ياد تنهنجي ۾ هي منهنجي دل بُلاٽيون کائي ٿي،
تون ڪڏهن ايندين اڱڻ تي اک ”ڀوانٽيون“ کائي ٿي.
هيل ڇو تو دير آهي ڪئي، اچڻ ۾ ڇو ڀلا!
تو سوا دردن جون هي دل، روز ڇاٽيون کائي ٿي.
تون جڏهن ايندو جي ناهين ڪنهن مهل منهنجي اڱڻ،
زهر قاتل جون ڀري، دل منهنجي پاٽيون کائي ٿي.
تون گهمين ٿو غير سان گڏ ڇو پيو منهنجي اڳيان،
غير سان توکي ڏسي، دل هي ڦِراٽيون کائي ٿي.
منهنجي دل کي تو سٽي آهي ڇڏيو بيدرد ٿي،
جيئن ڪپهه تنبجڻ جيان، دل منهنجي ساٽيون کائي ٿي.
تنهنجو ”قرني“ پيار تنهنجي ۾ رهي ٿو مست الست،
تنهنجي لاءِ منهنجي دل هي، سيسراٽيون کائي ٿي.