لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

مناجات الاھي

مناجات عربي لفظ ”نجو“ يا ناجا مان ورتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي پڪارڻ، ڳالھيون ڪرڻ، ڀيد، راز، ڳُجهہ، آزيون ڪرڻ ۽ ٻاڏائڻ يا نجات گهرڻ. هن ڪتاب ۾ اوهان کي مختلف سگهڙن جون آهون، دانھون، سُڏڪا، سسڪيون، صدائون ۽ مالڪ حقيقي توڙي محبوبِ خداونديءَ کي مخاطب ڪري گهريل دعائون ملنديون، جن ۾ موجودہ حالتن جو عڪس بہ هوندو، سماجي مسئلن جي شعور جون ڳالھيون بہ هونديون تہ هن امن واريءَ ڌرتيءَ تي ٿيندڙ وارتائون ۽ وارداتون بہ لفظن جو جامو پائي پڙهندڙ جي اڳيان هڪ چٽو عڪس پيش ڪنديون.

Title Cover of book مناجات الاھي

“بيوس” بخش علي چانڊيو

تعارف
اصلي نالو: بخش علي چانڊيو
ادبي نالو: “بيوس” بخش علي چانڊيو
ولديت: نياز علي چانڊيو
جنم: ڇھين اپريل 1972
جنم جو هنڌ: نزد ڦل شھر، جنھن ڳوٺ ۾ جنم ٿيو، اهو چانڊيه ڳوٺ، سم جي پاڻيءِ ۾ ٻڏي ويو، هاڻي رهائش ڦل شھر، ضلع نوشھرو فيروز
تعليم: ايم - فل سنڌي لوڪ ادب
ذريعه معاش: ائسوسيئيٽ پروفيسر/ پرنسپال گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج پڊعيدن، ڪاليج ايجوڪيشن گورنمينٽ آف سنڌ
ادبي ابتدا: 86 -1985 کان
ادبي سڃاڻپ: شاعري
ادبي استاد: مشاهدو ۽ مطالعو

ڇپيل ڪتاب: چار ڪتاب
1. ڪورونا لاڪ ڊائون ۽ پيڙائن جا عڪس (واقعاتي شاعري )
2. ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جي اوسر تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو (تحقيق)
3. دانھون ٻوڙيل ديس جون ( 2022 جي شديد برساتن جي تباهي ۽ المين تي مشتمل واقعاتي شاعري)
4. وينا شرنگيءِ جو سنڌ جي سفر تي لکيل ڪتاب ڪڇان تہ ڪافر، نظرثاني ڪري چپايل.
اڻ ڇپيل ڪتاب: ٻن ڪتابن جيتروغزلن، نظمن، بيتن ۽ چئوسٽن تي مشتمل مواد ۽ هڪ ڪتاب جيترو حمديہ ۽ نعتيہ ڪلام.

حاصل ڪيل ايوارڊ:
1. 1996 صدف اخبار نوشھرو فيروز طرفان بھترين ڪالم نويس جو ايوارڊ.
2. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن مرڪز طرفانب ھترين سماجي خدمتن عيوض سلور ميڊل 1996.
3. نوشھرو فيروز هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سوسائٽي طرفان اعزازي شيلڊ ايورڊ 2007.
4. مورو هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي طرفان اعزازي شيلڊ ايوارڊ 2010
5. سگا برانچ مورو طرفان علمي ادبي خدمتن عيوض، شيلڊ ايوارڊ
6. سگا گهوٽڪي برانچ طرفان مڃتا ايوارڊ 2020.
7. ماهنور فائونڊيشن سيوهڻ طرفان ڪورونا وبا دوران تخليق ڪيل ڪتاب “ڪورونا لاڪ ڊائون ۽ پيڙائن جا عڪس” لکڻ تي شيلڊ ايوارڊ.
8. انٽرنيشنل رائيٽرز فورم طرفان ڪتاب” ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جي اوسر، تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو تي شاھہ لطيف ايوارڊ 2022.
9. سنڌ گريجويٽس ائسوسيئيشن “سگا” مرڪز طرفان رني ڪوٽ متعلق تاريخي سيمنار ۾ مقالو لکڻ تي شيلڊ ايوارڊ 2023
10. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سگا مرڪز طرفان علمي، ادبي خدمتن عيوض حيدري ٽرافي “شيلڊ” 2023
11. انٽرنيشنل رائيٽرز فورم طرفان ٻيون ڀيرو، شاعريءِ جي ڪتاب “دانھون ٻوڙيل ديس جون” تي شاھہ لطيف ايوارڊ 2023.

ائڊريس:
پوسٽ آفيس شھر ڦل تعلقو ۽ ضلعو نوشھرو فيروز
واٽس ايپ نمبر: 03033785037/03337086982

مُناجات

جڳ جاوالي، جڳ جا وارث، هيڻو منھنجو حال خدايا،
رحم کپي ۽ ڪرم کپي، شل ڪوجهن تي ڪر ڀال خدايا،

ظاهر باطن بڇڙو آھيان، ڪائي لڪ، ڳُجهائي ناهي،
ليڪن پڪ آھي او قادر، تو ريءَ ڪا بہ سڻائي ناهي،
عرض ڪرڻ پڻ ڪونہ اچي ٿو، نماڻن ننگپال خدايا،
رحم کپي ۽ ڪرم کپي، شل ڪوجهن تي ڪر ڀال خدايا.

منھنجي ڌرتيءَ تي او مولا، مسڪينن جا مارا آھن،
دهشت وحشت، خون خرابو، لاشن تي لامارا آھن،
زر، زمين ۽ ملڪيت پويان، جيئڻ آھ جنجال خدايا،
رحم کپي ۽ ڪرم کپي، شل ڪوجهن تي ڪر ڀال خدايا.

رنگ نسل ۽ ذاتين پويان، ڪوس هلي ٿو قھر خدايا،
دين ڌرم جي ٺيڪيدارن، کوڙ اجاڙيا شھر خدايا،
ماڻھوءَ جو آ مارو ماڻھو، اهڙا ٿيا افعال خدايا،
رحم کپي ۽ ڪرم کپي، شل ڪوجهن تي ڪر ڀال خدايا.

سوا لک نبين کان پوءِ به، ساڳي مارا ماري آهي،
هابيل ۽ قابيل جيان ئي ڀاءُ جو قتل بہ جاري آھي،
قارون ۽ فرعون ڦرن پيا، ڌوتا ڌاڙيوال خدايا،
رحم کپي ۽ ڪرم کپي، شل ڪوجهن تي ڪر ڀال خدايا.

چند ئي اهڙا نيڪ ڏسان ٿو، حق جا جيڪي حامي آھن،
باقي اڪثر لوڀي ٺوڳي، بلڪل نامي گرامي آھن،
اڄ جو خوب ڪري ٿو انسان، ٻين جو استحصال خدايا،
رحم کپي ۽ ڪرم کپي، شل ڪوجهن تي ڪر ڀال خدايا،

هيڻن تي هٿيار کڻي هت، ڏاڍا گابا بڻيل آھن،
حضرت لوط جي قوم چوان، تن جا بي بابا بڻيل آھن،
بيشڪ بڇڙا بنجي ويا، هن قوم سندا افعال خدايا،
رحم کپي ۽ ڪرم کپي، شل ڪوجهن تي ڪر ڀال خدايا.

تنھنجي نالي تي او سائين، ملڪ ٺھيو هو پاڪستان،
ليڪن جهٽ ئي بگڙي ويا سڀ، ليڊر بنجي ويا شيطان،
کائين ويٺا کوٽا سارا، مسڪينن جو مال خدايا،
رحم کپي ۽ ڪرم کپي، شل ڪوجهن تي ڪر ڀال خدايا.

هيڏا هي حالات ڏسي بي بلڪل مان مايوس نہ آھيان،
تنھنجي رحمت روز وسي ٿي، پوءِ اميدون ڇا لئہ لاهيان،
“بخش علي” آ “بيوس” ليڪن، تون ئي آن رکوال خدايا،
رحم کپي ۽ ڪرم کپي، شل ڪوجهن تي ڪر ڀال خدايا.


مُناجات حالات حاضرہ (بيت)

يا ﷲ، يا ڪريم، يا صاحب، رب ستار،
ڀري آهون، ڪريان دانھون، پرور پالڻھار،
تہ منھنجي هن ملڪ ۾ اوندھ انڌوڪار،
چورن چوڌاري اچي، ور ڏئي ڪيا وار،
حڪومت هيڻن مٿان، ڪئي جا اهڙي ڪار،
مير وزير، امير سڀ، ڪڌا ٿيا ڪردار
قرض وٺي عوام لئہ، ويا کائي خونخوار،
سڀ وزن اسان مٿان، پيا مڙهين هو مردار،
ڳاٽي ڀڳا ٽئڪس وٺن، ٻيا پڻ وڏا بار،
پوء بہ پوري ڪانھي ڪا، وجهي ويٺا ڄار،
عوام اٽي لپ لئہ، پيو روئي زارو زار،
رکي سکي اڻ مکيل، سا بہ کسي ٿيا خوار،
کنڊ، اٽي، ڳڙ، دال لئہ، ٻاڪارين پيا ٻار،
چئن ڏينھن کان چلھہ ۾، بس اُڏي پئي ڇار،
هيڻا هڏ بکن ڪيا، مٿان ڳجهن جا لامار،
دوا درمل تي نفعو، وٺي وڏو ڪن واپار،
سابہ تہ قيمت اصل جي ۾ نقلي ڏين غدار،
وري روز وڌي پيو، تيل ڪري تڪرار،
گڏھ گاڏا، اٺ وٺي، وڪڻي پوندي ڪار،
هاءِ هاءِ هوش اڏي ويا، ٻڌ آقا هي ٻاڪار،
تہ پورو پاڪستان پيو، نيڻين وهائي نار،
سڪون پيا سُڪون لئہ، رڳو هت آزار،
آھي لاچارن مٿان، ماريء سندي مار،
امت عربي ڄام جي، سگهو لھج سار،
آخري اميد تون ئي، آھين “بيوس” جو آڌار،
ويڙھي ويا ويچار، بس ﷲ تنھنجو آسرو.