19
”ڊاڪٽر صاحب، ڪيئن آهي زينب!؟“ الماس بيچينيءَ مان هڪدم پڇيو.
ڊاڪٽر هڪ لمحو سوچي، بنا ڪو جواب ڏيڻ جي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، ته الماس بي اختيار ڊاڪٽر کي ٻانهن کان پڪڙي ورتو. ذري گهٽ روئندي چيائين، ”پليز ڊاڪٽر صاحب!“ سندس چپ ڪنبي رهيا هئا ۽ سڏڪو سندس نڙيءَ ۾ اٽڪيل هو.
ڊاڪٽر، الماس جي حالت ڏسي، چاهيندي به ڪو جواب نه ڏنو.
رفيق، الماس جي ڪلهي تي هٿ رکي کيس آٿت جو زور ڏئي، ڊاڪٽر طرف ڏسندي چيو، ”پيشنٽ جي جيڪا به ڪنڊيشن آهي، پليز اسان کي ٻڌائي ڇڏيو!“
ڊاڪٽر ڊگهو ساهه کڻي چيو، ”ڪا گهڻي اميد ناهي، بس دعا ڪيو!“
الماس جي نڙيءَ ۾ ڪو هڪڙو سڏڪو اٽڪيل نه هو، هڪڙي سڏڪي جي پويان درد جو هڪ ڊگهو تسلسل لڪل هو. اسپتال جي ڪوريڊورس ۾ پري تائين الماس جا سڏڪا گونجڻ لڳا ۽ رفيق لاءِ الماس کي سنڀالڻ مشڪل ٿي پيو. هو کيس ڀاڪر ۾ ڀري، لفظن جي سهاري کان سواءِ کيس آٿت ڏيندو رهيو ۽ کيس آهستي آهستي ڪوريڊور ۾ پيل بينچ طرف وٺي ويو.
رفيق جي پاسي ۾ بينچ تي ويٺل الماس ڪافي دير کان پوءِ جڏهن سامت ۾ آئي، تڏهن پهرين سوچ سندس ذهن ۾ اها آئي، ته زينب زندگيءَ ۽ موت جي اهڙي ٻواٽي تي بيٺل آهي، جتي هر گذرندڙ لمحي سان زندگيءَ جو رستو سوڙهو ٿيندو ٿو وڃي.... ۽.... ۽ جنهن شخص زينب کي موت جي اونداهي واٽ تي پهچايو آهي، اهو شخص هن مهل سڪون جي ننڊ پيو هوندو....! انهيءَ سوچ الماس جي وجود ۾ سخت نفرت، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڀري ڇڏيو. هن ڀرسان پيل پرس مان پنهنجي سيل فون ڪڍي سلمان جي نمبر تي ڪال ڪئي. ڪجهه دير کان پوءِ سلمان جو ننڊاکڙو آواز آيو، ”ڏسو، مون توهان کي چيو هو ته زينب جي سلسلي ۾ وري ڪڏهن به مون سان رابطو نه ڪجو، پر توهان ته منهنجي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي!“
”زندگي ته توهان زهر ڪئي آهي زينب جي!“ الماس سخت ڪاوڙ مان جواب ڏنو، ”زينب خودڪشي ڪري ڇڏي آهي ۽.... ۽ شايد.... زندگيِءَ جا آخري ساهه کڻي رهي آهي!“
”ڇا....!!؟“ سلمان جو ڇرڪيل آواز آيو.
رفيق ٿڌو ساهه کڻي، فون تي سخت ڪاوڙ ۽ نفرت مان ڳالهائيندڙ الماس الماس طرف ڏٺو.
الماس چيو، ”۽ مسٽر سلمان، مون کي ڪو شوق ناهي توهان سان ڳالهائڻ جو.... ڳالهائڻ لاءِ هاڻي ته ڪجهه بچيو به ناهي....!“ الماس سخت ڪاوڙ مان فون بند ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي بيحد پياري دوست زينب جي وڇوڙي جو تصور ڪري، ڊگها ڊگها ساهه کڻي پنهنجي اندر جي گهاءَ کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. ڀرسان ويٺل رفيق، الماس جي پٺيءَ پويان ٻانهن ورائي سندس ڪلهي ۾ هٿ وجهي کيس وڌيڪ پنهنجي ڀرسان سوري، سندس ڪلهي تي آٿت جو زور ڏنو ته الماس جي هٿ ۾ جهليل موبائل فون جي بيل وڄڻ لڳي. الماس فون جي اسڪرين تي سلمان جو نالو ڏسي، فون رفيق جي هٿ ۾ ڏيندي نفرت جي انتهائن سان چيو، ”هن کي سختيءَ سان روڪي ڇڏيو ته وري ڪڏهن به رابطو نه ڪري، نه ته سندس خلاف اسان قانوني ڪارروائي ڪنداسين!“
رفيق هاڪار سان ڪنڌ لوڏي ڪال رسيو ڪئي، ته الماس ٻئي طرف منهن ڪري ٻيهر سڏڪي پئي.