شيخ عبد الرزاق راز

Author Name

        شيخ عبدالرزاق ولد منشي عبدالرئوف، تخلص ”راز“، جنوري 1919ع ۾ تولد ٿيو. سندس وڏن 1857ع ۾ جنگ آزادي جي زماني ۾ بکر مان لڏي اچي سکر پراڻي ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي. راز هڪ علمي ۽ ادبي ماحول ۾ اک کولي، جنهن جو هن جي دل تي هڪ ديرپا اثر رهيو.
شيخ عبدالرازاق راز باڪمال شاعر ، بلند پايه نقاد ۽ منفرد افسانه نويس هو. هو ترقي پسند هجڻ جي باوجود اسلامي عقيدن، اصولن ۽ نظرين جو پابند رهيو. هو سنڌ ۾ ترقي پسند تحريڪ جي بانين جهڙوڪ: گوبند مالهي، سوڀوگيانچنداڻي، نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز جي سٿ مان هو. سندس ڪوشش سان ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ  ۾ ’سنڌي ادبي سرڪل‘ جو بنياد رکيو ويو، جنهن ۾ پروفيسر رام پنجواڻي، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي، پروفيسر ڊي. ڪي منشاراماڻي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، سڳن آهوجا ۽ ارجن شاد وغيره حصو ورتو. شيخ راز انهيءَ سرڪل جو مسلسل چار سال جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو.

شيخ راز جا شايع ٿيل ڪتاب:

ڊاڪ بنگلو (ڪھاڻيون ١٩٥٤ع)
سارنگ (شاعري ١٩٥٤ع)
شرح يمن ڪلياڻ (1957ع)
شرح ڪلام گرھوڙي (١٩٥٩ع)
شرح ديوان گل (١٩٥٩ع)
تاريخ سلطنت دھلي (تاريخ ١٩٦١ع)
پيھي منجهه پاتال (شاعري ١٩٦١ع)
تنقيد ۽ تجربو (١٩٦٦ع)
نئون آدمي (١٩٦٦ع)
سڄڻ سفر ھليا (شاعري: ١٩٦٧ع)
فاتح سنڌ (تاريخي ڊرامو، 1955ع)
مسافر (ناول)
غزل (شاعري ١٩٧٢ع)
مارو ڪي ديس ۾ (شاهه لطيف جي رسالي جي رومانوي داستانن بابت اردو ۾)
سانگي ڪي ساريام (خاڪن جو مجموعو)
سنڌي غزل جو تجربو (1991ع)
ڌڙڪنين (اردو شاعري)
سنڌي شاعريءَ جو اڀياس (اڻ ڇپيل)
Sukkur – Past & Present 

سندس ٽڙيل پکڙيل مضمونن جو تعداد به گهڻو آهي، اگر اهي سهيڙجن ته جيڪر ٻه ٽي ڪتاب ٿي پوندا. سندس تنقيدي شعور  به تمام مٿاهون هو، ڇو ته هڪ ئي وقت تخليقي ۽ تنقيدي اديب هو. 
شيخ راز تصنيف، تاليف ۽ شعر شاعريءَ کانسواءِ ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس ڪوشش سان 9،8،7 اپريل  1950ع تي انجمن فروغ ادب سکر جي زير اهتمام ’ڪل پاڪستان سنڌي اردو ادبي ڪانفرنس‘ منعقد ٿي، جنهن ۾ سنڌي ۽ اردوءَ جي بلند پايه اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ وقت بوقت سندس ڪوشش سان سکر ۾ ڪيترا ادبي اجتماع، ڪانفرنسون ۽ وڏي پئماني تي مشاعرا ٿيا. هو پاڪستان رائيٽرس گلڊ شاخ سکر جو اهم رڪن ٿي رهيو، جنهن طرفان ڪيترا سنڌي ۽ اردو ڪتاب ڇپيا. ان کان اڳ ۾ 1954ع ۾ پنهنجي ڏاڏي جي نالي پٺيان پنهنجو ذاتي ادبي اشاعتي ادارو ’حبيب پبليڪيشن‘ قائم ڪيائين، جنهن طرفان ڪيترا سنڌي ڪتاب ڇپيا، جهڙوڪ: سندس پنهنجا ڪتاب ’ڊاڪ بنگلو‘(ڪهاڻيون)، ’سارنگ‘ ۽ ’فاتح سنڌ‘ ڪريم بخش خالد جو ’سنڌي صحافت‘، شيخ اياز جو ’پنهل کانپوءِ‘ (ڪهاڻيون)، بشير مورياڻيءَ جو ’اصنام خيالي‘(ڪهاڻيون)، مقبول صديقيءَ جو مرتب ڪيل افسانن جو مجموعو ’گل ۽ مکڙيون‘ وغيره. 1971ع ۾ سندس ئي ڪوشش سان ’شاهه لطيف يادگار ڪاميٽي‘ قائم ٿي، جنهن جي اهتمام هيٺ اعليٰ پئماني تي ’شاهه لطيف ڪانفرنس‘ منعقد ٿي ۽ ڪجھه ڪتاب به ڇپيا،  جن  ۾:  شيخ راز جو ’سانگي ڪي ساريام‘ ۽ آفاق صديقيءَ جو  اردو  ڪتاب  ’عڪس لطيف‘ شامل آهن.

شيخ عبدالرازاق راز  6 ڊسمبر 1983ع تي وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي شيخ عبد الرزاق راز جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


شيخ عبد الرزاق راز جا ڪتاب

سانگي ڪي ساريام، مصنف : شيخ عبد الرزاق راز

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سانگي ڪي ساريام
مصنف : شيخ عبد الرزاق راز
سنڌي غزل جو تجزيو، مصنف : شيخ عبد الرزاق راز

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌي غزل جو تجزيو
مصنف : شيخ عبد الرزاق راز
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ