عبدالحئي پليجو

Author Name

عبدالحئي ولد نور محمد پليجو 31 جنوري 1945ع تي ٻي عالمي جنگ جي پڄاڻيءَ تي امن جو پيغام کڻي سنڌو درياءَ جي ڪَپ تي واقع ڳوٺ ٻَنون ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي. سندس والد سياسي اڳواڻ ۽ سائين جي. ايم. سيد جو رفيق رهيو. پاڻ نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد مان 1963ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائون ۽ انٽر 1965ع ۾ مسلم ڪاليج حيدرآباد مان ۽ بي اي مسلم ڪاليج مان ئي پاس ڪيائون. 1969ع ۾ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل ايل بي پاس ڪيائون.. شاگرد سياست ۾ سائين جي ايم سيد کان متاثر ٿي گھڻو سرگرم رھيا ۽ ٻہ دفعا ڄام ساقي مرحوم، شبير نوراني ۽ ٻين سان گڏ جيل جي ھوا پڻ کائي آيا. 4 مارچ جي شاگرد سياست تحريڪ ھجي يا ٻوليءَ جي تحريڪ ۽ ون يونٽ خلاف تحريڪ پاڻ ان جو حصو رھيا. 1973ع ۾ ٺٽي ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر طور سرڪاري نوڪري شروع ڪيائون. 1975ع ۾ اميگريشن ۾ آفيسر مقرر ٿيا. 1979ع ۾ پنھنجي والد نور محمد پليجي جي وفات بعد نوڪريءَ کي خدا حافظ چئي اچي ڳوٺ وسايائين ۽ زمينداري پيشي کي سنڀاليائين. پر دنيا گهمڻ ۽ لکڻ پڙھڻ سان سندس چاھ اڄ بہ آھي. هو هڪ سٺو نثر نگار، سفرناما نگار ۽ محقق آهي. سفرناما سندس سُڃاڻ آهن. ھو سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي ماڳ مڪانن سان بي انتھا پيار ڪري ٿو جيڪو سندس لکڻين مان جھلڪي ٿو. ھو دنيا گھمندي جتي بہ وڃي ٿو تہ سنڌ کي نٿو وساري. ھو سفرناما لکندي ۽ دنيا گھمندي سنڌو درياء، سنڌ جي ڍنڍن ڍورن، سنڌ جي سمنڊ ۽ سنڌ جي شھرن، سنڌ جي زراعت، سنڌ جي ميلن ملاکڙن کي نٿو وساري. ھو شاھ لطيف، شيخ اياز، استاد بخاري سميت چونڊ شاعرن جي شاعري پنھنجي سفرنامن جي زينت بڻائي ٿو. عبدالحئي پليجي صاحب ھن وقت تائين 32 ڪتاب لکيا آھن جن مان 27 ڇپجي چُڪا آھن ۽ ٻيا ڇپائي جي مرحلي ۾ آھن. پليجي صاحب سڀ ڪتاب پنھنجي خرچ تي ڇپايا آھن. ھڪ دفعي سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت جي سيڪريٽري اعجاز منگي کيس اھا آڇ ڏني تہ بورڊ سندس ٻہ ڪتاب ڇپرائڻ چاھي ٿو، پر پليجي صاحب اھو چئي اھا آڇ ٺڪرائي ڇڏي تہ ھو پنھنجا ڪتاب پاڻ ڇپرائي سگھي ٿو، اوھان اھڙن ليکڪن جا ڪتاب ڇاپيو جيڪي مالي طور ڪمزور آھن ۽ پنھنجا ڪتاب ڇپائي نٿا سگھن. ھن فيملي سان گڏ پنھنجي خرچ تي دنيا جي 46 ملڪن جو سير سفر ڪيو آھي. سندس ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي:

آتم ڪٿائون

(1)   سنڌي شاگرد سياست (ڀاڱو پهريون(2)  اسان پنڌ پِرينءَ ڏي (ڀاڱو ٻيون) (3)  ڪيڏي نہ مختصر زندگي (ڀاڱو ٽيون) (4)  هڪ ٻي زندگي جي تمنا (ڀاڱو چوٿون) 

سفر ناما

(1)  ڏوريم ڏيسارو (2)  هوجي وڻ ولات جا (3)  ڪجل ڀنل نيڻ (4)  اتر لڳا آءُ پرين (5)  ديس بديس (6)  بندر مون ڏور ٿيا (7)  ٽوئر ٽو آمريڪا (8)  ٻنون ٽو ٽوڪيو (9)  پريان سندي پار ڏي  (10)  ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون (11)  دنيا جا مشهور شهر (12)  ڪنواريون ۽ ڪنول (13)  لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون (14)  اسپين تنهنجا ڪيئي رنگ (15)  هنگري ٽو جرمني  وايا پراگ (16)  دهلي ٽو سوئيزر لينڊ وايا تاج محل (17)  استنبول ٽو ويانا وايا وينس 

تاريخ ۽ تحقيق

(1) عجائبات عالم (2) واقعات عالم(3) شخصيات عالم(4) تن سپون سوجهي ڪڍيون(5) هي وري نہ ورندو وڻجارو

عبدالحئي پليجي کي قليچ ادبي اوارڊ، مادرِ وطن اوارڊ، سنڌي اڪيڊمي دھلي پاران ادبي اوارڊ، حيدرآباد لا ڪاليج طرفان اوارڊ، سنڌ شگر ڪارپوريشن طرفان ڪمند جي سٺي آبادگار جو اوارڊ، فلوريڊا ھالينڊ ۾ گُلن جي نمائش ۾ اوارڊ مليو آھي ۽ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران ادبي خدمتن عيوض مڃتا شيلڊ. پڻ ملي آھي. پاڻ روزانا سچ اخبار جا ايڊيٽر بہ رھي چُڪا آھن ۽ آرمي پبلڪ اسڪول جي بورڊ آف گورنرز جا ميمبر آھن.. کيس ٽي پُٽَ ۽ ٽي نياڻيون آھن. ھن وقت سندس رهائش ٻني شهر (ضلعي ٺٽي) ۾ آهي، جتي سندس زمينداري آهي

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عبدالحئي پليجو جا ڪُل 21 ڪِتاب موجود آھن


عبدالحئي پليجو جا ڪتاب

تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون، ليکڪ : عبدالحئي پليجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون
ليکڪ : عبدالحئي پليجو
ٽوئر ٽو آمريڪا، ليکڪ : عبدالحئي پليجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ٽوئر ٽو آمريڪا
ليکڪ : عبدالحئي پليجو
ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون، ليکڪ : عبدالحئي پليجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون
ليکڪ : عبدالحئي پليجو
اسان پنڌ پرينءَ ڏي (آتم ڪٿا)، ليکڪ : عبدالحئي پليجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
اسان پنڌ پرينءَ ڏي (آتم ڪٿا)
ليکڪ : عبدالحئي پليجو
سنڌي شاگرد سياست، ليکڪ : عبدالحئي پليجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌي شاگرد سياست
ليکڪ : عبدالحئي پليجو
لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون، ليکڪ : عبدالحئي پليجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون
ليکڪ : عبدالحئي پليجو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ