2. چُوڻي جي تلاش(جواني ۽ جوڀن، جت جاڙ ڪيم)
مامو واحد بخش، نوڪري وٺائي ڏيڻ ۽ اتي پھچائي اچڻ لاءِ، مون سان گڏجي ھليو. اسان حيدرآباد تائين گڏ آياسين. هيرآباد حيدرآباد ۾، ريجن جي آفيس هئي. ان وقت، سنڌ جون فقط ٻه ريجنون هيون؛ ڪراچي ۽ حيدرآباد. لاڙڪاڻو ضلعو، حيدرآباد ريجن ۾ هو. سکر ڊويزن گھڻو بعد ۾ ٺهي. مون کي ٽنڊي محمد خان جي ڀرسان، پنجابين جو ھڪڙو ڳوٺ ھو، اتان جو آرڊر مليو. پڇا ڳاڇا تي معلوم ٿيو ته اتي اُردو ميڊيم جو پرائمري اسڪول هو. مون کين چيو ته؛ ايڏانهن ڪو نه ويندس. رکڻو اٿوَ ته ڪنهن سنڌي اسڪول واري ڳوٺ ۾ رکو، نه ته ڳوٺ واپس ويندس. اهو پهريون دفعو هو جو مون ڪنهن ڌاري ڪميونٽيءَ لاءِ لڪيل نموني سان نفرت جو اظهار ڪيو هو.
مامو اچي ڦاٿو. نه مان ضد تان پيو لهان، نه آفيسر پيا لهن. آخر ٻي ٽين بجي کان پوءِ، هڪ خدا جي بندي مون کي ۽ مامي کي چيو ته؛ ”ٽنڊي باگي تعلقي ۾ گاڏ ڳوٺ آهي، اوڏانهن وڃو. ماني به ملندس، سکيو به رهندو، پر ڳوٺ حيدرآباد ضلعي جي آخري حدن ۾ هجڻ ڪري گهڻو پري آهي.“ مون يڪدم ها ڪئي ۽ هو جيڪو سپروائيزر هو، پيو جو ھڪدم آرڊر ڪڍرائي، آڻي هٿ ۾ ڏنائين. هيڊماستر لاءِ نياپو به ڏنائين. دير ٿي وڃڻ ڪري رات حيدرآباد ۾ رهي پياسين.
صبح جو سوير، مليل ايڊريس مطابق، ميرپورخاص جي بس پڪڙي، اتان جهڏو گودام جي ڪوچ تي سوار ٿي، اچي جهڏو گودام(1) تي لٿاسين. اتان، مامي مزدور ڀاڙي تي ڪيو، جنھن بسترو ۽ بئگ کڻي، پنڌ ئي پنڌ، اسان جو سونهون بڻجي، اچي گاڏ ڳوٺ ۾، رئيس جي اوطاق تي ڇڏيو. پنڌ ته ڪُل ميل کن جو هو، پر مڙس صفا پگھرجي ويو هو. اوطاق تي پھچي، اوطاق وارن سان تعارف ٿيو. حالي حوالي ٿيڻ بعد، اتي جي سڀني چيو؛ ”جي آيا! ڀلي ڪري آيا“.
اوطاق جا ٻه حصا هئا؛ هڪ عام ۽ ٻيو خاص. گيٽ لوهي؛ پر چوڌاري ڀتيون اوڏڪيون. اوڀر پاسي کان ڪمرا ٺهيل هئا، جيڪي اَنَّ جي ڀانڊن طور ڪتب ايندا هئا. ٻه وڏا مَٽ پاڻيءَ جا ڀريل، دلا ۽ گلاس ڇانوَ ۾ رکيل ھيا. پاسي کان پرڀرو، ڀلي گهوڙي ٻڌل هئي. رئيس جي ملازمن اسان کي پڪي لانڍيءَ ۾ رهايو، جنھن کي اندر ۽ ٻاهر، فرش لڳل هو. اندر کَٽُون ۽ ڪجھ فرنيچر رکيل هو. ڳوٺ ۾ بجلي به هئي. رئيس جي حويليءَ جون T.V جون اينٽينائون ڏيکارجن پيون. جڏهن ته اتر سنڌ ۾ T.V نشريات نه ڏيکاربي هئي. جتي اسان رهياسون، اھا رئيس عبدالڪريم عرف پوڙهي خان جي بيٺڪ هئي.
اسڪول بند هو. رات تائين، سموري ڳوٺ ۾ خبر پکڙجي ويئي ته اتر سنڌ کان هڪ استاد نوڪريءَ لاءِ هلي پهتو آهي. رات سڪون سان گذاري، صبح جو تيار ٿي مامو ۽ مان اسڪول وياسين. ٿورڙي دير ۾ هيڊماستر محمّد عثمان پتافي صاحب به اچي پهتو. هن حال احوال ورتا. مامي آرڊر ڏنس ۽ سپروائيزر جو نياپو به ڏنائينس. هيڊ ماستر صاحب مامي کي دلداري ڏني ته؛ اوهان ڪا ڳڻتي نه ڪجو. هتي اوهان جو ڀاڻيجو سکيو رهندو. جوائننگ رپورٽ لکڻ ۽ مسٽر رول (حاضري واري ڪتاب) تي صحيح ڪرڻ کان پوءِ، مامي واحد بخش جلدي موڪلايو. مون ٻارن سان تعارف ڪرائي، کين پڙهائڻ شروع ڪيو. اسڪول؛ ٻن ڪمرن ۽ ويرانڊي تي مشتمل، ڪچي عمارت هئي. ڪمرا کليل ۽ هوادار هئا. اسڪول، اوطاق جي ڀرسان هو. ڳوٺ جا گهر پري هئا. ڳوٺ جو رستو، اسڪول جي ٻاهرين چوديواري ۽ دروازي وٽان گذريو پئي.
ٻارھين بجي ڌاري موڪل ٿي وئي. مون کي هيڊماستر صاحب ٻڌايو ته؛ ”منجهند جي ماني کائي، وري ۳ بجي کان ۵ بجي تائين، اسڪول ٻيھر هلندو.“ منهنجي لاءِ اهو نئون شيڊول هو. فائدو اهو هو ته سڄو ڏينهن آرام، سڪون ۽ پڙهڻ پڙهائڻ ۾ گذريو. پتافي صاحب وارن جا گاڏ کان ميل کن پنڌ تي، پنهنجي زمينن تي گهرڙا ۽ اوطاق اڏيل ھيا. پاڻ اتي رهندو هو. منجهند جي ماني، گڏجي اسڪول ۾ کائيندا هئاسين. نيرن چانھ سان ڪبي هئي. منجهند جو گوشت جي ڀاڄي، سبزي يا دال وغيره، رات جو به ماني، ڪڏهن ڪڏهن چانور ھوندا ھيا. جڏھن ته چانورن جي ماني بلڪل ڪو نه ھئي. سڄا ساوا مرچ، ڀاڄيءَ ۾ مون اتي کائڻ سکيا. اتر سنڌ ۾، سڄا ۽ جيئرا ساوا مرچ، ان وقت ڀاڄين ۾ استعمال ڪو نه ٿيندا هئا.
صبح جو وهنجڻ جي عادت هجڻ ڪري، وهنجڻ لاءِ واٽر ڪورس تي وڃڻو پوندو هو جيڪو ڀرسان ئي هو. پيئڻ جو پاڻي، اُتان وڃي، هڪ پڪي تَلاءَ ۾ گڏ ٿيندو هو. جتان ڳوٺاڻا، مرد مايون ۽ رئيس جا ملازم، پيئڻ جي لاءِ، مٽن ۽ دلن ۾ ڀري ايندا هئا. پاڻي آٺريل هوندو هو. وري به ڦٽڪيءَ سان صاف ڪبو هو. زندگيءَ جي نواڻ جو، جلدي عادي ٿي ويس. مان جتي رهندو هيس اها رئيس عبدالڪريم خاصخيليءَ جي اوطاق هئي. ڳوٺ جي ٻئي طرف، رئيس مبارڪ علي خان جو بهترين بنگلو هو. پڳ به رئيس تي هئي. ٻنهي رئيسن جا لطيف آباد حيدرآباد ۾ پڻ بنگلا هئا. تنھن ھوندي به ٽي رئيساڻا ٻار، اسان جي اسڪول ۾ پڙهندا هئا.
هفتي هفتي ڳوٺ خط لکندو هيس. ضرورت جي شين لاءِ آچر تي جهڏي گودام ويندو هيس. ڪپڙن جي ڌلائي وغيره جي بھاني گهمڻ ڦرڻ ۽ تفريح ٿي ويندي ھئي. ور نه اھو اسڪول ۽ مسجد ۾ نماز، يا ڪو ڪتاب پڙھندو ھيس. نمن جي جهلي هيٺان، خاموشيءَ سان ڳوٺاڻن جي ڪچهري ويٺو ٻڌندو هيس. ڪو اتر سنڌ بابت پڇندو هو ته مختصر جواب ڏئي، هنن جي ڪچهريءَ جو ويٺو مزو وٺندو هوس. سادگي، سچائي، هر ڪو هڻ هڻان ۾ پورو. ٻه هفتا ائين گذري ويا جو خبر ئي ڪو نه پئي.
پهرين جُون تي جوائن ڪيو ۽ ۱۵ جون کان ٻه مهينا وئڪيشن شروع ٿي. گهر ڳوٺ مسوديري ۾ آيس، ته ويڙهو ئي عجيب پئي لڳو. سڀني ڏسي چيو ته؛ خوش آهي، لٿو ٻٿو نه آهي. کين منهنجي لاءِ جيڪو اونو هو، سو مون کي خوش ڏسي، لهي وين ۽ پاڻ به مسرور ٿي ويا.
ڪجھ ڏينهن کان پوءِ، سائين محمد عثمان هيڊ ماستر جو ليٽر پهتو ته؛ اوهان کي قرآن شريف جي ٽريننگ تي چونڊيو اٿن سو تعلقي هيڊڪوارٽر ٽنڊي باگي ۾ پهرين جولاءِ تي پهچو. تياري ڪري حيدرآباد کان ماتلي، تلھار کان ٿيندا ٽنڊي باگي پهتاسين. عجيب خوشي پئي ٿي. ماتليءَ جا ڪيلا، زمينون، پوکون، مسڪين مارو ماڻهو، ڳالهائڻ جو نرم لهجو. ڄڻ ته مان اجنبي هجان ۽ ڪتابن ۾ لکيل سنڌ کي سالم هوش حواسن سان ڏسي رهيو هجان. ٽنڊي باگي پهچڻ سان عجيب شيءِ تي نظر پئي. انور علي مڱرئي کي اشارو ڪري چيم ته؛ ”هو ڏس! ھڪ ھمراھ، ٻن ٽائرن واري گاڏي تي، پاڻيءَ جو ڊرم ڍوئي رهيو آھي.“ هن کلي چيو؛ ”اڃا گهڻو ڪجھ ڏسڻو آهي. لڳي ٿو پاڻيءَ جي کوٽ آهي. جَرُ مٺو نه آهي. واهن وارو ڇُڙيو پاڻي؛ پيئڻ، وھنجڻ، رَڌ پچاءَ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو.“
ڳوٺ (مسوديرو) جو الله وسايو خان مهر، ٽنڊي باگي جو مختيارڪار هو. بابا چيو هو ته؛ ان سان وڃي ملجو. مهر صاحب کي ڳولي لڌوسين. ڏاڍي قرب سان مليو. انور علي مڱريو، مان ۽ ٽيون به دوست هو. رات جو صاف سٿرا هنڌ ۽ سٺي ماني ملي. صبوح جو نيرن ڪري، موڪلائي اسڪول آياسين. مهر صاحب ٻڌايو ته؛ ”هتي اتر سنڌ وارا ڦڏا، جهيڙا ۽ چوريون وغيره ڪو نه آهن. پوليس ۽ روينيو کاتي وارا واندا ويٺا ڊيوٽي ڪندا آهيون. ڪڏهن ڪو فوتي کاتو مٽائڻو ٿيو ته خير، نه ته ويٺا الله الله ڪريون.“ رات جو ڪافي دير تائين ڪچهري ڪيائين. قائدِ اعظم محمّد علي جناحؒ جي ذهانت بابت به پنهنجا ويچار ونڊيائين.
ويھ ٽيھ استاد اچي پهتا ۽ قرآن شريف جي ٽريننگ شروع ٿي. سڀ قرآن شريف پڙهيل هئاسين، پوءِ به توجھ سان ٽريننگ پوري ڪئيسين. رات جو اسڪول ۾ رهندا هئاسين ۽ ماني هوٽل تي کائيندا هئاسين. واپسيءَ تي ٽنڊو محمّد خان گهمي ڏٺوسين. ٽريننگ جا پئسا به مليا هئا. حيدرآباد مان ٿيندا، ريل ڪار ذريعي لاڙڪاڻي مان نئون ديرو ۽ مسوديري پهتس. ننڍو ڀاءُ مشتاق علي نئين ديري ۾ رهندو هو.
وئڪيشن پوري ڪري، اسڪول پهتس. ان وقت ڏيڍ سؤ روپيا مهيني جي پگهار هئي. اچڻ وڃڻ ۽ کائڻ کپائڻ مان جيڪي بچندو هو، انهن پئسن مان حيدرآباد مان ڪجھ گهر لاءِ خريداري به ڪبي هئي.
سنڌ ۾ ان وقت يارھن ضلعا هوندا ھيا: ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد، ٿرپارڪر، سانگهڙ، نوابشاھ، خيرپور ميرس، سکر، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ دادو. دادو ٻين ضلعن کان ايراضيءَ جي لحاظ کان وڏو ضلعو هو. ٿرپارڪر جو هيڊڪوارٽر ميرپور خاص هو.
وئڪيشن کان پوءِ، مسٽر الاهي بخش تنيو، جيڪو خيرپور ميرس ضلعي جو ھو، ٻئي اسڪول مان بدلي ٿي آيو. هو گهٽ ڳالهائڻ وارو، قداور ۽ صحتمند هو. رئيس علي، جمعو شيدي (ملازم) ۽ غلام علي پاڻي ڀرڻ وارو هڪ ٻه ٻيا مستقل اوطاق تي هوندا هئا. مسافرن لاءِ ماني ۽ هنڌ کٽولو ملندا هئا. رئيس عبدالڪريم خان ڪڏهن حيدرآباد، ته ڪڏهن ٽنڊو محمّد خان رهندو هو. ڳوٺ ۾ هوندو هو ته سانجهيءَ ڌاري موالي اچي گڏ ٿيندا هئا. ڀنگ ۽ چرس جا ڦل. رات جو ۱۱-۱۲ بجي تائين هنن جي محفل هلندي هئي. اسان ڪڏهن ان محفل ۾ ويهندا هئاسين، ته ڪڏهن سوير ماني کائي سمھبو ھيو. يا پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا هئاسين.
رئيس، جنهن کي سڀ رئيس پوڙهو خان سڏيندا هئا، سو پڙهيل لکيل ماڻھو ھو. عمر جي حساب سان ۴۰ کان مٿي جو ھو. ڀُٽي صاحب جو شيدائي هو. منهنجي طبيعت ۽ لاڙي کي ڏسي جمعي ملازم کي چيائين ته منهنجا ڪتاب ماستر کي آڻي ڏيندو ڪر. ”آخري چٽان“، ”اور تلوار ٽوٽ گئي“، وغيره نسيم حجازيءَ جا ناول، مون اتي پڙهيا. منهنجي پڙهڻ جي رفتار ڏسي، رئيس چيو ته؛ جيڪي ڪتاب وڻئي گهراءِ، پئسا مان ڀريندس. ڪتاب مان پڙهان ۽ پئسا رئيس ڀري، اهو مناسب ته نه لڳو، پر ھن جي فراخدلي ۽ علم دوستي سدا ياد رھندي.
رئيس کي جيپ هوندي هئي. روزانو شيوِ ڪرائڻ لاءِ جهڏي ويندو هو. هڪ ڏينهن هڙتال هئي، شهر بند هو. ملازم جمعو مون وٽ آيو. چيائين ته؛ رئيس شيو ڪندو، سامان ڏيو. هن کي مون ڪٻٽ جي چاٻي ڏني. رات جو کِلي رئيس پڇيو؛ ”تنهنجي شيو جو سامان بهترين آهي. لٽا ڪپڙا به سٺا ٿو پائين. مون کي سمجھ ۾ نه ٿو اچي، ڏيڍ سؤ روپين لاءِ اتر مان هتي اچي نوڪري ڪرڻ جو ڪھڙو سبب آھي؟“ مون کيس ڏاڍي اعتماد سان ٻڌايو ته؛ ”غريب ۽ شريف خاندان آهي. مون کان پگهار ڪو نه وٺندا آهن، پر ڪجھ نه ڪجھ روڪ پئسا به ڏيندا آهن. ٻيو هتان جو سُک ۽ پنهنجائپ ڏسي، پرديس نه ٿو لڳي.“ ٻيون به ڪجھ ڳالهيون چئي ويس، جنهن جو مطلب اهو هو ته؛ سنڌ سڄي اسان جي آهي. ڌاڙيلن جي يلگار کي روڪڻو آهي. گهر ڇڏڻا پوندا. ڏاڍو مهذب ۽ سنجيده رئيس هو. هڪ دفعي شراب جون بوتلون مون کي ڏيندي چيائين؛ ”ڪڏهن ڪڏهن مهمان اوچتو ٿا اچن، تنهنڪري تو وٽ ٿو رکان. دل چوئي ته ڀل پيئجانءِ! پر نه پيئندين ته بهتر آ. ڏاڍي خراب شيءِ آهي. هاڻي ته آ انهن مان جند نٿو ڇڏائي سگهان.“
اتر سنڌ جي ڀوتار ۽ لاڙ سنڌ جي رئيس ۾، زمين آسمان جو فرق ڏٺم. رئيس کي، مان پاڻ پنھنجي گنھگار اکين سان، سائلن کي اَنُ ۽ اٽو نٽهڻ اس ۾ ڏيندي ڏٺم. جمعو شيدي ٻڌائيندو هو ته؛ ڪافي ايڪڙ زمين جي اپت، فقيرن ۽ مهمانن لاءِ وقف ٿيل آهي. اها ضرور خيرات ڪندا آهن. لکن جون ڦٽيون ان وقت رئيس جون ٿينديون هيون. ڪڻڪ، ڪمند ۽ مرچ وغيره تنھن کان جدا ٿيندا ھيا.
ضلعي خيرپور ميرس واري الاهي بخش تنيي جي اچڻ ڪري، رهڻ ۽ جهڏي اچڻ وڃڻ مان وڌيڪ لطف حاصل ڪري رهيو هيس. جهڏي ۾ راحب علي قاضي به پڙهائيندو هو. هو به نئين ديري جو ھو ۽ منھنجو دوست ھو. پاڻ ۾ ٽي چار دوست، سنگت ڪري رهندا هئا. هڪ ٻه دفعو مون وٽ گاڏ به آيو ۽ رات به رهيو. اتر سنڌ جا تمام گهڻا استاد، لاڙ سنڌ ۾ نوڪري ڪري رهيا هياسين. مان پرائيويٽ B.A جي به تياري ڪندو ھيس. ڪاپي ڪلچر جي شروعات ٿي رهي هئي.
پرائمري امتحان پورا ٿيا هئا. شاگردن وٽ ڪورس جا ڪتاب ڪو نه هئا. هيڊ ماستر کي چيم ته؛ ڪتاب ڪو نه آهن. هُن جمعي کي گهرائي، ڪتابن لاءِ چيو. تنھن ٻڌايو؛ ”جهڏي ۾ ڪتاب نه ملندا.“ مان نئون ڪوٽ لاءِ تيار ٿيس ته ڪتاب به وٺي ايندس ۽ ”نئون ڪوٽ“ به گهمي ايندس. نئين ڪوٽ جي شھر کي، عمرڪوٽ جي شھر وانگر، ٿر جو دروازو (Gate of the Thar) پڻ چوندا آهن. ان سان گڏ نئون ڪوٽ جو قلعو گهمڻ جو به شوق ھو.
ٻئي ڏينهن تي جهڏي مان ننڍڙي پٽڙيءَ تي هلندڙ ريل گاڏيءَ تي چڙهي، نئون ڪوٽ پهتس. جهولو پئي لڳو. واري پئي اڏامي. نئون ڪوٽ، شهر نه، پر ڳوٺ لڳو. ڪجھ ڪتاب مليا ۽ ڪجھ نه مليا. سامهون نئون ڪوٽ جو پڪو قلعو ڏسڻ ۾ پئي آيو. ڪِرائي تي سائيڪل کڻي، مون اوڏانهن وڃڻ پئي چاھيو. سائيڪلن واري دوڪاندار، مون کي منع ڪرڻ جي انداز ۾ چيو ته؛ ”اوڏانهن وڃي ڇا ڪندا؟ اتي ته سُڃَ آهي، ٻيو ڪافي تعداد ۾ چمڙا آهن.“ مون بي پرواھ ٿي کيس چيو ته؛ ”چمڙا مون کي ڇا ڪندا؟ ڪجھ پرڀرو وڃي سوچيم ته پرديس ۾ تقدير بڇڙو ته ڪو نه ٿي ڪرائي. نٽهڻ اس هئي. هڪ همراه گڏ هو، ان کان قلعي جو حال احوال پڇيم. تنھن به اوڏانھن وڃڻ کان روڪيو ته؛ ”اڪيلا نه وڃو.“ قلعي کي حيرتن مان ڏسندو واپس آيس. سائيڪلن واري ڪِرايو به نه ورتو. ڪارڊ واپس ڪيائين، جيڪو ضمانت ۾ رکيو ھيائين. مون مايوس ٿي سوچيو؛ حڪمرانن جي روش اسان جي تاريخ ڏانھن چڱي نيت واري ناھي.
سائيڪل واپس ڪري اچي اسٽيشن تي ويٺس، جنهن ريل تي چڙهي آيو هيس، اها موٽڻي هئي. ان تي چڙهي واپس جهڏي ۽ ڳوٺ اوطاق تي پهتس.
ننڍي پٽڙيءَ واري ريل گاڏي، حيدرآباد کان ميرپورخاص ۽ کوکرا پار تائين ويندي هئي. حيدرآباد-ماتلي ۽ بدين تائين به ننڍي گيج واري گاڏي هلندي هئي. ان تي به بعد ۾ شوقيه سفر ڪري ڏٺو هو. گھڻي رلڻ ۾ مزو ايندو ھو. اڪيلو نڪري پوندو ھيس. ڦٽل دڙا، پراڻا آثار، پراڻيون ۽ ويران جايون ۽ ماڳ وڻڻ لڳا ھيا. ڇو؟ ان ڇو جو جواب مون وٽ اڄ به ناھي!
وقت کي پَرَ آهن، جن سان مسلسل اڏام جاري رکندو اچي. هتي چاليهن سالن تي ڦهليل يادون آهن، جن کي اوهان تائين پهچائي رهيو آهيان. سماج جي هڪ ذميواري يا ٻوجھ آهي، جيڪو لکڻ سان، پاڻ کي آجو ۽ هلڪو ڪرڻ چاهيان ٿو.
ڊسمبر ۱۹۷۱ع واري ڀارت ۽ پاڪستان جي جنگ شروع ٿي. ٿر کان انڊيا جي بارڊر وارا ٺڪاءَ، ٺريل رات جي خاموشيءَ ۾ چٽا ٻڌبا هئا. بليڪ آئوٽ، انڊين جهازن جي بمباري، مسلسل خطرو. ولي محمّد ملاح، چوٿين ڪلاس جو شاگرد، هڪ ڏينهن گن-شپ هيليڪاپٽر جي، هٿ جيڏي گولِي کڻي آيو. ان کي ڏسي مان حيرت ۽ سوچ ۾ پئجي ويس. هيڊماستر ۽ رئيس کان موڪلائي سامان کڻي، ڳوٺ لاءِ نڪري پيس. هِت هُتِ سائرن جا آواز، وڏو خوف ۽ ھراس، حيدرآباد پهچي ڏٺم. ڪوٽڙيءَ پهچندي رات ٿي ويئي. اسٽيشن اوندھ ۾ ٻڏل، بار بار سائرن جو آواز. ڏاڍي انتظار ۽ اوسيئڙي کان پوءِ، ڪراچيءَ کان ٽرين آئي. ٽڪيٽ هئي پر روشني نه هئڻ ڪري جاءِ نه ملي. آخر هڪ سپاهيءَ کي ايلاز ڪيم پر ڪجھ ڪو نه وريو. پنج روپيا ٻئي سپاهيءَ کي ڏنم، هن وٺي اهڙي گاڏي ۾ چاڙهيو جتي رڳو هيٺ ويهڻ جي جاءِ هئي. چوڌاري زائفون، ٻار ۽ مرد. هڪ ٻن زائفن تيز ۽ تند لفظ ڪڍيا. ريل هلڻ شروع ڪيو. هڪ ٻن ڪراڙين وچ ۾ پئي عزت بچائي ته امڙ ڇڏيو سڀ ٻچن وارا آهيون، هاڻي هتان ڪيئن لهندو. آهستي آهستي ريل اسپيڊ ورتي پر منهنجي اندر ۾ اوڙاھ. موت جو خوف ختم ٿي ويو پر عزت جو احساس ٿي رهيو هو ته مان زائفن جي هٿان خوار پيو ٿيان. لاڙڪاڻي تائين وقت ڪيئن ڪٽبو. ياد پيو: ”زائفاڻي مار؛ نه خبر، نه چار!“ آهستي آهستي، ماحول ٿڌو ٿيندو ويو. چڱو جو اوندھ هئي. ڪو ڪنهن جا تاثرات ڏسي ڪو نه رهيو هو. ضرورت وقت ڪجھ نه ڪجھ پيٽ ۾ وجهي. اڌ ننڊ ۽ اڌ سجاڳ ۾ اچي لاڙڪاڻي پهتاسين. دادوءَ کان پوءِ، رش گهٽي هئي. نئون ديرو اسٽيشن تي لهي، گهر اچي ڀاءُ سان ملي آرام ڪيم. شام ڌاري ڳوٺ مسوديرو پهتس. سڀني چيو ته؛ چڱو ٿيو جو هليو آئين. رزق، رازق جي هٿ ۾ آهي.
ڪجھ ڏينهن کان پوءِ، سائين محمّد عثمان جو خط پهتو ته ڳوٺ جي ڀر واري سينٽر تي پوليس وٽ انٽري ڪرائي ڇڏ. مان آفيس وارن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي. اسان ٽنڊي باگي ۾ پوليس وٽ ٽريننگ ڪريون ٿا. مان رتوديرو وڃي، پنهنجو نالو داخل ڪرايو. اسڪول ۾ روزانو حاضري ته ٿيندي هئي ۽ P.T به ڪندا هئاسين. بنگلاديش آزاد ٿيو. جنگ بند ٿي. اسڪول کليا. پي ٽي P.T ٽريننگ وارو ليٽر وٺي، اچي هيڊماستر کي ڏنم. ائين وري نوڪريءَ جي شروعات ٿي. رتيديري ۾ پوليس جيڪا ٽريننگ ڪرائي، مان هميشه ان کي اڌ ڪلاڪ روزانو جاري رکندو آيس. ان مان فائدو اهو ٿيو ته مان نه گهڻو بيمار ٿيندو هيس ۽ نه وري جسم جو وزن وڌندو هو. اها فٽنيس ۴۰-۴۵ سالن جي عمر تائين برقرار رهي، بعد ۾ ان کي ڇڏي ڏنم ۽ جسم ٿلهو ٿيڻ شروع ٿيو. اسڪول پهتس ته هيٺيان احوال مليا:
1. جنگ دوران، ٿر جي هندو استادن کي، لاڙ ۽ بئراج واري اسڪولن ڏانهن بدلي ڪيو ويو. لاڙ ۾ ڪم ڪندڙ، اتر وارن استادن کي ٿر ۾ بدلي ڪيو ويو.
2. ڪن استادن کي P.T ٽريننگ ڪرائي ويئي ته جيڪڏهن جنگ وڌيڪ ڏينهن هلي ته رضاڪار طور، کانئن ڪم وٺي سگهجي.
3. رات ۽ ڏينهن جو استادن کان پُلين ۽ اهم مرڪزن تي چوڪي ڏياري وئي ته جيئن اُتي انڊيا جا ڇاپامار فوجي نه لهن. جي لهن ته اهڙي خبر ڀر واري ٿاڻي تائين پهچڻ گهرجي.
4. اسد الله ڪلهوڙو ۽ منظور علي جوڻيجو ان اٿل پٿل دوران، ٽنڊي محمّد خان کان گڏ بدلي ٿي آيا. ٻئي وارھ تعلقي جا هئا. وارھ تعلقو ان وقت لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ھو ۽ ھاڻي قنبر-شھدادڪوٽ ضلعي منجھ آھي.
هي منهنجين خوشين ۽ ڏکن جو داستان نه آهي. مان سنڌ جي تباھ ٿيل معاشري جو ڪيڏارو ٿو لکان. ڪنهن کي وڻي ٿو يا نه ٿو وڻي، منهنجي ان سان غرض نه آهي. جيڪڏهن ڪنهن سنڌ سان عقيدت رکڻ واري لاءِ ٻه لفظ يا ٻه جملا ڪم جا لکجي ويا ته اهو ئي منهنجو اجُورو آهي. ماڻهن جي ساراھ ڪيتري ڪجي، الله ﷻ کي ٻاڏائڻ، سنڌ جي سونهن ۽ سک لاءِ سوچڻ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي عبادت آهي! اسان سنڌين ڇا ڇا وڃايو آهي، هيءَ ڪٿا، ان لاءِ ثبوت طور لکان ٿو.
سڄيءَ سنڌ ۾ ۱۹۷۰ع تائين تعليم کاتي جو هي حال هو ته هڪ اسڪول پري پري هئا، استاد ٿورا هئا ۽ بجيٽ ٿوري هوندي هئي. استاد ميرٽ تي ڀرتي ٿيندا هئا. بي ايس سي ڪندڙن جي رزلٽ به نه ايندي هئي ته کين سائنس ٽيچر (اسڪيل ۱۴) طور ڀرتي ڪندا هئا. بعد ۾ کين پگهار سان P.T جي ٽريننگ ڪرائي پوءِ ۱۵هون اسڪيل ڏيندا ھيا. اهڙيءَ طرح انٽر پاس کي جونيئر ٽيچر (اسڪيل ۹) ۾ ڀرتي ڪندا هئا. انهن کي ٽريننگ ڪرائي ۱۲ هين اسڪيل ۾ ڪنفرم ڪندا هئا. جڏهن کين ٽريننگ تي موڪليندا ھيا ته سندن خالي پيل جاين تي عارضي استاد رکندا هئا. جڏهن ٽريننگ ورتل استاد واپس ايندا ھيا ته سندن جاين تي رکيل استادن کي گهر موڪليو ويندو هو. اهڙي عمل کي استادن جي رڊڪشن چيو ويندو هو.
جنرل يحيٰ خان جي دؤر ۾، ڪئپٽن عثمان علي عيساڻي سيڪريٽري تعليم مقرر ٿيو. ان وقت گورنمينٽ، سيڪريٽري هوندا هئا. پاليسي ميڪرس اهي هئا. عيساڻي صاحب جي دور ۱۹۷۰ع ۾، پاليسي جڙي ته مئٽرڪ فرسٽ ۽ سيڪنڊ ڪلاس پاس ڪندڙ کي S.V سال ٽريننگ ڪرايو. ٿرڊ ڪلاس وارن کي P.T.C ٻه سال ڪرايو. سڄي سنڌ ۾ هزارين نوجوانن ان مان فائدو ورتو. لاڙ ۽ جيڪب آباد، تعليم ۾ پٺتي ھيا. اتي اسان وڃي اسڪول آباد ڪيا ۽ تعليم کي عام ڪرڻ ۾ محنت ڪئي. ٺٽو، بدين ۽ ٿر تائين، اتر سنڌ جي هزارين استادن تعليم ڏني. جمھوريت جي دؤر ۾، ميرٽ ڳولھئي به نه ٿي لڀي. اسان چار ڄڻا اتر سنڌ جا ٿي پياسين. چهچٽا وڌي ويا. اسد الله ۽ منظور علي، ٻئي شادي شده هئا، جنهنڪري کين گهر وڃڻ جي رعايت گهڻي ڏيندا هئاسين. باقي اسان جهڙا ڇڙاڇاند ۽ واندا؛ جھڙا گاڏ ۾، تهڙا گهر ۾.
آهستي آهستي الاهي بخش ڳالهائڻ شروع ڪيو هو. چرچن ۽ ذومعنيٰ گفتن ڪڍڻ ۾ ڏاڍو تيز هو. اسد الله سان گهڻي لڳندي هئس. منظور عليءَ جي نيچر اسان کان مختلف هئي. هو رئيس وارن جو پير-ڀائي يعني لنواري واري بزرگ جو مريد ھو.
اسڪول جي ڀرسان رئيسن جو ۸-۱۰ ايڪڙن تي مشتمل انبن جو باغ هو. شام ڌاري، ان باغ جو سير ائين ڪندا هئاسين، ڄڻ اهو سڀ ڪجھ اسان جو هو. باغائي وغيره ڪجھ ڪو نه چوندا هئا. مان داغيل انبڙيون، مٺيون هجڻ ڪري کائيندو هئس. باقي کٽيون انبڙيون نه کائي سگهندو هوس، جو ڏند کٽا ٿي پوندا هئا. آهستي آهستي، پڪيون انبڙيون، جن کي ٽپڪي جا انب چوندا آھن، سي اسد الله، پٿر هڻي ڪيرائيندو هو. ڪمند، ڪڻڪ، مرچ ۽ ٻيو سڀ فصل ٿيندو ھو. صرف ساريون نه ٿينديون هيون. زمينون ڀليون هيون. حيدرآباد کان ميرپورخاص روڊ جي ٻنهي پاسن کان گھاٽن وڻن جون قطارون، ڪيلن ۽ انبن جا باغ ھوندا ھيا. تن ڏينھن ۾ روڊ جي نوع واري حساب سان ميرپورخاص کان ڊگھڙي، ٽندو جان محمّد ۽ جُهڏي تائين، پنجن ڪلاڪن جو سفر هو. ٻئي طرف حيدرآباد-ٽنڊو جان محمّد- ماتلي ۽ ٽنڊو غلام علي وارو روڊ ڊگھڙيءَ ايندو هو. اهو خراب روڊ هو. ٽائيم به اوترو لڳي ويندو هو. مون کي سفر ڪندي لطف ايندو هو، اصل ٿڪبو ئي نه هئس. ڄڻ سنڌ منهنجي جنت آهي ۽ مان ان جو روح. ڇا ته ڏينهن هئا. نه غم نه فڪر، نه عاشقي نه معشوقي. صرف ٽھڪ ئي ٽهڪ، سڪون ئي سڪون. جواني ته نه هئي، ڄڻ هڪ بهار هئي جنهن تي خزان اچڻي ئي نه هئي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته اک ڇنب ۾ وَهي وهي وئي ۽ پاڻ کوکلا ٿي ويا آهيون. گوريون ۽ ٽڪيون، کيسن ۾ آهن. صبح، شام ۽ رات کاوان ٿو تڏهن ته هي جملا لکڻ جهڙو ٿيان ٿو. شڪر آ! مالڪ ٻاجھ ڪندو! آخرت به موچاري ڪندو.
هڪ رات ڪچهريءَ دوران ڳالهين ڳالهين ۾ رئيس چيو ته؛ ”برساتون اچن ته ٿر هلنداسون. هرڻ جو شڪار وغيره ڪبو.“ ٿر بابت هِتان هُتان معلومات وٺڻ شروع ڪيم. مون کي ٿر لاءِ اتساھ وڌندو رهيو. مون لاءِ ٿر، پاڪ پوتر، پراسرار ۽ اهڙو سادو سودو لڳو جهڙو منهنجو مَن، جھڙيون منھنجيون سوچون ۽ جھڙو منھنجو ڪنوارو روح! زندگي صاف سٿري گذري رهي هئي. گناھ ۽ ثواب جي، ظالم ۽ مظلوم جي، حق ۽ ناحق جي ڪا خبر ڪو نه هئي. اياز جي شعر وانگر؛ جھڙ نيڻئون نه لھي. جمعي ٻڌايو ته رئيس سمن سرڪار جي ميلي تي هلڻ جي تيارين لاءِ چيو آهي. رات رئيس مون کي به هلڻ لاءِ چيو. ميلي جي شروع ٿيڻ کان اڳ، اتي هاري ۽ سامان ڏياري موڪليائين. صبح جو جيپ تي سمن سرڪار لاءِ نڪتاسين. جهڏي کان پنگريو جي سڙڪ هئي. پنگريو کان روڊ ٽنڊو باگي ڏي نڪتو. رستي تي چانھ پيتي. ان وقت رواج هو ته چانھ جي ڪوپ ۾ ٿوري چانھ مٿان وجهبي هئي جيڪا چانھ جي مٿان تري بيھندي ھئي ۽ نگاھ وجھڻ سان نظر ايندي هئي. چانھ جو ذائقو، سٺو هو. سمن سرڪار جي ايوان ۾ پهتاسين ته جهنگ ۾ رنگ نظر آيو. اڇو قبو، بازارون، رهائشي ڇنا يا پکڙا يا مَنَھَ يا لانڍ. مزو اچي ويو. هر وڏيري ۽ رئيس جو پنهنجو ڇنو هو. جيئن اسان وٽ چِخان ٺاهبيون آهن. اهڙين چخن ۾، جيڪي ڪانن جون ٻَڌل نه پر فولڊنگ آهن. ڪمرا، ويرانڊا ۽ پناھ لاءِ چخان ڏنل. ٻاهران بورچيخانو؛ جنھن ۾ ملازم، سامان ۽ بورچي. مان زندگيءَ ۾ ڪڏهن اهڙو چهچٽو ڪو نه ڏٺو هو. بابا مرحوم جي چوڻ تي رئيس کي زريءَ جو ٽوپ ڏنو هو. رئيس کان ماڻهو پڇي رهيا هئا ته هيءَ ڪٿان جي سوکڙي آهي. هو هُنن کي جواب پيو ڏئي ته اتر سنڌ جو آ. منجهند جي ماني کاڌي. شام کان رات جي تياري شروع ٿي. رئيس جا مهمان اچي پهتا. جمعي، مون کي ڪنڊائتو وٺي چيو ته؛ ”رات وڏو راڳ رنگ آهي. دارون به هلندو. اگر شوق اٿئي ته رئيس سان ويھجانءِ نه ته پاڻ بچائجانءِ. پوءِ جي ميار نه ڏجانءِ ته اڳ ۾ ڇو نه ٻڌايئي.“ مان سڀڪجھ سمجهي، مرڪي پيس ته اڄ پنهنجو امتحان آهي. مولا بچائيندو.
سال ۱۹۷۰ع ۾ سيوهڻ جو ميلو گهميو ھيو. سيوهڻ جي هر گهٽيءَ ۾ لوٽي وارين جا اردو غزل ۽ گانا، ڊانسون ۽ جهمريون، ناٽ ۽ ادائون وغيره ماضيءَ جا تروار اکين ۾ اوتجي آيا. سيوهڻ جي اوطاقن، ڪافين ۽ ڪوٺين مان گهنگهرن جا آواز ته ٻڌا هئا، پر هنن جون مخصوص محفلون ڪو نه ڏٺيون هيون. هتي جي هر شيءِ کليل هئي، سواءِ سنجوڳ جي.
ڪارو ڪوجهو، پوڙهو، گنجو، جوان ۽ ڪراڙو؛ ھر هڪ کي دل هٿن ۾ هئي. هر پاسي، موسيقي، ڇمڪا، ٺمڪا ۽ شاعري. مان حيران، پريشان هل هلان، روشنيون ۽ اندر جون چلولايون، ماٺيون ئي ڪو نه پيون ٿين. گهمڻ ۽ هلڻ مان نه ٿڪجان پيو ۽ نه ڍَاپجان پيو. روضي کان ٿورو پرڀرو رستي تي کليل شراب جون بوتلون، وڏيرن ۽ رئيسن جي آڏو نوٽن جا بنڊل. گوشت پوست جون ٺهيل پَريون ائين ناچ ڪري رهيون هيون، ڄڻ هنن جي جسم ۾ هڏ ھيو ئي ڪو نه. گهنگهرو، باجو، ڌُڪڙ، ناچ ۽ آواز؛ ڪائنات جو سُر بڻجي چُڪا هُئا. اهڙي نشيلي ماحول ۾ مون ڏٺو ته ھڪڙو ھمراھ نشي ۾ ڌُتُ، دَفلي کڻي ڳائڻ ۽ نچڻ لڳو: ”نه ڪوئي بنده رها، نه ڪوئي بنده نواز.“ خبر پئي ته هو رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي، ماتليءَ وارو آهي. ڪنهن رئيس، نچندڙ نانگڻ کي سڏي، نوٽ ڏيندي، هُن کي چيو ته؛ ”نوٽ ھن جي ڳل تي رکان ٿو، نوٽ کڻڻ سان گڏ، هِن جي مُڇ جو وار به پَٽ ته ٻه نوٽ ٻيا به ڏيانءِ.“ ٻئي رئيس جي هاءِ گهوڙا ته؛ ”اڙي نشا نه ٽوڙ، مَزو نه وڃاءِ، منهنجي مُڇ نه پَٽاءِ.“ ائين ٽهڪڙا ۽ ھوڪريا ھيا. ان رات ڳڻڻ کان مٿي ڳائڻيون هيون، هزارين، لکين روپيا هڪ رات ۾ لٽيا هوندائون. اشارن ۾، اکين سان نظارن کي ڏسندي، روح کي سيراب ڪندي، جسم کي بچائيندي، ٻئي طرف هليو ويس. ڏٺم ته سُرندي وارا سرندو پيا وڄائين، چنگ وارا چنگ پيا وڄائين. مطلب ته سڀ لاڙ جا سازندا اچي هڪ هنڌ گڏ ٿيا هئا. ڪٿي دودي چنيسر جا قصا ته ڪٿي عمر مارئيءَ جو داستان. هر هنڌ ماڻهن جا ھجوم، ڊنب ۽ انبوھ. رات جو ۱۲ بجي ڌاري بک جو احساس ٿيو. جمعي وٽ اچي ماني کاڌم. جمعي چيو ته؛ رئيس اوهان جو پڇيو. مون کيس چيو ته؛ مزار تي دُعا گهرڻ ويو آهي. اندر ڇٽيءَ ۾ راڳ هلي رهيو هو. ٿڪجي پيو هيس. ڏاڍي خوبصورت پنجاپڻ، درديلي آواز ۽ ادائن سان ڳائي رهي هئي ”حسن ڪي بازار ۾.“ وڌيڪ پڙهو آغا شورش ڪاشميريءَ جو ڪتاب، جيڪو ايوب خان دور ۾ لکيو ويو ھو ۽ بندش هيٺ آيو ھو. ان مان اوهان کي خبر پوندي ته لاهوري نچڻيون سنڌ جي ميلن مان ايترو ڪمائينديون ھيون جن مان سال جو سال ان ڪمائيءَ مان گذارو ڪنديون هيون. ”توني جو زخم لگايا وه سي ليا.“ وٺجي ويس. توڙي جو خبر به نه هئي ته زخم، ڇا ٿيندو آهي ۽ ان جو سبجڻ ڇا ٿيندو آهي. اي دولت! هن ڌرتيءَ جي نظام کي تو درهم برهم ڪيو آهي. معصوميت کي ماري، وحشانيت کي هٿي ڏني آهي. تنهن هوندي به ڪير شريف ۽ انسان رهندو؟ اڄ نه ته صبحاڻي، ماءُ جي پيٽان کڻي ايندڙ روحانيت ۽ انسانيت، تو آڏو هارائي ويندي. ان وقت منهنجو وجود گناهن جي نديءَ ڪناري، ٻڏڻ لاءِ آتو ھوندو، پر ڪا دعا ڪا سوجھ ٻوجھ بچائيندي پئي اچي. پر ڪيستائين؟ ائين رهي گهڻا بچيا آهن؟ اڪثريت جو ڪهڙو حال آهي؟
باقي رات جو ٿوري ننڊ ڪري، صبح جو تڙ ڪري، ڪپڙا بدلائي، رئيس سان گڏجي نيرن ڪئي ۽ چانھ پيتي. رئيس سان ميلي گهمڻ ۽ راڳ رنگ جا حال احوال ٿيا. اهڙيءَ طرح ڏينهن ۽ ٻي رات به گذري وئي.
ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ، جانورن جي منڊيءَ طور، ميلو متل رهيو. ان کان پوءِ عورتن جي خريداريءَ وارو ميلو شروع ٿيو. هي واحد ميلو هو جيڪو سنڌ ۾ هفتو کن هلندو هو.
گاڏ جا پڪل پيرون، کائڻ شروع ڪيا. زبان ۽ وات ٻهارجي پوندو هو. ٻاجھر جي ماني، جيڪا کائڻ ۾ ٿوري مٺي ٿئي ٿي، سا کائي ڏٺي، پر مزو ڪو نه آيو. شهر ۾ ڪئين مور ۽ ڊيلون هونديون هيون. مور اڏامندا رهندا هئا، جن جي آواز تي مون کان سيسراٽ ۽ ڇرڪَ نڪري ويندا هئا. مور جي ڪوڪ جو آواز ڏاڍو خوفناڪ آهي. سنگت موڪل تي هوندي هئي ته اڪيلو جهنگ ۾ هليو ويندو هيس. چوڌاري ديويون، وچ ۾ ميدان هوندو هو. مور اتي لهي، ناچ ڪندا هئا. ڇا ته قدرت جي نظارن ۾ ڪشش آهي! جڏهن مور نچندو هو ته ڪائنات جا سڀ رنگ، منهنجي اکين ۾ جهرمر ڪندا هئا. منهنجو وجود، ڪنهن اجنبي ڪيفيت ۾ وڪوڙجي ويندو هو. سج لهڻ مهل، واپس اوطاق تي موٽي ايندو هيس.
هڪ ڏينهن اسان جي اسڪول جي شاگرد ولي محمّد ملاح چيو ته؛ ”سائين، ڳوٺاڻا ٿا پڇن؛ توهان جو ماستر چريو آهي ڇا؟ جهنگ ۾ اڪيلو ڇا ڪندو آهي؟“
مون هن کي ٻڌايو ته؛ ”مور نچندا آهن، اهي جهنگ ۾ ڏسندو آهيان.“ مون سمجهي ورتو ته اسان تي سڀني جون نظرون آهن.
منهنجي لاءِ اهي يادگار گهڙيون هونديون هيون جڏهن آسمان تي ڪارا ڪڪر گجگوڙ ڪندي ڇانئجي ويندا هئا. اٺي جي ٿڌي هوا ۽ مورن جا ٽھوڪا، جسم مان سيسڙاٽ ۽ ڇرڪ ڪڍرائي ڇڏيندا ھيا. لهندڙ ٻڏندڙ سج مهل، ڪڪرن جي اوندھ ۾، مھڪندڙ فضا اندر مور اڏامندا هئا ۽ رڙي ڪڪرن کي وسڻ جا وس ڪندا هئا. اوچتو وسڪارو شروع ٿيندو هو ته آ تڪڙو تڪڙو ڀڄندو، اوطاق تي پڄندو ھيس.
ٻار، مورن جا ڇڻيل کنڀ کڻي، مون کي ڏيندا هئا. مان کين ڪجھ خرچي ڏيندو هوس. کنڀ ڳوٺ کڻي ايندو ھيس، جتي مائٽن ۽ دوستن کي ورهائي ڏيندو هوس. مورن جا ننڍڙا رنگين کنڀ، اسان وٽ قرآن شريف ۾ نشانيءَ طور رکڻ جو رواج آهي.
هفتي جي آخر ۾، موڪل جي ڏينهن، چار ئي ڄڻا، ڪپڙا ڌورائڻ ۽ استري ڪرائڻ لاءِ جهڏي ايندا هئاسين. اسان رسم وڌي ته بازار جي شربت جي مشهور هوٽل تي ويهندا هئاسين. گاڏ جو جيڪو همراھ اتان لنگهندو هو، ان کي شربت پياريندا هئاسين. پنج پنج روپيا ڪڍندا هئاسين. اعتبار ڪريو اسان جا ۲۰ روپيا ڪو نه کٽندا هئا. شربت صندل ۽ گلاب وغيره ڏاڍا مزيدار هوندا هئا. سائين نجي الله صاحب چوندو آهي؛ ”شربت مٺو ۽ ٿڌو هجڻ گهرجي. خوشبودار شربت، دل ۽ دماغ کي تراوت ڏيندو آهي. ڪجھ وقت لاءِ گرمي ختم ٿيندي آھي ۽ جسم ٺري پوندو آهي.“ جهڏي جو شهر، نئين ديري کان وڏو ھو بلڪ رتيديري جيترو وڏو ھو ۽ تجارت جو مرڪز ھو.
گاڏ جي ڳوٺ ۾ تقريباً اڌ آبادي پورهيتن، شيدين، مينگهواڙن ۽ ڪولهين تي مشتمل هئي. ڪا چوري چڪاري ۽ جهيڙو جهڳڙو، ڪڏهن به ٻڌڻ ۾ نه آيو. هڪ اترادي ماستر احمد نالي، پنھنجو ڏاڍو نالو ڪڍرايو. مون سان ڪڏهن به نه مليو. لاڙيچن ٻڌايو ته؛ ”چور کي ڪو به پناھ ڪو نه ڏيندو آهي. نه ڪو ماني ڏئيس، نه پاڻي ڏئيس. هلي هلي ساڻو ٿي پوندو آهي ۽ آخر پيري ۽ ڀاڳيا هن کي پڪڙي وٺندا آهن.“
ٺٽي کان وٺي ٿر تائين، ڪٿي به جهيڙو جهڳڙو يا چوري چڪاري ڪو نه هئي. ڪراچي ۽ بدين واري سامونڊي ڪناري جون هوائون، سڄي لاڙ ۾ پهچنديون هيون، جنهنڪري اونهاري ۾ راتيون ٿڌيون ۽ وڻندڙ هونديون هيون. مان رات جي پهرئين پهر ۾ چادر، پوءِ رلهي وجھندو ھيس. جڏھن ته اَسر ڌاري، اڱڻ مان اٿي، ويرانڊي ۾ وڃي سمھي پوندو هيس. اونھاري دوارن ڪجھ ڏيھاڙا، ڏينهن جو گرم هوائون هلنديون هيون ۽ سهڻ جيتري گرمي هوندي هئي. لاڙڪاڻي بدلي ٿي اچڻ کان پوءِ، ٻه چار ڀيرا گاڏ ڏانهن ويس. ھلي ھلي نيٺ رابطو ڪٽجي ويو. الله ﷻ سڀني کي خوش رکي.
گذريل ٻن سالن کان، اوڏانهن وڃڻ لاءِ تڙپان پيو. سمنڊ جي اٿل، ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين ۽ برساتن ڏاڍي تباهي مچائي آهي، جنهنڪري بي روزگاري وڌي وئي آهي. سڀڪجھ وڃي اکين سان ڏسڻ ٿو چاهيان پر جڏهن ڏور جي ڇڪ ٿئي ۽ الله ﷻ مهرباني ڪري.
۲۰۰۹ع ۾، جهڏي ۽ نئون ڪوٽ کان لانگهائو ٿيو هيس. مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ڪارونجھر ويو هيس. اتي لهي گاڏ به ويو هيس. اجنبيت نظر آئي هئي. رئيسن مان ڪو به ڪو نه هو. مايوس ٿي موٽيو هيس. هاڻ وري ويندس، حياتي رهي ته. رئيس پوڙهي خان جي ناناڻن مان ھڪ ٻه نوجوان، ٽنڊو جان محمد اسڪول ۽ ڪاليج ۾ پڙهندا هئا. انهن سان موڪل واري ڏينهن ڪچهريون ٿينديون هيون، تن سان ضرور ملڻ جي ڪندس.
* * *
تن ڏينھن ۾، سوير ساجھر ڄامشورو ريلوي اسٽيشن تي، ريل تان لهبو هو. اتان ڪنھن سواريءَ ۾ ويھي حيدرآباد جي گھنٽا گھر واري مارڪيٽ پھچي ڪنهن سئلون تي وهنجي سهنجي، ڪپڙا بدلائي، سٺو ناشتو ڪبو هو. سٺي ناشتي جو مطلب آهي ته مغز ۽ جيرا وغيره. چانھ پي موسم آھر فروٽ خريد ڪري، حيدرآباد جي شاهي بازار جي کلڻ جو انتظار ڪري، دڪانن جو نظارو ڪبو هو. ايڏو سامان، ماڻهن ۽ ماين جي پيھ ڏسي، مزو پيو ايندو هو. سڄي شاھي بازار هلندي، وڃي ريشم گليءَ وٽان ڪوھ نور سئنيما واري گھٽيءَ مان مڙبو ھو، جيڪا اوريئينٽ ھوٽل تي پھچندي ھئي، جتان پڪي قلعي يا اسٽيشن تي فوجداري روڊ تان لنگھي پھچبو ھو. اگر شاھي بازار مان، ريشم گليءَ ڏانھن نه مڙبو ھو ته پوءِ، نڪ سامھون سڌو وڃي پڪي قلعي وٽ پھچبو ھو. جتان وري ساڳيو فوجداري روڊ وٺي اسٽيشن تي پھچبو ھو. آوارگيءَ جو شوق نه هوندو هو ته تلڪ چاڙهيءَ کان اولڊ ڪئمپس يا اسٽيشن واري پل وٽ اچي لهبو هو. ائين عليؓ سائين جا قدم ۽ ٻيا ڪلهوڙن جا مقبرا گهمي، ٽائيم پيو پاس ڪبو هو.
ڳوٺ موٽبو هو ته گول بلڊنگ وٽان ڪوٽـڙيءَ لاءِ بس ملندي هئي. ان وقت قاضين جو ”اورينٽ هوٽل“ شهر جو بهترين هوٽل هو. اتي ماني ته ڪڏهن ڪو نه کاڌي، باقي چانھ وغيره پي وٺندا هئاسين. سروس ڪندڙ بئرا، مخصوص ڊريس ۽ ٽاءِ ۾ هوندا هئا. هوٽل تان نڪري، هڪ ٻئي کي چوندا هئاسين؛ ”اڙي هتي ته پڙهيل لکيل ۽ مهذب ماڻهو به بئراگيري ٿا ڪن پيا. ائين چلولائيون ڪندا، ٽهڪ ڏيندا، ماڻهن کي پيا پاڻ ڏي متوجھ ڪندا هئاسين. دوستن سان گڏجي گهمڻ ۽ آوارگي ڪرڻ ۽ ٽهڪن ڏيڻ ۾ جيڪو سرور ۽ نشو آ سو بند بوتل واري رنگين پاڻيءَ ۾ ڪٿي آ!
اڪيلو هوندو ھيس ته اولڊ ڪئمپس جي مٿان، چاڙهيءَ تي، آفيسن جي ڀرسان علي بابا ريسٽورنٽ هوندو هو، اتي وڃي ويهندو هوس. ان جي چانھ جي ڇا ڳالھ ڪجي! وڏو مزو هوندو هو، ان دودھ پتي چانھ جو. منجھس باداميون ۽ پستا وغيره پيل ھوندا ھيا. پهريون دفعو جڏھن اتي چانھ پيتي ته دانهن نڪري وئي. بئري کي چيم ته؛ ”يار! هي ڇا وڌو اٿئي؟“ هُن چيو؛ ”ادا! ڊراءِ فروٽ آهي. کائي ۽ پي ڏسو. مزو اچي ويندو.“ واقعي ڏاڍو لطف ڏنو چانھ. پوءِ ته هر دفعي اتي ضرور ايندو هيس. اندازو اٿم ته بئرو پڪ ئي پڪ دل ۾ چوندو هوندو؛ ”ڪهڙا ڪهڙا ٻهراڙيءَ جا ڄٽ هتي چانھ پيئڻ ٿا اچن. بس پئسو آهي جو هنن کي صاحب صاحب چوڻو ٿو پوي!“ اهي خيال، اڄ به منهنجي ميراث آهن. سوچيندي سوچيندي، پنهنجي سادگيءَ تي مُرڪي پوندو آهيان. اتي ئي ڀرسان وينس سئنيما هوندي هئي. اتي فلم به ڏسي وٺبي هئي. جي ريل جو ٽائيم ٿي ويندو هو ته، فلم اڌ ۾ ڇڏي، رڪشا ڪري ڪوٽڙي اسٽيشن تي وڃي پھچبو ھو. پئسا بچائڻا هوندا هئا ته گول بلڊنگ وٽان، ڪوٽڙيءَ جي بس نڪرندي هئي، ان تي سوار ٿبو هو. پڪي قلعي ۾ سنڌ ميوزم، راڻي باغ وغيره گهمندي ٿڪبو ڪو نه هيس. ماني ٿوري ۽ فروٽ گھڻو کائيندو هيس. فروٽ، سستو هوندو هو. ههڙو، ڪو نه هو. ڄامشوري جون ڪڙهايون، روسٽ ۽ فراءِ ٿيل دال جو ذائقو اڄ به ياد آهي.
جڏهن نئون ديرائي ٽولو ٺاهي، ٿڌين هوائن ۾، وارن کي هٿن جي آڱرين سان ٺاهيندي، حيدرآباد جي روڊن تي گهمندا هئاسين ته ائين لڳندو هو ڄڻ هن شهر جا اسان ئي مالڪ آهيون. غلام عمر کهڙو، راحب علي قاضي، قاضي قمرالدين، محمّد شريف ۽ ٻيا ڪافي، هڪ ٻئي کي خط لکي اچي حيدرآباد گڏ ٿيندا هئاسين يا نئين ديري مان گڏجي ٽرين تي حيدرآباد ايندا هئاسين.
غلام عمر کهڙو، پنهنجو يار آهي. هڪ ٻئي جو خيال ڪندا هئاسين. اڄ به اهڙيون ڳالهيون ڪري، ماضيءَ مان مزو وٺندا آهيون. غلام عمر جا اڄ به ساڳيا افعال آهن. ڏاڍو گاريل ٿي پيو آهي. موڊ ۾ اچي چوندو آهي؛ ”منگي! تو کي ڏسي لاڙيچا چوندا هوندا ته اترادي ڪيڏا نه بکيا آهن. روزانو پنجن روپين ڪمائڻ جي لالچ ۾، ماءُ پنھنجي ھنج مان ڪڍي، ماستري ڪرڻ لاءِ موڪليو اٿس“. مان کلي چوندو آهيان ته؛ ”ڇا ياد ڪندا هوندا اترادين کي ته ڪهڙا سهڻا شهزادا هئا. قد ٺهندڙ هوندو هو، پيٽ يا ٿولھ وغيره نه هوندي هئي. مال جو ڪم ڪار ڪندو هئس، جنهنڪري جسم سنهڙو ۽ طاقتور هوندو هو. ڊڪڻ ۽ راند روند ڪرڻ ۽ سائيڪل هلائڻ، پاڻيءَ ۾ ترڻ، کير پيئڻ ۽ بسريون کائڻ هميشه مون کي سمارٽ رکيو. مَرد تڏهن خوار ٿيندو آهي، جڏهن پيٽ وارين ماين وانگر پيٽ لهڻ ۽ ٿولھ وڌڻ سبب بي ڊولو ٿي پوندو آهي. مان ڏيھاڙي پي ٽيءَ واري بوٽ سان ورزش ڪندو ھيس.
مون لاڙ جي نوڪريءَ مان ڏاڍو پرايو؛ اٿڻ ويهڻ، سنگت ساٿ، کائڻ پيئڻ، لٽو ڪپڙو وٺڻ، سبائڻ ۽ پائڻ. وڏي ڳالھ ته پنهنجي خواهشن تي ڪنٽرول رکيو. پئسا هوندا هئا ته شهنشاھ ٿي خرچ ڪبو هو، نه ته فضول خرچي نه ڪبي هئي ۽ نه ئي وري قرض کڻبو هو. والدين کي ڪَڪِ نه ڪبو هو. اجايا مطالبا نه ڪبا هئا. هر حال ۾ راضي هوندا هئاسين. پاڻ رُلي پني ڌڪا ٿاٻا کائي، نواب نه پر بادشاھ بڻيا آهيون.
هڪ دفعي ڊگھڙيءَ ۾ ماني کاڌي. اسدالله ساڻ هجي. هوٽل واري کي پئسا ڏنا. هن جيڪي پئسا واپس ڪيا ان ۾ پائلي لسي هجي. واپس ڪيم. ڪائونٽر تي ويٺل ڏسي چيو ته اتر جا آهيو. مان ڪجھ نه سمجهندي کيس ها ڪيم. هن پائلي بدلائي ڏني. پڇيومانس ته اوهان ڪيئن سمجهيو! هُن چيو ته هتان جا ماڻهو ايئن پئسا اڇلائي نه ڏيندا آهن. مان وائڙو ٿي ويس؛ ”مار! اڄ ته اتر سنڌ کي لڄايو آهي. وري زندگي ڀر اهڙي حرڪت نه ڪبي.“ سکيا جو عمل، سڄي زندگي جاري رهيو. مون کي استادن پڙهايو، معاشري جي ذميوارين کي نڀائڻ لاءِ، دوستن ۽ وڏڙن جي نصيحتن ۽ انهن جي عزت جي خوف ائين هلاايو، جيئن گهوڙي کي لغام ڏئي هلائجي. ڏاندن ۽ وهڙن کي نٿ هڻي رسي سان ٻڌبو آهي. ائين سنڌ جي مٿانهن قدرن ڏانهن، جوابده رهياسين. اهو وقت ۽ ماحول ئي اهڙو ھو. هڪ خراب ٿيندو هو ته سنگت ان کي روڪيندي هئي.
لطيف سرڪار چواڻي:
بندي ٻيا قرار، اسين لوچون لوھ ۾،
مٿان تن تـرار، سدا سانڀيئڙن جي.
شاھ ؒ
يادن جا وھڪرا آھن. ويرون ٿي مٿان ورن ٿا ۽ لکڻ تي مجبور ڪن ٿا. ڳالھ مان ڳالھ نڪري ٿي. ڳالھ ڳالھ تان چُرندي، ھڪ عاشق جو قصو دل تي تري اچي ٿو.
لاڙ اندر نوڪري ڪندي خبر پئي ته؛ هڪ ماستر، ٻار پڙهائيندي هڪ شاگردياڻيءَ تي عاشق ٿي پيو. ٻارن جي واتان ڳالھ، ڳوٺ وارن ۽ ڇوڪريءَ جي مائٽن تائين پهتي. ماستر اسڪول ڇڏي هليو ويو. ڪجھ وقت کان پوءِ هو چريو ٿي پيو. تعليم جي آفيسرن کي خبر پئي. هو هُن کي هلائيندا هئا، اسڪول ڪو نه ويندو هو. پگهار جاري ھيس. ٻن ٽن مهينن جي انتظار ۽ ڳولا، نياپن ۽ چٺين کان پوءِ ساڻس ٽنڊي باگي ۾ ملڻ ٿيو. هوٽل تي منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. کيس ڏٺم، واقعي نه جيئرن ۾، نه ئي مُئن ۾ ھو. ڪپڙا ميرا، حال اجڙيل. چڱي ڪچهري ڪئيسين. اصل ٽاپڪ يعني ڇوڪريءَ واري عشق تي، جتان ٿڙيو ھو، ڳالھ ٻولھ ڇيڙي نه سگهيس. پئسن ڀرڻ جي ڪيم. چيائين ته؛ ”نه! اوهان منهنجا مهمان آهيو.“
سڄي زندگي، اهو ماستر منهنجي وجود ۾ پيهجي ويو. جنس ۽ عشق جي پوشيده اسرارن کان خوف ٿيڻ لڳو. پاڻيءَ ۾ گھڙڻ پڄاڻان انساني وجود پسڻ کان بچي! يا هوا گھلڻ سان وڻ جي ٽاري يا پن، لڏڻ کان رهجي وڃي. اهو سڀڪجھ ناممڪن آهي. منھنجو وجود به اتي ٻُڏو، جتي تري سگهيس پئي. بيوسي ۽ لاچارگي به ڪا شيءِ آهي. مون جهڙن ماڻهن لاءِ ئي مرشد لطيف ؒ چيو آهي؛ عامن سندو عام، خاصن منجهان ڪين ٿيو.
زندگي رهي ته جرئت ۽ همٿ کان ڪم وٺي عشق ۽ حسن بابت وڌيڪ قصا ۽ مشاهدا لکندس. پنهنجو پاڻ کي، اڻ ڏٺن آڏو اگهاڙو ڪرڻ، ڏاڍو ڏکيو عمل آهي. سڄي عمر ذهني ۽ جسماني ڏکيائيون سَٺيون اٿم. ڪنهن سان دل جو حال نه ڪيو اٿم. نوجوانيءَ کان ڪراڙپ تائين، ٽانڊن تي ھليو آهيان. الله ﷻ جي ٻاجھ کان پوءِ، گهر وارن، دوستن ۽ واسطي وارن ڏاڍو سليقي سان مون کي سنڀاليو آهي. سندن ڀلاين کي ڏسي، پنهنجي وکريل وجود کي ميڙيندو ۽ جوڙيندو آيو آهيان. زندگي ۽ زمانو، ڪجھ نه آهي. سڀڪجھ ماڻهوءَ جو ماڻهپو ۽ ويساھ آهي. اهي جڏهن وجود وڃائي ٿا ويهن، تڏهن بي اختيار رڙيون ٿيون نڪرن؛ ”هي ته سڀ ڪجھ دوکو آهي. زندگي صرف صوفيءَ وارو رِڻ رُڃ نه آهي. دولت ۽ آسائش، گهڻو ڪجھ هوندي به سڀ ڪجھ نه آهي. پنهنجي وجود کي بچائڻ لاءِ ڪنهن آفاقي سهاري جي ضرورت آهي.“ لارين مون تي عاشق ٿي پئي. مون سان ملندي هئي ته گلاب جي گل وانگر مهڪي پوندي هئي. هڪ دفعي شڪايت ڪندي پڇيائين؛ ”مان پري آهيان ته ٻين ڇوڪرين سان کلين ڳالهائين ۽ چهڪين ٿو. مون سان ملندي گنڀير ٿي ٿو وڃين. ڇا ڳالھ آهي؟“ ڪوڙ ڳالهائيندي، کيس چيو ھيم؛ ”جن ڏي تنهنجو اشارو آهي، ڇا اهي تو جيتريون سهڻيون ۽ سمارٽ ۽ سچيون آهن؟“ ھن گد گد ٿيندي چيو ھو؛ ”ڳالهائڻ به سکي ويو آهين؟!“ موٽ ۾ چيو ھيومانس؛ ”تو جهڙو سکيا ڏيندڙ هوندو ته ڪا ڪوتاهي نه رهندي.“
سڄي زندگي بي صبرو نه رهيو آهيان. خواهشن ۽ لذتن جو غلام نه بڻيو آهيان. ان عيوض ٽهڪ، جيڪي مزا، کاڌا، ڪپڙا ۽ ڪچهريون ماڻيون اٿم، انهن روحاني خوشين جي آڏو منهنجي زندگي ڀر جا اوسيئڙا، انتظار ۽ ڏک، ڪا معنى ڪو نه ٿا رکن. مان دوستن کي چوندو آهيان ۴۹ سيڪڙو خاميون ماڻهن ۾ هجڻ گهرجن، ڪوشش ڪئي اٿم ته ۵۱ سيڪڙو چڱايون مون وٽ رهن. شل الله ﷻ ٻاجھ ڪري. استغفرالله ربي.
ڪافي عرصي کان پوءِ ”گلنار“ ڏي ويس. ڪلاڪ کن، نويڪلائيءَ جي ڪچھري ٿي. ڪچهري ڪندي ھن ٻي نازنين جو نالو کنيو، پر کنيائين اھڙي انداز سان جو ان بابت ٿورو تفصيل کانئس پڇڻو پئجي ويو. ڳالھين تي ڳالھيون چڙھنديون آيون ۽ آخر دل جي ڳالھ زبان تي اچي ويس. جيڪا ڳالھ ان بابت چوڻي ھيس ان لاءِ چئي ڏنائين؛ ”ان تو لاءِ چيو پئي ته ’مون سان ٻٽيھ دليون اٿس ۽ مون سان ته بلڪل ٺھيو پيو آھي.‘ سندس اھي لفظ ٻڌي منھنجو ته اندر ئي جلي ويو. چپ ڪري ويس. اندر سڙئي کان ڪڇيس ڪو نه پئي، تنھن ھوندي به ساڙوٽيءَ کان تو لاءِ پڇي ويٺس؛ ’اڙي ھو سامايو به نه هوندو جو مان مٿس پئي مران. مون کي ئي ڪڏھن نه ليکيائين. ان ھوندي به اگر تون پنهنجو ڪري وئينس ته هيءَ سينڌ آهي، جهڙو وڳو چوندينءَ اهڙو وٺي ڏينديسانءِ. ٻڌاءِ! تون ڪا مون کان وڌيڪ سهڻي آهين؟!‘“ اھو جملو چوندي ٿوري جذباتي به ٿي وئي ھئي. ٿورو ڳالھائڻ کان روڪي پڇي ويٺومانس؛ ”ان سوال تي ڇا چيو ھيائين؟!“ ڳالھ کي اڳتي وڌائيندي ٻڌايائين؛ ”ڪجھ وقت ته ان سوال تي ڍڪرن ۾ پئجي وئي، پر پوءِ پاڻ سنڀالي چوڻ لڳي؛ ’اَدي! پرائي دل، پرديس آهي. ڇا ٿو چئي سگهجي.‘“ ان سان به ڪنھن اتفاق سان ملڻ ٿيو ھو. اھو سمورو احوال، گلنار کي ڏنم ۽ کانئس نٽائي جان ڇڏائڻ جو احوال به ٻڌايومانس، جنھن تي گلنار، کِلي کلي کيري ٿي پئي. ان ڏينهن هن جي سچائي ۽ ايڏو اعتبار ڏسي، منهنجا سڀ ضبط ٽٽي پيا. کيس چيم؛ ”چري! ايترو اعتبار نه ڪندي ڪر.“ کيس سمجھائڻ واري انداز ۾ چيم؛ ”مان ڀونئرو ناھيان جو ھر گل جو واس وٺندو وتان ۽ اڏامي جيئندو وتان. مان انسان آھيان. گوشت پوست جو ٺھيل انسان. گھرجن ۽ معاشرتي بندشن ۾ وڪوڙيل انسان. انھن زنجيرن ۽ سنگھرن مان آزاد نه ٿو ٿي سگھان. معاشرتي ٻنڌڻ ۽ قدر، اگر ٽٽا ته هتي ڪو ڪنهن تي اعتبار نه ڪندو. سَڀُ رُلي وينداسون. رتيءَ جي رهاڻ سڀ ڪجھ نه آهي. ڪا ته ڳڻ ڳوت ڪبي، تڏھن جِي سگھبو.“ هن پولارن مان جواب ڏنو ھو؛ ”جيئن تنهنجي مرضي! مان ان ۾ به تو سان ٻڌل. اسان جو آسرو، اڳ ۾ ئي پليل آهي.“
مارچ ۱۹۷۲ع ڌاري، اترادي استادن ھڪ ايسوسئيشن ان ارادي سان ٺاهي ته جيئن جدوجھد ڪري، سرڪار کان اھا ڳالھ مڃرائجي ۽ عمل ھيٺ آڻائجي، جنھن تحت سمورا استاد واپس پنهنجن پنھنجن ضلعن ۾ اماڻيا وڃن ۽ اتي کين نوڪرين ۾ رکيو وڃي. ان ايسوسيئيشن پاران ڪجھ اخباري بيان آيا. سيڪريٽري صاحب ڏانهن پڻ ڪجھ ليٽرس موڪليا ويا. ٿورن استادن جي لسٽ تيار ٿي جن کي پنهنجن پنهنجن ضلعن ڏانهن اماڻيو ويو. ان لسٽ ۾ منهنجو به نالو ھو.
مئي جي آخر ۾ فيصلو ٿيو ته؛ سڀني ٽيچرس کي، پنهنجو پنهنجو ضلعو ڏنو وڃي. ان فيصلي تحت جيڪا لسٽ ٺهي، ان ۾ پهرين لسٽ وارا اڻڄاڻائيءَ ۾ رهجي ويا. سائين پناھ علي شاھ ڊائريڪٽر ۽ بقا محمّد قريشي صاحب ڊپٽي ڊائريڪٽر هو.
پناھ علي شاھ صاحب سان وڃي مليس. کيس ٻڌايم ته؛ ”سائين پوئين ۽ حتمي لسٽ ۾ منھنجو نالو نه آهي. جڏھن ته پھرين لسٽ ۾ نالو ھيو.“ چھڙ ڏيندي چيائين؛ ”پوءِ مان ڇا ڪريان؟“ سندس ان داٻي سان، منھنجو منهن ئي لهي ويو. مايوسيءَ ۾ ٻاهر نڪري، پاڻ کي چيم ته؛ ”هت ڪو ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، رڳو ظلم ۽ انڌير آهي. هزارين استاد واپس ٿا ٿين. اسين آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هتي رهايا ٿا وڃون. اسان به ڳوٺ ٿا وڃون، نه کپي نوڪري. چار پنج ڄڻا گڏ ٿياسين. جعفري خيرپور وارو، يونين جو صدر هو، تنھن چيو ته؛ ”اچو ته ڪراچيءَ هلون.“ جڏهن ته سندس نالو، پنھنجن ضلعن ڏانھن واپس ڪيل ٽيچرس واري لسٽ ۾ هو.
چار ڄڻا، سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچيءَ وڃي، غلام رضا ڀُٽي، تڏھوڪي ڊپٽي سيڪريٽري تعليم سان ملياسون. هن کي ٻڌايم ته؛ ”سائين پناھ علي شاھ صاحب، ڏاڍا دڙڪا ڏنا آهن.“ کلي چيائين؛ ”بابا! سائين ته منهنجو به استاد آهي.“ عيساڻي صاحب سان ملياسون. ان چيو ته؛ ”توهان ڪراچيءَ کي ڳولي لڌو آ! باقي ٻاھر نوڪري نه ٿي پڄي. وڃو! واپس ٿيو. ھتي ڪاٿي رھندئو. صبحاڻي لطيف آباد، بورڊ آفيس ۾ ملجو.“ اتان واپس ٿياسين. ٻئي ڏينهن لطيف آباد بورڊ جي آفيس ۾ ساڻس وڃي ملياسين. بورڊ جي ميٽنگ ڇَڏي، سائين پاڻ هيٺ لهي آيو. پڇيائين؛ ”اڃا توهان جو ڪم نه ٿيو آهي؟!“ پنھنجي آفيس ۾ وري واپس موٽي ويو. فون ڪري موٽي آيو. اچي ٻڌايائين؛ ”بابا! سائين، بادشاھ آهي. چوي ٿو ته سڄو ضلعو خالي ٿيندو، اسڪول ڪير هلائيندو. پناھ علي شاھ صاحب کي مون راضي ڪيو آهي. وڃي کانئس آرڊر وٺو. هيرآباد ۾ زبيدھ ڪاليج جي ڏکڻ ۾ آفيس ھئي، اتي آياسين. سڄي آفيس ٿرٿلي ۾ هئي. شاھ صاحب گهر هليو ويو. بقا محمّد قريشي صاحب، وڏي ٽيبل تي آهلي پيو. پنجين بجي لسٽون ٽائيپ ٿيون. هڪ هڪ نالو چيڪ ٿيو. صحيح ڪري، اسان سمورن کي پنھنجن پنھنجن ضلعن ڏانهن اماڻيو ويو.
ڏوڪري تعلقي اندر، مشورين جي ڳوٺ واري پرائمري اسڪول ۾ رکيو ويو. صبح جو نئون ديري کان ريلَ ۾ ويندو هيس. شام ڌاري ريل تي واپس ايندو هيس. منجهند جي ماني ڪڏهن کڻي ويندو هيس ته ڪڏهن بسڪيٽن تي گذارو ڪري، شام جو گهر اچي ماني کائبي هئي. ٻارھن مهينا کن اتي رهيس. سائين نجي الله عباسي، جيڪو ان وقت سپروائيزر هو، ساڻس واقفيت ٿي. جيڪا اگتي ھلي دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. رتيديري تعلقي جي ھڪ ڳوٺ ”عزت جي وانڍ“ جو پرائمري اسڪول مليو. ان بعد نئون ديرو، آخر مسوديرو. سال ۱۹۷۶ع ڌاري، پروموشن مليو. مون کان اڳ جي ايس ٽي (نائون اسڪيل) ۾ پروموشن، حاجي گل محمّد جوکيو، عبدالسميع ڀٽو، انور علي مڱريو وٺي چڪا هئا يعني اھي سيڪنڊري اسڪول ۾ پھتا ھيا.
سال ۱۹۷۴ع ڌاري شادي ٿي. بابي امان، گڏيل راءِ سان، لاشارين جي ڳوٺ مان شادي ڪرائي. ٻن ڀينرن جو رشتو به اڳي ئي اتي جي مائٽن ۾ ٿيل ھو. بابي نئون ديري ۾ گهر ٺاهي ڏنو. ڀاءُ کي دوڪان وٺي ڏنو. انعام، ٽيون ڀاءُ، اڃا ننڍو هو. بابا کي به نئون ديري ۾ رهائڻ شروع ڪيو. چاچو، ڳوٺ ۾ ئي رهجي ويو.
سال ۸۲-۱۹۸۱ع ڌاري، ھڻ وٺ پڄاڻان، ٿڪجي پيس. بابا کي چيم ته؛ ”سکر، ٻارهن مهينا پڙهبو، اڌ پگهار ملندي، جيڪا سکر ۾ خرچ ٿيندي. اڳتي هلي ڊگريءَ مان فائدو ملندو.“ بابو ۽ ڀاءُ، تيار ٿيا. مان بي ايڊ لاءِ اپلاءِ ڪيو. اسٽڊي ليوِ منظور ٿي ۽ آسانيءَ سان ڪاليج آف ايجوڪيشن ۾ داخلا ٿي وئي. سنڌ ۾ تعليم کاتي ۾ سکر ريجن جو واڌارو ٿيو هو. ڪاليج ۾ سيمسٽر سسٽم هو. اتر سنڌ ۾ ڪاليج آف ايجوڪيشن، ڪو-ايجوڪيشن جو سڀ کان وڏو ادارو هو، جتي نواب شاھ کان وٺي جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جا اسٽوڊنٽس ۽ ٽيچرس، ٽريننگ وٺندا هئا.
هاسٽل ۾ رهڻ لاءِ ڪمرو ورتو. ٻيا نئون ديري، لاڙڪاڻي ۽ مدئجي جا شاگرد يا ٽريني استاد، ايس آر ٽي سي جي ڊگھين ۽ وڏين بسن تي چڙھي ايندا هئا. مان پويان اٺ ڏھ سال، سنڌي ۽ اردو ادب پڙهيو هو، انگريزي ادب ۽ ڪتابن کي ٽائيم نه ڏنو هو. ان کوٽ جو احساس اتي ٿيو، جنھنڪري اتي محنت سان پڙهڻ شروع ڪيو.
* * *
لاڙ مان واپس اچڻ کان پوءِ، منظور علي جوڻيجو، اسان جي سنگت مان ڪاٽا ٿي ويو. ان جي جاءِ تي عبدالڪريم ڏيرو (ويٺل باڊھ شھر)، رئيس نور محمّد خان مغيري (ويٺل ڳوٺ قائم مغيري، نزد لالو رائنڪ، موجودھ ضلعو قنبر-شھدادڪوٽ)، مظهر علي تنيو، حاجن خان چنه (نئون ڳوٺ پٺاڻ، نزد اڳڙا شھر، ضلعو خيرپور ميرس)، حاجي اڪبر علي عباسي (لاڙڪاڻو) جي معرفت ٻانڀڻ ڳوٺ وارن؛ جلال خان ۽ سندس ٻين مائٽن سان ڏيٺ ويٺ ٿي.
ٽولا ٺاهي، سڄيءَ سنڌ ۾، جاڏي وڻندو هو تاڏي، گهمندا ڦرندا ھياسين.
رئيس نور محمّد خان مغيريءَ کي ٽويوٽا ڪرولا ڪار هوندي هئي. ان تي چڙھي اوچتو اسد الله ڪلهوڙي وٽ پهچندو هو. اتان الاهي بخش وٽ رات رهي، ان کي ساڻ کڻي نواب شاھ جي ڀرسان رندن جو ڳوٺ هوندو هو، اتان جو سيد، رئيس جو مرشد هوندو هو، ان وٽ پهچي دُعا به وٺبي هئي، ته ٿَڪ به لاهبو هو. وڏيون اوطاقون، کٽون، هنڌ ۽ ڪچهريون، رات جو هڪ ٻه ٿي ويندا هئا. ڪنهن جي سِڪ ئي نه لهندي هئي. کاڌا پيتا، چانهيون ۽ کير! ڇا ڳالھ ڪجي! سڀ کان وڏي ۽ قابل ذڪر ڳالھ ته تن ڏينھين امن امان ۽ بي فڪري، خلوص ۽ سچائي ھئي. ڪنهن ڪارَ-زباني جي نظر لڳي وئي، اسان جي معاشري کي. سادا ۽ سچا ماڻهو الائي ڪاڏي ھليا ويا. الاهي بخش ۽ اسد الله ته پاڻ کي زور ڏياريندا هئا ۽ مون تي ٽوڪ ڪندي چوندا هئا؛ ”هِن جا زور به اسان کي ڏيو. هيءَ ڇوڪري آهي، زور ڏياريندي ڀَؤ ٿو ٿئيس.“ اھي ڳالھيون ياد ڪري جيئان ٿو پيو. ور نه ھاڻي جيئڻ ۾ ڇا رکيو آھي؟! چاھت ئي گم ٿي وئي آ. سنڌي معاشرو بدلجي پيو ۽ مان، بغير پيئڻ جي، جيئان پيو.
رئيس نور محمد خان مغيري، جهڳڙي ۾ مارجي ويو. بابا به ۱۹۸۸ع ۾ وفات ڪري ويو. ننڍو ڀاءُ انعام، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملڻ سبب ڄام شوري هليو ويو، جنهنڪري بي فڪرو ٿي، گهر ڇڏڻ مسئلو ٿي پيو. گهر، دوڪان، ڊيوٽي ۽ بيماري بڙي، مٽن مائٽن سان اُٿڻ ويهڻ، اهڙو ڦاسي پيس جيئن ڪوڙڪيءَ ۾ ڪو ڦاسندو آهي. منهنجيون پنهنجيون مجبوريون، يارن جون پنهنجون هجتون ته وڏو ماڻهو ٿي ويو آهين، هاڻي لفٽ ڪو نه ٿو ڏين. هڪڙو برو ڀلو چوي ته ٻيو پاسو وٺي، وٽ وراڻ ڪندي، اهڙي هڻندو جو مان ڳالهائڻ جهڙو ئي نه رهان. آهستي آهستي، سمورا پير جهليندا ويا. امن امان بگڙندو رهيو. مان، اڪيلو ڏوهاري هجڻ ڪري، ڪنهن کي ميار به ڏئي ڪو نه پئي سگھيس.
اسد الله ڪلهوڙي سان، لاڙڪاڻي شھر اندر اٿڻ ويهڻ رهيو. هو اصل لالو رائنڪ-وارھ روڊ جي ڀرسان ڳوٺ ڊِٻ ڪلهوڙا جو آهي. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايگريڪلچر تان رٽائر ٿيو. ماستري ڇڏي ڏني ھيائين، طبيعت جو ڀلو، سڀني کي سنڀالڻ ۽ نڀائڻ وارو. اهڙا ماڻهو تمام گهٽ ڏٺا آهن. الاهي بخش تونيه، حاجي اڪبر ۽ اسد الله جن دوستيءَ مان ترقي ڪري، پاڻ ۾ مٽ مائٽ ٿي ويا آهن.
مظهر علي تنيو، دلبر انسان آهي. اسان جو خاص خيال ڪندو آهي. باقي اسد الله ڪلهوڙي ۽ الاهي بخش تنيي کي ويٺو جهير ڏيندو آهي. هو به اهڙي ڪندو اٿس جو ويٺا کلندا ۽ خوش ٿيندا آھيون. دل چوندي آهي؛ ھميشہ ساڻن گڏ هجان. تڪلف سان اٿڻ ويهڻ. گهرو ذميواريون ۽ اجاين پروٽوڪولن ۽ ضابطن ٿڪائي ساڻو ڪري ڇڏيو آهي. وري بچپن واري، ذميوارين کان آجي ۽ نيچرل زندگي گذارڻ ٿو چاهيان. جڏھن ته اهو به سمجهان ٿو؛ هاڻي ائين ٿيڻ ممڪن ڪو نه رهيو آهي. ڏڌو کير، ڇٽو تير، نڪتل ڏند، موٽي ماڳ نه ٿيا آھن. گذريل دور ۽ لمحا، موٽي راس نه آيا آھن.
اسان جي سنگت ۾ علي گوهر چنو، علي حسن چنو ۽ ٻيا دوست، ضلعي خيرپور جي شھر اڳڙا ڀرسان نئون ڳوٺ پٺاڻ ۽ جادي جا ھيا. لاڙڪاڻو-خيرپور پل ٺھڻ کان اڳ، سفر ڪرڻ جو وڏو ڦيرو ھوندو ھو. ايندي ويندي چڱو خاصو وقت، خوشگوار نموني گذري ويندو ھو. پُل ٺھڻ کان پوءِ ته وقت ڄڻ لڳي ئي ڪو نه ٿو.
غوث بخش تنيو، الاهي بخش جو وڏو ڀاءُ، ڪافي عرصو ٿيو فوت ٿي ويو آهي. سندن ٻيو ڀاءُ عبدالستار تونيو فقير-منش آھي. جڏھن ته سندن ٽيون ڀاءُ حضور بخش تونيو ڊاڪٽر صاحب ۽ سکر شھر ۾ سڪونت پذير آھي.
مظهر عليءَ جو وڏو ڀاءُ، پاڪ آرميءَ ۾ ميجر ڊاڪٽر رھيو. اتان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ، سانگهڙ ۾ فوجي فائونڊيشن وارن جي اسپتال ۾ نوڪري ڪري ٿو. گهر ٻار سان اتي رھندو ھو. ھاڻي خبر پيئي آھي ته گمبٽ ۾ رھائش اختيار ڪئي اٿائين.
مسٽر غلام اڪبر سومرو، نئون ڳوٺ پٺاڻ جو ھو. اھو به پهريائين استاد هو. ھو اسان جي لڏي جو نه ھو پر ڄاڻ ۽ علم وارو ھو. بعد ۾ ماستري ڇڏي، ميرٽ تي P.T.C.L ۾ آفيسر ٿي ويو. ھاڻي رٽائرمينٽ کان پوءِ، گمبٽ ۾ رهي ٿو. سڀ غريبن جا ٻار، محنتون ڪري آسائشن واري رٽائرڊ زندگي گذاري رهيا آهن. سڪون ۽ آرام ڪو نه آهي. اُڻ تڻ، بي آرامي، بدامني ۽ ٻچڙن جي روزگار جي مسئلن منجهائي وڌو آهي. دوا درمل ۽ تعليم ايترا مهانگا ٿي پيا آھن، جو سڀ ڪو پڄي ڪو نه ٿو سگهي. حلال مان گذر ڪرڻ، ڏاڍو تنگ ٿي پيو آهي. جڏھن ته حرام ڪمائڻ جا وسيلا ھٿ ڪرڻ سڀني جي وس جي ڳالھ نه آهي. اتي اڳي ئي واڳون واجھ وجھيو ويٺا آھن. ھونئن به چوندا آھن؛ حرام به تڏھن ملندو، جڏھن نصيب ۾ لکيل ھوندو. الله ﷻ سڀني کي پنهنجي دران گهران کارائي، حرام ۽ ظلم جي ڪمائيءَ کان بچائي. آمين.
ظاهري طور مون وٽ عشق ۽ اِنتظار نه رهيو آھي، پر اندر ۾ جيڪي محبتن جا ٻج ڇَٽيا آهن اهي جهنگ بڻجي چڪا آهن. ان ٻيلي ۾ موجود يادن منجھان، منھنجو وجود ۽ مان، آسائتو ٿي مزا وٺي رھيا آھيون. ڪنهن سان نه گلا، نه شڪايت. ڪڏهن ڪڏهن مايوسي وڌي وڃي ٿي ته ڪٿي وڃي پناھ وٺندو آهيان. اڪيلائپ ۽ لاچارگيءَ، بيوسي ۽ بيچارگيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي سنڀالڻ به هڪ گر آهي، جيڪو سڀني کي ڪو نه ٿو اچي. مون کي ته اصل ڪو نه ايندو آھي. اها حقيقت آهي، ڪنھن تي دانهن نه آهي.
اڪيلائپ، بيوسيءَ، لاچارگيءَ مان مراد آهي خيالن ۽ سوچن ۾ دوستن وغيره جو متفق نه هئڻ. ڳالھ ٿا ڪريون ته؛ ”قوم، ٻولي ۽ اخلاقيات تباھ پئي ٿئي.“ موٽ ۾ چھڙ ڏئي ٿا چون ته؛ ”ائين ٿيندو آيو آهي. تون-اسان ڇا ٿا ڪري سگهون. وغيره وغيره.“ هن دور جو درمان ڪرڻ لاءِ ته ڪو تيار نه آهي، پر ان جو نوحو ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ به ڪنهن وٽ وقت نه رهيو آهي. ماڻهوءَ کي ھڪ ڏينھن مرڻو آهي. ان جو اھو مطلب ناھي ته اڄ ئي ڪفن وٺي، مرڻ گهرجي. اهو زندگيءَ جو ناڪاري پهلو آهي. هاڪاري پهلو اهو آهي ته؛ دنيا جي قومن، جيئن چئلينجن کي مُنهن ڏنو آهي، تيئن ئي ايندڙ نسل جي آسائشن لاءِ جاکوڙڻو پوندو، نه ته مٽجي وينداسون.
***
_______
(1) جهڏو گودام؛ ميرپورخاص ضلعي جو قديم ۽ تاريخي شهر آهي، جيڪو پراڻِ درياءَ جي کاٻي ڪناري تي آباد آهي. هن وقت تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. شروع ۾ محمّد خان ٽالپر نالي ڳوٺ آباد ٿيو، جيڪو ۱۷-هين صدي عيسويءَ ڌاري، ڪلهوڙن جي دؤر حڪومت ۾ وجود ۾ آيو. شهر کان ڏکڻ-اولھ طرف، بدين باءِ پاس تي، جهڏو پير جي تربت آهي، جيڪو جهڏائي پير نالي به مشهور هو. مٿس چوڪنڊي پڻ اڏيل آهي. اتي ناٿي سامِيءَ جي سماڌي پڻ آهي. مختلف روايتن موجب جهڏو ذات جو ملاح، خدا ترس ۽ درويش انسان هو. پراڻِ درياءَ جي موجوده هنڌ تي، ٻيڙي هلائيندو هو.
جُهڏو لفظ جي معنيٰ آهي غار، جيڪا ڇتِ وانگر هجي. پاڻيءَ جي کڏ، ڪنب، پراڻ، قديم، جهونو وغيره.
لاڙ جي لعل سيد سمن شاھ سرڪار جي مزار، جهڏي شهر کان ۱۵ ڪلوميٽر اولھ طرف پنگريو روڊ تي آهي. ڪنهن زماني ۾ وڏو ڪاروباري مرڪز هو. گودام لفظ مان خبر ٿي پوي ته هتي ٻيڙين رستي مال لهندو ۽ چڙهندو هو. جتي سامان رکبو آهي ان کي گودام چوندا آهيون. گودام جا نشان اڄ به کنڊرن ۽ ٽوٽن ٽڪارن جي صورت ۾ موجود آهن.
پراڻِ درياءَ تي ڪا به پل ڪو نه هئي. سمورو ڪاروبار ٻيڙين ذريعي ٿيندو هو. واپارين لاءِ گودام ئي سامان گڏ ڪرڻ ۽ ٻئي هنڌ موڪلڻ جو ذريعو هو.
پنري بڊاماڻيءَ جا آثار به جهڏي جي ڀرسان آهن، جنهن کي مرشد لطيف ؒ به ڳايو آهي.
هينئر گهرجين هير، بڊاماڻي پنرا،
جيئن تو پڳ ٿي پير، ويرين واٽون لائيون!
ياد رهي ته هندستان جي وزير خارجه سردار سورن سنگھ ۽ انڊيا جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل اروڙا جو تعلق پڻ تعلقي جهڏي جي گجر سنگھ ديھ ۲۰۲ سان هو.
(ماخوذ: نور حسين هوت، تاريخ شهر جهڏو گودام، روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد، اڱارو ۲۳ جولاءِ ۲۰۱۳ع.)