سفرناما

ديس بديس

ھيءُ ھند جو سفرنامون، ”ديس بديس“ ھڪ نھايت دلچسپ، پيارو، پُر مغز ۽ احساسن ۽ جذبن جي نازڪ تارن کي ڇُھندڙ آھي. ھن سفرنامي جا ڪي ڪي لفظ ۽ جملا ته ايترا ڇپندڙ، تُز ۽ اثرائتا آھن جو پڙھندي دل ائين ڀِڄيو ۽ پگھريو پوي جيئن سج جي ڪرڻن سان برف پگھري پوندي آھي. ڪتاب جي منڍ وارو حصو، جنھن ۾ سپنن جي سنسار، ھندستان جي پراڻي تاريخ جا پيرا کڻندي تصور ئي تصور ۾ ليکڪ ھن صدي ۾ اچي سھيڙيو آھي، ڏاڍو وڻندڙ آھي. ھن حصي ۾ ٻوليءَ جي سُونھن ۽ سوڀيا پڙھندڙ کي يقينن موھي ڇڏيندي ۽ ھو خود تصور جي دنيا ۾ کوئجي صديون پويان ھليو ويندو ۽ پاڻ کي وقت جي پرن تي اُڏامندو محسوس ڪندو. سندس نظرن اڳيان صدين جو ھندستان پنھنجين تمام رنگينين سان جلوه گر ھوندو.
Title Cover of book ديس بديس

سنڌيت جي سرھاڻ جو سفرنامو : اي جي اُتم

اڳئين ڀيري سنڌ جي سانگيئڙي مير محمد ٽالپر جو بمبئيءَ اچي ڪچھريون ڪرڻ جي قرب جو احوال ڏنو ھوم. ھن جي وڃڻ بعد يڪدم ٻيو برک اديب ۽ ڪارڪن نورالدين سرڪي ۽ سندس بيگم شمس آيا. سرڪيءَ سنڌ مان نڪتل تازو ترقي پسند رسالو ”سنڌو“ (مھراڻ جھڙو) سوکڙي ڏني، جنھن جو ذڪر ٻئي ليک ۾ ڪندس جو ان ئي وقت سنڌ مان ھڪ ٻئي اديب عبدالحئي پليجي جي ڀارت جي سفر جو سفرنامو ”ديس بديس“ اچي پھتو. ان تي سندس قيمت کان ٻيڻ يعني ٽيھن رپين جون ٽڪليون لڳل ھيون. ڪيڏي نه ڏک جي ڳالھه آھي ته ٻن وڇڙيل سنڌين جو ٽپال رستي ملڻ به مھانگو ٿي ٿو پوي. سفرنامي جو مھاڳ مشھور ليکڪ غلام حسين رنگريز لکيو آھي.
پليجي جو سفرنامو ڀارت بابت ٻين سنڌين جي سفرنامن کان نئون ۽ نرالو آھي. ليکڪ کي پنھنجي پيءُ نور محمد پليجي کان ورثي ۾ مليل نيشنلزم، سيڪولرزم ۽ سوشلزم جي ويچارن وڏو اثر ڪيو ھو . ھن جي واتان ”ھندستان جي تھذيب، سونھن ۽ تاريخ جي قدآور شخصيتن جو اتساھ سان ڪيل ذڪر“ ٻڌو ھئو ته ڪيترا ڪتاب به پڙھيا ھئا ۽ جيئن ليکڪ لکي ٿو ته، ”ڀائيندو ھوس، رام سان گڏ مون به بنواس ڀوڳيو آھي، شري ڪرشن جي بنسري جي مڌرتا منھنجي من کي به موھي ويئي آھي. ڪاليداس جي شڪنتلا، ڀرت ھري جي دوھن ۽ ميران ٻائي جي گيتن ۾ مون کي پنھنجي دل ڌڙڪندي محسوس ٿي آھي. مون کي ھندستان جا ڪلاڪار ۽ ساھتڪار به ھماليه جيڏا اوچا لڳا آھن . ھزارھا سال جي تاريخ جو سلسلو ھندستاني ساھت ۽ سڀيتا ۾ اڄ به جڳمڳ جرڪي پيو . . . يوناني، ايراني، عرب، پورچوگيز، افغان، منگول، غوري، خلجي ۽ انگريز ڌوڪيندا ھن ديس پھتا ته ھتي جي واريءَ مان سون حاصل ڪري سگھن . . . ڪاش اھي مال متاع جا ديوانا لٽيرا ھندستان جي پيرين اگھاڙي ساڌوئن کان ڪي سچ، سونھن، ايڪتا ۽ انسانيت جا سنديش به وٺن ھا.“
پليجي جي ھن سفرنامي ۾ ھندستان (آڳاٽي توڙي اڄوڪي) جي خوب قدرشناسي ڪيل آھي . جا ٻئي ڪنھن سنڌيءَ جي سفرنامي ۾ ڪانھي. ھو لکي ٿو،
”ھندستان دنيا جو نمبر پھريون جمھوري (لوڪشاھي) ملڪ آھي . . . . . سڀني مذھبن جا ماڻھو ھڪ جھڙا شھري آھن مطلب ته موجوده دنيا ۾ جاگرافيائي، سياسي، ٽيڪنيڪل ترقي ۽ آرٽ ۽ فن جي لحاظ کان وڏي اھميت رکندڙ ملڪ آھي.“
پليجو ھتي اجنتا ۽ ايلورا جون غفائون به گھميو. اجنتا جي لاءِ لکندي ھن ڪوتا جو ساگر اوتيو آھي. ڏسو چوي ٿو:
”. . . . . انھن تصويرن ۾ ھندستاني سونھن جي ماکيءَ جھڙي مٺڙي رس ۾ رابيل ۽ چنبيلي جھڙي ڀيني ڀيني مھڪ آھي، ھزار سالن بعد به اھا مھڪ ۽ سونھن اڃان به قائم آھي . . . . ائين ڀانئيم ته ڪاليداس جي شنڪتلا جاڳي رھي آھي يا ميران جو گيت روپ ڌاري ويٺو آھي.“ ايلوزا لاءِ چوي ٿو، ”ھي غارون انساني محنت ۽ ھنر جو لازوال شاھڪار آھن، انساني جاکوڙ، پورھئي ۽ ھنرمندي جي ڪمال کي نوڙت ڀريو سلام آھي ۽ پليجي کي اھي غارون پنھنجي ڳوٺ ٻني جي سندس پيءُ جي ننڍي ھوندي جي دوست ”ڪندن مل ٽيڪواڻيءَ“ پنھنجي ڪار ۾ وٺي گھمايون. ھو ”جلگانوءَ“ ۾ رھندڙ آھي، اسٽيشن تي وٺڻ مھل پليجي پڇيس تي ڪيئن سڃاتو ته چيائينس ته، ”تنھنجي شڪل بلڪل تنھنجي والد جھڙي آھي، اسان ڀانيو ته ارباب سامھون آھي. سندس اھا تصوير ياد آھي جڏھن ھو ڪراچي بندر تي اسان کي اکين ۾ ڳوڙھا آڻي رخصت ڪري رھيو ھو ۽ ايستائين ترسيو ھو جيستائين اسان روانا ٿياسين.“ اھڙي سڪ آھي، سنڌ ھند جي سنڌين جي! پليجو لکي ٿو، ”ھن وسيع ملڪ ۾ اھي ئي ته چند ماڻھو ھئا، جن ۾ سنڌ ڌرتي جي اھا ڀيني ڀيني خوشبوءَ محسوس ٿي جيڪا لطيف جي بيتن، سچل جي ڪافين ۽ سامي جي سلوڪين ۾ رچيل آھي.“ ”ڪڏھن ته ڪرندي ڪاڪ، ڪڏھن ته ملندو مينڌرو، پڇان وڏي واڪ، سڏ به ڏي ڪو سنڌ ۾.“
ھتي سنڌين طرفان سنڌيت کي سلامت رکڻ جو پليجي سفرنامي ۾ خوب ذڪر ڪيو ته قدر به ڪيو آھي. ھڪ ھنڌ لکي ٿو، ”سنڌي ھندو واپار جو بادشاھ آھي، جلگانو ۾ ڪلب، باغ، تلاءُ سنڌي ڪالوني ۽ امر شھيد ڀڳت ڪنور سينٽر سنڌين ٺھرايو آھي. ھي سينٽر ڏسي خوشي ٿيم پر پنھنجي ماڻھن جي حال تي ملال ٿيم ته اسان وٽ ھن صوفي منش لاءِ ڪو به يادگار ڪونھي. اھي ھٿ ڪيڏا نه بي رحم ۽ ظالم ھئا، جن ھھڙي پوتر شخص کي شھيد ڪيو . . . . اڄ سنڌ جو سنڌي امر ڪنور کي پنھنجو ورثو ٿو سمجھي. اھو وقت ڏور ناھي جو سنڌي پنھنجي راڄ ڀاڳ جا ڌڻي پاڻ ٿيندا ۽ پوءِ سنڌ جي ريڊيو تان ”ڀڳت ڪنور“ جي ڪلام کي پيش ڪرڻ کان ڪير روڪي نه سگھندو.“ پليجي بمبئي شھر جا ڏسڻ لائق ھنڌ به ڏٺا جنھن جو به ذڪر ڪيو اٿس.
پر ھن پنھنجي پسندي خاص طور سنڌين جي شاھي اسپتال جسلوڪ، سنڌو ڀون، ڪالونين، ڪاليجن وغيره لاءِ ڏيکاري آھي. اھي ھنڌ برک ليکڪ گوبند پنجابي ۽ اُتم ڏيکاريا ھئس جن لاءِ لکي ٿو، ”ادا (گوبند) جي ڀاڪرن ۾ محسوس ڪيم ته مونکي منھنجو ڪٽيل بازو ملي ويو آھي، ھو ھڪ پروقار شخصيت جو مالڪ ۽ سڌ ٻڌ وارو انسان آھي.“ ۽ ”اُتم ڪافي حصا گھمايا ۽ اھي جڳھيون ڏيکاريون جيڪي ھوند اُتم کانسواءِ نه ڏسي سگھون ھا.“ ڪلياڻ آڏواڻي لاءِ لکي ٿو ته ”شاھ جي رسالي تي ھن جو نچويل نور ۽ پيار جو پورھيو سنڌ ۽ لطيف سان اَڻ مئي محبت جو اظھار آھي.“ پنجواڻي سنڌو ڀون ۾ ھنجي آجيان ڪئي.
” . . . . . سنڌين جي ميلاپ جي ھن مکيه ڪردار جو ھو روح روان آھي .“ اتي ئي انڊونيشيا ۾ سنڌيت جي بانيءَ ته ھتان جي ٻين ڪارڪنن ٽھلرام آزاد وغيره ٻين سان مليو. آخر ۾ اُتم ۽ سندري لاءِ لکي ٿو، ”اُتم آدرشي انسان، مثالي سماجوادي، صاف سڌو انسان آھي. سنڌ وطن سان سندس پيار الفت ائين آھي، جيئن ڳنڍيون منجھه ڳنڍير، تيئن مون من ماروئن سين، اُتم ڪيترن ادبي ۽ تنقيدي ڪتابن جو ليکڪ آھي. سندري به ھڪ جڳ مشھور ڪھاڻيڪار آھي. ٻنھي زال مڙس جو سنگ ھڪ مثالي سنگ آھي. ٻنھي سنڌي ادب لاءِ گھڻو پتوڙيو آھي.“ پليجو وڌيڪ لکي ٿو ته ، ”اسان جي رات يارھين وڳي واري فلائيٽ تي به اُتم اماڻڻ آيو ۽ روڪڻ تي به نه رڪيو، اندر وڃڻ کان اڳ ۾ موڪلائڻ وقت دلين جون ڌڙڪنون تيز ھيون. ھو سانت بيٺو گھوريندو رھيو. ھن جون نظرون شايد سنڌ تائين اسان جو پيڇو ڪرڻ لاءِ آئيون ھيون اھا سنڌ، جنھن جي فضائن ۾ سرھاڻ ھئي، جنھن ھن جو من موھيو ھو. سچ پچ ھي سنڌيت جي سرھاڻ جو سفرنامو سدائين ياد رھندو.