لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

مناجات الاھي

مناجات عربي لفظ ”نجو“ يا ناجا مان ورتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي پڪارڻ، ڳالھيون ڪرڻ، ڀيد، راز، ڳُجهہ، آزيون ڪرڻ ۽ ٻاڏائڻ يا نجات گهرڻ. هن ڪتاب ۾ اوهان کي مختلف سگهڙن جون آهون، دانھون، سُڏڪا، سسڪيون، صدائون ۽ مالڪ حقيقي توڙي محبوبِ خداونديءَ کي مخاطب ڪري گهريل دعائون ملنديون، جن ۾ موجودہ حالتن جو عڪس بہ هوندو، سماجي مسئلن جي شعور جون ڳالھيون بہ هونديون تہ هن امن واريءَ ڌرتيءَ تي ٿيندڙ وارتائون ۽ وارداتون بہ لفظن جو جامو پائي پڙهندڙ جي اڳيان هڪ چٽو عڪس پيش ڪنديون.

Title Cover of book مناجات الاھي

رحمت ﷲ “عاجز” لاشاري

تعارف، ادبي خدمتون ۽ مليل مڃتا جو تفصيل
پورو نالو: مير رحمت ﷲ.
ادبي نالو: رحمت ﷲ “عاجز” لاشاري.
تخلص: آڪاش عاجز.
ولديت: فقير شاهنواز پُٽ جلال خان پُٽ جمال خان پُٽ ڪمال خان پُٽ شھداد خان پُٽ ڌڱاڻو خان پُٽ حُرّا خان پُٽ منگا خان.
قوم: سنڌي بلوچ.
ذات/قبيلو: لاشاري.
پاڙو: عھدياڻي.
پيدائش: اسڪول جي سرٽيفڪيٽ مطابق، 02 جنوري 1982ع بمطابق 5 ربيع الاول 1402ُ هجري.
جاءِ پيدائش: درگاھہ فقيرپورشريف لڳ راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو. ياد رهي تہ فقيرپور ۾ عاجز جا ناناڻا ويٺل هئا ۽ سندس امڙ پنھنجي والدين جي گهر ڄڻيو هو، جڏهن تہ سندن والد ان وقت ميھڙ کان مٿي ڌامراھہ واھہ جي ڏاکڻئين ڪَپ تي ڳوٺ حاجي مير محمد لاشاريءَ ۾ رهائش پذير هئو. ڪنھن معمولي ڳالھہ تان اڻ وڻندڙ تڪرار سبب اتان سال 1986ع دوران لڏپلاڻ ڪري موهن جو دڙو ڀرسان سنڌ جي مشھور ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي جَنم ڀومي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي.

تعليمي شروعات:
اپريل 1987ع دوران گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ ٻِنڊي، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو (اسڪول ۾ مرحوم غلام قادر ساريو کان الف اک واري پَٽي لکرائي هئي ۽ بعد ۾ ڪجهہ ڪلاسن ۾ استاد محمد امين منگي ۽ ڪامريڊ زبير احمد جکرو پڻ استاد رهيا).

قرآن پاڪ ناظرہ:
پرائمري تعليم دوران ڳوٺ جي پيش امام مرحوم استاد مولوي محمد صالح لاکي وٽ ناظرہ قرآن پاڪ پڙهي پورو ڪيو.

قرآت، تجويد:
ڀر واري ڳوٺ برادي ساريه ۾ مدرسہ مُحمّدي نورالھديٰ جي استاد حافظ محمد بخشل چنہ وٽ ڪلام پاڪ جي قائدن قانونن جي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ ڪجهہ سورتون حِفظ پڻ ڪَيُون.

انگريزي تعليم:
مدرسي ۾ پڙهڻ دوران گورنمينٽ هاءِ اسڪول موئن جو دڙو تي سيپٽمبر 1994ع ۾ داخلا ورتي.
ان عرصي دوران امڙ جي اسرار تي سال 1995ع کان 1997ع دوران درگاھہ ﷲ آباد شريف ڪنڊيارو ضلعي نوشھرو فيروز ۾ مرشدن ڪريمن حضرت قبلا محبوب سڄڻ سائين مدظلہ العالي جن جي صحبت ۾ روحاني فيض ۽ ضروري ديني تعليم ۽ روحاني عِلمَ جو فيض حاصل ٿيو. دربار ﷲ آباد شريف ۾ ضروري تعليم بعد ليبرڪالوني ڪوٽڙي ۾ پنھنجي مامي مولوي سراج الدين لاشاري جي تربيت هيٺ مدينہ مسجد نيو ليبر ڪالوني ۾ نائب امام جا فرض نڀايا.

نڪاح:
والدين طرفان طالب علمي جي عُمر ۾ 23 اپريل 1992ع تي توفيق ڪالوني دادو ۾ سڳي ماسات سان ٿيو جڏهن تہ شادي ڪجهہ سالن کان پوءِ 2 مئي 1999ع تي ڳوٺ ڪَرَن خان شورو قاسم آباد حيدرآباد ۾ ان ئي ڳوٺ جي جامع نورِ محمدي مسجد ۾ پيش امامي دوران ساڳئي هنڌ تي ٿي. شاديءَ جي موقعي تي سگهڙن جي ڪچھري ٿي هئي جنھن ۾ استاد محمد ملوڪ عباسي جو پڳدار پُٽ سُگهڙ ممتاز علي عباسي، موري جو مشھور سگهڙ (مرحُوم) رحمت ﷲ عباسي ۽ (مرحوم) حاجي اقبال احمد جوڻيجو لوڪ ادب جون لاتيون پيش ڪيون هيون. هن وقت ٻن نياڻين ڪنيز فاطمہ ۽ عُروج فاطمہ سان گڏ هڪ فرزند محمد حَسَّان (پيدائش 28 سيپٽمبر 2010ع) جو اولاد آهي. (ان کان اڳ هڪ معصوم فرزند حيدرآباد سول اسپتال ۾ فوت ٿيل ڄائو جڏهن تہ محمد صبغت ﷲ نالي ٻيو فرزند دل ۾ سوراخ واري تڪليف سبب 6 مھينن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو هو.)

شاعري جي شروعات:
طالب علمي جي زماني کان مامي نثار احمد جي صحبت ۾ سنہ 1990ع کان مولودشريف لکڻ سان ٿي.

سگهڙائپ ۾ پھريون قدم:
سال 1997ع ۾ ڳوٺ جي شاعر دوست ۽ قومپرست ڪارڪن ڪامريڊ قلندر بخش ساريو سان گڏجي سدا حيات سگهڙ استاد فقير محمد ملوڪ عباسي رحه سان ملڻ کان پوءِ لوڪ ادب جون لاتيون سکڻ ۽ لکڻ جو موقعو مليو. جنھن شوق ۽ ذوق سبب استاد محمد ملوڪ عباسي جي خواهش سان حضرت قلندر لعل شھباز جي ميلي ۾ 1997ع دوران سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ۾ پھريون ڀيرو سگهڙائپ جو فن پيش ڪيو.

صحافت جي ابتدا:
ليبرڪالوني ڪوٽڙي مدينہ مسجد ۾ مامي مولوي سراج الدين لاشاري وٽ خطابت، امامت جو فن سکڻ دوران صحافت جو ذوق بہ پيدا ٿيو ۽ باقائدي شروعات 1998ع ۾ روزانہ الک اخبار جي نمائندي طور ٿي، ان دوران اخبار جي هاڪري پڻ ڪئي ( ڪالم ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا) اخبار ماهوار لاشار جو ايڊيٽر رهڻ کان پوءِ اڳتي هلي لوڪ ادب ۽ سگهڙن جي ترجمان سلسليوار “سگهڙ سماچار” جو نومبر 2005ع ۾ باني ۽ چيف ايڊيٽر طور صحافتي ڪم نڀايو ۽ ان کان اڳ اپريل 2005ع تي سنڌي چينل سنڌ ٽي وي جي پروگرام “اوطاق” ۾ ڊائريڪٽر غلام رسول چانڊيي جي هدايتن هيٺ سگهڙ حاجي رحيم بخش قريشي سان گڏ ميزباني جا فرض نڀايا ۽ بعد ۾ 2007ع کان مھراڻ ٽي وي تي سگهڙن جي پروگرام “ڳالھيون ڳوٺاڻن جون “ جي ڊائريڪٽر طور ڪم سنڀاليو ۽ “ڀلارو رمضان” سميت کوڙ سارا ديني پروگرام پڻ رڪارڊ ڪرايا، ڪجهہ عرصو مھراڻ اخبار ۽ ڌرتي ٽي وي چينل تي ضلعي ڄامشوري جي رپورٽر واري ذميواري دوران نيشنل پريس ڪلب ڄامشورو ۾ جنرل سيڪريٽري طور پڻ صحافتي خدمتون سر انجام ڏنيون. مجموعي طور لکيل ڪالم ۽ مضمون توڙي رپورٽون مختلف اخبارن جھڙوڪ سوال، بختور، الک، ڪاوش، ڪوشش، عبرت، لاشار، سنڌ لائن، سوڀ. جيجل، سُڪار، هلال پاڪستان، عوامي آواز، مھراڻ، ارادو، برکا، پاڪ، فاسٽ ٽائيم، سنڌ ڌرتي، امڪان سميت ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ شائع ٿيل آهن ۽ اڃان تائين شائع ٿيندا رهن ٿا.

امامت ۽ خطابت:
1997ع دوران مدينہ مسجد نيو ليبر ڪالوني ڪوٽڙي ۾ نائب امام کان پوءِ 19 جولاءِ 1998ع ۾ ڳوٺ ڪرن خان شورو قاسم آباد حيدرآباد ۾ فرض نڀايا. ان دوران مسجد شريف جي نئين تعميراتي ڪم سبب جنوري 2002ع کان نوراني مسجد ايم سي پي واپڊا ڪالوني ڄامشورو ۾ خطابت ۽ امامت جا فرض نڀايا ۽ مسجد جي بلڊنگ/عمارت تيار ٿيڻ کان پوءِ وري 23 آگسٽ 2008ع کان هن وقت جون 2024ع تائين ڳوٺ ڪرن خان شورو ۾ امامت ۽ خطابت سان گڏ ديني درس و تدريس جو في سبيل ﷲ ڪم جاري آهي.

پي ٽي وي تي پروگرام:
سنڌ جي برک ڪردار فتح خان يعني سيد صالح محمد شاھہ سان گڏ پي ٽي وي تي پھريون ڪچھري پروگرام 15 جنوري 2004ع، ان کان پوءِ سنڌ نامون، لوڪ ادبي محفل، جون 2004ع. جا شروعاتي پروگرام هئا جڏهن تہ بعد ۾ 26 نومبر 2016ع تي پي ٽي وي تي ڪچھري پروگرام جي ميزباني پڻ مِلي.

ريڊيو تي پروگرام:
ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد تي سيد صالح محمد شاه/فتح خان سان گڏ پھريون پروگرام (سون ورني ڌرتي) 3 نومبر 2004ع. تي رڪارڊ ڪيو جنھن ۾ سائين سيد صالح محمد شاھہ لوڪ ادب جي پھرئين ڪتاب “رمزون رحمت ﷲ جون” جو تعارف بہ ڪرايو هو. جڏهن تہ ريڊيو ڪراچي اسٽيشن تي 17 آڪٽوبر 2016ع تي ان وقت اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻُرڙي جي خواهش تي هڪ خاص پروگرام لوڪ ادب ڪچھري نشر ڪيو جنھن ۾ پڻ ميزباني جا فرض نڀايا.
عاجز جا هن وقت تائين شاعري سميت تحقيق ۽ تصنيف سان گڏ ترتيب ڏنل ننڍا وڏا ڪتاب:
(1) “رحمت جا خزانا” (مولود-ڀاڱو اول) نومبر 1999ع
(2) “رحمت جا خزانا” (مولود-ڀاڱو ٻيو) نومبر 2000ع
(3) “ رحمت جا خزانا” (مولود- ڀاڱو ٽيون) اپريل 2001ع
(4) “رحمت جا خزانا” (مولود- ڀاڱوچوٿون)، آڪٽوبر 2002ع
(5) “رحمت جا خزانا” (مولود- ڀاڱو پنجون) فيبروري 2003ع
(6) “رمزون رحمت ﷲ جون” (لوڪ ادب شاعري ) سيپٽمبر 2003ع
(7) “ديس وسي ديدار اسان جو” 2003ع. (سگهڙديدارعلي سيال جو احوال ۽ ڪلام)
(8) “رحمت جا خزانا” (مولود- ڀاڱون ستون) مارچ 2004ع.
(9) “فيصلا انصاف جا” جولاءِ 2004ع (رئيس عبدالحميد خان جتوئي جي شخصيت ۽ فيصلا)
(10) “ آهون احمد حسن جون”، 2004ع (لوڪ شاعر خليفه حضرت حاجي احمد حسن لاشاري جو نعتيه ۽ ناصحاڻو ڪلام).
(11) “السفر” (اردو زبان ۾) 19 آڪٽوبر 2004ع (لاشاري تنظيم جي باني، جهوني صحافي ۽ سياسي، سماجي شخصيت محمد صفر لاشاري جون صحافتي، سياسي، سماجي ۽ تنظيمي خدمتون).
(12) “ رنگ رحمت ﷲ جا” 2005ع (لوڪ ادب جي انسائيڪلوپيڊيا)
(13) سلات جي 117 ڏات ڌڻي سگهڙن جي احوال ۽ ڪلام تي ترتيب ڏنل “سنڌ سڄاڻ سگهڙ ڊائريڪٽري” 2005ع.
(14) “مولود ۽ مداحون” 2007ع.
(15) “دلبر جو ديدار” (ڪنھن کي ڏجي دانھن)، 2008ع. (سگهڙديدارعلي سيال جو احوال ۽ ڪلام).
(16) “تحفة العاشقين”، 14 فيبروري 2010ع (حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيه ڪلام)
(17) “محبت جي منزل”، 2010ع (سگهڙ علي گوهر قريشي جي لوڪ شاعري).
(18) “مٺا ٻول محبوب جا” مارچ 2010ع (سگهڙ محبوب علي ڏيپر جو ڪلام).
(19) “مٽيءَ جي خوشبوءِ”، 2010ع (سگهڙ محمد ايوب جوڻيجي جي لوڪ شاعري)
(20) “محبت جا موتي” جون 2013ع (سگهڙ شاعر علي گوهر قريشي جو ڪلام.)
(21) “پنھنجو رنگ پنھنجي شاعري”، 2013ع (محبوب علي ڏيپر جي لوڪ شاعري.)
(22) “مٽيءَ جو هُڳاءِ”، اپريل 2014ع (ماسٽر منظور جو فن ۽ شخصيت.)
(23) “سھڻل جا سينگار”، 2014ع (سنڌ ۽ بلوچستان جي سگهڙن جي سينگارشاعري.)
(24) “ موتي محبوب جا”، 2015ع (محبوب علي ڏيپر جي لوڪ شاعري).
(25) “مداحون ۽ مناقبا”، ڊسمبر 2015ع (لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جو ڪلام.)
(26) “سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري”
(786 ڏات ڌڻين جو احوال ۽ ڪلام )، ڇاپو پھريون نومبر2015ع ڇاپو ٻيو ڊسمبر2015ع.
(27) “شاھہ جي شاعريءَ ۾ سگهڙائپ جو رنگ” 2016ع
(28) “شآهي ذوق شيديءَ جو”، جون 2016ع (سُگهڙ مولابخش شيدي جو احوال ۽ ڪلام.)
(29) “پرين جي پچار”، 2016ع. (ميھڙ جي بخاري بزرگن جي سوانح ۽ ڪلام.)
(30) “سچن جي ساراھہ” ڊسمبر 2016ع (لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جو نعتيه ڪلام.)
(31) “سھڻي حبيب جي نماز”، فيبروري 2017ع. (مولوي رفيق احمد بروهي جي سنڌي ٻوليءِ ۾ ترتيب ڏنل فرضي ۽ نفلي نمازن بابت ڪتاب جي سنوار ۽ سُڌار)
(32) “لوڪ ادب جو منظوم تعارفي مقدمو” (طويل نظم) 16ڊسمبر 2017ع
(33) “لوڪ ادب جو سپه سالار”، جون 2017ع.(سگهڙ حسين بخش رڏ جي شخصيت ۽ فن.)
(34) “عشق جون آهون”، جولاءِ 2017ع. (لاڙ جي شاعر وسيم احمد ٽالپر جي نعتيه شاعري.)
(35) “تحفة الصالحين”، نومبر 2018ع (حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيه ڪلام.)
(36) “عشق امر ذات”، 16 ڊسمبر 2018ع (سگهڙ ارشاد علي عرضائي جو احوال ۽ لوڪ ادب شاعري.)
(37) تُحفةالعابدين ؛ آڪٽوبر 2019ع (ڪوهستان جي شاعر حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيه ڪلام)
(38) “ثنائي سِٽُون سڪندر جون” نومبر 2019ع (لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جي لوڪ شاعري.)
(39) “سنڌي لوڪ ادب جو تاريخي جائزو”، ڇاپو پھريون، مارچ 2019ع.
(40) “حضرت محمد صلي ﷲ عليه وسلم جا فيصلا” 2019ع. سنڌيڪار: ديدار شاد گوپانگ، نظر ثاني ۽ سنوار: عاجز رحمت ﷲ لاشاري.
(41) مديني جو سائين؛ (حافظ عبدالستار سولنگي جو لکيل “نعتيه ڪلام”.)
(42) سوانح حيات فقير محمد قاسم طاهري ڪوهستاني. 2020ع، تصنيف؛ حافظ عابد خاصخيلي. سنوار: عاجز رحمت ﷲ لاشاري.
(43) سنڌ، اسلام، سائنس ۽ فلسفو. 2021ع (جديد تحقيق ۽ ترتيب).
(44) مَھڪندڙ موتي مڱلي جا. 14 آگسٽ 2022ع (خادم حُسين منڱلي جي لوڪ شاعري) ترتيب: عاجز رحمت ﷲ لاشاري.
(45) “سُگهڙ سارو سچ”، سگهڙ آدم سومري جو احوال ۽ ڪلام.
(46) سنڌ جي قديم اسلامي تاريخ. { حضرت آدم عليه السلام کان پاڻ سڳورنﷺ تائين }
(تحقيق ۽ تاليف: عاجز رحمت ﷲ لاشاري)
(47) ادبي ذوق اڪبَرَ جو. (سگهڙ علي اڪبر اداسيءَ جي لوڪ شاعري)
(48) يَڪا وَڙَ يعقُوبَ تي. (سُگهڙ محمد يعقوب جاگيراڻيءَ جي لوڪ شاعري)
(49) سُگهڙائپ جِي ساڃاھہ. (لوڪ شاعري/تحقيق ۽ تخليق: عاجز رحمت ﷲ لاشاري.
(50) سُگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري (تحقيق، ترتيب ۽ مقدمو: عاجز رحمت ﷲ لاشاري. ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
(51) وحدت جي وائي (لوڪ شاعرن جو حمديه ڪلام جون 2024ع)
(52) “مُناجات اِلاهي” جون 2024ع

ايڊيٽر طور شائع ڪَيل ميگزين/رسالا/ اخبارون:
“سُگهڙ سماچار”
سلسليوار 9 جُلد

مليل ايوارڊ ۽ مڃتا جو اعزاز:
اسڪول پڙهڻ دوران لطيف سائين جي پيغام بابت ٿيل تقريري مقابلي ۾ پوزيشن کڻڻ تي مُرشد حضرت محبوب سڄڻ سائين مدظله العالي، جن هٿان زندگي جو پھريون
“اللہ کے شیر ايوارڊ” 21 مارچ 1996ع تي مليو.
دولھہ دريا خان ايوارڊ مارچ 1998ع مڪلي ۾ مليو.
بھترين مُعلم ۽ مُدرس جو ايوارڊ 2 سيپٽمبر 1999ع ۾ ڪرن خان شورو، قاسم آباد، حيدرآباد ۾ مليو.
لاشاري تنظيم جي باني طرفان صحافتي مڃتا ايوارڊ 19 آڪٽوبر 1999ع تي لاڙڪاڻي ۾ مليو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هٿان استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ 28 فيبروي 2000ع تي مليو.
حضرت جلال شاھہ ايوارڊ تاجل بيوس هٿان 18 ڊسمبر 2002ع تي دائود ديري لڳ شاھہ پنجوسلطان، ضلع دادو ۾ مليو.
“رمزون رحمت ﷲ جون” ڪتاب جو مڃتا ايوارڊ، ان وقت ثقافت کاتي جي صوبائي وزير شبير احمد قائمي هٿان 13 آڪٽوبر 2003ع تي ڊاڪٽر بلوچ هال لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ۾ مليو.
ٻيو ڀيرو دولھہ دريا خان ايوارڊ، مڪلي ٺٽي ۾ 13 اپريل 2003ع تي مليو.
آواز گروپ لاڙڪاڻو طرفان آواز ۽ انداز ايوارڊ 18 جون 2003ع تي لاڙڪاڻي ۾ مليو.
بھترين ليکڪ ۽ مرتب جو “لاشار ايوارڊ” 19 آڪٽوبر 2005ع شاهنواز ڀٽو لئبريري لاڙڪاڻي ۾ مليو.
سلات پاران “سُڄاڻ سگهڙ مڃتا ايوارڊ “ 30 آڪٽوبر 2004ع تي مٺياڻي ۾ مليو.
“لوڪ ادب مڃتا ايوارڊ” 19 ڊسمبر 2004ع اڏيرو لعل ۾ مليو.
سلات پاران “استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ” 27 ڊسمبر 2004ع تي ڄامشوري ۾ مليو.
سيد جلال محمود شاھہ هٿان “عزت فقير ادبي ايوارڊ” 29 جنوري 2005ع ڳوٺ بُٺو، سن ۾ مليو.
حضرت قلندر شھباز جي ميلي ۾ سال 2003ع ۾ ڪتاب “ رمزون رحمت ﷲ جون “ جي اعزاز ۾ پھريون “شھباز ايوارڊ” ان وقت ڊي سي او علم الدين بُلو هٿان مليو.
ميلاد النبي ايوارڊ پھرين مئي 2005ع تي ڄامشوري ۾ مليو.
عشق رسول ايوارڊ 28 مئي 2005ع تي واپڊا ڪالوني ڄامشورو ۾ مليو.
اڪادمي ادبيات ڪراچي پاران سنڌ يونيورسٽي جي وي سي مظهرالحق صديقي هٿاران لوڪ ادب ايوارڊ 19 نومبر 2005ع تي سنڌالاجي ڄامشورو ۾ مليو.
بزم روح رهاڻ ايوارڊ ڪتاب “رنگ رحمت ﷲ جا “ جي مھورت تقريب دوران ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ ۽ حميد سنڌي هٿان 2008ع ۾ مليو.
سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن جو صدارتي ميڊل 23 مارچ 2013ع تي ميان صاحب ضلعي شڪارپور ۾ مليو.
دي روز انٽرنيشنل ايوارڊ 2015ع ۾ مٽياري شھر ۾ ميلو.
ٻيو “شھباز ايوارڊ “ حضرت قلندر لعل شھباز جي ميلي ۾ ڪتاب
“ سھڻل جا سينگار “ ترتيب ڏيڻ جي اعزاز ۾ ٻيو ڀيرو 06 جون 2015ع تي ميلو.
ٽيون ڀيرو شھباز ايوارڊ:
“سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري” جي سھيڙڻ جي اعزاز ۾ 2016ع ۾ مليو.
شاھہ لطيف ايوارڊ: حَسن درس اڪيڊمي حيدرآباد طرفان ڪتاب “شاھہ جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ” لکڻ جي اعزاز ۾ پھرئين لوڪ ادب ڏهاڙي 16 ڊسمبر 2016ع تي مليو.
ڊاڪٽربلوچ گريجوئيٽ ايوارڊ بااختيار اداري ۾ 16 ڊسمبر 2016ع تي مليو.

ريڊيو حيدرآباد طرفان “لوڪ ادب ايوارڊ:
2 جنوري 2017ع تي اسٽيشن ڊائريڪٽر محمد علي ٻانڀڻ هٿان مليو.
حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ لوڪ ادب ايوارڊ 20 جنوري 2017ع تي مليو.
آل پاڪستان سُگهڙ ڪانفرنس جو مڃتا ايوارڊ 16 ڊسمبر 2017ع تي لعلو رائنڪ ۾ مليو.
اوطاق ڪچھري ايوارڊ 10 مئي 2017ع تي زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردارعلي شاھہ هٿان مليو.
سگهڙ بھار علي بھار ٻُرڙو يادگار ايوارڊ، 19 جنوري 2018ع تي مليو.
استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا ايوارڊ 2019ع عباسي ڪلھوڙا تنظيم جي سربراھہ مرحُوم سردار حاجي منور علي عباسي هٿان 7 آڪٽوبر 2019ع تي مليو.
ريڊيو نيٽ ورڪ جهول طرفان “صوفي جمال الدين فقير مڃتا ايوارڊ “ 1 نومبر 2019ع تي مليو.
لوڪ ادب بابت “حُسن ڪارڪردگي ايوارڊ”
جوڳي ڳوٺ گلشن حديد ڪراچي ۾ 4 جنوري 2020ع تي گل حسن گل هٿان مليو.
استاد بھار علي بھار ٻُرڙو ساليانو “مڃتا ايوارڊ” شاعر سانول ميرالي هٿان 18 جنوري 2020ع تي مليو.
جاکوڙي ايوارڊ صوبائي وزير عبدالباري پتافي هٿان پھرين فيبروري 2020ع تي ڳوٺ جمال الدين پتافي نزد باري اڏو، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ مليو.
“باڪمال سگهڙ ايوارڊ” 2019ع، درمحمد ڪمال جي ورسيءَ جي موقعي تي ٺٺ سولنگي/دليپوٽا ضلعي نوشھروفيروز ۾ سينيئر صحافي منظور سولنگي هٿان مليو.
موهن جو دڙو اڪيڊمي طرفان پيرل مڱريو مڃتا ايوارڊ 2020ع ۾ مليو.
2 فيبروري 2020ع تي پنجاب جي ڏات ڌڻي سگهڙن پاران اوٻاوڙي شھر ۾ سربراه طور اعزازي پڳ پارائي.
13 رجب 1442ھہ 2021ع تي “جشن مولود ڪعبہ مڃتا ايوارڊ” فقير محمد سليم سيال اويسي قادري صدر صلوات ڪاميٽي خيرپور ميرس طرفان مليو.
راجن پور پنجاب ۾ سرائڪي پَٽيءَ جي سُگهڙن طرفان مارچ 2023ع ۾ تنظيمي سربراھہ جي اعزاز طور دستاربندي ڪرائي.
سيدنا غوث اعظم دستگير سگهڙ ڪانفرنس ملير ڪراچي ۾ 20 نومبر 2021ع تي “باڪمال سُگهڙ ايوارڊ” مليو.
ڀٽائي آباد، ڪراچي ۾ 18 ڊسمبر 2021ع تي “محقق، ڏاهو” مڃتا ايوارڊ مليو.
ثقافت کاتي حُڪومت سنڌ طرفان “شاھہ لطيف عالمي ايوارڊ” 13 سيپٽمبر 2022ع تي حيدرآباد ۾ مليو.
ايوارڊ ۾ عُمري جي ٽڪيٽ:
مدح خواني ۽ علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي ۽ ديني خدمتُن عيوض عُمرو شريف ادا ڪرڻ لاءِ فقير محمد اسماعيل جکراڻي غفاري، قادري، نقشبندي صاحب المعروف حيدرآباد واري سائين جن ايوارڊ طور ڀلي پار جي سڳوري سفر لاءِ عُمري شريف جِي ٽڪيٽَ عنايت ڪئي، جنھن بعد مڪةالمڪرمه ۽ مدينةالمنوره (حرمين شريفين) جو پھريون سفر 29 آڪٽوبر 2023ع کان 27 نومبر 2023ع تائين رهيو.
مرڪزي تنظيم علماءِ اهلسنت وجماعت ڄامشورو طرفان.
مڃتا ايوارڊ سرٽيفڪيٽ پھرين جنوري 2023ع تي مليو.
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حڪومت سنڌ پاران درسي نصاب ۾ “سنڌي ڪتاب چوٿين درجي لاءِ” جو سبق پھريون،
“حمد باري تعالىٰ” (شاعر: عاجز رحمت ﷲ لاشاري) پرائمري اسڪولن جي نصاب ۾ پڙهايو پيو وڃي.

پھرين تاج پوشي:
لوڪ ادب خدمتن جي مڃتا طور علامہ فقير هدايت علي نجفي “تارڪ” جي درگاھہ تي لعلو رائنڪ شھر تعلقو وارھہ ضلعي قمبرشھدادڪوٽ ۾ سگهڙ مولابخش شيدي پاران پھريون ڀيرو چانديءَ جو تاج 08 آگسٽ 2015ع تي پارايو.

ٻيو ڀيرو تاج پوشي:
16 ڊسمبر2017ع تي ٻيو ڀيرو، ساڳئي هنڌ لعلورائنڪ ۾ پنج تولا سونو تاج مليو جيڪو بيمار سُگهڙن جي علاج لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.

ٽين تاج پوشي ۽7 رنگي گلن ۾ تورڻ جو اعزاز:
23 مارچ 2019ع تي ڪتاب “سنڌي لوڪ ادب جو تاريخي جائزو” جي تحقيق ۽ ترتيب واري اعزاز سان گڏ لوڪ ادب جي خدمتن جي مڃتا طور علامہ فقير هدايت علي نجفي “ تارڪ” جي درگاھہ تي لعلو رائنڪ شھر تعلقي وارھہ ضلعي قمبرشھدادڪوٽ ۾ سگهڙ مولا بخش شيدي ۽ سلات تنظيم جي مرڪزي سرپرست اعليٰ نامور محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ۽ ٻين عھديدارن قيمتي هيرن سان جڙيل سونو تاج پارائي سَت رنگي گُلن ۾ توريو هئو، جيڪو اعزاز هڪ سُگهڙ لاءِ پھريون تاريخي اعزاز آهي. اهو تاج بہ عاجز ان ئي موقعي تي بيمار ڏات ڌڻين جي علاج لاءِ وقف ڪري سگهڙ مولابخش شيدي کي واپس ڏئي ڇڏيو.

نقشبندي طريقي/سلسلي ۾ خِلافت:
27جنوري 2019ع تي سنڌ جي روحاني شخصيت ۽ صوفي بزرگ حضرت خواجا مُحمد طاهر المعروف محبوب سڄڻ سائين دامت برڪاتھم العاليہ جن نقشبندي طريقي/سلسلي ۾ نيابت سان نوازيندي درگاھہ ﷲ آباد شريف ڪنڊيارو ۾ خلافت جو اعزاز عطا فرمايو.

سنڌي مولود:
ننڍپڻ کان سمجهہ ۽ شعور ايندي مولود ڳائڻ شُروع ڪيا، اڳتي هلي مولودن ڳائڻ وارن ۾ هڪ خاص اهميت ملي.
مولودن جون شائع ٿيل آڊيو ۽ وڊيو سي ڊي:
مولود ۽ مداحون A.A پاران نومبر 2000ع.
منظر پيارو مدينو آ A.A جنوري 2001ع.
مٿيان ٻئي آڊيو البم محترم محمد قاسم ماڪا پاران رليز ڪيا ويا آهن.
ناز پروڊڪشن پاران رليز البم:
ڏسان شھر مدينو آڪٽوبر 2002ع.
مديني وارو منظر ڊسمبر 2002ع.
هتي رهڻ نٿي دل چاهي اپريل 2003ع.
مديني جا گهوٽ سيپٽمبر 2003ع.
منقبت سڄڻ سائين آڪٽوبر 2003ع.
وڊيو سي ڊي جون 2004ع.
منقبت غوث اعظم نومبر 2004ع ۾ رليز ڪيون ويون.
جڏهن تہ مھراڻ سينٽر سکر سميت عظيمي پروڊڪشن ڄامشورو 2 واليم وڊيو سي ڊي ۾ رليز ڪيا.

اسلامي ادبي خطابات:
تفرقي بازي ۽ سياسي تضاد کان پاڪ نج اسلامي موضوعن جا 500 کن خطاب يوٽيوب چينل عالمي اوطاق تي مختلف موضوعن جا خطاب موجود آهن. نج لوڪ ادب بابت فيس بُڪ لائيو جا نشر ڪيل 200 پروگرام عالمي اوطاق فيس بُڪ پيج تي پڻ موجود آهن.
اسلامي سطح جا نج سنڌي زبان ۾ صرف قرآن پاڪ جي تفسير جا 50 پروگرام، “سَئين راھہ” فيس بڪ پيج تي موجود آهن.
پي ٽي وي:
“ڪچھري پروگرام”
جو ميزبان.
ڪي ٽي اين:
“ڪچھريءِ جا مور” پروگرام ۾ ممتاز امين سنياسي سان گڏ ميزباني.
سنڌ ٽي وي:
(1) “اوطاق” پروگرام ۾ حاجي رحيم بخش قريشي سان گڏ ميزباني.
(2) سنڌ ڪچھري.(ظفر هڪڙو سان گڏ)
مھراڻ ٽي وي:
جي ادبي، ثقافتي ۽ ديني پروگرامن،
(1) “ڳالھيون ڳوٺاڻن جون”
(2) “ٻارن جو رمضان”.
(3) “ڀلارو رمضان”.
(4) “عظمَتِ رمضان”.
(5) “محفلِ ميلاد”.
(6) “شَبِ قدر”.
(7) “شَب برأت”
جي خصوصي پروگرامن ۾ پروگرام ڊائريڪٽر ۽ ميزبان.

ريڊيو پاڪستان ڪراچي: “لوڪ ادب ڪچھري” جو ميزبان.

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد:
(1) “23 مارچ يومِ پاڪستان لوڪ ادب ڪچھري” جو ميزبان.
(2) 14 آگسٽ جشن آزادي “لوڪ ادب ڪچھري” جو ميزبان.
ثقافت کاتو، حُڪومت سنڌ جي ميزباني هيٺ.
(1) شاھہ لطيف سُگهڙ ڪچھري.
(2) ڪيفي ثقافت اسٽوڊيو ڪراچي ۾ لوڪ ادب ڪچھري.
(3) مچ ڪچھري.
پروگرامن جي ڪمپيئرنگ/ميزباني جو اعزاز پڻ ملندو رهي ٿو.


ٽيھہ اکري (مناجات)

الف: الف اسانجو آهين ﷲ،
باري بيشڪ بيپرواھہ،
ڪَيا اسان هِن گهڻا گُناھہ،
جَن جو ناهي پَتو شُمار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ب: بي بِلڪُل هِن بار وڏا،
پَرَ ڪا ڳڻتِي ڪانھي ڪا،
سڀُ اسان کان وِسري ويا،
ذرو نہ ان جو ٿيو وِيچار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ت: تي تو بَخشِي جانِ عُمِر،
قُربَ ڪيا ايڏا قادر،
ڪونہ جهُڪياسين تُنھنجي در،
ويٺي گُذري ويئي ڄمار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ث: ثي ثَوابَ جِي ڳڻتِي ڪانہ،
ناحق بڻياسين نادانَ،
ڪونہ عمل ڪيو پڙهي قرآن،
بس اينءَ رهياسين بيڪار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ج: جيم جَوانيءَ ۾ اک ٻُوٽَ،
ڇوڙي نفسُ ڇڏيوسين ڇُوٽ،
نيڻن ڪَئِي ٿي ننڊَ الھوٽ،
خوب اکين تي رهيا خَمار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ح: حي حالت هي آهي اسان،
سُڌ ثَمر جِي ناهي اسان،
ڪُجهہ سگهياسين نہ ٺاهي اسان،
ناهي گُناھہ کان واندو وار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

خ: خي خالِقَ تو ڏاجَ ڏِنا،
پوءِ بہ اسانجا ڪَمَّ ڪِنا،
چوري، رُشوت، ظُلم، زنا،
آيو اکين جي آنڌوڪار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

د: دال دنيا سان دِل لڳِي،
ڪُوڙ فريب ۽ ڪئي سين ٺَڳي،
تارِي تڪبُر مست مَڳي،
رولي ڇڏيو آ رِڻَ ۾ يار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ذ: ذال ذِڪرَ جِي وائي وات،
تَن اندر ۾ ڪانھين تات،
ڪونہ سُجهَن ٿا قَھہرِي ڪات،
نيڻَ ھہي روئندا جاٿي نار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ر: ري راڻَل تون راضي ٿيءُ،
توکي حقيقت معلوم هيءُ،
جوکي ۾ آ جُڙيل جيءُ،
ساڻِي ٿيءُ تون رب ستار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ز: زي زارِي آ تودَر بارِي،
تُنھنجي قادرَ ذات قَهاري،
سائين گهُرجي تُنھنجي سَتاري،
غَرق گُناهن ۾ هون غَفار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

س: سِين سھارو عَرَبِي اَمِير،
آهي مديني وارو مِير،
ظُلم سندا ٽوڙيندو زنجير،
دلجائي ڏيندو دلدار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ش: شين شفاعت جو آ ضامِن،
دلبر جي ورتي آ دامَن،
اُمَّتَ کي هُو پاڻَ انعامَن،
ساڻ نَوازيندو ننگدار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ص: صاد صداقت جو سامان،
ڪونھي ڪو آهي ارمان،
محشَر جو آڏو ميدان،
هڪڙو ڏِينھن پنجاھہ هزار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ض: ضاد ضَعيفَن جو ڇا ٿيندو،
سِج لھي جَڏ سِرَ تي ايندو،
راھہ ۾ هرڪو پيو روئيندو،
زاري ڪَري اُت زارو زار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ط: طُئي طاقت آ تُنھنجي اعلىٰ،
باري بيشَڪ برتر بالا،
اُتي نشانبر ٿيندا نالا،
رحمتَ ۾ هون اُميدوار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ظ: ظُئي ظالِمَ کان ظُلم زورآور،
پُڇندين پاڻَ ڏيکاري پاور،
دؤر دنيا جا کُلندا دفتر،
نيڪ هُجن توڙي بدڪار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ع: عين عقيدا ظاهر ٿيندا،
حق ۽ باطل کي کوليندا،
ماڻھو سڀ ڪُجهہ پاڻ مڃيندا،
ڪَجان ڪَريمَن ساڻ قطار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

غ: غَين غُلامي پَنھنجي ڏِيار،
داتا دَرَ تان ڪِينَ ڌِڪار،
تَنَ ۾ تُنھنجي رهي تنوار،
پَنھنجِي سِيني ۾ ڏي سار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ف: في فِڪرات اِهائي آ،
راڻا تُنھنجي کَپي رضا،
بارِي بَخشي روزِ جَزا،
پُل پُڄائي ڇَڏجان پار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ق: قاف قلب کي مِلي قرار،
بخشين جي پنھنجو ديدار،
ٻيو ڪُجهہ گهُرجي ڪِينَ ٿو يار،
پنھنجو پاڻُ فقط ڏيکار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ڪ: ڪرم سان منھنجا سائين،
ٻيڙا ٻاجهہ سان پار پُڄائين،
بَديون بخش سڀئي فرمائين،
ستاري تون ڪري ستار،
بخش اسانکي بخشڻ ھار

ل: لام لُطف جي تُنھنجو ٿيندو،
مھڻا ٻيو ڪو مُورُ نہ ڏِيندو،
آقا عربي پاڻ گڏيندو،
آهي اڙين جو آڌار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

م: ميم مُحَمَّدَﷺ مُرسلَ صدقي،
رحمت جو درياھہ ٿو دڌڪي،
ايڏا گُناھہ بہ ناهن وڌ ڪي،
ڪجان ٻاجهہ سان ٻيڙا پار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ن: نون نوازي ڇَڏ نِماڻا،
ﷲ سائين! عيبن هاڻا،
مُور نہ آهن توسان ماڻا،
آهيون ٻانھا عرض گُذار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

و: واءُ وَصُلَ جو وري وارو،
چَلڻ جو ٻيو ڪونھي چارو،
ميٽ هي دِل وارو مونجهارو،
ڏَيھن جو تون آن ڏاتار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ھہ: هي هِي سائل ڪَن ٿا سَوال،
مالِڪَ توکي معلوم حال،
جڳَ ۾ جيئڻ آ جنجال،
غمگينن کي غَمَّ غُبار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

لا: “لاشاري” هِيءَ “عاجزَ” آھہ،
رَبَّ ڪَئِي ٿَئِي “رحمتُ ﷲ”،
والِي ناهي توبِن واھہ،
معاف ڪندين تون عَيبَ اپارَ،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ء: ئُوئان ئُوئان وانگر ڪِيھون،
روئي روئي ڪريان رِيھون،
شام صُبح ۽ راتيان ڏينھون،
تُنھنجي ئي رهي تند تنوار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ي: يي سان يقينن تون بخشيندين،
ڏاتَرَ ڏاجَ ڏهوڻا ڏيندين،
عربي صدقي راضي ٿيندين،
جيڪو يتيمن جو آ يار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.