پروفيسر محبوب علي چنا

Author Name

سنڌ جي ناليواري تعليمي ماهر، ليکڪ ۽ شاعر، پروفيسر محبوب علي چنا، محمد صالح چنا جي گهر ۾ 12 مارچ 1922ع تي سيوهڻ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم سيوهڻ مان وٺڻ بعد وڌيڪ تعليم لاءِ حيدرآباد ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين، جتان هن نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪئي. ڊي. جي. ڪاليج حيدرآباد مان بي. اي جو امتحان ڏئي بمبئي يونيورسٽيءَ مان سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ ۾ ايم. اي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري، دڪشا فيلوشپ ۽ گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. بي. ٽي ۽ ايس. ٽي. سي جو امتحان بہ پاس ڪيائين. هن پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز هڪ استاد جي حيثيت سان 1942ع ۾ ميونسپل مڊل اسڪول سيوهڻ کان ڪيو، ان کان پوءِ هو سنڌ مدرسي ۽ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ استاد ٿي رهيو. 1948ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج، حيدرآباد ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. هن هالا ۾ سروري ڪاليج جو بنياد وڌو، جنھن جو هيءُ پرنسپال ٿي رهيو. هيءُ 1953ع کان 1955ع تائين سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو چيئرمين رهيو. پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏئي عربي ۽ فارسيءَ جو پروفيسر منتخب ٿيو. ڪجهہ عرصي لاءِ هو گورنمينٽ ڪاليج ميرپورخاص ۾ پرنسپال ٿي رهيو. ان بعد سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ پرنسپال ٿيو. هيءُ 1973ع کان 1975ع تائين پھريون سنڌي هو، جيڪو سيڪريٽري نيشنل بوڪ ڪائونسل اسلام آباد مقرر ٿيو.
پروفيسر محبوب علي چنا ڪيترن ڪتابن جو مصنف، مؤلف ۽ مرتب هو. سندس مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1) ’سيوهاڻي بادشاھہ‘، (2) ’حضرت عثمان مرونديءَ تي هڪ تحقيقي جائزو‘، (1972ع)، (3) ’اسلامي تاريخ‘، (4) ’هڪ شخص ٻہ پھلو‘، (5) ’سنڌي ادب جا جديد رحجانات‘، ۽ (6) ’حضرت نوح جا همعصر ۽ سھيوڳي‘ قابل ذڪر آهن. سنڌالاجي جي تحقيقي لائبريريءَ ۾ سندس نالي سان 17 آڪٽوبر 1981ع تي هڪ ڪارنر قائم ڪئي وئي، جنھن ۾ سندس گڏ ڪيل سنڌي، انگريزي، اردو، فارسي ۽ عربي ڪتاب ۽ رسالا رکيا ويا آهن. محبوب علي چنا ’فردوس‘ رسالي (هالا) جو ايڊيٽر، انجمن فروغ ادب هالا جو سرپرست، سنڌي ادبي بورڊ، شاهہ لطيف ڪلچرل ڪائونسل ۽ شهباز ڪلچرل ڪائونسل جو ميمبر بہ رهيو. هن 24 نومبر 1977 تي، مڪي (عربستان) ۾ وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي پروفيسر محبوب علي چنا جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


پروفيسر محبوب علي چنا جا ڪتاب

مخدوم نوح سرور رحہ جا سھيوڳي، مصنف : پروفيسر محبوب علي چنا

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
مخدوم نوح سرور رحہ جا سھيوڳي
مصنف : پروفيسر محبوب علي چنا
سردار قلندر، مُرتب : پروفيسر محبوب علي چنا

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سردار قلندر
مُرتب : پروفيسر محبوب علي چنا
ڪليات امين، مُرتب : پروفيسر محبوب علي چنا

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڪليات امين
مُرتب : پروفيسر محبوب علي چنا
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ