1
”ڇا پئي سوچين سيتا؟“ سلمان پڇيو.
سيتا هڪ نظر پنهنجي ڪمري جي ٻيڪڙيل دروازي طرف ڏٺو ۽ پوءِ مائوٿ پِيس کي پنهنجي چپن جي ويجهو ڪري، رازداريءَ واري انداز سان سلمان کي صلاح ڏنائين، ”تون ... تون سوچي وٺ سلمان!“
”سيتا، مسلمان آهيان مان!“ سلمان هڪدم وراڻيو، “۽ اهو هڪ مسلمان جو وعدو آهي، ته مان ڪڏهن به تنهنجو ساٿ نه ڇڏيندس!“
سيتا جي دل ۾ موجود انديشن، سندس چپن تي اچڻ جي ڪوشش ڪئي، ”سلمان! ڏس... ائين نه ٿئي ته...“
”ڪجهه ڪونه ٿيندو!“ سلمان، سيتا جي ڳالهه ڪٽي ورتي، ”تون همت کان ڪم وٺ سيتا!“
”مون ۾ ايتري همت آهي سلمان، تڏهن ته مون ايڏو وڏو فيصلو ڪيو آهي.“ سيتا وراڻيو، ”پر تون... وري به سوچي وٺ!“
”ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين سيتا؟ مون کي ڪجهه سوچڻ جي ضرورت ناهي!“ سلمان هڪدم وراڻيو.
سيتا ٿڌو ساهه کنيو، ”ته پوءِ ٺيڪ آهي، ضرور اينديس مان!“
اوچتو سيتا جي ڪمري جو در کُلي پيو، ته سيتا ڇرڪي در طرف ڏٺو، دروازي ۾ سيتا جي باوقار ۽ بارعب ماءُ جانڪي ٻائي بيٺي هئي. سيتا ماءُ طرف ڏسندي ٽيليفون جو رسيور رکي ڇڏيو.
”ڪنهن سان پئي ڳالهائين؟“ جانڪي ٻائيءَ سخت لهجي ۾ پڇيو.
”امي ... مان .... مان شِيلا سان ڳالهائي رهي هيس!“ سيتا ڦڪي مرڪ جو گل ماءُ کي ڏيڻ چاهيو.
”ڇو ٿي ڪوڙ ڳالهائين سيتا!“ جانڪي ٻائيءَ ڏک ۽ ڪاوڙ مان وراڻيو ۽ اڳتي وڌي اچي سيتا جي پاسي ۾ ويهي رهي.
سيتا ڪو به جواب نه ڏنو.
جانڪي ٻائيءَ بيحد ڏک ۽ فڪرمنديءَ سان سيتا جي ڪلهي تي هٿ رکيو، ”توکي چڱيءَ طرح خبر آهي سيتا، ته تنهنجي ننڍي ڀيڻ گيتا ۽ سندس مڙس جو موت فقط ڪو حادثو نه هيو!“
سيتا ٿڌو ساهه کنيو. سندس خوبصورت نيريون اکيون آليون ٿي ويون. آلين اکين ۾ بيحد پياري ننڍي ڀيڻ جو عڪس لهي آيس. ڏک جي شديد احساس کان هن چپ ڀيڪوڙي ڇڏيا.
”گيتا ته گهران ڀڄي پنهنجي مرضيءَ سان هڪ هندوءَ سان ئي شادي ڪئي هئي.“ جانڪي ٻائيءَ ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”پر ڪمذات هيو روي!“
سيتا ڪوبه جواب نه ڏنو، چپ چاپ ويٺي رهي.
جانڪي ٻائيءَ پنهنجو هٿ سيتا جي ڪلهي تي رکيو، سندس لهجي ۾ مستقبل جي ڳڻتي هئي، ”سيتا، خبر آهي توکي... ته ڇا پئي ڪرين تون!؟“
سيتا خاموش ويٺي رهي.
جانڪي ٻائيءَ جا چَپَ خوف کان ڪنبڻ لڳا، ”جيڪڏهن تنهنجي ڀاءُ کي فقط اها به خبر پئي... ته تون.... تون هڪ مسلمان ڇوڪري سان فون تي ٿي ڳالهائين ته هو توکي جيئرو نه ڇڏيندو!“
سيتا مُنهن ڦيري ڇڏيو.
”سمجهڻ جي ڪوشش ڪر سيتا.“ جانڪي ٻائيءَ ڳيت ڏئي ڳالهايو، ”شنڪر توکي به قتل ڪرائي ڇڏيندو!“
سيتا، ماءُ جو هٿ پنهنجي ڪلهي تان هٽائي ڇڏيو.
”اڄ توکي مون سان گڏ مندر هلڻو پوندو!“ جانڪي ٻائيءَ جي لهجي ۾ ٿوري سختي اچي ويئي.
” نه امان، نٿي دل چوي منهنجي تون هلي وڃجانءِ.“ سيتا جي لهجي ۾ دٻيل بيزاري هئي.
”ڌرم کان دوريءَ ئي تنهنجي دل کي غلط واٽ تي وڌو آهي. هلڻو ئي پوندو اڄ توکي مندر.“ جانڪي ٻائيءَ اٿندي چيو، ”۽ ها، پنهنجي دل کي به سمجهائي ڇڏجانءِ!“
جانڪي ٻائي، سيتا جي ڪمري مان نڪري وئي. سيتا سوچ ۾ پئجي وئي، ڪنهن ٻُڏ تر جو شڪار ٿيڻ لڳي.
مندر ۾ سيتا پنهنجي ماءُ جانڪي ٻائيءَ جي ڀرسان ئي بيٺل هئي. جانڪي ٻائيءَ جا پوڄا لاءِ هٿ جوڙيل هئا ۽ مندر ۾ ڀڄن جو آواز گونجي رهيو هو:
اوم جڳديش هري
سوامي جئي جڳديش هري
ڀڳت جنون ڪي سنڪٽ
ڇن ۾ دور ڪري، اوم.....
ڀڄن جو تاثر جانڪي ٻائيءَ جي اندر ۾ اونهون لهندو ويو ۽ سندس اکيون بند ٿي ويون. هوءَ چپن ئي چپن ۾ ڀڄن جا شبد اُچاريندي رهي ۽ بي خوديءَ جي ڪيفيت ۾ ويندي رهي.
سيتا، ڀرسان بيٺل پنهنجي ماءُ جي چهري طرف ڏٺو ۽ محسوس ڪري ورتو، ته سندس ماءُ بي خوديءَ جي ڪيفيت ۾ هلي وئي آهي. سيتا پوئتي ڏسڻ بنا، پوئين پير هلڻ شروع ڪيو ۽ پوڄا ڪندڙن جي وچ مان ٻاهر نڪري وئي.
مندر جو اڱڻ لتاڙي، سيتا مندر جي پوئين در طرف وڃڻ لڳي.
ننڍڙي شهر جو اهو مندر، هڪ وڏي ڍنڍ جي ڪناري، هڪ ننڍڙي ٽڪريءَ مٿان ٺهيل هو، جنهن جي پوئين در کان ڍنڍ تائين ڏاڪڻ ٺهيل هئي.
سيتا آهستي آهستي ڏاڪا لهندي هيٺ آئي ۽ سيمينٽ جي ٺهيل ٿَلهي تي اچي ويهي رهي. هر طرف خاموشي ۽ اڪيلائي هئي. شام جي خاموشيءَ ۾ وڻن جي پنن سان ٽڪرائجندڙ تيز هوا ۽ ڪناري سان ٽڪرائجندڙ ڍنڍ جي لهرن جو سنگيت موجود هو. هوا ۽ پاڻيءَ جي سنگيت ۾ گيتا پاڻ کي ڏاڍو هلڪو ۽ پُرسڪون محسوس ڪيو. هڪ نظر هن مندر طرف ڏٺو ۽ ڪنڌ ڦيرائي، ٿڌو ساهه کڻي اکيون بند ڪري ڇڏيائين. ڪجهه لمحن کان پوءِ سندس هٿ بي اختيار دعا لاءِ کڄي ويا. بند اکين ۽ خاموش چپن سان، هن دل ئي دل ۾ دعا گهرڻ شروع ڪئي، ”يا الله! مان احسانمند آهيان تنهنجي، جو تو مون کي سڌو رستو ڏيکاريو... او منهنجا مالڪ! تون دلين جو حال ڄاڻين ٿو.... ۽ تون ڄاڻين ٿو ته مان ڪيتري مجبور ۽ لاچار آهيان، جو مان تنهنجي هستيءَ جو دل سان اقرار ڪرڻ جي باوجود ٻين جي سامهون ان جو اظهار نٿي ڪري سگهان.... اي پروردگار! مون جيڪو فيصلو ڪيو آهي ۽ جنهن رستي جي چونڊ ڪئي اٿم، انهيءَ راهه تي منهنجي مدد فرماءِ!“
دعا لاءِ کنيل هٿ چهري تي ڦيريائين، ته پنهنجي ئي هٿن جي ڇُهاءَ سان پنهنجي اندر ۾ ڪا طاقت منتقل ٿيندي محسوس ڪيائين. پنهنجي اهڙي احساس تي هوءَ پاڻ حيران رهجي وئي. بند اکيون کوليائين ته پنهنجي سامهون نظر جي حد تائين ڦهليل پرسڪون ڍنڍ جيان، پنهنجو اندر به بي حد پُرسڪون محسوس ڪيائين. هڪ لمحي لاءِ هوا بند ٿي وئي، ته هن ڀرسان پيل هڪ ننڍڙو پٿر کڻي ڍنڍ ۾ اُڇليو. پاڻيءَ جي سطح تي هڪ ٻئي پويان دائرا ٺهڻ شروع ٿي ويا ۽ هو مرڪي پيئي.
”سيتا!“ اوچتو جانڪي ٻائيءَ جي سڏ کيس ڇرڪائي وڌو. هن ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو.
جانڪي ٻائي، مندر جي دروازي مان نڪري ڏاڪڻ لهي رهي هئي.
سيتا هڪ ڊگهو ساهه کڻي اٿي بيهي رهي.
جانڪي ٻائيءَ ڀرسان اچي سيتا جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو. سندس لهجي ۾ هلڪي ناراضگي ۽ شڪايت هئي، ”اڄ به تو پوڄا نه ڪئي!“
سيتا ڪوبه جواب نه ڏنو.
”سدائين تون پوڄا ڇڏي هتي هلي ايندي آهين!“ جانڪي ٻائيءَ حيرت سان چيو، ”ڇا ٿو ملي توکي هتي!؟“
”سُڪون!“ سيتا مرڪي پيئي، ”ڏاڍو سُڪون ٿو ملي مون کي هتي.“
سيتا جي سڪون کي، ڪوشش جي باوجود جانڪي ٻائي سمجهي نه سگهي.
اڌ کان وڌيڪ رات گذري چڪي هئي.
پرلوڪ پڌاري ويل سيٺ گوپال داس جي مهل نما حويليءَ ۾ هر طرف خاموشي ڇانيل هئي. رات جي سانت کي فقط شنڪر جا کونگهرا ئي ٽوڙي رهيا هئا. شنڪر جا وڏي آواز وارا کونگهرا سيتا جي بيڊ روم تائين به پهچي رهيا هئا.
زيرو بلب جي اڌ اونداهي ماحول ۾ بيڊ تي ليٽيل سيتا جون اکيون کليل هيون. کيس يقين هو ته نه فقط سندس وڏو ڀاءُ شنڪر، پر سندس ماءُ جانڪي ٻائي به گهري ننڊ ۾ هوندي، پر ان جي باوجود سيتا خاموش ليٽيل ئي رهي. هن چاهيو ٿي ته سندس ڀاءُ ۽ ماءُ جيان، سندس ننڍڙي شهر جي گهٽين کي به ننڊ وٺي وڃي، ته جيئن هوءَ ننڊ پيل گهٽين مان آسانيءَ سان ٻاهر نڪري وڃي.
شنڪر جي کونگهرن جو آواز وڏو ٿيندو ويو. جڏهن سيتا کي يقين ٿي ويو، ته نه فقط سندس گهر ڀاتين ۽ نوڪرن کي گهري ننڊ آهي، پر سندس شهر جون اکيون به بند ٿي چڪيون آهن، تڏهن هوءَ هڪ ڊگهو ساهه کڻي بيڊ تي ويهي رهي. ڪي لمحا سوچڻ کان پوءِ هن اٿي بيڊ جي هيٺان لڪايل پنهنجو ننڍڙو ٽريول بيگ ڪڍيو ۽ بي آواز قدمن سان بيڊروم کان ٻاهر هلي وئي.
اڌ اونداهيءَ ۾ هن حويليءَ جو سڄو اڱڻ لتاڙي، حويليءَ جي ٻاهرئين در وٽ پهچي، هڪ نظر پوئتي منهن ورائي ڏٺو ۽ پوءِ در کولي ٻاهر نڪري، در ٻيڪڙي ڇڏيو. پنهنجي حويليءَ جي در وٽ بيهي، ڊنل نظرن سان گهٽيءَ ۾ ٻنهي پاسي ڏٺائين. هر طرف خاموشي ۽ ويراني هئي. فقط پري کان ڪٿان ڪنهن ڪتي جي ڀؤنڪڻ جو آواز اچي رهيو هو. سيتا در وٽ بيٺي ئي پنهنجي پوتيءَ سان چهري کي ويڙهي ڇڏيو، ويڙهيل چهري مان فقط سندس ڊنل هرڻيءَ جهڙيون اکيون ئي ٻاهر نظر اچي رهيون هيون. هن ڊگهو ساهه کڻي، هٿ ۾ جهليل ٽريول بيگ جو بيلٽ پنهنجي ڪلهي ۾ وڌو ۽ خاموش قدمن سان، ديوارن جو پاسو وٺي هلڻ شروع ڪيو. سندس هر وک، پهرين کنيل وک کان وڌيڪ تيز ٿيندي وئي ۽ هن ذري گهٽ ڊوڙندي هلڻ شروع ڪيو.
”خبردار!!“
اوچتو وڏي رڙ تي سيتا ڇرڪي پيئي ۽ تيزيءَ سان اڳتي وڌندڙ قدمن کي هڪدم روڪي ورتائين. سندس دل جو دهڪو وڌي ويو. ڪنهن جي ويجهو ايندڙ قدمن جي آواز سان گڏ لٺ جي زمين تي ٿيندڙ ٺڪ ٺڪ، سيتا کي سامهون واري گهٽيءَ جي موڙ کان ايندڙ چوڪيدار جو احساس ڏياري ڇڏيو. هن لِڪڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، پر اهڙي ڪابه جاءِ نه هئي، جيڪا سندس وجود کي چوڪيدار جي تيز نظرن کان بچائي سگهي. هن پوئتي منهن ڪري گهٽيءَ طرف ڏٺو، پر گهٽيءَ جو ڊگهو فاصلو به کيس پنهنجو دشمن محسوس ٿيو. چوڪيدار جي لٺ جو آواز ويجهو ايندو پئي ويو. ڪنهن به لمحي چوڪيدار گهٽيءَ جي موڙ کان ظاهر ٿي پئي سگهيو. سيتا جي ڊنل هرڻيءَ جهڙين اکين، وري ڪنهن پناهه لاءِ واجهايو. سندس نظر هڪ گهرَ جي در تي ٽنگيل پردي طرف وئي ۽ نظر جي ڪڍ سيتا جو وجود ان پردي پويان هليو ويو. ٻئي لمحي ئي چوڪيدار ”هوشيار... خبردار...“ جا واڪا ڪندو ۽ لٺ جي ٺڪ ٺڪ ڪندو ساڳئي گهٽيءَ ۾ اچي ويو. پردي پويان لڪل سيتا ڪنڌ هيٺ ڪري ڏٺو. پردو سندس گوڏن تائين هيو، گوڏن کان هيٺ سندس ڄنگهون ۽ پير پردي کان ٻاهر هيا. چوڪيدار جي ويجهو ايندڙ قدمن ۽ لٺ جي آواز سيتا جي جسم ۾ خوف جي ڪنبڻي طاري ڪري ڇڏي. چوڪيدار پردي واري در جي سامهون اچي بيهي رهيو، هن ٻه ٽي دفعا لٺ کي زورسان فرش تي هڻي ٺڪ ٺڪ جو وڏو آواز پيدا ڪيو ۽ هڪ زوردار رڙ ڪئي، ”خبردار...!“ سيتا جو ساهه سُڪي ويو. هلڪي هلڪي ٿڌ هوندي به، هن پنهنجي سڄي جسم تي پگهر جي آلاڻ محسوس ڪئي. سيتا پردي جي هڪ ننڍڙي سوراخ مان ٻاهر ڏٺو. ڀوائتي چهري وارو چوڪيدار پردي واري در طرف ڏسي رهيو هو. سيتا کان ساهه کڻڻ وسري ويو، کيس يقين ٿي ويو ته چوڪيدار پردو هٽائي هن کي ٻانهن کان جهلي وٺندو ۽ اڄوڪي رات، محبوب جي وصل بجاءِ کيس موت جي واديءَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيندي. چوڪيدار پردي واري در ڀرسان اچي بيهي رهيو. کيسي ۾ هٿ وجهي پن جي ٻيڙي ۽ ماچيس ڪڍيائين ۽ پردي واري در جي دڪيءَ تي ويهي رهيو. چوڪيدار ٿڪاوٽ وارو هڪ تمام وڏو ساهه کنيو، ته سندس پٺيان پردي ۾ لڪل سيتا جي اندر ۾ خوف جي شدت تهائين وڌي وئي. چوڪيدار جي پٺيان اڌ فوٽ جي فاصلي تي پردي پويان لڪل سيتا سوچيو، ’جيڪڏهن چوڪيدار ٿڪاوٽ سبب پوئتي ٽيڪ ڏني ته...‘ سيتا وڌيڪ ڪجهه سوچي نه سگهي. وڌيڪ سوچڻ ئي کيس موت برابر محسوس ٿي رهيو هو. چوڪيدار ٻيڙي دکائي هڪ ڊگهو سوٽو هنيو ۽ اٿي کڙو ٿيو. سيتا سڪون جو هڪ ڊگهو ساهه کنيو ته پنهنجي ئي ساهه جي آواز تي ڇرڪي پيئي ۽ هن کنيل ساهه کي واپس هوا ۾ ڇڏڻ بجاءِ پنهنجي اندر ۾ ئي روڪي ورتو. چوڪيدار لٺ جي ٺڪ ٺڪ ڪندو، ”هوشيار... خبردار...“ جا واڪا ڪندو گهٽيءَ ۾ اڳتي وڌي ويو. سيتا ٿورو پردو هٽائي، پٺيري ويندڙ چوڪيدار طرف ڏٺو ۽ وقت وڃائڻ بجاءِ پردي منجهان ٻاهر نڪري آئي. هوءَ چوڪيدار طرف پوئتي ڏسندي ۽ بي آواز قدمن سان هلندي، گهٽيءَ جي موڙ تائين پهچي ٻي گهٽيءَ ۾ هلي وئي.