض پاران سنڌي ادبي ۽ ثقافتي فورم ميرپور ٻرڙو.
“فخر ملت اسلاميه مرحوم قاضي حسين احمد يادگار شيلڊ” جنوري ٢٠١٨ع پاران جماعت اسلامي يوٿ مبارڪ پور.
ساڳي سال” استاد قمر کوسو يادگار ايوارڊ” پاران سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ لکي غلام شاھہ ضلع شڪارپور.
علمي ادبي خدمتن عيوض مڃتا ايوارڊ پريس ڪلب مبارڪپور پاران پڻ ڏنو ويو.
جنوري ٢٠١٩ع “بھار ٻرڙو ايوارڊ “ Best” folk poet”پاران استاد بھار علي ٻرڙو يادگار ڪاميٽي جيڪب آباد ۽ ساڳي سال “لٽريچر فيسٽيول ايوارڊ” Am research foundation جيڪب آباد طرفان پڻ مليو.
٢٠١٩ع ۾ سدا حيات سگهڙ “ محمد ملوڪ عباسي مڃتا ايوارڊ” پاران ممتاز علي عباسي مرڪزي صدر سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم لاڙڪاڻو
“باڪمال سگهڙ ايوارڊ” لوڪ ادب خدمتن جي مڃتا طور فيبروري ٢٠٢٠ پاران در محمد ڪمال يادگار ڪاميٽي ٺٺ سولنگي نوشھرو فيروز طرفان ڏنو ويو.
انھن ايوارڊز ۽ سرٽيفڪيٽن، شيلڊ ۽ چاندي جي تاج جي سر تي سجائڻ مان واضع ٿئي ٿو تہ سندس شخصيت لوڪ ادب جي دنيا جي قدآور شخصيت آهي.
گل جي سرهاڻ جي هر هنڌ هٻڪار پکڙجي چڪي آهي ۽ هن جي خوشبوءِ جو واس وٺڻ لاءِ سنڌ بلوچستان جا سوين سگهڙ ڀنور جيان ڀيرا ڏيندي ڏسندي نظر ايندا آهن، اهوئي سبب آهي جو سندس شاگرد ۽ شاگردن جا شاگرد سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن. جن مان ڪجهہ پڻ استادي لقب پڻ ماڻي چڪا آهن، جن ۾ ﷲ ڏنو هانڀي ۽ محمد ايوب لاشاري (تعلق بلوچستان )کي پڻ مڃتا ايوارڊ پڻ مليا آهن، ڪوڙل بمبل (پرائمري استاد) پنھنجي سگهڙائپ ۽ شاعري کي سھيڙي ڪتاب آڻي چڪو آهي، صادق علي ملڪ (ڏياڻي) بہ هونھار شاگردن مان آهي جنھن جو پڻ سگهڙ شاعري ۾ سٺو ڪم ٿيل آهي تازو جنھن جو پڻ ڪتاب شائع ٿي چڪو آهي، ۽ ڪيترائي ٻيا شاگرد پڻ موجود آهن جنھن جو ڳڻڻ ڳاڻيٽو ممڪن نہ آهي، اهو پڻ چئي سگهجي ٿو تہ جيڪا ڪُني لوڪ ادب جي ميدان ۾ استاد سيفل ڀٽي ۽ استاد بھارعلي “بھار” ٻرڙي جن چاڙهي هئي ان جو ڍڪڻ استاد گل حسن” گل” ملڪ لاٿو آهي، هن وقت استاد گل حسن “گل” ملڪ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جا مرڪزي صدر آهن ـ سلات جو صدر هئڻ ناتي سنڌ بلوچستان جي سگهڙن جا پروگرام سھيڙي ترتيب ڏيئي سنڌ بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ سگهڙ ڪانفرنسن ۾ سگهڙ موڪليندو آهي، پروگرامن جو محور ۽ مرڪز سنڌ جون قديم درگاهون، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، قلندر لعل شھباز ۽ سچل سرمست جي سالياني ميلن کان علاوہ ثقافت کاتي پاران ڪوٺايل سنڌي ادبي ڪانفرنسون پڻ هونديون آهن ۽ سنڌ جي ناليواري مرحوم سگهڙن جي مزارن تي لوڪ ادب جا ڏات ڌڻي سگهڙ شاعري ۽ مقالن ۾ لفظن جي ڀيٽا پيش ڪري انھن کي ۽ انھن جي فن کي پڻ زنده رکيو ويندوآهي، ان کان علاوہ سگهڙن جي هر ڏک سک ۾ پڻ هو شرڪت ڪندو آهي، نہ صرف ايترو رات جو دير تائين ڪانفرنس ڪال ذريعي سندس شاگردن ۽ همعصر سگهڙن سان ڏهس ڏورين ۽ ڳجهارتن جو سلسلو جاري هوندو آهي، مطلب تہ گل هڪ اهڙي درسگاه بڻجي چڪو آهي جنھن ۾ لوڪ ادب جي دنيا جا طالب علم علم پرائڻ ۾ رڌل آهن ـ جيڪي پڻ اڳتي هلي ڪاري ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاري سنڌ جي ثقافت آثار اهڃاڻ ۽ تھذيب ۽ تمدن جي حفاظت ڪندا ـ
گل جي ڏهس ڏورين ۾ ڏاهن کي ڏندين آڱرين آڻڻ جي صلاحيت بہ موجود آهي تہ وري دعائيا شعرن ۾ رب کي رجهہائڻ جون رمزون بہ موجود آهن. وري سينگار بيتن ۾ “تان مڃ محمد ڪارڻي نرتو منجهہان نيھن” جو معنا خيز محبت ڀريو مقصد بہ موجود آهي ۽ هن جي انقلابي ۽ اصلاحي نظمن ۾ مظلوم لاءِ سھائتا۽ ڏاڍن سان وڙهڻ جي جستجو ولولو ۽ همٿائڻ جو فن بہ موجود آهي، ان کان سواءِ سسئي جي پنھون لاءِ جستجو ۽ جدوجھد ' سھڻي جي ميھار لاءِ محبت مارئي جو لوهي نہ لڄائڻ جو درس' ۽ ڄام تماچي جو نوري لاءِ بادشاهت وساري ککي جا کارا ۽ ڄارا کڻڻ جو محبت ڀريو مقصد بہ موجود آهي.
مطلب تہ گل ملڪ جو شعر پڙهڻ جو انداز ايترو تہ وڻندڙ آهي جو ٻڌندڙ وجداني ڪيفيت ۾ اچي ٿر جي ساوڻين ۾ مورن جيان الھوٽ ٿي نچڻ تي مجبور ٿي پون ٿا ۽ ٻڌندڙ صرف واھہ واھہ جون وايون ورجائيندا رهن ٿا. هن حصي ۾ گل حسن گل ملڪ جي صرف لوڪ شاعري بابت تعارف هيو، سندس مبارڪپور شھر ۾ پيغمبري پيشي سان وابستگي، ڪمن، شاگردن ۽ علمي ڪم بابت حصي ٻئي ۾ اوهان اڳيان پيش ڪبو،
اميد تہ گل صلاحيتن جي سڳنڌ سان سنڌ واسين کي سدائين سير ڪندو رهندو ۽ گل جي سرهاڻ سنڌ واسين کي سبا بڻجي سنواريندي رهندي ـ سندس لاءِ محبتون ۽ دعائون سدا حيات رهن.

مُناجات

گنھگارڙن جي، دل تي زنگال هوندو،
دارون دوا تون دل جو، توسان حوال هوندو.

ڪاٿو ڪٿي نہ سگهبو، آهن قصور ڪيئي،
توکي سڏيان او سائين، ڪاملَ ڪلورَ ڪيئي،
ڌوئي ڌڻي چُٽا ڇڏ، تنھنجو ڪمال هوندو.
دارون دوا تون دل جو، توسان حوال هوندو.

تون ئي اجهو اسانجو، توکي تڏهن سڏيان ٿو،
مشڪلڪشا بہ تون ئي، چئو تون بندو ڇڏيان ٿو،
ڦاٿل سڏي ڇڏي ڏي، توکي سوال هوندو.
دارون دوا تون دل جو، توسان حوال هوندو.

پنھنجي اعمالڙن تي، جهاتي جڏهن تہ پاتي،
لرزي بدن وڃي ٿو، ڇيتون ٿئي تہ ڇاتي،
توبھہ قبول آقا، نہ مَٽ تو مثال هوندو،
دارون دوا تون دل جو، توسان حوال هوندو.

ناهي اميد لاٿي، رحمت وسيع آهي،
محمدﷺ مِٺي سان منھنجي، محبت وسيع آهي،
ڪر معاف ميمَ صدقي، تہ واپس وبال هوندو،
دارون دوا تون دل جو، توسان حوال هوندو.

داتا دَنگي ٻڏي ٿي، ڪر پار يارَ صدقي،
پرور پڪار توکي، لھہ سارَ يارَ صدقي،
“گُلَ مَلڪَ” ڀاڳُ کُلندا، نبي پاڪ نال هوندو،
دارون دوا تون دل جو، توسان حوال هوندو.


مناجات

(بنا نقطي وارين ذاتين جو لشڪر)

تو ديس ڏنو اڄ غدغد ٿيون ٿا، پاڪَ ڌڻي پرور،
ﷲ ڪرين آباد سدائين، گهوٽَ گهٽيون هي گهر،
ڳُڻَ الاهي ڳايون تنھنجا، برسايا تو بَر،
ڪٿ بلب سونھن بازارن ۾، ڪٿ ٿوهر مٿي ٿر،
اُلرا، اگم، اسراڻَ، کرلَ خوشيون ڪن کَرَ،
اعواڻ، وساڻ، آباد خدا ڪر، کوسا ۽ کوکر،
دَلَ، درسَ، گهَلُو، گهُمرا، لاکا ۽ لوهر،
راهُو، راول، راهُما، اچن لورا تودر لُر،
لُهرَ، لَکڻَ، لکين، ڪُردَ، ڪورارَ، ڪَلَرَ،
ڳاها، ساها، سما، سڏين مِلي معافي ڏينھن محشَر،
سرها، سوها، سومرا، سڀئي نوڙت ڪن نوڪر،
رُڪَ، راڻا، واسُو، واگها، ديسي هي دلبر،
لالا، هالا، هالار، تنھنجا نعرا هڻن نر،
لوهاڻا، مھاڻا، ملاحَ پيا، ٻاڏائن هرهر،
مسڻَ، مَلھڻ، موهيل، ماڪا، مُلاڻا، مھر،
واحد ڪين وسارن توکي، ڏات ڌڻي ڏاتر،
بنا نقطي ذاتين جو، هي شعر جوڙيو شاعر،
“گُلَ مَلڪَ” مٿان نظر، ڪريمَ ڪر ڪا ڪرم جي.


مناجات
(هڪ نقطي وارين ذاتين جو لشڪر)

ڪري قرب ڪوجهن تي، تو ڌرتي ڏني ڌڻي،
ڏيئي ڏِسي ڏُکَ ۾ تو تن لئہ ڳالھہ ڳڻي،
ڪانھير، ڪمانگر، ڪناسرا، گهمن ڪَرَ کڻي،
بکر، بهڻ، بُلا تنھنجي تعريف ڪن گهڻي،
لنگها، لانگاھہ، لوڊرا هلن حجم هامَ هڻي،
تہ وطن اسانکي واحد ڏنو پيا ڏک ڇڻي،
گُجر، گبولَ، گانگهرا، چونبھتر بات بڻي،
رند، راهوجا، کجڪ کي، هي واھہ جو ڳالھہ وڻي،
دوبدو دشمن سامھون تڏهن تاڻ تڻي،
اڄ ساند، سانگرا، سوگها ڪيا، تنھنجي عشقَ اَڻي،
“گُلَ مَلڪَ” مٿان ڪَڻي، ڪريمَ ڪر ڪا ڪرمَ جي.


مناجات

دل دينَ لئہ دانھون ڪَري، تنھنجي خدا درٻار ۾،
آباد ڪر اسلامَ کي، تون هر گهڙي هر ڪارِ ۾.

نمرودَ کي مڇرن کان مالڪَ، تو مٺا مارائيو،
دينُ ويو تنھنجو کَٽي، جِهلن سڀن هارائيو،
پاڙون پليتن جون پَٽيو، جيڪي رهن ٿا خار ۾،
آباد ڪر اسلامَ کي، تون هر گهڙي هر ڪارِ ۾.

لهبَ پارا ويا مَري، هي لَهبَ آيا ٻيا وري،
ٻيڙي انھن جي ٻوڙيو، ٻيڙو وڃي حَقَ جو تري،
دينَ جا دشمن جيئين، هردم وڃن بس هارَ ۾،
آباد ڪر اسلامَ کي، تون هر گهڙي هر ڪارِ ۾.

ڏکڙن ڏولاون ۾ رهي، وڙهندا وتون تولئہ خدا،
منڪر منافق ڳوليون، تن جا ڪيون ڌَڙَ سِرَ جدا،
هي مصطفيٰﷺ جو قافلو، ڊڄندو نڪي تلوارَ ۾،
آباد ڪر اسلامَ کي، تون هر گهڙي هر ڪارِ ۾.

دنيا مٿان اسلامَ کي، جلدي خدا غالب ڪريو،
جيئن جهالت جو طريقو، بس وڃي واپس وريو،
هي دانھن ٿو دل سان ڏيان، ڪورٽ اُتم سرڪار ۾،
آباد ڪر اسلامَ کي، تون هر گهڙي هر ڪارِ ۾.

“گُلَ مَلڪَ” جي تمنا اها، شامل شهيدن ۾ ٿيان،
آب ڪوثر بهشت ۾، محمدﷺ هٿاران مون پيان،
باغِ عدن جنت جِتي آ، مصطفيٰ مھڪارَ ۾،
آباد ڪر اسلامَ کي، تون هر گهڙي هر ڪارِ ۾.

مناجات

توکي سڏيون ڏينھن رات ۾، عاصي اسان بدڪار هون،
سولي ڪجو سقراط ۾، عاصي اسان بدڪار هون،

رب رحم ڪر پنھنجو مگر، ڪوڙين ڪَميون ڪھڙيون ڏَسيان،
ڪم ڪيا ڪَسا ڪائنات ۾، عاصي اسان بدڪار هون.

قالو بليٰ جي قولَ کي، پاڙي نڪي آهيون سگهيا،
ڳوڙها ڳڙيا اڌ رات ۾، عاصي اسان بدڪار هون.

شل ٻاجهہ ڪر ٻاڪاريون، رحمان تون آهين رحيم،
تنھنجا بندا فڪرات ۾، عاصي اسان بدڪار هون.

ڏِس حالُ تون، ڪر ڀالُ تون، بس ڪين ڏِس ڪوتاهيون،
روئون رڙون پِرڀات ۾، عاصي اسان بدڪار هون.

سگھہ ڏي لکڻ جي تون خدا، حمد و ثنا هردم لکان،
“گُل مَلڪَ” مزو آ نعت ۾، عاصي اسان بدڪار هون.

مُناجات
(ڪرونا وبا دوران پرور کي پُڪار)

ڪِرونا ڪَري ٿي، تباهي خدايا،
مولا ميٽ مُشڪل، ٿي واهي خدايا.

حڪيمن جي حڪمت، نہ هاڻي هلي ڪا،
وڌيو درد موذي، تہ سائنس سلي ڪا،
ڪٿي برباد بنگلا، ڪٿ جهوپي جلي ڪا،
سڏيون توکي سائين، تہ معافي ملي ڪا،
بس خطائون ختم ڪر الاهي خدايا.

عرب ۽ عجم ۾ ڪري ڪي تہ ٽولا،
دنيا هي ڪَري پئي، دوا جي تہ ڳولا،
ملِي ڪا نہ ڪنھن کي اڃا هي تہ مولا،
امر ساڻ تنھنجي، ٿين ڪم سولا،
ڦَڪي فرقَ واري، تو ٺاهي خدايا،

ٿئي لاڪ ڊائون تہ پورهيت ٿو روئي،
ڳوڙهن سان تہ مُنھڙو، ويچارو ٿو ڌوئي،
خدا دوست تنھنجو، ڪري هوءِ هوءِ،
آڻي نہ چاڙهي، نڪي ساڳ سوئي،
ڏُکن ۽ بُکن جي، ڏي ساهي خدايا،

آيو اوچتي ڪو، ٿيڙي تي تہ ٿيڙو،
دنيا تي دنيا لئہ، ڪيو خوب جهيڙو،
سفر زندگيءَ جو ٿيو پو تہ ٽيڙو،
گنھگارڙن جو الھہ تار ٻيڙو،
آهي پوک پوکي، نہ راھہ خدايا،

“گُلَ مَلڪَ” جا ٿئي، هيڻا حالَ توبھہ،
ڪئي جيئن آدم سڀئي سال توبھہ،
قبولي ڇڏيندين، خدا شال توبھہ،
ناهي نااميدي ڪندين ڀالَ توبھہ،
ڪارڻ ميم محمدﷺ ماهي خدايا،