23
”مهينا گذري ويا، پر تون نه آئينءَ ته سوچيم، ڀلا مان ئي ٿي تو وٽان چڪر هڻي وڃان!“
”ڪا مجبوري هئي.... نه ته.... ضرور اچان ها مان به.“ خديجه مرڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.
”اڙي مائي، اهڙي به ڪهڙي مجبوري، جو منهن ڏيکارڻ کان به وئي آهين!“ سوميءَ ميار ڏني.
خديجه جواب ڏيڻ بجاءِ پريشانيءَ مان ٻاهرين در طرف ڏٺو ۽ سندس پريشاني وڌي وئي، جو عابد عليءَ جي اچڻ جو وقت ٿي ويو هو. سوچيائين، عابد علي اچي ويو ته مان پاڙيسري عورت جي سامهون عابد عليءَ کان ڪيئن پردو ڪري سگهنديس، جو پاڙي ۾ ته ڪنهن کي به اسان جي وچ ۾ ٿي ويل طلاق جي خبر ئي ناهي.... ۽ جي پردو نه ڪنديس ته گناهگار ٿينديس!
”ڇا ٿيو ٿي مائي، تون ته ڪو جواب ئي نٿي ڏئين!“ سوميءَ حيرت ۽ ناراضگيءَ سان چيو، ”منهنجو اچڻ نه وڻيو اٿئي ته کڻي هلي وڃان!“
خديجه چوڻ ته اهو چاهيو ته، ها.... جلدي هلي وڃ تون هن گهر مان.... پر ائين چئي نه سگهي ۽ نه چاهيندي به چيائين، ”نه نه.... تنهنجي ته مهرباني آهي جو ڪڏهن ڪڏهن اچين ٿي.“
انهيءَ مهل ئي در کڙڪيو ته خديجه ڇرڪي پئي. کيس پڪ ٿي وئي ته عابد علي اچي ويو هوندو. هن بيحد پريشانيءَ مان هڪ نظر ٻاهرين در طرف ڏٺو ۽ وري سوميءَ طرف ڏٺائين. دروازو ٻيهر کڙڪيو، تڏهن به خديجه پريشانيءَ مان ويٺي رهي.
”تون ڏسين ڇو نٿي وڃي ته ڪير آهي در تي!“ سوميءَ ٿورو حيرت سان چيو، تيسين ٽيهر در کڙڪيو.
خديجه نه چاهيندي به اٿي ۽ در تائين هلي وئي، ”ڪير؟“
”مان آهيان.... عابد علي.“ در جي ٻاهران آواز آيو.
خديجه منهن ڍڪڻ لاءِ پنهنجي پوتيءَ ۾ هٿ وڌو، پر پوءِ سوميءَ طرف ڏسي پوتيءَ جي پلئه کي ڇڏي ڏنائين. پردو ڪرڻ کان سواءِ در جي ڪنڍي کولي هڪدم منهن ڦيري ٻئي طرف ڪري ڇڏيائين.
سوميءَ حيرت مان خديجه طرف ڏٺو.
عابد علي جهڪيل ڪنڌ سان گهر ۾ داخل ٿيو ۽ در بند ڪري، جهڪيل ڪنڌ سان ئي اڱڻ ۾ کٽ تي ويٺل سوميءَ کي سلام ڪري ڪمري طرف هليو ويو. ان وقت تائين خديجه ٻاهرين در وٽ ئي چهرو ٻئي طرف ڪري بيٺل رهي. جڏهن خديجه کي احساس ٿيو ته عابد علي ڪمري ۾ هليو ويو آهي، تڏهن هوءَ ڪنڌ جهڪائي خاموشيءَ سان اچي سوميءَ جي ڀرسان ويهي رهي.
”ڇو.... ڇا ڳالهه آ....“ سوميءَ مرڪي خديجه جي چهري ۾ ڏسندي چيو، ”مڙس کي ڏسي منهن ڦيرائي ڇڏيئي!“
”جي.... هو.... بس.... ائين ئي!“ خديجه منجهي پئي، وڌيڪ پريشان ٿي وئي.
”پر مان ته سمجهي ويس!“ سوميءَ جي مرڪ وڌيڪ گهري ٿي وئي.
خديجه ڇرڪي پئي، ”ڇا....! ڇا سمجهي وئينءَ!؟“
”اهو ئي.... ته اڄڪلهه ناراض آهيو هڪ ٻئي کان!“ سوميءَ مرڪي چيو.
”هون....“ خديجه ٿڌو ساهه کنيو، ”ها....!“
”اها ناراضگي به پيار جي نشاني آهي.“ سوميءَ هلڪو ٽهڪ ڏئي چيو، ”مان وڃان ٿي، متان هو توکي پرچائڻ لاءِ اچي ڀاڪر وجهي!“
خديجه ڪوبه جواب نه ڏنو. هن پنهنجي اندر ۾ درد جي لهر محسوس ڪئي.
سوميءَ کٽ تان اٿي، کٽ تي پيل پنهنجو برقعو کنيو ۽ ذومعنيٰ انداز سان مرڪندي چيائين، ”زال مڙس جو رشتو به عجيب آهي.... ڏينهن جو وڙهندا آهن ۽ رات جو وري ٺهي ويندا آهن....!“
سوميءَ برقعو پائي، خديجه سان موڪلاڻيءَ جو ڀاڪر پاتو، ”چڱو مان هلان ٿي، پر هاڻي ڏينهن ٻن ۾ تون ضرور اچجانءِ.“
خديجه ڪوبه جواب نه ڏنو، جو هن ڪوڙ ڳالهائڻ جو گناهه نه پئي ڪرڻ چاهيو ۽ نه ئي پاڙي جي عورت کي اهو ٻڌائي پئي سگهي ته ٻن ڏينهن کانپوءِ هوءَ هن گهر ۾ ته ڇا، پر هن شهر ۾ به نه هوندي. سومي هلي وئي ته خديجه آسمان طرف ڏٺو. آسمان تي ڪڪر مڙي آيا هئا ۽ خديجه پنهنجي دل اندر غم جي گهٽائن کي گڏ ٿيندي محسوس ڪيو.