هُن ڳَل جي مٿان منهنجون جنهن وقت چميون جاڳيون،
اونداهه ۾ ڪي مرڪون ٿي ميڻ-بَتيون جاڳيون.
مهمان اِهو ڪهڙو هِن شهر ۾ اڄ آيو؟
جو ڇرڪَ ڀري ننڊ مان گهر گهر جون ڀِتيون جاڳيون.
ڌرتيءَ تان انڌيري کي نابود ڪرڻ خاطر،
ڀائن ۽ پٽن سان گڏ مائون ۽ اَديون جاڳيون.
شاعر جو رڳو ڪمرو ئي ڪونه ٿو هڪ جاڳي،
گَڏ، هُن سان قلم، سوچون ۽ ڊائريون جاڳيون.
ذهنن تان عمر ساري ڪوهيرُ هٽايو جنهن،
دنيا جون انهيءَ تي ڇو اڄ آڱرِيون جاڳيون؟
ٻَهڪي ٿو پيو ڪيڏو اڄ سچَّ سندو چهرو،
شايد ته ٽنگيل ٽِياسن تي، آرسيون جاڳيون.
گذرن ٿا مٿان هُن جي معصوم ٻچا کِلندي،
رستي جي اکين ۾ آهن روشنيون جاڳيون.
سڀ ڪجهه ئي ويو ڦرجي آ بدر وٽان جڏهين،
دوستن جون تڏهن آهن مَس دوستيون جاڳيون!