11
عابد علي، رات جو اونداهيءَ ۾ شهر جون گهٽيون لتاڙي، شهر کان ٻاهر ويندڙ رستن کان ٿيندو ريلوي اسٽيشن تي پهتو. ريلوي پليٽ فارم به شهر جي گهٽين ۽ شهر کان ٻاهر ويندڙ رستن جيان ويران هو. هن هڪ وڏو ساهه کڻي پليٽ فارم تي ٻنهي پاسي نهاريو، پر مايوسيءَ کان سواءِ کيس ڪجهه به نه مليو. کيس پڪ ٿي وئي ته زينب، ڪُتن جيان نوس نوس ڪندڙ شنڪر جي هٿياربند ماڻهن جي هٿ چڙهي وئي هوندي. اهو سوچي سندس اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ته اڄوڪي رات جي پيٽ ۾ ئي زينب مارجي ويندي، ڇو ته شنڪر جهڙي پٿر دل ماڻهوءَ مان رحم جي اميد ته ڪري ئي نٿي سگهجي.
عابد علي مايوسيءَ مان ڪنڌ جُهڪائي بيهي رهيو. ڪجهه دير کان پوءِ هن ڪنڌ کڻي وري پليٽ فارم جي ٻنهي پاسي ڏٺو. پليٽ فارم تي ٻرندڙ پراڻي ليمپ جي هلڪي روشنيءَ ۾ هڪ بڙ جي وڻ پٺيان هن کي هلڪي چُرپُر محسوس ٿي. عابد عليءَ جي اندر ۾ اميد جاڳي پئي. زينب جڏهن سيتا جي حيثيت سان پنهنجي حويليءَ کان ڀڳي هئي ته کيس انهيءَ بڙ جي وڻ پويان ئي لڪل ملي هئي. عابد عليءَ کي پڪ ٿي وئي ته اڄ به زينب اتي ئي اچي لڪي هوندي. هُو تڪڙو تڪڙو بڙ جي وڻ ڏانهن وڌيو. اڃا هُو وڻ جي ڀرسان پهتو ئي نه هو، ته وڻ هيٺيان وري چُرپُر ٿي ۽ هڪ ڪتو ڀؤنڪندو اٿي بيهي رهيو. عابد علي ڇرڪي پنهنجي جاءِ تي بيهي رهيو. ڪتو ڪو خطرو نه سمجهي وري وڻ جي هيٺيان ويهي رهيو. عابد عليءَ ڪنڌ ورائي پليٽ فارم طرف ڏٺو. ويران پليٽ فارم تي سندس آفيس جو در کُليل نظر اچي رهيو هو، جنهن مان بلب جي هلڪي روشني پليٽ فارم تي پئجي رهي هئي. عابد عليءَ ڄاتو ٿي ته آفيس ۾ سندس اسسٽنٽ عبدالله موجود هوندو، پر عابد عليءَ جي دل نه چاهيو ته هُو پنهنجي آفيس وڃي، ڇو ته کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هُو ڇا چوندو عبدالله کي، ته هن مهل ڇو آيو آهي آفيس... ڪيئن ٻڌائي سگهندو ته هن پنهنجي زال خديجه کي طلاق ڏيئي ڇڏي آهي ۽ زينب سندس گهر ڇڏي موت جي مُنهن ۾ هلي وئي آهي!
بڙ جي وڻ هيٺان بيٺي عابد عليءَ کي ڀنواٽي اچڻ لڳي. سندس مٿو ڦِرڻ لڳو. کيس لڳو، جيڪڏهن هُو ڪجهه دير وڌيڪ بيٺو رهيو ته ڪِرِي پوندو. هُو پاڻ سنڀالي پليٽ فارم تي ٺهيل بينچ تي وڃي ويٺو. اوچتو ٿڌي هوا جو هڪ تيز جُهوٽو سندس جسم سان ٽڪرايو، پر سندس اندر ۾ دُکندڙ درد اوچتو ڀڙڪو ڏئي ڀنڀٽ بڻجي پيو. زينب جي هليي وڃڻ سان گڏ خديجه کي ڏنل طلاق جي غلطيءَ سندس اندر کي ٽُڪرا ڪري ڇڏيو. هن افسوس سان هڪ ڊگهو ساهه کنيو ته سندس اهو ساهه سُڏڪي ۾ بدلجي ويو. هن انهيءَ اوچتي سُڏڪي کي روڪڻ جي ڪوشش ته ڪئي، پر بي اختيار روئي پيو. هن پنهنجا ٻئي هٿ چهري مٿان رکي ڇڏيا ۽ ڪنهن ننڍڙي ٻار جيان ڪيتري دير تائين روئندو رهيو.