شيخ عزيز

Author Name

برک صحافي ۽ ليکڪ شيخ عزيز، 9 ڊسمبر 1938ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. انٽر تائين تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته گريجوئيشن ‘ٿامس ڪاليج آف جرنلزم لنڊن’ (Thomas College of Journalism London) مان 1968ع ۾ ڪيائين. هن پنهنجي صحافتي زندگيءَ جي شروعات 1957ع ۾ روزاني ‘ڪاروان’ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر طور ڪئي. 1958ع کان 1961ع تائين روزاني ‘عبرت’ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر رهيو. 1961ع کان 1965ع تائين ’عبرت‘ ۾ سينيئر سب ايڊيٽر رهيو. 1965ع کان 1975ع تائين ساڳي اخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ مئگزين ايڊيٽر رهيو. 1976ع ۾ ايڊيٽر هفتيوار ‘آبزرور‘ مقرر ٿيو. 1977ع کان 1980ع تائين ايڊيٽر روزاني ‘سنڌ نيوز‘ مقرر ٿيو. 1980ع ۾ روزاني ‘جنگ’ اخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ مئگزين ايڊيٽر رهيو. جڏهن ته 1982ع کان 1987ع تائين روزاني ‘حريت’ ڪراچيءَ ۾ مئگزين ايڊيٽر ۽ 1987ع کان 1989ع تائين نيوز ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏنائين. 1989ع ۾ انگريزي اخبار روزاني ‘ڊان ’ ۾ سينيئر سب ايڊيٽر ۽ نائيٽ ايڊيٽر، جڏهن ته 2000ع کان 2008ع تائين ايڊيشن انچارج ۽ نائيٽ انچارج رهيو. پاڻ 2008ع کان 2011ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو وائيس چيئرمئن به رهيو. شيخ عزيز جون تحقيق جي ميدان ۾ وڏيون خدمتون آهن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جي سنڌي ڊڪشنريءَ جي تياري واري اسڪيم ۾ 1956ع کان 1957ع تائين ريسرچ اسسٽنٽ رهيو. ساڳين سالن ۾ هن حڪومت پاڪستان جي سنڌي اردو ڊڪشنريءَ جي تياري ۾ به ريسرچ اسسٽنٽ جي حيثيت ۾ هٿ ونڊايو. 1957ع کان 1960ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جي سنڌي لوڪ ادب پروجيڪٽ ۾ به ريسرچ اسسٽنٽ جي حيثيت ۾ پنهنجون ذميواريون نڀايون. 1978ع ۾ هن Rise and Fall of Writing, Studies in Human Communication موضوع تي انگريزيءَ ۾ مونوگراف لکيو. سندس تصنيفن ۾: ‘سنڌ جون پراسرار ڪهاڻيون’ (1960ع)، الحمرا جا داستان (1961ع)، ‘انتخاب‘ (ترتيب: سنڌي ڪهاڻيون 1963ع)، ‘نقش لطيف’ (شاهه لطيف جي زندگي ۽ شاعريءَ تي لکيل مقالا: ترتيب: 1964ع)، ‘عالمي صحافت’ (1975ع)، ‘مون لينن جو ڏيهه ڏٺو’ (سفرنامو: 1976ع)، The Tribute (2007ع)، ‘تقسيم کان تقسيم تائين’ (پاڪستان جي سياسي تاريخ: 2008ع)، Khirthar (2006ع)، ‘سندهه ڪي محلاتي داستانين’ (2009ع)، A History of Sindhi Literature (2008ع)، The Origin and Evolution of Sindhi Music (2008ع)، ‘ننڍي کنڊ ۾ ڊرامي جي تاريخ’ (2007ع)، Notes on Sindh، (2009ع)، ‘راڳ ساگر‘ (2004ع)، Bhutto-Memories and Remembrances (1993ع)، Preface to the Catalogue of Books (1972) ، A Compendium of the Poetry of Shah Latif in Four Languages with Appropriate Musical Narrations (2006ع)، ‘برصغير ۾ موسيقي لکڻ جي روايت’ (2010ع، ‘ڀٽو کان ضياءَ تائين’ (2012ع)، Musical Notes (2010ع) وغيره شامل آهن.
پاڻ 1963ع ۽ 1966ع ۾ حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر، 1974ع ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جو صدر، 1978ع کان 1980ع تائين سنڌ يونيورسٽي جي صحافت واري شعبي ۾ وزيٽنگ پروفيسر، 2008ع ۾ مرزا قليچ بيگ چيئر سنڌ يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو . 3000 جي لڳ ڀڳ سندس مضمون سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. ملينيم جي حوالي سان پاڪستاني موسيقيءَ تي لکيل سندس مقالو ‘دي ٽريڊيشن گوز آن’ جي عنوان سان آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچيءَ پنهنجي يادگار ڪتاب ۾ شامل ڪيو. سندس هڪ مقالو ‘عالمي غلامي’ جي عنوان سان 2003ع ۾ جانسبرگ ۾ ٿيل عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي شايع ٿيو، جيڪو بعد ۾ اقوام متحده پنهنجي سرڪاري رڪارڊ جي حصي طور محفوظ ڪيو. موسيقيءَ جي ڄاڻو هئڻ جي حيثيت ۾ هن جا مقالا ملڪ کان ٻاهر به ڇپيا آهن. کيس سندس خدمتن تي ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا آهن، جهڙوڪ:

1. Silver Jubilee Award of Excellence, Sindh University1998.
2. Literary Excellence Award, University of Karachi1999.
3. Diplae Excellence Award of Journalism 2000.
4. Taraqi Pasand Literary Award 2001.

 شيخ عزيز  4 آڪٽوبر 2018ع تي، ڇنڇر واري ڏينهن ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويندي دل جي دوري پوڻ بعد ڪراچيءَ جي آغا خان اسپتال ۾ 7 آڪٽوبر 2018ع تي آچر ڏينهن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندن آخري آرامگاهه ڪراچي جي پھلوان ڳوٺ واري قبرستان ۾ آهي. 

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي شيخ عزيز جا ڪُل 4 ڪِتاب موجود آھن


شيخ عزيز جا ڪتاب

عملي صحافت، مصنف : شيخ عزيز

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
عملي صحافت
مصنف : شيخ عزيز
تقسيم کان تقسيم تائين، مصنف : شيخ عزيز

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
تقسيم کان تقسيم تائين
مصنف : شيخ عزيز
ڀُٽي کان ضياء تائين، مصنف : شيخ عزيز

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڀُٽي کان ضياء تائين
مصنف : شيخ عزيز
منھنجو ڀاءُ، سنڌيڪار : شيخ عزيز

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
منھنجو ڀاءُ
سنڌيڪار : شيخ عزيز
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ