نور راھوجو

شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ سياسي اڳواڻ نور راھوجي جو اصل نالو نور نبي راھوجو آھي. ھو 11 مارچ 1963ع تي ڳوٺ حاجي لعل بخش راھوجو، يو سي گوزو، تعلقہ خيرپور ناٿن شاھہ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري پنھنجي ڳوٺ، سيڪنڊري پنھنجي ڳوٺ مان پاس ڪيائين. گريجوئيشن ٽنڊو ڄام زعي يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. 
ھاءِ اسڪول جي زماني کان ئي سياسي طور محرڪ رھيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي خلاف ھاءِ اسڪول ۾ احتجاج سبب گرفتار ٿيو. پوءِ سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ شامل ٿيو. بعد ۾ عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽  1983ع ۾ ايم آر  ڊِ تحريڪ ۾ پڻ سرگرم رھيو .  1986ع ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. 1989ع ۾ مرڪزي صدر ٿيو. 2009ع ۾ عوامي تحريڪ کان جدا ٿي دوستن سميت عوامي جمھوري ڪائونسل نالي نئين پارٽي جوڙيائين ۽ ان جو پھريون جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. 
پاڻ 1980ع کان سنڌي ادبي سنگت سان واڳيل رھيو آھي. سندس لکڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپبيون رھيون آھن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”صوفي شاھ عنايت شھيد جو کيڙي سو کائي“ (اردو ۾) 2013ع ۾ ڇپيو، ”پاڪستان ۾ زرعي اصلاحات“ (اردو) 2014ع، ”ٻيجل ٻيھر تند تپاءِ (شاعري) 2017ع، ”واڄٽ وڄي وجود ۾“ (ناول) 2018ع، ”خواب مرندا ناھن“ (ڪھاڻيون) 2019ع ۽ ”منھنجي جان ڪوڪو“ (ناول) 2021ع ڇپيل آھن.

  • جنم: 1963-03-11
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image
book image