سفرناما

ديس بديس

ھيءُ ھند جو سفرنامون، ”ديس بديس“ ھڪ نھايت دلچسپ، پيارو، پُر مغز ۽ احساسن ۽ جذبن جي نازڪ تارن کي ڇُھندڙ آھي. ھن سفرنامي جا ڪي ڪي لفظ ۽ جملا ته ايترا ڇپندڙ، تُز ۽ اثرائتا آھن جو پڙھندي دل ائين ڀِڄيو ۽ پگھريو پوي جيئن سج جي ڪرڻن سان برف پگھري پوندي آھي. ڪتاب جي منڍ وارو حصو، جنھن ۾ سپنن جي سنسار، ھندستان جي پراڻي تاريخ جا پيرا کڻندي تصور ئي تصور ۾ ليکڪ ھن صدي ۾ اچي سھيڙيو آھي، ڏاڍو وڻندڙ آھي. ھن حصي ۾ ٻوليءَ جي سُونھن ۽ سوڀيا پڙھندڙ کي يقينن موھي ڇڏيندي ۽ ھو خود تصور جي دنيا ۾ کوئجي صديون پويان ھليو ويندو ۽ پاڻ کي وقت جي پرن تي اُڏامندو محسوس ڪندو. سندس نظرن اڳيان صدين جو ھندستان پنھنجين تمام رنگينين سان جلوه گر ھوندو.
Title Cover of book ديس بديس

5

غارن جون ديوارون جيڪي آڏيون ڦڏيون ۽ هيٺاهيون مٿاهيون هيون انهن تي چترڪاري ڪرڻ لاءِ وڏي مهارت جي ضرورت هئي. هيءُ دور اُهو هو جڏهن نه جديد اعلي اوزار هئا ۽ نه رنگ ۽ برش، ديسي سامان مان نهايت سادگي سان چتر چٽڻ لاءِ ان وقت جي مصورن کي پنهنجي تخليقي صلاحتون ڀرپور نموني استعمال ڪرڻيون پونديون هونديون. انهن غارن تي چترڪاري لاءِ جيڪا ٽيڪنڪ /طرز استعمال ۾ آئي هوندي تنهن جو ذڪر دلچسپي کان خالي نه ٿيندو. اها ٽيڪنڪ خالص ديسي ٽيڪنڪ لڳي ٿي. پهريائين ڪنهن مٿاڇي تي مٽي، ڳئون جي ڇيڻي ۽تون هن (چانورن جو ڇلڪو) جو تهه وڇائي اُن کي ماري سان ڄمايو ويندو هو. اهڙيءَ طرح اٽڪل ڏيڍ سينٽي ميٽر جو تهه ٺهي پوندو هو، جنهن تي عمدي قسم جي چُن جو سنهو تهه چاڙهي. اُن کي لسو ڪيو ويندو هو. پوءِ انهي تي برش سان خاڪو تيار ڪري ان ۾ رنگ ڀريو ويندو هو. رنگن ٺاهڻ لاءِ پيلي ۽ ڳاڙهي مٽي، پسيل پڪل سرون، چمني / بتي جي ڪراڻ ۽ ڪاپر آڪسائيڊ استعمال ڪيا ويندا هئا.
انهن غارن جي ڇتين تي ٻوٽن، جاميٽريڪل ڊزائنس، اپسرائن، پکين ۽ جانورن جون تصوريون ٺهيل آهن. ڀتين تي نڪتل تصويرن مان ڪي مهاتما گوتم ٻڌ ۽ سندس چيلن جون آهن ته ڪي وري ڏند ڪٿائي ڪهاڻين جي ڪردارن ۽ واقعن جي عڪاسي ڪندڙ آهن.
غار نمبر 1 تمام شاندار نموني تيار ٿيل ۽ سينگاريل آهي ۽ پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. هن غار جي مُهڙ تي سورنهه سينگار سجايل آهن ۽ سندس ورانڊي ۾ ڇهن ٿنڀن تي عمدي ٽُڪسالي ٿيل آهي. اندريون هال اٽڪل 64 چورس فُٽ آهي. انهن جي پاسن تي گهوڙن جون قطارون آهن.
ڏيڍي جي پويان غار جي مُنهن سامهون ٻُڌ جي هڪ وڏي تصوير آهي، جنهن ۾ سندس پهريان پنج پيرو ۽ ٻيا ڏيکاريل آهن. هڪ مرڪزي ٿنڀي تي هڪ عجيب ۽ پرڪشش اڪريل چتر آهي، جنهن ۾ چار هرڻ مختلف بيهڪن ۾ ڏيکاريل آهن پر چئني جو مٿو هڪ آهي. هن مورت کي ڪٿان به ڏسو ته هرڻ مڪمل نظر ايندو. جيڪڏهن ڳوڙهو ويچار ڪجي ته هن مورت مان اهو سنديش / پيغام ملي ٿو ته ڪثرت ۾ وحدت سمايل آهي. اهو فلسفو هندي ويدانت ۽ اسلامي تصوف ۾ هڪ ئي رنگ روپ ۾ موجود آهي.
هن غار جي ديوارن ۽ ٿنڀن تي نڪتل اڪثر تصويرون جٽڪا (Jatka) آکاڻين تي مشتمل آهي. مکيه لنگهه جي کاٻي پاسي نڪتل تصوير سبي جٽڪا جي نالي سان تعبير ڪئي وڃي ٿي اها آکاڻي ڪجهه هن ريت آهي ته هڪ ڪبوتر باز جي لامارن ۽ جهڙپ کان بچڻ لاءِ بادشاهه سبي جي پناهه ۾ اچي پيو جيڪو ٻڌ جو پيرو هو. باز پنهنجي شڪار کي ڳوليندي بادشاه وٽ آيو ۽ پنهنجو شڪار بادشاهه کان طلب ڪيائين. بادشاهه ڪبوتر جي وزن جيترو گوشت پنهنجي جسم مان ڪوري باز کي ڏنو. تصوير ۾ ڪبوتر بادشاهه جي هنج ۾ ويٺل ڏيکاريو ويو آهي. هن تصوير مان انساني ٻاجهه ۽ رحمدلي جي انهي عنصر جي عڪاسي ٿئي ٿي جيڪو اڳتي هلي جين مت ۾ جيو هتيا (ساهوارن کي مارڻ گناهه آهي) مها پاپ هئڻ جي صورت ۾ پڌرو ٿيو.
پوئين ورانڊي جي ديوار تي ٻن ٻُڌ چيلن جون تصويرون آهن. اهي تصويرون فن ۽ فڪر جي لحاظ کان انمول شاهڪار آهن. انهن مان هڪ ۾ هڪ ٻڌ چيلي کي جهڪيل نگاهه سان ويچار ۽ فڪر ۾ غرق ڏيکاريو ويو آهي. انهن فڪر ۾ ٻڏل جهڪيل نگاهن ۾ سنسار جا اڻ ڳڻيا ۽ اپار ويچار هئا. ائين ٿي لڳو ته ميوي سان ٽمٽار ڪا ٽاري جهڪي پئي آهي ۽ اندر ۾ ڪي آگم آهن، ڪي جهُڙ آهن، ڪي وڏا وسڻ جا ويس آهن. هن جي چهري تي اٿاهه گنڀيرتا آهن، جنهن ۾ هر ساهواري لاءِ اڻ ميي محبت آهي. چيو وڃي ٿو ته هن تصوير دنيا جي وڏن آرٽ جي پارکوئن کي متاثر ڪيو آهي.
هن غار جي زينت هڪ ٻي تصوير به آهي جنهن ۾ هڪ سندر سڊول ناري ڪو سهڻو سپنو لهي رهي آهي. هن جي ڪارن وارن ۾ گلن ۽ هارن جي سجاوٽ آهي. ڇاتي جو اڀار ائين پيو لڳي ڄڻ سنڌ ساگر ۾ ڪا وير اُٿلي پئي آهي. اُرهه اهڙا اڀريل آهن ڄڻ ته انهن کي چڳڙڻ وارو اجهو هن پڌر تي پير ڌرڻ وارو آهي. ڳچيءَ کان وٺي اُرهن جي وچان ويندي دُن تائين ڪا اڻ لکي ليڪ ائين لنگهي رهي آهي جو ڄڻ ته سنڌو ڪيلاش کان سنڌ ساگر ڏانهن ڌوڪيندي پئي وڃي. هن تصوير جي چهري تي گنڀيرتا جا رنگ چڙهيل آهن.
اسان کي هتي گهمندي ائين محسوس ٿيو ته اسان قبل مسيح دور ۾ آهيون. هتي اسان جا ٻه ڪلاڪ ٻن پلن / گهڙين وانگي گذريا ويا. جيئن ته اسان کي اڃان به پنڌ ڇڪڻو هو انهي ڪري باقي غارن کي تڪڙي ۽ مٿاڇري نظر سان ڏسندا ٻاهر آياسين. سچ پچ دل ته ائين پي چاهيو ته هتي ڪي ڏينهن ترسي پئجي هنن شاهڪارن جو فني، ٽيڪنيڪي، فلسفيانه ۽ جمالياتي نظر سان ڳُوڙهو اڀياس ڪجي. هنن عجائبات کي گهمڻ ۽ ڏسڻ جو سچو مزو تڏهن ايندو جڏهن انهي دور (ٻه صدي ق.م 6 صدي عيسوي) جي پراچين تاريخ، تهذيب، ديو مالا ۽ ڌرمن جي تفصيلي ڄاڻ هوندي ۽ انهي سان گڏو گڏ فن مصوري ۽ مجسمه سازي جي باريڪين جي به ڪل هوندي.
اسان هتان نڪري اورنگ آباد روانا ٿياسين، جيڪو اٽڪل 109 ڪلوميٽري پري آهي. ٻنپهرن جي ماني اسان ساڻ هئي. سيٺ ڪندن مل چيو ته واٽ تي ڦلهري ڊاڪ بنگلو ايندو. اتي ماني کائي پوءِ اڳتي هلبو. ٿوري دير ۾ ڊاڪ بنگلو به آيو، سيٺ ڪندن مل ڊاڪ بنگلي وٽ لهي پهريائين ڊاڪ بنگلي جي ڪنهن ملازم سان ڳالهائڻ ويو ۽ پوءِ موٽي آيو ۽ اسان کي ڪار مان لهڻ لاءِ چيائين. اسان ڪار مان لهي سامان ساڻ ڪري بنگلي اندر آياسين. اسان اتي ڪجهه ساهي پٽي ۽ ڀوڄن ڪيوسين. هن بنگلي جي هڪ حصي ۾ پوليس به رهيل هئي.
اسان هاڻي وري اورنگ آباد ڏانهن رخ رکيو. رستي ۾ ننڍا ننڍا وائڻ ۽ شهر هئا پر اسان ڪٿي به نه بيٺاسين سڌا اچي اورنگ آباد سهڙياسين جتي ڪجهه دير لاءِ شهر گهمي جنهن کان پوءِ شهر کان ٿورو پرڀرو اورنگزيب جي گهر واري رابعه دراني جي مقبري تي وياسين. هتي هر ماڻهو هن مقبري کي سڏي بيبي ڪا مقبره. هيءُ مقبرو 1679ع ۾ جڙي راس ٿيو. هن مقبري جو نمونو هوبهو تاج محل جهڙو آهي. تاج محل جي اڏاوت فن تعمير جو نادر نمونو آهي ۽ هيءُ انهي جو هڪ اوچو نقل آهي. شايد اورنگزيب پنهنجي پيءَ شاهجهان کي سياسي بساط تي مات ڏيڻ کانپوءِ مُئي پڄاڻا هُنجي ذوق لطيف کي به مات ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي جنهن ۾ هو خود مات کائي ويو.
عام طرح چيو ويندو آهي ته هو سرڪار خزاني مان پاڻي به پاڻ تي خرچ نه ڪندو هو. پنهنجو پيٽ گذارو قرآن شريف لکي يا ٽوپيون وڪڻي ڪندو هو. ته پوءِ سوال پيدا ٿو ٿئي هن هيڏي ساري مقبري تي ٿيل ڪروڙها روپين جو خرچ ڇا هن ٽوپين جي وڪري مان ميڙيل موڙي مان ڪيو هو؟ ڪتابن ۾ عالمگير، خدا ترس، منصف، زاهد ۽ پرهيزگار جي لقبن سان نوازيل هيءُ مغل بادشاه اصل ۾ ڪٺورتا ۽ بي رحمي جو مجسمو هو.
هن جي کاتي ۾ سندس پوڙهي پيءُ جا قيد ڪڙن وارا ڏينهن آهن. هن جي پهراڻ تي سندس وڏي ڀاءُ دارا شڪوه جي خون جا ڇنڊا آهن. هن جي پيشاني تي درويش صفت انسان سرمد جي خون ناحق جو ٽِڪوآهي. هن جي هٿن تي سندس ٻن ڀائرن مراد ۽ شجاع جو رت لڳل آهي. هن جي کاتي ۾ شهيد محبت عاقل خان جي بيوسي ۽ بيچارگي به آهي. هي ڳالهيون به تاريخ جو حصو آهن پر ڪا حق شناس نظر هجي ۽ حق گو زبان هجي.
اورنگ آباد کان ٿورو ٻاهر اورنگ زيب جي گهرواري رابعه دراني جو مقبرو آهي. هتي هن مقبري کي سڏين ”بيبي ڪا مقبره“. هيءُ عيسوي سن 1679ع ۾ جُڙي راس ٿيو. هيءُ مقبرو تاج محل جو هڪ بيڪار نقل ٿو لڳي. اورنگزيب پنهنجي پيءُ شاهجهان سان جيئري ته ٽڪر کاڌو پر مرڻ کان پوءِ به معاف نه ڪيائينس. عالمگير بلاشڪ پنهنجي چالبازي سان سياسي بساط تي پنهنجي پيءُ کي شڪست ڏيئي ويو پر هن جي تعميرات جي ذوق ۽ ظرف جي بلندين جي دز کي به نه پهچي سگهيو. ڇا تاج محل جو شان و شوقت، جو هر چاهيندر دل پنهنجي محبوب مٿان اهڙي عمارت جوڙائي صدين تائين پنهنجي پريم جي ياد قائم رکي وڃي، ۽ ڇا ”بي بي ڪا مقبره“ جهڙو تاج محل جو نقل جنهن کي ڀيٽ ڪندي کل اچي. هن مقبري جي تعمير تي به ڪروڙين روپيا خرچ ٿيا هوندا. پر حيرت آهي ته مغلن جي ساراهه جا ڍُڪ ڀريندڙ تاريخ نويسن اها پڌرائي نه ڪئي ته ايترو سارو پئسو اورنگزيب ڪٿان خرچ ڪيو، جڏهن ته چيو وڃي ٿو ته هو سرڪاري خزاني مان هڪ پئسو به نه کپائيندو هو. پنهنجو گذر معاش به هو ويچارو ٽوپيون ٺاهي ۽ قرآن شريف لکي ڪندو هو.
تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪي اتفاقي واقعا ۽ حادثا به ٿي پوندا آهن يا ڪي نادان دوست ڳچيءَ ۾ پئجي ويندا آهن. ڏسو ته ههڙي ناانصافي ٻي ڪهڙي ٿيندي جو ههڙي تاريخي زاهد ۽ پرهيزگار بادشاهه جي ڌيءُ زيب النساءِ جو نالو وري ڪراچيءَ جي هڪ مشهور فيشن ايبل گهٽيءَ تي رکيو ويو آهي، جنهن کي اڳي ايلفي يا ايلفنسٽن اسٽريٽ سڏيندا هئا. ساڳئي ٽريجڊي سنڌ جي انگريز فاتح سر چارلس نپيئر سان به ٿي آهي، جو سندس نالو اهڙي روڊ تي رکيو ويو جتي وئشيائن جا اڏا هوندا هئا ۽ ڪي قدر اڄ به آهن. اها ٽريجڊي چئجي يا سنڌ جي امن دوست ماڻهن جي آزادي کسڻ جي تاريخي سزا، سو فيصلو پڙهندڙ تي ڇڏيل آهي.
عام طرح چوندا آهن ته جهڙا ڪانوَ تهڙا ٻچا، پر ڪڏهن ابتڙ به ٿي پوندو آهي. ان جو مثال خود اورنگزيب ۽ سندس ڌيءَ زيب النساء هئا. هڪ تنگ نظر، تنگ دل ۽ خشڪ مزاج مُلان هو ته ٻي صاحب طرز شاعره ذوق جماليات جي ڌڻي ۽ لطيف خيالن جي پيڪر. زيب النساءِ فارسي زبان جي صاحب ديوان شاعره هئي ۽ سندس تخلص هو مخفي. پاڻ ڏاڍي ذهين، صاحب ذوق ۽ حاضر جواب هئي. هڪ ڀيرو سندس عاشق عاقل خان کيس ٻارهن دري ۾ ڏٺوته يڪدم هيءَ مصرع چيائين:

”سرخ پوشي بلب بام نظر مي آيد“

ته زيب النساءَ ٺهه پهه وراڻيس:

”نه به زاري نه به زور نه به زر مي آيد.“

مر مر منجهه ميان، مون جا جاچي جندڙي،
تنهن کي پرکي پاهڻي! پنهنجي جان ڏيان.
پتر منجهه ٿين، شال جُڳان جُڳ جيئرو.
(اياز)

اورنگ آباد ۾ بي بي جو مقبرو ڏسي اسان سڌا ايلورا ڪيوز واري هنڌ آياسين جيڪو اورنگ آباد کان صرف 29 ڪلوميٽر پري آهي. ايلورا ۾ سياحن لاءِ اجنتا جي بنسبت زياده بهتر انتظام ٿيل آهي. شايد انهي ڪري جو هي غارون سياحن لاءِ وڌيڪ پرڪشش به آهن ته اورنگ آباد کي ويجهيون به. هتي سياحن جي رهائش وغيره لاءِ هوٽلون ۽ ريسٽ هائوس به آهن. اسان گاڏي مان لهي، چانهه پي ۽ ٿورو ٿڪ ڀڃي پوءِ ٽڪيٽ ورتي. اتان اسان ڪيوز / غارن بابت ڪتابچا ۽ پمفليٽ به ورتا.
هتي اسان ڳچ وقت رهياسين ۽ ڪافي فوٽو به ڪڍياسين. هتي غارن جي ٻاهران وڏن پُڇن وارا ڀولڙا سوَن جي تعداد ۾ پي گهميا. اسان وٽ سنڌ ۾ ته ڀولڙو ڪو ورلي ڏسبو. سو به ڪنهن فقير وٽ، هيءُ هنومان جو لشڪر ته هتي من موجي ٿيو پي ٽهلندو ۽ ٽپندو وتيو. ياد ٿو اچيم ته پنڊت جواهر لال نهرو پنهنجي آتم ڪٿان ۾ ڀولڙن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي:
”بريلي جيل اندر باندرن به چڱي خاصي بيٺڪ بڻائي ڇڏي هئي ۽ سندن ٺينگ ٽپا ڏسڻ وٽان هئا. هڪ واقعوچٽو ياد اٿم. هڪ ٻچو الائي ڪيئن بوراڪ جي اڱڻ واري ڀت ٽپي هيٺ لٿو، پر موٽي چڙهي ڪين سگهيو. وارڊن ۽ ڪن مقدمن ۽ قيدين کڻي کيس جهليو ۽ گلي ۾ نوڙي ٽڪر سرڪائي ٻڌس. وڏيءَ ڀت تان شايد ماڻس ۽ پڻس اهو حال ويٺي ڏٺو ۽ غصو چڙهين. اوچتو هڪ شاهي باندر هيٺ ٽپ ڏيئي ٻچي کي بچائڻ لاءِ ماڻهن جي ميڙ ۾ ڪاهي پيو. نهايت دليري سان لٺين ڌڪن جو مقابلو ڪندو ٻچو بچائي کڻي ويو“.
ايلورا جون هي پراچين غارون ايلورا نالي ڳوٺڙي ضلع اورنگ آباد رياست مهاراشٽر ۾ واقع آهن. هي غفائون ٻن ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهن. هي غفائون ٽن مذهبن يعني: هندو مت، جين ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم سان تعلق رکن ٿيون. هڪ کان 12 نمبر غارون ٻڌ ڌرم سان واسطو رکين ٿيون. 13 کان 29 تائين جو تعلق برهمڻ ازم هندو مت سان آهي ۽ 30 کان 34 نمبر تائين جين مت سان نسبت رکندڙ آهن.
عام طرح ٿيندو هيئن آهي ته سياحن جي گاڏي اچي 16 نمبر غار جي سامهون اسٽاپ ڪندي آهي ۽ اُهي 16 نمبر غار کان ئي ڏسڻ شروع ڪندا آهن. ائين ڪرڻ ۾ تسلسل ۽ ترتيب نٿي رهي. انهي ڪري گهرجي ته غار ڏسڻ جي ابتدا نمبر هڪ کان ڪجي ته جيئن سلسليوار هر مذهب سان تعلق رکندڙ غارون ڏسندي وڃي آخري غار تي پهچجي. هنن غارن ۾ خاص توجهه طلب ۽ ڏسڻ جي قابل هيٺيون آهن.
5-10-15-16-21-29-32
هي غارون هڪ عجوبو ۽ انساني محنت ۽ هنر جو لازوال شاهڪار آهن. هنن کي ڏسندي انساني عقل دنگ رهجيو وڃي ته سڄن سارن جبلن کي اندران ٽڪي هي هيڏيون ساريون غارون ڪيئن ٺاهيون ويون آهن!؟ عقل کي چرخ ڪندڙ ته هيءَ حقيقت آهي ته انهن غارن ۾ اندرئين پٿر کي ٽڪي ان مان وڏيون وڏيون جانورن، پکين ۽ انسانن جون مورتون ٺاهيون ويون آهن، جيڪي سون جي تعداد ۾ آهن ۽ اندر ئي اندر عبادتگاهون، محل، دالان، ۽ اڱڻ ٺاهيا ويا آهن. ائين پيو ڀانئجي ته هيءَ ڪا ڏند ڪٿائي بستي آهي، جيڪا ڪنهن غيبي مخلوق ٺاهي آهي. هنن غارن تي جن هنرمند هٿن ڇيڻين ۽ مترڪن سان مارا ڪيا هوندا ۽ ان گهڙيل پٿرن مان خوبصورت مورتيون ڪوري ڪڍيون هونديون سي يقينن پنهنجي دور جا مهان سنگتراش ۽ فنڪار هوندا. هنن غارن جي بناوٽ تي سالها سال جي محنت صرف ٿي هوندي. ڪي مائيڪل اينجيلو وانگي مجبور ٿي هن ڪم ۾ وهيا هوندا ته ڪي روحاني راحت پائڻ لاءِ پاڻمرادو ڪشٽ ڪاٽي پار پيا هوندا. بهرحال انساني جاکوڙ، پورهئي ۽ هنرمندي جي ڪمال کي نوڙت ڀريو سلام آهي.
اجنتا جيئن هتي به اندريون عمارتون ٻن نمونن جون آهن، يعني وهار (ڀڪشوئن جون رهائش گاهون) ۽ چئتيال هال يعني عبادت گاهون. ٻڌمت سان تعلق رکندڙ غفائن ۾ مهاتما گوتم ٻڌ جون پٿر مان تراشيل تمام وڏيون مورتون آهن، جن مان ائين ٿو لڳي ته ٻڌ جي چهري تي فڪر ۽ تدبر جا پاڇا آهن ۽ سندس اکين ۾ ڪائنات جا ڳوڙها اسرار آهن. ڪٿي هو اهڙي اسٽائل ۾ ويٺو جو ڄڻ ته اڄ به ويٺو زندگيءَ جي گنڀير مسئلن تي ويچار ونڊي. راڄ ڀاڳ تياڳي فڪر ۾ فنا ٿيڻ وارو هيءُ فقيرتن ڪيڏو نه اُوچو آدرشي انسان هو! مون ته پاڻ کي هن جي عاليشان اوچي مورت جي چرنن ۾ ويٺل چيلو سمجهيو. هن جو گنڀير ۽ مٺڙو آواز ٽيڪسيلا، گنڌارا ۽ ڪارونجهر جي ٽڪرين سان ٽڪرائبو، پڙاڏو پائيندو، گهر گهر گُونجندو منهنجي ڪنن جون دهلڪڙيون وڄائيندو رهيو ته:

”اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀيڻون،
پُوڄا سان اُنداهي چمڪي نه پوندي،
سانت کان ڪُجهه به نه طلبيو،
ڇاڪاڻ ته اُها ڳالهئي نٿي سگهي!
پاڻ کي پُوڄا پاٽ جي پيڙائن ۾ نه پِڄرايو.“
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀيڻون! بي وس ديوتائن کان
ڪجهه به نه طلبيو،
نه انهن کي رت جي رشوت آڇيو
۽ نه خوراڪ جا نذرانا پيش ڪريو،
پاڻ ئي پاڻ ۾ جهاتي پائي ڇوٽڪارو حاصل ڪريو،
ڇاڪاڻ ته هر ماڻهو پنهنجو قيدخانو پاڻ بنايو وڃي.“

آءُ ٻُڌ، جنهن سڀني جي ڳوڙهن تي
ڳوڙها ڳاڙيا،
جنهن جو من سڄي سنسار جي جي ڏک سان
جهريل هو،
کلان ٿو ۽ خوش آهيان، ڇاڪاڻ مُڪي (نجات) اوس
آهي!
توهين، جيڪي پيڙائون ڀوڳي رهيا آهيو سي
هيءَ ڳالهه سمجهي وٺو.

هنن غفائن کي گهمندي منهنجي ذهن جي اسڪرين تي انيڪ سايا ائين ڊڪندا ويا جيئن جَر تي هوا جي ڇُوهه سان اڻ ڳڻيون سنهڙيون سنهڙيون ڇوليون ڇلنديون وينديون آهن. گيڙو رتيون چادريون اوڍيل ڀڪشو ۽ دُور دُور کان ڪهي ايندڙ گيان جا تلاشي ۽ اُنهن جا جهُنڊ، انهن جون رهاڻيون، انهن جا ڪائنات ۽ زندگيءَ تي فلسفيانه بحث. ڪهڙا ڪهڙا پير گهميا هوندا هنن پيچرن تي. هنن غفائن جي ديوارن ۽ پٿرن جي سين ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون يادون سمايل هونديون. اڄ اهي گيان ۽ ڏاهپ جا اسٿان اُجهاڻا پيا آهن ۽ اسان جهڙا تماشائي رڳو تفريح خاطر هنن کي ڏسيو هليا وڃن.
غفا نمبر پنجين ۾ هڪ وڏي ۾ وڏي غار آهي، جيڪا وها (ڀڪشوئن جي رهائش گاهه) لڳي ٿي. هن جي پکيڙ 56 x117 فٽ آهي. هن جي ڇت کي 24 ٿنڀا جهليو بيٺا آهن. هن جو اندريون ڏيک ٻڌائي ٿو، يا ته اها سراءُ طور استعمال ٿيندي هئي يا علم جي طالبن جو ڪلاس روم هئي، هتي به ٻُڌ جو وڏو مجسمو آهي.
انهيءَ کان پوءِ هن سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم غفا نمبر 11 ۽ 12 آهن. اهي ڪشاديون به آهن ۽ ٽه ماڙ آهن. هنن جو نمونو هڪجهڙو آهي. اسان ٻڌ ڌرم جي هنن غفائن ۾ ڳچ وقت رهياسين. هندو ڌرم سان تعلق رکندڙ غفائن ۾ ديوتائن ۽ ديوين جون مورتون وڏي تعداد ۾ اُڪريل آهن. غار نمبر 14 ۾ داخل ٿيندي ئي انهن مورتين تي نظر پئي. هڪ طرف درگا ديوي، جنهن کي ماتا ديوي جي مورت، وشنو ديوتا کي خلقيندڙ، بچائيندڙ ۽ ماريندڙ سمجهيو وڃي ٿو. ٻي طرف وشنو جي زال لڪشمي ديوي جنهن کي سنڌ ۾ لڇمي به چون ۽ جيڪا دولت جي ديوي آهي. تنهنجي مورت ساڄي پاسي واري سڄي ڀت شِو ۽ ٻين ديوتائن جي مورتين سان سجايل آهي. هن سلسي جي غفائن ۾ غفا نمبر 16 هڪ شاهڪار آهي. هن کي سڏين ڪيلاش، ڪيلاش جبل شِو جو اسٿان تصور ڪيو وڃي ٿو. هتي ٽڪريءَ کي ڪَٽي هڪ مينار ٺاهيو ويو آهي ۽ مندر تيار ڪيو ويو آهي. هيءُ هڪ ئي پٿر جو عظيم شاهڪار دنيا ڀر ۾ بي مثال آهي. اندازو ڪيو وڃي ٿو ته انهي جي تياري دوران 3,000,000 ڪيوبڪ فوٽ پٿرن کي کوٽي ڪڍڻ ۾ اٽڪل هڪ سؤ سال لڳا هوندا. واقعي هيءَ فن تعمير جو هڪ نادر نمونو آهي.
جين مت جي سيريز ۾ 30 کان 34 نمبر غارن ۾ جين مت جو بنياد 6 صدي قبل مسيح ۾ پيل چيو وڃي ٿو. هن جي بنياد وجهدڙ جو نالو هئو مهاوير ورد مان، هن غارن ۾ مهاوير ۽ ٻين جيني گيانين جون مورتون ٺهيل آهن.
اسان کي اهي غفائون گهمندي اچي شام ٿي. سج لَڪن پويان لڙڻ لڳو. آسمان تي سج جون شعائون، ڳئون جي کير گُوهن وانگي پکڙي رهيون هيون. سج جي اُڀرڻ ۽ لهڻ ٻنهي نظارن ۾ هڪ عجيب سرور واري ڪيفيت هوندي آهي. لهندڙ سج جي لام فنا ۽ نراسائي جي اهڃاڻ بنجي پئي کائيندي آهي:
لَڙيو سج لَڪن ۾، راسيون رتائين،
مون کي ماريائين، اديون اونداهي ڪري.
(شاهه)

اسان کي هاڻي پٽناديوي روانو ٿيڻو هو. سيٺ مولچند چيو ته واٽ تي جبل جو هڪ وڏو لڪ آهي، جيڪو پار ڪرڻو اٿئون. هن لڪ وٽ پاڻ وارا ڦل ماڇي (ڌاڙيل) ڦرون ڪندا آهن. انهيءَ ڪري اونداهي ٿيڻ کان اڳ اهو لڪ لنگهي هلون. اسان يڪدم روانا ٿياسين. اسان کي پهريائين چاليس گائون وڃڻو هو جتان ڪجهه سامان سرڙو وٺي پوءِ پٽناديوي وڃڻو هو. رستي جا حال اهڙائي ساڳيا هئا جهڙا جل گائون کان اورنگ آباد تائين هئا، رستي ۾ ڪافي ڳوٺ ۽ ننڍڙا شهر نظر آيا. هتي صرف هڪ هنڌ ڪمند جي ٿوري پوک ڏٺم. مون هڪ هنڌ هاريءَ کي زمين کيڙيندي ڏٺو ته پل کن گاڌي بيهاري هَرُ ڏٺم. هي هر اسان جي سنڌي هر کان بلڪل مختلف هو. هتي آبادي ڍڳن تي جام ٿئي. ٽريڪٽر ته ورلي نظر ايندا. اسان وٽ پاڪستان ۾ هاڻي ٽريڪٽر جو استعمال عام ٿي ويو آهي. جن آبادگارن وٽ پنهنجا ٽريڪٽر نه آهن سي کيڙي، سونت وغيره مسواڙ تي ٽريڪٽر لڳائي ڪرائين.
مُڪيش گاڏي بنهه تيرز هلائي رهيو هو. جڏهن لڪ تي چڙهيا سين ته گاڏيءَ جي تيز رفتاري کان ڊپ ٿيڻ لڳو. سيٺ مولچند مڪيش کي چيو ته، ”ها ابا! گاڏيءَ کي گهمائي وٺ.“ متان ڪو ڦل ماڇي اچي ڪڙڪي. لڪ تان هلندي گاڏيءَ کي پندرنهن منٽ ٿيا هوندا پر اسان ائين ڀانيو ته ڪلاڪ ٿي ويا آهن. مڪيش هتي به ڪيترين گاڏين کي اوورٽيڪ ڪري رهيو هو. خُدا خدا ڪري خطري جي رينج مان نڪري لڪ لهي هيٺ ميداني علائقي ۾ سهڙياسين. هن جبل ۽ سندس اوسي پاسي ڪي قدر ساوڪ هئي. هاڻي اونداهي پنهنجا پر پکيڙي چڪي هئي انهي ڪري ٻاهر ڪجهه به نظر نٿي آيو. اسان ڪجهه وقت کان پوءِ چاليس گائون پهتاسين جتي پڻ سنڌي وڏي تعداد ۾ آباد آهن. سيٺ ڪُندن اُتي ڪيترن سنڌين سان ملاقاتون ڪريون. چانهه پي ڪجهه سامان خريد ڪري پٽنا ديوي روانا ٿياسين. پٽنا ديوي، چاليس گائون کان صرف ٻارهن ميلن جي پنڌ تي هو. هيءُ رستو ڇهه ميل پڪو ته ڇهه ميل ڪچو هو. سيٺ ڪُندن مل ۽ سندس گهر واري اڪثر هتي ايندا رهندا هئا. ڇاڪاڻ ته هتي سندن گرو / مرشد هو. پاڻ ٻڌايائين ته اسان ڪڏهن ڪڏهن هتي هفتو هفتو به رهي پوندا آهيون. اسان هڪ ڪلاڪ جي سفر کانپوءِ هتي پهتاسين. هي علائقو سڄو ٻيلي کاتي وارن جو هو، جنهن ڪري هتي هڪ ننڍڙو پر سٺو ريسٽ هائوس به ٺهيل هو. هن ريسٽ هائوس ۾ ٻيلي کاتي وارا گهٽ پر سوامي جا مُريد گهڻا رهندا هئا. هتي سوامي جي ڪن مريدن هڪ ٻيو ريسٽ هائوس به ٺهرائي ڇڏيو آهي ته جيئن تيرٿ ڀيٽڻ وارا رات آرام سان گذاري سگهن. هتي ڪجهه هوٽلون ۽ دڪان به هئا. اسان جيئن ته، رات جو اويرا پهتا هئاسين انهي ڪري ريسٽ هائوس جي عملي مان ڪير به موجود ڪونه هو. سيٺ ڪندن مل چيو ته ٻيلي کاتي جو سڄو عملو هائوس جي پويا واقع ڪوارٽن ۾ رهي ٿو. توهان هتي ترسو آءُ وٺيو ٿو اچان. پاڻ تُرت ويو وڃي چوڪيدار کي وٺي آيو. چوڪيدار ويچارو بنگلو کولي اسان جي چاڪريءَ ۾ لڳي ويو. سيٺ ڪندن مل چيس ته اسان وٽ ٻيو سڀ ڪجهه آهي، صرف اسان کي ڪٿان کير آڻي ڏي. هي اسان جا مهمان سنڌ مان آيا آهن. اسان ته شهرن ۾ رهي عادتون بدلائي ڇڏيون آهن، ۽ هي ٻهراڙين جا ماڻهو کير تي هريل آهن سو کير پي پوءِ سمهندا.
سيٺ ڪُندن مل پوءِ ماني لڳائڻ جي ڪم ۾ جنبي ويو. چند ڏينهن جي صحبت ۾ محسوس ڪيم ته هن ۾ پاڻ ڪم ڪرڻ جي اُتم خاصيت موجود آهي. حالانڪ اُتي سندس ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀائٽيو به موجود هئا. انهن مان ڪنهن کي به ڪو ڪم چوي ها ته ڪير به کيس وراڻي نه ڏي ها پر اسان جي هر معاملي ۾ هر ڪم پنهنجن هٿن سان پي ڪيو، چاهي اهو گهر هجي يا انسپيڪشن بنگلو يا ريلوي اسٽيشن همراهه سڪ ۽ محبت جو ڪوڏيو هو. جڏهن اسان کي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏڻ آيو ته موڪلاڻي مهل اکيون ڀرجي آيس. سندس نيڻن ۾ نير ڏسي اسان جي دل کي به جهٻي آئي. پاڻ تمام نرم مزاج، حقيقت پسند ۽ سخي طبيعت هو. سڄي زندگي سندس هٿ ڏيڻ تي هريل هو سو سندس هٿ ۾ وٺڻ واري ريکا هئي ئي ڪانه. کل مک اهڙو جو هر وقت سندس منهن تي مُرڪ رقص ڪندي رهندي هئي.
اسان ماني کائي لاٿي ته چوڪيدار به کير سميت اچي حاضر ٿيو. سيٺ ڪُندن مل چيس ته ڀائي اچي وئين! وراڻيائين ته، ”جي سائين! توهان جا مهمان ته اسان جا مهمان آهن. اسان جو به فرض آهي ته انهن جي سيوا ڪريون!“
آءُ ۽ ڊاڪٽر راڄو بنگلو جي هڪ سوٽ ۾ رهياسين، مڪيش ۽ سيٺ ڪندن ٻي سوٽ ۾ رهيا. سيٺ مولچند ۽ سيٺ چوئٿرام ٿورو پرڀرو ٻي ريسٽ هائوس ۾ رهيا. اسان کي ٻي ڏينهن ٻنپهرن جو چاليس گائون کان واپس بمبي وڃڻو هو، تنهن ڪري اسان ڪافي دير تائين ڪچهري ڪندا رهيا سين ۽ سيٺ چوئٿرام جا ٽوٽڪا ٻڌندا رهياسين، سيٺ چوئٿرام کِل مُک ۽ خوش طبع هو. رکي رکي اهڙي کِل جهڙي ڳالهه ڪري ڇڏيندو هو جو سڀئي پيا کِلندا هئاسين.
ڳوٺ ۽ ڳوٺ وارن جي پچار اڪثر سيٺ مولچند پيو چوريندو هو. ڳوٺ، آسپاس وارن سڀني ماڻهن جا احوال پڇيائين، جن مان ڪيترا اهڙا هئا جن کي اسان اکين ڪونه ڏٺو ڇاڪاڻ ته اهي گھڻو وقت ٿيو لاڏاڻو ڪري ويا ۽ ڪي اهڙا هئا جن جي اها حالت نه رهي هئي، تنهن ڪري گھڻن پارن پتن ڏيڻ کان پوءَ سڃاڻپ ۾ آيا ٿي. دنيا به عجيب آهي! پئسي ۽ حيثيت جي ڪري ماڻهوءَ جي رهڻي ڪرڻي، ذات ۽ نالو به بدلجيو وڃي. جي ٿيو غريب ته ڪير ليکندس به ڪونه. قريبي رشتيدار به دم نه هڻندو ته ڪو فلاڻو منهنجو مائٽ آهي. جي ٿيو امير ته هرڪو پيو جيءَ ۾ جايون ڏيندس. دور جا رشتيدار ته ٺهيو پر پراوا به ساڻس مائٽي ڳنڍيو ويٺا هوندا ته فلاڻي ناناڻڪي ۽ ڏاڏاڻڪي پڇ ۾ اسان ڳنڍيل آهيون. اسان وٽ ٻني ۾ هڪ سرڪاري عملدار بدلي ٿي آيو. انهي جي به اها عادت هوندي هئي ته هر وڏي ماڻهوءَ سان مائٽي جي دعويٰ ڪندو هو. منهن جو ته اهڙو پڪو هوندو هو جو انهن ماڻهن کي سوٽ ماسات مامي وغيره جي نالي سان سڏيندو هو. پنهنجون ٽي چار ذاتيون ٻڌائيندو هو. اهڙا نفسياتي مريض هر هنڌ هوندا آهن. سو سيٺ مولچند ويچارن کي هتان ويندي اٽڪل اٺثيهه سال ٿي ويا آهن، انهي وچ ۾ هن نيري آسمان هيٺان ڪئين رنگ بدلجي ويا ڪئين ماڻهو سکين ستابن ٿيڻ ڪري پنهنجيون ذاتيون ۽ پنهنجا اصل نالا به بدلائي ويٺا. انهي ڪري اسان کي اصل نالن ۽ حالتن جي اعتبار کان انهن جي شناس ۾ مونجھارو پي ٿيو.
بهرحال سيٺ مولچند کي شاباس هجي جو هن جي دل جي دفتر تي انهن ڳوٺاڻن جي ياد جي ڇُر ڇَپي پئي آهي. وطن کان دور وطن واسين، جن سان گڏجي ٻالپڻ جون رانديون کيڏيا، جوڀن جا ڏينهن گھاريا، ڪڙيون ۽ مٺيون پيتيون، وڻج وهنوار ڪيا، سي ڪٿي ٿا وسرن. ماضيءَ جون اهي يادون ئي ته سندس جيون جي موڙي آهن. اهي يادن جون مظبوط پليون ئي ته سندس سنڌ سان ڳانڍاپي جو ذريعو آهن. منهنجي خيال ۾ تاجل بيوس جو هيءُ پيارو نظم، انهن ماڻهن جيڪي پنهنجي ماتر ڀومي کان دور رهن ٿا، جي اندر جو سچو پچو عڪس پيش ڪري ٿو.

وطن ويڙهه، واڙيون ۽ ولهار ڪيئن ها،
وِڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها.
انبن ۾ ڀلا ڏس ته ٽپڪا پيا هئا،
گليلن ۽ ڳوڙهن جا وسڪا ٿيا ها،
ڪڏهن مينهن مارن تي ڇڇڪا ڪيا ها،
ڇپر هيٺ ڇيرين جا ڇمڪا ٿيا ها،
کٿيرين جا کوهن تي گجڪار ڪيئن ها.

ڪٿي چيلهه سنهڙيءَ تي گھاگھر ڏٺئي ڪا،
ڇلا، ويڙهه بُلا ۽ جھالر ڏٺي ڪا،
ڪٿي جرڪندي جيءَ جي جھانجھر ڏٺئي ڪا،
لڳل حُسن وارن جي بازر ڏٺئي ڪا،
سهيلين ۽ سرتين جا سينگار ڪيئن ها.

ٿڪن جا ڪٿي ٿاڪ ٿاڻا ڏٺئي ڪي،
پنهوارن جا پکڙا پراڻا ڏٺئي ڪي،
رتولن ۾ راڻيون ۽ راڻا ڏٺئي ڪي،
ولر ڪونجڙين جا اُڏاڻا ڏٺئي ڪي،
سنڌوءَ جا ڪنارا اکين ٺار ڪيئن ها.

پون ياد پل پل وطن ۽ ولهاريون،
مڪئي ٻير مٺڙا، کٻڙ ڄار ڄاريون،
رتن جوت، رابيل، ٽانگر ۽ ٽاريون،
مکڻ کير ماهيا ڪنڍيون چال ڪاريون،
وَڇون ڇيلڙا، ٻوڪ، ٻڪرار ڪيئن ها.

تتي ڏينهن ڏلهڙين، ڏلهن جي خبر ڏي،
پگھر ۾ مليل رت ڦڙن جي خبر ڏي،
ڏمر، ڏاڍ، اڄ جي امن جي خبر ڏي،
بهرحال ويندڙ وطن جي خبر ڏي،
اباڻن تي عمرن جا آزار ڪيئن ها.

خدن جي خبر ڏي، گلڻ جي خبر ڏي،
اڱڻ، باغ، آچر، علڻ جي خبر ڏي،
پريل جي پٽن ۽ ولڻ جي خبر ڏي،
ادي عرس، سارنگ، سڄڻ جي خبر ڏي،
لنگھا، ليل لوڌي ۽ لوهار ڪيئن ها.

سيٺ مولچند جون ڳالهيون ٻڌندي ٻڌندي اسان کي اچي ننڊ ورايو سو وڃي بسترن ڀيڙا ٿياسين. صبح جو سجاڳي ٿي ته ٻاهر نڪري ملڪ جو واءُ سواءُ ورتم. واقعي هيءُ علائقو ڏاڍو سهڻو ۽ وڻندڙ هو. چوڌاري وڻن سان جھنجھيل ٽڪريون هيون، جن جو ڏيک من موهيندڙ هو. صبح جي ٿڌڙي هير ۾ ساوڪ جو نظارو نيڻن لاءِ فرحت ڀري نيرن ثابت ٿيو. انهن ٽڪرين جي وچ ۾ سوامي جو آستان هو.
اسان تيار ٿي ناشتو ڪري اچي هوٽل تي چانهه پيئڻ ويٺاسين. هوٽل واري اسان کي ٻڌايو ته هتي ڪڏهن ڪڏهن رات جي وقت شينهن به ايندا آهن ۽ هنن ڪيترا ڀيرا ڏٺا آهن. اها ڳالهه ٻڌندي ڊاڪٽر راڄي ٽهڪ ڏيئي چيو شڪر ٿيو جو اها ڳالهه چوڪيدار اسان سان رات نه ڪئي نه ته انهي کٽڪي ۾ ننڊ ئي ڪونه اچي ها. اسان چانهه چڪي چاڙهي اچي سوامي جي آستانن تي سهڙياسين. ٻاهران چوڌاري خاردار تارن جو لوڙهو ڏنل هو ۽ انهيءَ جي وچ ۾ سواميءَ جو گھر هو پاڻ هڪ ننڍي هَٽ ٽائپ (Hut Type) جڳهه ۾ ويٺو هو، جيڪا اندران ڪافي سهڻي نموني سجايل هئي. مٿي ڇت پلاسٽڪ آف پئرس سان ٺهيل هئي ۽ سامهون هڪ بهترين مورتي رکي هئي. اندر صفائي به سٺي هئي. سوامي ڪنڊ ۾ هڪ دروازي اڳيان ٽنگ ٽنگ تي چاڙهيو ويٺو هو. کيس گيڙو رنگ جي کاڌيءَ جا ڪپڙا اوڍيل هئا. ڳچيءَ ۽ ٻانهن ۾ ڪاريون سهڻيون مالهائون پيل هئس. پاڻ پنجٽيهه سالن جو سهڻو سيڊول جوانڙو ٿي لڳو. هيءُ انجنيئرنگ ۾ ڊبل گريجوئيٽ هو. هن اهي ڊگريون ڪلڪتي جي انجنيئرنگ ڪاليج مان حاصل ڪيون هيون. پاڻ بنگالي هو. هر موڪلائيندڙ کيس پيرين پئي ۽ هٿ تي چمي ڏيئي روانو ٿي ٿيو. پاڻ هر ويندڙ کي ڀر ۾ رکيل هڪ سهڻي ڪٽوري مان ڪجهه تر ريوڙيون ڪڍي ٿي ڏنائين. جيڪي انهن نهايت تبرڪ طور عقيدت سان وٺي ٿي رکيون. ايندڙ ويندڙن ۾ نوجوان عورتون به شامل هيون. جيئن ته اسان کيس پري کان سلام ڪيو، انهي ڪري اسان کي اهو تبرڪ نه آڇيائين. سيٺ ڪندن اسان جو تعارف ڪرائيندي چيو ته هي همراهه سنڌ کان آيا آهن ۽ اسان جا ڳوٺائي آهن. هنن کي توهان سان ملائڻ لاءِ خاص وٺي آيو آهيان، سوامي اسان کان حال احوال ورتو. اسان جي ساڻس اٽڪل هڪ ڪلاڪ ڪچهري رهي.
مون محسوس ڪيو ته هو ڏاڍو ذهين هو. ملڪي ۽ بين الاقوامي سياسي صورتحال تي سٺي ڄاڻ هئس. باقي رهي سندس روحاني شڪتي تنهنجي پروڙ ته سيٺ ڪندن کي هوندي.