ناول

سيتا زينب

زيب سنڌي جو هي پهريون ئي ناول ”سيتا زينب“ بيحد مقبول ٿيو آهي. هن ناول تي اردوءَ ۾ ٽيلي فلم پڻ ٺاهي وئي ۽ هن ناول کي سال جي بهترين ناول جو ايواڊ پڻ ڏنو ويو. هن ناول کي شاهد حنائِي اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ ان جا ٻه ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3317
  • 937
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سيتا زينب

13

عابد علي فجر جي نماز پڙهڻ مسجد فقط ان ڪري نه ويو، ته متان سندس غيرموجودگيءَ ۾ خديجه گهر ڇڏي هلي نه وڃي. عابد عليءَ گهر جي ورانڊي ۾ ئي نماز پڙهي. نماز کان پوءِ مصلي تي ويٺي هن دعا لاءِ هٿ کنيا ته بي اختيار سُڏڪي پيو. سُڏڪا ڀريندي هُو دل ئي دل ۾ دعا گهرندو رهيو، ”يا الله! هي ڇاٿي ويو... ڇا ڪري وڌو مون... معافي ڏي... معافي ڏي منهنجا مالڪ، مون کي معافي ڏي... غلطي ٿي وئي... مون کان ڏاڍي وڏي غلطي ٿي وئي... هڪڙي ئي طعني جي جواب ۾ مون پنهنجي نيڪ ۽ باڪردار زال کي طلاق ڏئي ڇڏي! هن جو ته ڪو به ڏوهه نه هو... منهنجي ئي غلطي هئي، جو مان نامحرم عورت جي ڀرسان وڃي ويٺس ۽ خديجه غلط فهميءَ جو شڪار ٿي وئي... مون کي معافي ڏي منهنجا مالڪ...مون کي معافي ڏي...!“
عابدعليءَ سُڏڪا ڀريندي دعا لاءِ کنيل هٿ پنهنجي چهري تي ڦيريا ته ان مهل خديجه پنهنجاڪپڙا کڻي ڪمري کان ٻاهر نڪتي. سندس چهرو ڍڪيل هو ۽ هُوءَ ٻئي ڪمري طرف وڃڻ لڳي.هُوءَ عابد عليءَ جي ڀر سان لنگهي ته مصلي تي ويٺل عابد عليءَ ڪنڌ مٿي ڪرڻ کانسواءِ ڳالهايو، ”خديجه !“
خديجه،عابد عليءَ کي پُٺي ڏئي، ٻئي طرف مُنهن ڪري بيهي رهي.
مصلي تي ڪنڌ جُهڪائي ويٺل عابد عليءَ هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ ڏاڍي ڏک، پڇتاءَ ۽ ندامت سان چيو، ”خديجه! مان گناهگار آهيان توهان جو... وڏي غلطي ڪري ويٺو آهيان مان!“
خديجه ڪوبه جواب نه ڏنو، ٻئي طرف مُنهن ڪيو بيٺي رهي. سندس ڳاڙهيون ٿي ويل آلين اکين مان لڙڪ نڪري، چهري جي نقاب ۾ جذب ٿي ويا.
”پنهنجي انهيءَ غلطيءَ جو ازالو ڪرڻ ته منهنجي وس ۾ ناهي.“ عابد عليءَ روئڻهارڪي آواز سان چيو، ”بس... مان فقط معافي ئي گُهري سگهان ٿو توهان کان...“
ٻئي طرف مُنهن ڪري بيٺل خديجه ڪوبه جواب نه ڏنو، هن فقط هڪ ٿڌوساهه کنيو.
”جيڪڏهن...توهان معاف ڪري ڇڏيندؤ...“ عابد علي سُڏڪي پيو، ”ته... ته شايد مون کي...الله به معاف ڪري ڇڏي!“ هُو وڌيڪ ڪجهه نه ڳالهائي سگهيو ۽ ٻئي هٿ پنهنجي چهري مٿان رکي ڪنهن ننڍڙي ٻار جيان سُڏڪا ڀرڻ لڳو.
عابدعليءَ کي پُٺي ڏيئي بيٺل خديجه جي چپن مان به هڪ سُڏڪو ٻاهر نڪري آيو ۽ هُوءَ ڪوبه جواب ڏيڻ بنا ٻئي ڪمري طرف هلي وئي. انهيءَ ٻئي ڪمري ڏانهن، جنهن ۾ عابد عليءَ لاءِ نامحرم ڇوڪري زينب، ڪجهه ڏينهن رهي هتان هلي وئي هئي.
طلاق واري اڄوڪي حادثي عابد عليءَ کي لوڏي ڇڏيو هو. هُو پنهنجي اندر ئي اندر ڀڄي ڀُري ۽ وکري چڪو هو. گهرَ جي اڱڻ ۾ فجر جي نماز پڙهڻ کان پوءِ هُو ڪمري اندر هليو آيو هو ۽ ڏاڍو رُنو هو پنهنجي مُنهن ڪيتري دير تائين ٻارن جيان سُڏڪا ڀريندو رهيو هو ۽ سجدي ۾ ڪرِي الله کان معافيون گهرندو رهيو هو. هُو لڳاتار سجدي ۾ پيل رهيو هو. سجدي مان ڪنڌ تڏهن مٿي ڪيو هئائين، جڏهن سندس ڪنڌ ۽ ڪرنگهي ۾ سُور پئجي ويو هو. سجدي مان ڪنڌ مٿي ڪرڻ کان پوءِ هن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته سندس ڪرنگهي مان سُور جي شديد سَٽَ اڀري وئي هئي. ڪوشش جي باوجود هُو اُٿي نه سگهيو هو، تڏهن سجدي لاءِ جُهڪيل حالت ۾ ئي پاسو ورائي ڪرونڊڙو ٿي مصلي تي ليٽي پيو هو. ائين، جيئن ڪو ننڍڙو ٻار پنهنجا گوڏا پيٽ طرف ڪري، ڪنڌ ڇاتيءَڏانهن لاڙي وڪوڙجي سمجهي پوندو آهي.
عام طور فجر جي نماز کان پوءِ خديجه چانهه ٺاهي اچي عابد عليءَ جي اڳيان رکندي هئي. هُو ٻئي گڏ ويهي چانهه پيئندا هئا ۽ پوءِ خديجه گهر جي ڪم کي جُنبي ويندي هئي ۽ عابد علي ڪجهه دير واڪ ڪري موٽي ايندو هو،ته هن لاءِ نيرن تيار ٿي چڪي هوندي هئي. جڏهن سيتا هن گهر ۾ آئي هئي ته سندن صبح واري روٽين ٿورڙي تبديل ٿي وئي هئي، جو عابد عليءَ پاڻ ئي خديجه کي چيو هو ته هُوءَ سيتا جي ڪمري ۾ وڃي ساڻس گڏ چانهه پيئي ۽ کيس دلداري ڏيندي رهي، پر اڄ سڀ ڪجهه بدلجي چڪو هو. سيتا ته زينب بڻجي، نه ڄاڻ اڄ ڪيڏانهن هلي وئي ۽ انهيءَ ساڳي ڪمري ۾ خديجه، پنهنجي درد سان گڏ اندر هلي وئي هئي. فجر جي نماز وقت خديجه جيئن ٻئي ڪمراندر وئي هئي ته وري ٻاهر نه نڪتي هئي.
عابد علي پنهنجي ذهني ۽ جسماني درد سان گڏ، فرش تي وڇايل مصلي تي ئي ليٽيو پيو هو ۽ صبح جا نَوَ ٿي ويا هئا. اڄ عابد عليءَ جي دل ئي نه پئي چاهيو آفيس وڃڻ تي، پر کيس نوڪري ته ڪرڻي ئي هئي. عابد عليءَ جي پُٺيءَ ۽ ڪنڌ جو سُور گهڻو گَهٽجي چڪو هو، پر سندس اندر جو درد جيئن پوءِ تيئن وڌندو ئي رهيو هو. هُو اهو سوچي آفيس وڃڻ لاءِ اُٿيوته ريلوي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙين غلطين جي ڪري وڏا حادثا به ٿي پوندا آهن.
عابد علي الماڙيءَ مان اسٽيشن ماسٽر واروپنهنجو يونيفارم ڪڍي پاتو ۽ ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. گهرَ جي ٻاهرئين در ڏانهن ويندي هُو اچتو بيهي رهيو ۽ ڪنڌ ورائي ٻئي ڪمري جي در طرف ڏٺائين. ڪمري جو در ٻيڪڙيل هو، پر ٻنهي تاڪن جي وچ ۾ ٿورڙي وٿي هئي. ڪجهه سوچي هُو ٻئي ڪمري جي درطرف وڌي ويو. در وٽ پهچي، هن بي اختيار وٿيءَ مان اندر ڏٺو.
ڪمري اندر بيڊ تي خديجه ڪنڌ جُهڪائي ويٺل هئي. بيحد ڏکاري ۽ اداس. پنهنجي ئي سوچن ۾ گم سم.
در جي وٿيءَ مان هڪڙو ئي لمحو اندر ڏسڻ کان پوءِ، هڪدم عابد عليءَ کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ هن وٿيءَ وٽان پنهنجو چهرو هٽائي ڇڏيو. چپن ۾ ئي نعوذبالله چوڻ کان پوءِ هن دل ئي دل ۾ الله کان پنهنجي غلطيءَ جي معافي ورتي، جو کيس احساس هو ته خديجه هاڻي سندس زال نه رهي آهي، پر هاڻي خديجه هن لاءِ هڪ نامحرم عورت بڻجي چڪي آهي، جنهن ڏانهن هڪ نظر ڏسڻ به گناهه آهي. در جي پاسي ۾ بيٺل عابد عليءَ جو ڪنڌ جُهڪي ويو. هن ٿڌو ساهه کڻي، درطرف ڏسڻ بنا سڏ ڪيو، ”خديجه!“
ڪمري اندران ڪوبه جواب نه آيو.
عابد عليءَ در طرف منهن ڪري ٿورو وڏي آوازسان سڏ ڪيو، ”خديجه!“
ڪمري اندر بيڊ تي ڪنڌ جُهڪائي ويٺل خديجه ڇرڪي در طرف ڏٺو. در جي ٻيڪڙيل ٻن تاڪن جي وچ مان ٻاهر جي روشني ڪمري اندر اچي رهي هئي. خديجه پنهنجي مٿي تي پيل رَئو ٺاهي رکيو، پر هن ڪوبه جواب نه ڏنو. هڪ لمحي کان پوءِ هن وري عابد عليءَ جو سڏ ٻُڌو، ”او خديجه!“
خديجه بيڊ تان اٿي وڃي در جي پاسي ۾ ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيهي رهي، جيئن ٻاهران جي نظر مٿس نه پئجي سگهي. هُن نه چاهيندي به، سُڏڪي جهڙو هڪ ڊگهو ساهه کڻي هلڪي آواز سان جواب ڏنو، ”جِي!“
”مان ڊيوٽيءَ تي پيو وڃان.“ در جي ٻاهران بيٺل عابد عليءَ جو اداس آواز اندر آيو، ”گهر جو ٻاهريون در بند ڪري ڇڏجانءِ.“
خديجه جي دل چاهيو ته هُوءَ عابد عليءَ کي روڪي ۽ کيس ناشتو ٺاهي ڏي، پر چاهيندي به هُوءَ کيس نه روڪي سگهي ۽ ٻئي لمحي عابدعليءَ جي ويندڙ قدمن جو آواز سندس ڪَنن تي پيو. ڪمري اندر، دروازي جي پاسي ۾ ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيٺل خديجه ڪجهه سوچي، پنهنجي مٿي تي پيل رَئي کي ڇِڪ ڏئي پنهنجو چهرو ڍڪيو ۽ در جو هڪ تاڪ کولي پُٺيري ويندڙ عابد عليءَ طرف نهاريو، ” ٻُڌو !“
عابد علي پنهنجي جاءِ تي بيهي رهيو. هن پوئتي ڪنڌ ورائڻ کان سواءِ ڳالهايو، ”جي؟“
”هُو... هُوءَ...“ خديجه جي لهجي ۾ ڏک ۽ پريشانيءَ جو گڏيل تاثر هو، ”زينب... ڪيڏانهن وئي؟“
”وساري ڇڏيو هن کي.“ عابد عليءَ پوئتي منهن ورائڻ کان سواءِ سرد لهجي ۾ چيو، ”اڄ کان پوءِ هِن گهر ۾ زينب جو ڪوبه ذڪر نه ٿيندو!“
”پر...“ خديجه ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو.
”مون چيو نه، هاڻي زينب جو هِن گهر ۾ ڪوبه ذڪر نه ٿيندو.“ عابد عليءَ ڏکاري ۽ بيحد سرد لهجي ۾ چيو، ”بس... ائين سمجهو ته هُوءَڪو افسانو هئي!“
”زينب ڪو افسانو نه، جِيئري جاڳندي حقيقت هئي.“ خديجه لفظن تي زور ڏيندي چيو، ”توهان ٻڌايو ڇو نٿا، ته ڪيڏانهن وئي زينب!؟“
”مون چيو نه، وساري ڇڏيو زينب کي... هُوءَ سدائين لاءِ هن گهر مان وڃي چڪي آهي.“ عابد عليءَ ٿورو جذباتي ٿي ڳالهايو. سندس آواز ۾ گهرو ڏک هو.
”تڏهن به...“ خديجه هارايل آواز ۾ ڪجهه چوڻ چاهيو، پر وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي.
”زينب هن گهر ۾ ڪجهه ڏينهن گذاريا ۽ هتان هلي وئي...“ عابد عليءَ جو آواز ڀرجي آيو ۽ هن بي اختيار ڪنڌ ورائي خديجه طرف ڏٺو. سُڏڪي جهڙي ڊگهي ساهه کان پوءِ هن انتهائي ڏکاري آواز ۾ چيو، ”۽... ۽ هاڻي...تون هن گهر ۾ چئِن مهينن جي مهمان آهين!!“ عابد عليءَ جو ڪنڌ پاڻهي جُهڪي ويو.
رَئي سان پردو ڪري، در کي ٽيڪ ڏئي بيٺل خديجه جو اندر ڄڻ ٻيهر ٻه ٽُڪر ٿي پيو. سندس وات مان هڪ گرم ساهه ٻاهر نڪتو، ڄڻ سندس اندر ۾ ڪا باهه ٻرندي هجي. سندس اکيون آليون ٿي ويون ۽ هن ڪَنبندڙ چپن سان ڳالهايو، ”ها... ڄاڻان ٿي... ته... ته اهي چار مهينا به... چئِن ڏينهن جيان گذري ويندا... ۽ ... ۽ ...“
خديجه وڌيڪ ڪجهه نه ڳالهائي سگهي، پر هن ڏٺو ته سندس سامهون ڪنهن مجرم جيان ڪنڌ جُهڪائي بيٺل عابد عليءَ جي اکين مان ٻه لڙڪ نڪتا ۽ فرش تي وڃي ڪريا. درد وچان عابد عليءَ جون اکيون زور سان بند ٿيون، اکيون کولڻ کان سواءِ هُن منهن ڦيرائي ٻئي طرف ڪيو ۽ تڪڙو تڪڙو هلندو گهر کان ٻاهر نڪري ويو.
عابد علي ٻاهر نڪري ويو ته ڪمري جي در کي ٽيڪ ڏئي بيٺل خديجه جي اکين اڳيان ڄڻ سڄو گهر خالي ٿي ويو. ڪي لمحا هُوءَ جيئن جوتيئن ساڪت پنهنجي جاءِ تي بيٺي رهي ۽ پوءِ بي اختيار سندس قدم اڳتي وڌيا. ڪجهه قدم اڳتي وڃي هُوءَ گوڏن ڀر فرش تي ويهي رهي. فرش تي پيل عابد عليءَ جي هڪ لڙڪ مٿان پنهنجي هڪڙي آڱر رکيائين، ته اوچتو اُٻڙڪو ڏئي هڪ سُڏڪو سندس وات مان نڪتو. هن عابد عليءَ جي فرش تي ڪريل لڙڪ تان آڱر کڻي، پنهنجي وات تي هٿ رکي سُڏڪن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پنهنجي اندر مان نڪرندڙ درد جي درياهه کي بند ٻڌي نه سگهي. هُوءَ ڪنهن ننڍڙي ٻارڙيءَ جيان ڍنڍڪرون ڏئي روئي پئي. سندس ڪنڌ جُهڪي ويو ۽ فرش جي جنهن ٽُڪري تي عابد عليءَ جا ٻه لڙڪ ڪريا هئا، ان جاءِ تي سانوڻيءَ جي بارش ٿيڻ لڳي ۽ ڪڪريون هيون خديجه جون اکيون.