ناول

سيتا زينب

زيب سنڌي جو هي پهريون ئي ناول ”سيتا زينب“ بيحد مقبول ٿيو آهي. هن ناول تي اردوءَ ۾ ٽيلي فلم پڻ ٺاهي وئي ۽ هن ناول کي سال جي بهترين ناول جو ايواڊ پڻ ڏنو ويو. هن ناول کي شاهد حنائِي اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ ان جا ٻه ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3317
  • 937
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سيتا زينب

24

ٻاهر بادل برسي رهيا هئا ۽ خديجه جي دل اندر غم جي بارش ٿي رهي هئي. ٻاهر پَٽ پِسي رهيا هئا ۽ خديجه جون اکيون ڀنل هيون. رات جو هڪ ٿي ويو هو، پر ننڊ جو پکي سندس اکين جي آکيري ۾ نٿي آيو، ڄڻ ننڊ جو پکي پنهنجو آکيرو ئي ڇڏي ڪيڏانهن هليو ويو هو. هوءَ جاڳندي رهي، ايندڙ وقت لاءِ سوچيندي ئي رهي.... بيڊ تي ويٺي ويٺي سندس چيلهه ۾ سور پئجي ويو هو، پر تڏهن به هوءَ مٿي تي هٿ رکي ويٺي ئي رهي. اوچتو ڪمري جو در کڙڪيو ته هوءَ ڇرڪي پئي.
”جاڳو ٿيون نه توهان؟“ ٻاهران عابد عليءَ جو آواز آيو.
”ها.“ خديجه مختصر جواب ڏنو.
”مان اندر اچان؟“ ٻاهران عابد عليءَ جو آواز آيو.
”جي!“ خديجه وري به هڪڙي ئي لفظ جو جواب ڏنو، ۽ ڳچيءَ ۾ پيل رئو مٿي تي رکي، چهرو به ڍڪي ڇڏيائين.
”مون کي پڪ هئي ته اڄ توهان کي اڃا ته ننڊ نه آئي هوندي!“
عابد عليءَ ڪمري ۾ داخل ٿيندي چيو ۽ ڪجهه فاصلي تي پيل ڪرسيءَ تي وڃي ڪنڌ جهڪائي ويهي رهيو.
”توهان کي ڇو نٿي ننڊ اچي!؟“ خديجه، عابد عليءَ طرف ڏسڻ کان سواءِ پڇيو.
عابد عليءَ ڪا دير خاموش رهيو ۽ پوءِ ڊگهو ساهه کڻي چيائين،
”نٿي اچي مون کي به ننڊ.... ائين، جيئن مسافر سڄي رات پليٽ فارم تي انتظار ڪندا رهن ۽ اچڻ واري ٽرين ئي ڪينسل ٿي وڃي!“
خديجه ڪوبه جواب نه ڏنو، پر هڪ بيحد ڊگهو ساهه کنيائين.
عابد علي ڪجهه دير چپ چاپ ڪنڌ جهڪائي ويٺو رهيو ۽ پوءِ ڪنڌ مٿي کڻڻ کان سواءِ ڏک مان چيائين، ”مان سمجهان ٿو.... اڄ.... ڏاڍو اداس هوندئو توهان!“
خديجه ڪوبه جواب نه ڏنو.
عابد عليءَ جو جهڪيل ڪنڌ ٿورو وڌيڪ جهڪي ويو. پنهنجي ٻنهي هٿن جون آڱريون هڪ ٻئي ۾ جڪڙي ڇڏيائين ۽ پاڻ تي جبر ڪري چيائين، ”سڀاڻي توهان کي هن گهر مان وڃڻو آهي پر....“ لفظن سندس ساٿ نه ڏنو ته هو چپ ٿي ويو، پر ڳوڙهن سندس ساٿ ڏنو ۽ سندس اکيون آليون ٿي ويون.
خديجه وري به خاموش رهي، پر سندس من جي بن تي گهنگهور گهٽائون گجگوڙ ڪرڻ لڳيون.
عابد عليءَ پنهنجا هٿ مهٽيندي ٿڌو ساهه کنيو. ڳيت ڏئي چيائين،
”رخصتي پيءُ ماءُ جي گهر مان ٿيندي آهي ته انهيءَ ۾.... خوشي شامل هوندي آهي.... تڏهن به ڇوڪري اداس هوندي آهي.... پر.... توهان جي رخصتي ته ڏاڍي مختلف آهي.... سانحو آهي اها ته....!“
خديجه پنهنجي جسم ۾ رت بجاءِ درد کي ڊوڙندي محسوس ڪيو. زور سان اکيون بند ڪري، چپ ڀيڪوڙي ڇڏيائين ۽ اندر مان اٿندڙ درد جي لهر کي اندر ۾ ئي دٻائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر پوءِ به سندس بند اکين مان ٻه لڙڪ ٻاهر نڪري آيا.
”پر....“ عابد عليءَ پنهنجي وجود کي ريل جي ڦيٿن هيٺان ڪٽجندي محسوس ڪيو، پر تڏهن به جبر ڪري چيائين، ”عبدالرحيم ڏاڍو سٺو انسان آهي.... هو.... هو توهان کي خوش رکڻ جي پوري ڪوشش ڪندو.“
عابد عليءَ جي لفظن سان خديجه جي اکين جا بند ڀڳا ته، خديجه جو چهرو ٻوڏ آيل سنڌ جيان پاڻي پاڻي ٿي ويو.
”عبدالرحيم ريلوي ۾ ڪنڊيڪٽر گارڊ آهي.“ عابد عليءَ پاڻ تي جبر ڪري وري ڳالهايو، ”ان ڪري.... پنهنجي ڊيوٽيءَ تي ريل ۾ روانو ٿيندو آهي ته، گهر ۾ سندس ٻه معصوم ٻارڙا اڪيلا هوندا آهن!“
خديجه جي اکين مان سندس لڙڪ ته سنڌوءَ جيان رستو ٺاهي، سندس چهري تان وهندا رهيا، پر هن پنهنجي چپن جا بند ٽٽڻ نه ڏنا ۽ هڪ سڏڪي کي نڙي اندر ئي گُهٽي روڪي ورتو.
عابد عليءَ جي اکين مان ٻه لڙڪ نڪتا ۽ سندس ننڍڙي ڏاڙهيءَ جي وارن ۾ اٽڪي پيا. روئڻهارڪي آواز سان چيائين، ”زال جي وفات کانپوءِ.... هن کي به.... توهان جهڙي ئي.... ڪنهن نيڪ عورت جي ضرورت هئي، جيڪا سندس معصوم ٻارن کي ماءُ بڻجي پالي سگهي!“
اوچتو ٻاهر برسندڙ بادلن زور سان گجگوڙ ڪئي ته ان وقت خديجه جي چپن جو بند به ٽٽي پيو ۽ هڪ وڏو سڏڪو بادلن جي گجگوڙ سان گڏ گونجي پيو. جيسين عابد علي آٿت جا ڪي لفظ سوچي، تيسين خديجه جي نه کٽندڙ سڏڪن جو سلسلو شروع ٿي ويو. خديجه جا درد ڀريا سڏڪا ٻڌڻ عابد عليءَ لاءِ ممڪن نه رهيو ۽ هو چاهيندي به خديجه کي ڪا آٿت ڏئي نه سگهيو، جو اهڙي موقعي لاءِ آٿت جهڙا ڪي لفظ ته وٽس هيا به ڪونه. هو جهڪيل ڪنڌ سان ئي اٿيو ۽ ٻاهرين در طرف هليو ويو.
ٻاهر ڪڪرن مان بارش ٿي رهي هئي ۽ ڪمري اندر اکڙين منجهان.