4
بمبئي کان جل گائون تائين مکيه اسٽيشنون هي آهن؛
1- دادر، 2- ڪلياڻ، 3- ايگت پوري،
4- ناسڪ، 5- سن سارڊ، 6- چاليس گاون
اُنهي کان پوءِ اچي ٿو جل گائون. انهيءَ کان علاوه وچ ۾ ننڍيون ننڍيون ٽيشڻون ٻيون به گھڻي ئي آهن.
بمبئي کان وٺي جل گائون تائين سارو علائقو باراني آهي. هتي پوک صرف مينهن تي ٿئي. اسان کي رستي ۾ ڪٿي به بئراج، واهه يا ڪَسي به نظر نه آئي. ڪٿي ڪٿي کوهن تي ٻه ٽي ايڪڙ آباد نظر آيا ۽ بس. مينهن جي منڌ هئي اِنهي ڪري اوهيرا ڪيو پي وسيو. بمبئي کان وٺي جل گائون تائين رڳي وسڪار هئي. جڏهن واپس ورياسين ته اُن وقت به وڏڦڙو پي وٺو. ٻاهر ڪٿي به ساوڪ سبزي نه هئي نه ته ڪر ڪافي مزو اچي ها.
سنڌي ريلوي آفيسر اسان جي ماني کائڻ کان پوءِ آيو ڳچ دير مارڪو ڪيائين. سادو سڌو ماڻهو پئي لڳو. سنڌ جون ۽ اسان جون ڪافي خبرون پُڇيائين. ڪلاڪ کن کان پوءِ اسان کان اجازت ورتائين ڇاڪاڻ ته هن کي اڳئين اسٽيشن تي لهي واپس بمبئي وڃڻو هو. هُو بمبئي ۾ رهندو هو.
آءُ هاڻي ڪجھه ساهي پٽڻ لاءِ برٿ تي چڙهي ليٽي پيس. ننڊ اچڻ جو امڪان نه ڏسي اسٽيشن تان ورتل اخبارون کڻي پڙهڻ لڳس. هيٺ ڏٺم ته ڊاڪٽر راڄو ڪنهن ماڻهوءَ سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيو آهي. شايد ڪنهن ريلوي اسٽيشن تي ريل بيٺي هئي اتان چڙهيو هو. همزبان هُجڻ ۾ به ڪيڏي ڇڪ آهي. آءُ هيٺ لهي آيس ته ڊاڪٽر صاحب اُنهي همراهه سان سڃاڻپ ڪرائيندي چيو ته هيءُ ڀاءُ اڳئين اسٽيشن تان چڙهيو آهي ۽ اڳتي پوني ڏانهن وڃي رهيو آهي. اُنهي همراهه ٻڌايو ته هو اصل حيدرآباد جو آهي ۽ هن وقت سرڪاري نوڪري سان گڏ مڇي پَلي جو واپار به ڪندو آهي.جنهن تي مون چيس ته اسان ٻُڌو آهي ته هتي پَلو ٿئي ئي ڪونه ۽ هِتي جا سنڌي اڃان پيا پَلي کي سارين. تنهن تي پاڻ وراڻيائين برابر اسان درياهه شاهه کي اڃان پيا ساريون پر هتي سامونڊي پلو ٿئي جيڪو اسان سڄي هندستان ۾ سپلائي ڪريون. سمند جي پلي ۾ اُها لذت ۽ شيريني نه آهي جيڪا مٺي (درياه) جي پلي ۾ ٿئي.
اسان شام جي چانهه پيتي. اسان جي منزل هاڻي جلد اچڻ واري هئي، جنهن ڪري سامان ٺيڪ ٺاڪ ڪري تيار ٿي ويٺاسين. جل گائون پهچڻ جي احوال ڏيڻ کان اڳ آءُ پنهنجن پاٺڪن کي جل گائون جي دوستن جو سرسري ذڪر ٻڌائڻ مناسب ٿو سمجھان. اسان جي ڳوٺ ٻني ضلع ٺٽه ۾ هڪ هندو ڪُٽنب رهندو هو جنهن سان اسان جا بنهه ويجھا لاڳاپا هوندا هئا. ورهاڱي کان پوءِ اُهي همراهه هندستان هليا آيا. سندم والد صاحب ارباب نور محمد پليجي ۽ اسان جي ڳوٺ جي مولوي حاجي محمد حسن سان ڳچ وقت تائين سندن خط و ڪتابت ٿيندي رهي پر پوءِ ٻاونجاهه ٽيونجاهه کان اِها به بند ٿي وئي. پاڻ ۾ ڪُل ست ڀائر هئا ۽ سندن نالا هئا؛
1- سيٺ مولچند
2- سيٺ آسنداس
3- سيٺ ڪندن
4- سيٺ شيام داس
5- سيٺ منگھن
6- سيٺ چوئٿرام
7- سيٺ تلسي داس
آءُ به ڪيترائي ڀيرا ٻاهر ويس ۽ دوران سفر هندستان مٿان پرواز به ڪيم پر ڪڏهن به هندستان ۾ اسٽاپ نه ورتم، جي نه ته بئنڪاڪ، سنگاپور، ڪوالالمپور، هانگ ڪانگ، منيلا يا ٽوڪيو ويندي بمبئي يا دهلي جو اسٽاپ وٺان ها ته ٿورڙي خرچ ۾ اِهي ٻئي شهر گھمي وٺان ها. هندستان ۽ هندستان ۾ ڳوٺ وارن کي ڏسڻ جي هيڪ ڇڪ ته ڏاڍي هيم پر انهن جو ڪوبه پتو پار نه هُيم. هڪ ڀيري عجب اتفاق ٿيو. شري وليرام ولڀ سان رهاڻ ويٺي ڪيم ته پاڻ ٻڌائين ته هيرآباد ۾ مسٽر نورمحمد نالي هڪ فوٽوگرافر آهي، جنهن کي سندس هڪ دوست ڪندن خط لکيو آهي جنهن ۾ توهان جي والد صاحب جو تمام گھڻو ذڪر ڪيل آهي. توهان هاڻي جڏهن ٻيهر پنهنجي والد صاحب بابت ڪتاب ڇپرايو ته اُنهي ۾ اِهو خط ضرور ڇاپجو. آءُ انهي وقت ئي وليرام کي ساڻ ڪري مسٽر نورمحمد وٽ آيس جنهن اسان کي اُنهي خط جي فوٽو ڪاپي ڏني ۽ ڀاءُ ڪُندن ۽ ٻين جو احوال به ٻڌائين. اِنهي کان پوءِ مون کي اِنهن همراهن جي پارپتن جو پتو پيو ۽ مُون پڪو پهه ڪيو ته جڏهن به هندستان ويس ته اِنهن همراهن کي ڏوري ڏسندس.سو اِنهي مَن اُڇل هاڻي گھيلي اچي جل گائون ڀيڙو ڪيو هو.
منهنجو ڄم اڻيويهه سوء پنجيتاليهه جو آهي ۽ اسان جي ڳوٺ مان هندوئن جي لڏ پلاڻ 1947ع ۾ ٿي هئي. جيئن ته آءُ ان وقت صرف ٻن سالن جو صغير هئس اِنهي ڪري اُها واردات ڪُجھه به ياد نه اٿم. اڄ جو ڪجھه اُنهي وقت، حالت ۽ ماڻهن بابت ڄاڻان ٿو سو بابي مرحوم ۽ ٻين وڏڙن کان ٻڌل آهي. هندستان اُسهڻ کان اڳ ڳوٺ وارن کان اِنهي ڪٽنب بابت گھڻي معلومات گڏ ڪري ڊائري ۾ لکي ڇڏي هُيم. ۽ ذهني طور تي ايتري قربت پيدا ڪري ورتي هيم جو هتي پهچندي ڪابه اجنبيت/ اوپرائپ محسوس نه ٿيم.ريل جل گائون ريلوي اسٽيشن تي پهتي. آءُ ۽ ڊاڪٽر راڄو هيٺ لٿاسين.ڪافي وڏو پليٽ فارم هو. پري کان ڏٺم ته اٽڪل ٻارهن چوڏهن همراهه تکا تکا ڌوڪيندا اسان ڏانهن پيا اچن. تمام گھڻي سِڪ ۽ پاٻوهه سان اسان کي ڀاڪر پائي مليا. ننڍا سڀئي پيرين پئي ڏاڍي ادب سان مليا. محبت ۽ گرم جوشي جي انهيءَ ماحول ۾ اسان جي دلين جون ڌڙڪنون تيز ٿي ويون. ڪجھه دير ته سناٽي واري ماحول ۾ رڳو هڪ ٻئي کي گھُوريندا رهياسين. نيٺ مون سانت کي ٽوڙيندي کانئن پڇيو ته توهان اسان کي سُڃاتو ڪيئن؟ اُنهيءَ تي پاڻ جواب ڏنائون ته توکي خبر ناهي ته تنهنجي شڪل بلڪل تنهنجي والد صاحب جھڙي آهي. اسان ته ائين ڀانيون پيا ته ارباب نورمحمد اسان جي سامهون بيٺو آهي. اسان کي ارباب صاحب جي اها تصوير به ياد آهي جڏهن هو ڪراچي بندر تي اسان کي اکين ۾ ڳوڙها آڻي رخصت ڪري رهيو هو ۽ ڪراچي ۾ ايستائين ترسيل هو جيستائين اسان روانا نه ٿياسين. صرف انهي ڪري ته متان اسان کي ڪا تڪليف پيش اچي. اڄ اسين ائين ڀانيون پيا ته ساڳيو ارباب اسان جي پر گھور لهڻ آيو آهي. ڀاءُ ڪندن مل اسان جو ٻين سان تعارف ڪرايو ۽ مون وري ڊاڪٽر راڄي سان هن جو تعارف ڪرايو.
اسان هاڻي پليٽ فارم ڇڏي ٻاهر نڪتاسين ۽ ڪارن ۾ سندن گھر ڏانهن روانا ٿياسين. جل گائون جي رستن تان هلندي هلندي هڪ ٽه ماڙ عمارت آڏو اچي بيٺاسين، جيڪا سندن پنهنجي جڳهه هئي، جنهن ۾ ٽي چار ڪٽنب رهندا هئا ۽ باقي ڪٽنب ٻين هنڌن تي رهندا هئا. اسان ڪافي دير ڪچهري ڪندا رهياسين. سيٺ ڪُندن مل ٻڌايو ته سندن وڏو ڀاءُ سيٺ مولچند هتان کان ويهه ميل پري بوسال ۾ رهندو آهي، جيڪو صرف اسان سان ملڻ واسطي هتي آيل هو ۽ ان سان گڏجي بوسال وڃڻو آهي. اسان کين پنهنجي پوري پروگرام کان واقف ڪيو ته اسان کي ڪڏهن بمبئي کان ڪولمبو وڃڻو آهي ۽ اڳيان به ڊگھو سفر آهي. هتي جل گائون ته صرف سندن هيڪ جي ڇڪ ڇڪي کڻي آئي هئي. مون ٻڌاين ته اسين ٻه چار ڏينهن جيڪي هتي آهيون سي اوهان جي حوالي آهن جيڏانهن به وٺي هلو. سيٺ ڪُندن مل چيو ته هاڻي آرام ڪريو ڇاڪاڻ ته توهان به ٿڪل هوندا. باقي حال احوال سڀاڻي ڏبا وٺبا. آءُ ڊاڪٽر راڄو - سيٺ مولچند جيڪو اسان جي آجيان لاءِ آيو هو مهمان خاني ۾ رهجي وياسين ۽ باقي ٻيا سڀ موڪلائي روانا ٿي ويا. هونءَ ته اڪثر ٻي جي بستري ۽ ٻي جي گھر ۾ ننڊ بنهه مشڪل سان اچي پر هتي ته پنهنجائپ جو اُهو احساس هو جو ڪا شئي ڌارين نه پي لڳي، انهي ڪري الله توهار ڪري اکيون پوريونسين ته ننڊ ورائي ويئي.
صبح ننڊ مان سجاڳ ٿي ڏٺم ته ڊاڪٽر راڄو ۽ سيٺ مولچند بلڪل تيار ٿيو ويٺا هئا. ڊاڪٽر صاحب مون ڏانهن نهاريو ۽ دستور مطابق سلام ڪيائين ۽ چيائين ته ناشتو تيار آهي؛ صرف تنهنجي تيار ٿيڻ جو انتظار آهي. سيٺ ڪندن به ٻه ٽي چڪر هڻي ويو آهي. آءُ جلدي وهنجي سهنجي تيار ٿي آيس ته ماني به لڳي چڪي هئي. ناشتو ڪري ٻاهر نڪتاسين. اسان سيٺ ڪندن جي ڪار ۾ چڙهياسين جنهن کي سيٺ تلسي داس جو پٽ مڪيش هلائي رهيو هو. اسان سان گڏ سيٺ ڪندن، سيٺ مولچند ۽ سيٺ چوئٿرام هئا. پهريائين اسان کي پنهنجن دڪانن ۽ ڪارخانن تي وٺي ويا. سيٺ مولچند بوسال ۾ رهندو آهي باقي سيٺ ڪندن مل ۽ سيٺ تلسي داس ۽ ٻيا سڀ جل گائون ۾ رهندا آهن ۽ مختلف ڌنڌا ۽ واپار ڪندا آهن. سيٺ ڪندن ۽ تلسي داس وڏي پئماني تي ڊيري جو ڌنڌو ڪندا آهن ۽ سيٺ چوئٿرام ۽ سيٺ منگھن لال وري ڪوئلي جو وڏو واپار ڪندا آهن. سيٺ چوئٿرام جي ڪوئلي جي فرم جو نالو سنڌ ڪول ڪمپني آهي. باقي سيٺ آسنداس ۽ شيام داس اسٽيشنري ۽ ڪئٽلري جو ڌنڌو ڪن. اسان سندن سڀ دُڪان ۽ ڊيپو ڏٺا. سندن واپار تمام سٺو هلندڙ آهي ۽ ڏاڍا سُکيا ستابا آهن. سندن چوڻ موجب پهريائين ڪجهه تڪليفن جا ڏينهن ڏٺائون پر پوءِ جلد سُٺن ڪاروبارن جا ڌڻي ٿي ويا.
سنڌي هندو ته واپار جو بادشاهه آهي. سنڌ ورڪين جي هاڪ به مُلڪان ملڪ پکڙيل هئي. جل گائون ڪافي وڏو شهر آهي. آءُ ڀانيان ٿو سکر جيڏو ٿي ويندو. انهيءَ کان پوءِ اسان کي شهر جي سير تي وٺي ويا. شهر ۾ ڪلب، سوئمنگ پول، مل ايريا، باغ، تلاءُ سنڌي ڪالوني ۽ امر شهيد ڀڳت ڪنور سينٽر، هتي سنڌين پنهنجي چندي سان ٺهرايو آهي. هيءُ سينٽر ڏسي خوسي ٿيم پر پنهنجي ماڻهن جي حال تي ملال ٿيم ته اسان وٽ شهيد ڀڳت ڪنور جھڙي صوفي منش انسان لاءِ جيڪو ڳائڻ کان پوءِ مليل پئسا ضرورتمندن اڳيان مسلمان ۽ هندو جي فرق کانسواءِ ڦهلائي ڇڏيندو هو، ڪابه يادگار قائم نه ڪئي ويئي آهي. امر ڀڳت ڪنور ته سنڌ جي مٽيءَ جو جُڙيل هو ۽ اِنهي مٽي ۾ دفن ٿيو پر نفرتن جي هِن نگر ۾ ههڙي معصوم انسان کي محبت جي مڃتا نه ملي سگھي. اُهي هٿ ڪيڏا نه ظالم، بي رحم ۽ ڪٺور هئا جن ههڙي پوتر ۽ پاڪ شخص کي شهيد ڪيو. امر ڪنور ته شهيد ٿي ويو پر هُن جنهن محبت ۽ ايڪتا جا گيت ڳايا اُهي اڄ به زنده آهن. هُن جنهن پيار جي سُرهاڻ کي نگر نگر ڦهلايو سا اڄ به زنده آهي اڄ جو سنڌي امر شهيد ڪنور کي پنهنجي ميراث ٿو سمجھي ۽ کيس جيءَ ۾ جايون ٿو ڏي. سنڌ اندر هليل قومي سجاڳي جي هلچل ماضي جي نفرتن جي ڪڙاڻ کي گھڻو گھٽائي بي اثر بنائي ڇڏيو آهي. اهو وقت ڏور ناهي جو سنڌي پنهنجي وڃايل وٿ واپس ورائي وٺندا ۽ پنهنجي راڄ ڀاڳ جا ڌڻي پاڻ ٿيندا. پوءِ ڪابه قوت سنڌ جي ريڊيو تان ڀڳت ڪنور جي ڪلام نشر ٿيڻ کي روڪي نه سگھندي.
سنڌي هندوئن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مثلاََ حيدرآباد، ڪراچي، شڪارپور ۽ سکر ۾ ڪاليج، اسپتال، اسڪول، پاڻي پيئڻ جون ٽانڪيون، آرام لاءِ ڇاپرا ۽ ڪيترائي خيراتي ادارا قائم ڪيا هئا جن جو اڄ نالو ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هڪ منظم سازش تحت هر ممڪن طريقو استعمال ڪري سنڌي ماڻهن کي سندن ماضيءَ کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. سندن تاريخ کي غلط، ڀيانڪ ۽ نفرت انگيز بنائي پيش ڪيو ويو ته جيئن سنڌي قوم ماضيءَ ڏانهن موٽي نهاري به نه. اهڙيءَ ريت سنڌ جي ڪن دشمن قوتن اِها هلچل به هلائي ته سنڌ جو نالو جيئن ته هندو تهذيب جو نشان آهي انهيءَ ڪري ان جي بدران هن سرزمين جو نالو ”باب الاسلام“ رکيو وڃي. سندن اها ناپاڪ سازش ڪامياب نه ٿي سگھي ته ٻيا ڪئين ڪارا ڪم ڪيائون. سنڌ جي شهرن جي گھٽين، عمارتن، پارڪن، اسپتالن ۽ رستن کي به مُشرف اسلام ڪندي هندوئن جا نالا مٽائي مسلمانن جا نالا رکيا ويا.
سنڌي هندوئن ساڳئي طرح هندستان ۾ ڪافي خيراتي اسپتالون، ڪاليج، اسڪول ۽ ٻيا ادارا ٺهرايا آهن. امر شهيد ڀڳت ڪنور سينٽر به انهيءَ سلسلي جڳ هڪ ڪڙي آهي. هن سينٽر جي تمام سٺي عمارت آهي جنهن ۾ چار سو کن لاچار لاوارث پوڙها مرد ۽ عورتون رهن ۽ جن جي رهائش، خوراڪ، ڪپڙي لٽي جو بندوبست به هن سينٽر طرفان ڪيو ويو آهي. هيءُ سينٽر تمام صاف سٿرو آهي جتي ڪابه گندگي ۽ غلاظت نظر نه آئي. هيءُ سينٽر هڪ ائسوسيئيشن طرفان هلايو ٿو وڃي. مخير حضرات طرفان جيڪي چندا ملندا آهن تن جي ڪابه پڌرائي نه ڪئي ويندي آهي. ڇاڪاڻ ته انهن مخير ماڻهن جي طرفان نالن جي پڌرائي جي منع ٿيل آهي. اسان وٽ ته جيڪو چندو يا خيرات ڏيندو آهي سو دهل دمام وڄائي ڏيندو آهي ته جيئن دنيا ۾ سندس نيڪ نامي ٿئي. اُهو ماڻهو جيڪي فلاڻي ادارن کي چندا به ڏين ۽ شهرت کان به پاڻ کي پري رکن سي سڌڙين ۽ شهرت پسندن جي ڀيٽ ۾ گھڻو بهتر آهن.
اسان وٽ هتي نشيمن جي نالي سان ڪي خيراتي ادارا آهن، جن ۾ ڪورٽن ۽ پوليس طرفان موڪليل بيواهه عورتون رهايون وينديون آهن، پر انهن ادارن جي اندرين حالت جا عبرت انگيز قصا اڪثر اخبارن ۾ پڙهندا رهندا آهيون. اسان هن سينٽر ۾ ڪافي دير رهياسين ۽ اُن کي چڱي ريت گھمي ڏٺوسين. سينٽر جي ٻاهران ڀڳت ڪنور رام جو وڏو مجسمو به لڳل آهي. هن سينٽر گھمڻ کان پوءِ اسان واپس گھر ورياسين، ماني کاڌيسين ۽ ڪي پل آرام ڪري پوءِ سيٺ مولچند جي دعوت کائڻ لاءِ بوسال روانا ٿياسين. سيٺ ڪندن مل به اسان سان گڏ هيو. گاڏي دستور مطابق مڪيش هلائي. بوسال جل گائون کان ويهه ميل کن ٿيندو. اسان ڪلاڪ ۾ بوسال پهتاسين. بوسال به جل گائون جيڏو وڏو شهر هو. هتي به جل گائون جيان سنڌي وڏي تعداد ۾ آباد آهن. بوسال جو هن کان اڳ جو ميئر هڪ سنڌي هو ۽ اسان جي ڳوٺ ٻني جو اصلوڪو رهاڪو هو. سندس نالو هو ويرسين ۽ ٻني جي وڏي ۾ وڏي سيٺ ڪيلاچند جو پٽ هو. هينئر به هو ميونسپالٽي جو ميمبر هو. بوسال تمام وڏو ريلوي جنڪشن آهي. اسان جي دعوت جو بندوبست سيٺ صوبراج مل ٻني واري جي بنگلي تي هو. پاڻ ۽ سندس ٻين ساٿين اسان کي هارُ پهرائي اسان جي قربائتي آجيان ڪئي. هن آجيان ۾ سِڪ ۽ اُڪير جا اَڻ ميا اشارا هئا. پهريائين اسان کي شهر گھمائڻ وٺي ويا جتي اسان ٻين سنڌين سان ملياسين جن ۾ وڏو تعداد ٻني وارن جو هو ۽ جيڪي سڀ جا سڀ واپاري هئا. سندن واپار جون ڪوٺيون تمام وڏيون هيون ۽ ڏاڍا سُکيا ستابا هئا. ڏاڍي سڪ ۽ محبت سان اسان سان مليا. اُنهي کان پوءِ اسان سيٺ صوبراج جي بنگلي تي آياسين. ڪافي ڪشادو ۽ سٺو بنگلو هو جتي ٻيا به ڪيترائي سنڌي آيا جن سان سٺي ڪچهري ٿي. ڪچهري جي رنگ مان ائين پي لڳو ته ڄڻ اسان سنڌ ۾ ويٺا آهيون. سيٺ صوبراج هڪ وڏو ٺيڪيدار ۽ دل جو ڪشادو ماڻهو آهي. سندس طرفان آيل مهمانن لاءِ مانيءَ جو بندوبست ڪيو ويو هو. پاڻ ٻني ۾ اسان جي گھر جي ويجھوئي رهندو هو. سندس اصل ڳوٺ بچل گگو هو جتان پوءِ لڏي اچي ٻني رهيو. سندس شخصيت ڏاڍي پُروقار آهي ۽ طبيعت جو به وڻندڙ آهي. اسان رات جي ماني کائي ميزبانن کان موڪلائي بوسال مان روانا ٿياسين ۽ رات جو دير سان جل گائون پهتاسين. جيئن ته اسان کي ٻي ڏينهن اجنتا، ايلورا ۽ اورنگ آباد گھمي رات جو سيٺ ڪُندن مل جي گُرو (مرشد) وٽ پٽنا ديوي ۾ رهڻو هو. مسافري ڪافي ڊگھي هئي ۽ اِهي مٿي ڄاڻايل جڳهيون تاريخي لحاظ کان پنهنجي حيثيت ۽ وڏي اهميت جون هيون، اِنهي ڪري اُنهن کي چڱيءَ ريت گھمڻو هو. اِنهي ڪري صبح سوير تيار ٿي روانا ٿياسين. جيئن ته اسان کي پٽنا ديوي ۾ رات رهي صبح جو سوير چاليس گائون مان ريل ذريعي بمبئي موٽڻو هو، انهي ڪري سڀني همراهن کان ڀاڪر پائي موڪلاڻي ڪئيسين ۽ سيٺ چوئٿرام اسان ساڻ هليا. سيٺ ڪندن مل مُسافري لاءِ هر گھُربل شئي سنڀالي کنئي. ٻنپهرن لاءِ ماني به گھران تيار ڪرائي کنيائين ته جيئن واٽ تي هوٽل جي ماني نه کائڻي پوي. اسان پنهنجن سنڌي ڀائرن ۽ ڳوٺاڻن کان آخري موڪلاڻي ڪري روانا ٿياسين.
مون کي پنهنجن انهن ڳوٺاڻن کان وڇڙندي ڏاڍو ڏک ٿيو. هندستان جيڏي هِن وسيع ملڪ ۾ اِهي ئي ته چند ماڻهو هئا جن ۾ مونکي ملير جي مهڪ ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي اُها ڀيني ڀيني بُوءَ محسوس ٿي، جيڪا لطيف جي بيتن، سچل جي ڪافين ۽ سامي جي سلوڪن ۾ رچيل آهي. تاريخ جي ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي جو هيڏي ويجهڙائپ هوندي به ڪيڏي نه وڇوٽي وچ پئجي ويئي آهي.
ڪڏهن ته ڪرندي ڪاڪ ڪڏهن ته ملندو ميڌرو،
پَڇان وڏي واڪ، سڏ به ڏي ڪو سنڌ ۾.
هاڻي اسان جي سفر جي پهرين منزل اجنتا ڪيوز (اجنتا جون غارون) هئي جيڪي جل گائون کان اُڻهٺ (۵۹) ڪلوميٽرن تي هئي. هيستائين پهچڻ ۾ اسان کي اٽڪل ٻه ڪلاڪ لڳا. سڄي رستي ۾ اسان کي ڪٿي به آباديءَ جو نشان نظر نه آيو. سڄو علائقو باراني آهي انهي ڪري ڪابه پوک وغيره نه هئي. ڪٿي ڪٿي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ وڻ نظر آيا ٿي جي نه ته خير ئي خير هو. رستو به سُٺو نه هو اسان وٽ به اڳ رستا ڪشادا نه هوندا هئا پر هاڻي اهي روڊ ڊبل ڪشادا ٿي ويا آهن. جنهن رستي تي اسان جي ڪار ڊوڙي رهي هئي سو به سوڙهو هو انهي ڪري اڪثر ڪراسنگ ۾ هيٺ لهڻو پيو ٿي. سڄي هندستان ۾ تقريبا باءِ روڊس جي ساڳي حالت آهي. پاڪستان ۾ هاڻي تقريبا جيڏانهن ڪيڏانهن رستا ڪشادا ٿي ويا آهن. اسان جي ضلع ٺٽي ۾ به ساڳئي ويڌن هئي پر هاڻي ٺٽه _ سجاول پُل (سنڌ درياه تي ) ٺهڻ ۽ ٺٽي ۾ سيمنٽ فيڪٽري ۽ شگر مل لڳڻ ۽ جهوڪ شريف ۾ شگر مل پوڻ ۽ بدين ضلع جي خاصخيلي ڳوٺ مان پئٽرول نڪرڻ ڪري ٽريفڪ وڌي ويئي آهي جنهن ڪري ٽنڊو محمد خان سجاول، بدين سجاول ۽ سجاول ٺٽو روڊ ڪشادا ڪيا ويا آهن ۽ اڃان به انهن تي ڪم هلندڙ آهي، پر هتي جل گائون ۽ اورنگ آباد نه رڳو ٻه وڏا شهر آهن پر ضلع هيڊ ڪوارٽر به آهن ۽ اورنگ آباد لاءِ ته بمبئي کان روزانو ٻه هوائي سروسز به هلندڙ آهن تڏهن به رستن جي حال چڱي نه هئي.
پٿر منجهه پُڪار، ڇيڻيءَ ڀيڻي ناهي ڪا،
سِر ۾ سنگتراش جي ڪارا ڪارونڀار،
اُڀري جن مان اوچتو، صورت سِج اُڀار،
سرچي سرجڻهارَ، مرڪي جاچي مُورتي.
اياز
هاڻي اسان هندستان جي پراچين تهذيبي آثارن کي ڏسڻ جنتا جي غارن وٽ رسياسين. غار _گڦا انسان جو جهوني ۾ جهُونو اجهو آهي. اُهي غارون جن ۾ انسان جو جهُوني ۾ جهونو اجهو آهي. اُهي غارون جن ۾ انسان سر لڪائڻ لاءِ پهرين پهرين رهائش اختيار ڪئي سي انسان جون تراشيل ۽ ٺاهيل نه پر قدرتي ٺهيل هيون. غار سان انسان جي وابستي بنهه پراڻي ۽ يادگار رهندي آئي آهي. ابتدائي انسان جي نقشگري جا اهڃاڻ آڏين ڦڏين ليڪن ۽ تصويرن جي صورت ۾ غارن ۾ ئي ڏسڻ ۾ آيا. ابتدائي انسان جا پٿرايل هڏا ۽ جسم (Fossils) به غارن مان ئي دستياب ٿيا. قديم يونان جي ديوتائن جو گهر اولمپيا جبل ۽ اُن جون غارون هيون، هندستان ۾ شيوَ جو آستان به ڪيلاش پهاڙ هو. حضرت موسيٰ عليه السلام کي رب جو جلوو به طور سينا تي نظر آيو، انسان جا شڪار لاءِ پهريان هٿار به پهاڙن جا تراشيل نوڪدار پٿر هئا، قديم دور جي خدائن کي پهرين جسماني صورت به پٿرن ۾ نصيب ٿي. حصرت نوح نبيءَ جي ٻيڙي به ڪنهن اُتاهين جبل تي لنگر انداز ٿي. حضرت محمد صه تي وَحي به حرا جبل جي غار ۾ نازل ٿي. حصرت محمد صه جن جي هجرت وقت پناهه گاهه به هڪ غار ثور هئي. هندستان جي مهان مصورن ۽ سنگتراشن جي هنر ۽ ڪاريگري جا حيران ڪندڙ شاهڪار به اجنتا ۽ ايلورا جي غارن ۾ محفوظ آهن. هونئن ته اهي غارون جن کي انسان خود تراشيو، عييسوي سن کان به اڳ جون چيون وڃن ٿيون پر هڪ عرصي تائين اهي انسان جي نظر کان انهيءَ ڪري لڪل رهيون جون مغل بادشاهه اورنگزيب عالمگير جي ديني مزاج کي اهي مورتن ۽ مجسمن جا مرڪز ڀانءِ نه پيا ۽ هُن اُنهن کي مٽي _ ريتي جي ڍيرن هيٺان دفن ڪرائي ڇڏيو. اسان جي سونهين (گائيڊ) ٻڌايو ته ۱۸۱۹ع ۾ ڪي انگريز هتي شڪار ڪرڻ سانگي آيا ۽ هُنن کي هي آثار ڏسڻ ۾ آيا جن اها ڳالهه اُن وقت جي سرڪاري ڪارندن تائين پهچائي اُنهي کان پوءِ اهي غارون منظر عام تي آيون. هاڻي ته سڄي دنيا کان سياح لکن جي تعداد ۾ هنن غارن کي ڏسڻ ايندا آهن. هنن غارن کي ته هاڻي مصر جي احرامن وانگي تاريخي حيثيت حاصل ٿي چڪي آهي. هي غارون بيشڪ عجائبات علام جوهڪ نادر ۽ بي مثال نمونو آهن. اجنتا هڪ ڪوٺڙو آهي جتي هي غارون جبلن کي ٽڪي ۽ تراشي ٺاهيون ويون آهن. مهاراشٽر رياست جو هيءُ ڳوٺڙو اورنگ آباد ضلع ۾ واقع آهي.
اسان ٽڪيٽ وٺي هڪ سونهون (گائيڊ) ساڻ کڻي اندر داخل ٿياسين. هتي ڪُل ٽيهه غارون آهن جن مان ڪي اڻپوريون رهيل ٿيون ڏسجن. هنن غارن ۾ پٿر جي اُڪر جي ڪم سان گڏو گڏ مُصوري جا به بهترين نمونا آهن. ايلورا جي غارن جي مقابلي ۾ هتي چترڪاري (مصوري) جو ڪم گهڻو آهي. هنن هزارها سال پراڻين تصويرن ۽ پٿرن جي ٽڪائي کي ڏسندي ماڻهو دنگ رهجيو وڃي. مشهور مصور ۽ مجسمه ساز مائيڪل اينجلو، رافيل، ليونارڊو ڊائي ونچي ۽ پڪاسو خوش نصيب فنڪار هئا، جن کي پنهنجي پورهئي ۽ ڏات جي موٽ ۾ تاريخي شهرت نصيب ٿي ۽ اڄ تائين اُهي ياد آهن. پر انهن عظيم چترڪارن ۽ مجسمه سازن جي ڀاڳ لاءِ ڇا چئجي جن جا فنپارا ته زنده آهن پر تخليقڪار گمنامي جي گوشي ۾ هليا ويا آهن. انهن تخليقڪارن جي نالي کي پنهنجي تخليقن جيتري به شهرت نصيب نه ٿي سگهي. مون اها ڳالهه انهي ڪري لکي آهي جو هڪ تخليقڪار کي ذهني ولوڙ جي ڪربناڪ ڪيفيتن مان گذرندي، پنهنجي تخليق کي جنم ڏيڻو پوندو آهي. مائيڪل اينجلو جنهن جي هٿ جو ڇهاءُ بي جان پٿرن ۾ جان وجهي ڇڏيندو هو، تنهن کي حضرت دائود جو مجسمو تراشيندي چار سال لڳي ويا. مائيڪل اينجلو کي هڪ دفعي اٽلي جي هڪ حاڪم جوليئس حڪم ڏنو ته هو اسٽيني جي گرجا گهر تي مُصوري ڪري. جيئن ته بنيادي طرح مائيڪل اينجل بت تراش هو، نه ڪه مُصور، انهي ڪري هن پاڻ بچائڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي پر هيءُ بنهه اڙانگو ڪم هن جي سر ۾ چهٽي ويو. چيو وڃي ٿو ته هن ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مائيڪل اينجلو کي اسٽيني جي اونداهي گرجا گهر ۾ چئن سالن لاءِ قيدي بڻجي رهڻو پيو. هيءُ گرجا گهر اونداهي ۽ گنبذ نما عمارت هئي، جنهن جي اوچائي ويڪر کان وڌيڪ هئي ۽ ڇت به گولائي تي نه، پر ڪنڊن ۾ ورهايل هئي ۽ اهي ڪنڊون به هزارين هيون ۽ ايراضي ڏهن هزارن فوٽن کان وڌيڪ هئي. اها سموري چترڪاري استڪاري رنگن، سان ڪرڻي هئي. پلستر ۽ استڪاري سان تصوير سازي جي طرز هيءَ هوندي آهي ته رنگن کي پاڻيءَ ۾ ملائبو آهي ۽ پوءِ اُن کي آلو پلستر هڻبو آهي. جڏهن آلو پلستر سُڪندو آهي ته اهي رنگ ان ۾ هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويندا آهن. هيءُ ڪم تيزيءَ سان ڪرڻو پوندو آهي.
هيءُ ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ مائيڪل کي هڪ کٽولي جهڙي شيءِ تي سمهي چترڪاري ڪرڻي پوندي هئي. چار سال لڳاتار ڪم ڪندي هن کي هيڏي جسماني ٿڪاوٽ ۽ ذهني پيڙا محسوس ٿي هوندي تنهن جو اندازو ٻيو ڪير به نٿو لڳائي سگهي. انهي ڪيفيت جو اظهار هن خود پنهنجي هڪ نظم ۾ ڪيو آهي:
هِن اُنداهي ڪوٺي ۾ رهندي،
منهنجو جسم جهُري پيو آهي،
بلڪل ائين...... جيئن...
لونبارڊيءَ جي ڪنين نالين ٻلين
جا گلا سُڄي پوندا آهن
پيٽ اچي پُٺيءَ سان لڳو آهي
منهنجي ڏاڙهيءَ جو رخ آسمان ڏانهن آهي،
۽ پٺا ڪرنگهي سان ملي ويا آهي،
برش جي رنگن جا ڇنڊا
منهنجي منهن تي چترڪاري ڪندا اهن،
منهنجو رانون پاسرين سان گسنديون آهن،
جسم جو بار سارڳ،
هڏن تي اچي بيٺو آهي
جسم جي اڳئين حصي جي کل ڍري ٿي ويئي اٿم
او لو ڪو ! مان ڄاڻا ٿو....!
ذهن ۽ نگاهه جو ميوو به عجيب ۽
غير حقيقي هوندو آهي، ڇو ته ....
جيڪا بندوق خود سڌي نه هوندي،
تنهن جو نشانو به سڌو نه هوندو آهي،
اچو لوڪو! منهنجي مُئل تصويرن ۽ شعرن ۾
نئون روح وجهڻ جي ڪوشش ڪريو،
مُون سان خراب سلوڪ ٿي رهيو آهي......
منهنجو فن منهنجي لاءِ شرم جو ڪارڻ
بڻيل آهي.
مائيڪل اينجلو جي انهيءَ ڪربناڪ حالت کي نظر ۾ رکندي انهن ڪاريگرن، مُصورن ۽ تخليقڪارن، جن اجنتا ۽ ايلورا جي هنن عظيم شهڪارن کي جنم ڏنو، تن تي مونکي ڪهل به آئي ۽ افسوس به ٿيو ته ڪاش تاريخ جي صفحن تي انهن جا نالا محفوظ رهن ها ته ڪيڏو نه چڱو ٿئي ها!
اجنتا جون غارون جل گائون کان 59 ڪلوميٽرن ۽ اورنگ آباد کان 104 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهن. اجنتا ۽ ايلورا غارن جو درمياني پنڌ 76 ڪلوميٽر آهي. اجنتا ڪيوز جو ٻاهريون ڏيک گهوڙي جي سنب / نال جي شڪل جهڙو لڳي ٿو. هي غارون اندر ويڪر ۾ ايتريون ڪشاديون نه آهن. غارن جي ديوارن تي نڪتل عورتاڻيون تصويرون، اسڪيچ ۽ رنگ روپ جي اعتبار کان پرڪشش ۽ وڻندڙ آهن. انهن تصويرن ۾ هندستاني سونهه جي ماکيءَ جهڙي مٺڙي رس ۾ رابيل ۽ چنبيلي جهڙي ڀيني ڀيني مهڪ آهي. هڪ هزار سالن گذرڻ کانپوءِ به اها مهڪ ۽ سونهن اڃا به قائم آهي. هڪڙي غار ۾ هڪ سهڻي وينگس جي وٽيل وارن ۾ سجايل ڦول، چپن تي پيار جي مرڪ، تنهن تي شفق جي ڳاڙهاڻ جا رنگ وکريل ڏسي ائين ڀانيم ته ڪاليداس جي شڪنتلا جاڳي رهي آهي يا ميران جو گيت انساني روپ ڌاري ويٺو آهي يا عمر خيام جي رباعي پيڪر حسن ۾ جلوه گر آهي. ليونارڊو ڊائي ونچي پنهنجي هڪ تخليقي شاهڪار تصوير موناليزا جي ڪري دائمي شهرت پائي ويو پر اجنتا جي ديوارن تي چٽيل هي مونالائزون ڪهڙي ڊائي ونچي جي تخليقي صلاحيت جو نتيجو آهن سا ڪنهن کي به خبر نه آهي. انهن تصويرن جي رنگن روپن ۽ انگن ونگن ۾ ڪهڙا اسرار پوشيده رکيل آهن سي ڪي ساڃهه جا صاحب ئي پروڙي سگهن ٿا.
جيئن ته اسان اڳ ۾ ذڪر ڪري آيا آهيون ته هتي ڪل 30 غارون آهن. انهن غارن مان چترڪاري جو شاهڪار ڪم غار نمبر 1، 6، 17 ۽ 19 ۾ نظر اچي ٿو. مورت سازي جو بهترين ڪم غار نمبر 19،24، ۽ 26 ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهن غارن مان غار نمبر 9، 10، 19، 26 ۽ 29 چئيتا هال (يعني عبادت گاهه) آهن ۽ باقي وهار آهن يعني ٻُڌ ڀڪوشئن جون رهائشگاهون، لفظ وِهار اسان جي نامياري شاعر شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ هيئن استعمال ڪيو آهي.
اڃان به ٺل تي هُيا ٺڪاڻا، اڃان به ڪي
سک سار ۾ هيا.
سڱي وڳي ٿي، سنئين لڱين ڪي ٻه چار
ڀڪشو وهار ۾ ها.