سفرناما
ديس بديس
ھيءُ ھند جو سفرنامون، ”ديس بديس“ ھڪ نھايت دلچسپ، پيارو، پُر مغز ۽ احساسن ۽ جذبن جي نازڪ تارن کي ڇُھندڙ آھي. ھن سفرنامي جا ڪي ڪي لفظ ۽ جملا ته ايترا ڇپندڙ، تُز ۽ اثرائتا آھن جو پڙھندي دل ائين ڀِڄيو ۽ پگھريو پوي جيئن سج جي ڪرڻن سان برف پگھري پوندي آھي. ڪتاب جي منڍ وارو حصو، جنھن ۾ سپنن جي سنسار، ھندستان جي پراڻي تاريخ جا پيرا کڻندي تصور ئي تصور ۾ ليکڪ ھن صدي ۾ اچي سھيڙيو آھي، ڏاڍو وڻندڙ آھي. ھن حصي ۾ ٻوليءَ جي سُونھن ۽ سوڀيا پڙھندڙ کي يقينن موھي ڇڏيندي ۽ ھو خود تصور جي دنيا ۾ کوئجي صديون پويان ھليو ويندو ۽ پاڻ کي وقت جي پرن تي اُڏامندو محسوس ڪندو. سندس نظرن اڳيان صدين جو ھندستان پنھنجين تمام رنگينين سان جلوه گر ھوندو.
- 5.0/5.0
- 2003
- 617
- 4 سال اڳ
- 0

سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ديس بديس“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب هندستان جو سفرنامو آهي جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار عبدالحئي پليجو آهي.ھيءُ ھند جو سفرنامون، ”ديس بديس“ ھڪ نھايت دلچسپ، پيارو، پُر مغز ۽ احساسن ۽ جذبن جي نازڪ تارن کي ڇُھندڙ آھي. ھن سفرنامي جا ڪي ڪي لفظ ۽ جملا ته ايترا ڇپندڙ، تُز ۽ اثرائتا آھن جو پڙھندي دل ائين ڀِڄيو ۽ پگھريو پوي جيئن سج جي ڪرڻن سان برف پگھري پوندي آھي. ڪتاب جي منڍ وارو حصو، جنھن ۾ سپنن جي سنسار، ھندستان جي پراڻي تاريخ جا پيرا کڻندي تصور ئي تصور ۾ ليکڪ ھن صدي ۾ اچي سھيڙيو آھي، ڏاڍو وڻندڙ آھي. ھن حصي ۾ ٻوليءَ جي سُونھن ۽ سوڀيا پڙھندڙ کي يقينن موھي ڇڏيندي ۽ ھو خود تصور جي دنيا ۾ کوئجي صديون پويان ھليو ويندو ۽ پاڻ کي وقت جي پرن تي اُڏامندو محسوس ڪندو. سندس نظرن اڳيان صدين جو ھندستان پنھنجين تمام رنگينين سان جلوه گر ھوندو.
ياد رهي ته هي سفرنامو 1999ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عبدالحئي پليجي صاحب جا جنهن سنڌ سلامت تي اعتماد ڪندي پنهنجا سمورا ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي. مهرباني سنڌ سلامت سٿ جي دوستن شاهنواز ٽالپر، عبيد الله ٿهيم، ذيشان عابد، گل حسن لاکو، عبدالحڪيم راڄڙ، محمد امين ڀٽي ۽ راشد شر جي جن گڏجي ڪتاب ڪمپوز ڪري ڏنو.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ عبدالحئي پليجو
- ڇپيو ويو 1999
- ڇپائيندڙ نيو فيلڊس پبليڪيشن
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 27/Jan/2018
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 617 ڀيرا