سفرناما

ديس بديس

ھيءُ ھند جو سفرنامون، ”ديس بديس“ ھڪ نھايت دلچسپ، پيارو، پُر مغز ۽ احساسن ۽ جذبن جي نازڪ تارن کي ڇُھندڙ آھي. ھن سفرنامي جا ڪي ڪي لفظ ۽ جملا ته ايترا ڇپندڙ، تُز ۽ اثرائتا آھن جو پڙھندي دل ائين ڀِڄيو ۽ پگھريو پوي جيئن سج جي ڪرڻن سان برف پگھري پوندي آھي. ڪتاب جي منڍ وارو حصو، جنھن ۾ سپنن جي سنسار، ھندستان جي پراڻي تاريخ جا پيرا کڻندي تصور ئي تصور ۾ ليکڪ ھن صدي ۾ اچي سھيڙيو آھي، ڏاڍو وڻندڙ آھي. ھن حصي ۾ ٻوليءَ جي سُونھن ۽ سوڀيا پڙھندڙ کي يقينن موھي ڇڏيندي ۽ ھو خود تصور جي دنيا ۾ کوئجي صديون پويان ھليو ويندو ۽ پاڻ کي وقت جي پرن تي اُڏامندو محسوس ڪندو. سندس نظرن اڳيان صدين جو ھندستان پنھنجين تمام رنگينين سان جلوه گر ھوندو.
Title Cover of book ديس بديس

1

بيکاريءَ کي بَر ۾ ويو ڪيف چڙھي،
ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون ڳوڙھا پيس ڳڙھي،
ڪا جا انگ اڙي، جِئن ڇٽا ڦٽ ڇُڙي پيا.
لطيف

آءُ اڃان ننڍو ھئس ته بابي مرحوم وٽ سندس پُراڻا ساٿي سنگتي اچي مھمان ٿيندا ھئا. حال احوال اوريندي پُراڻين يادگيرين جا دفتر کولي وجھندا ھئا. ڪي ذاتي زندگيءَ جا ڏُک سُک ته ڪي قومي سياست جا يادگار ۽ نه وسرندڙ واقعا ھُنن جي سُخن جا موضوع ھوندا ھئا. بابو مرحوم ورھاڱي کان اڳ جي ھندستاني سياسي صورتحال جو رڳو تماشائي نه ھُئو پر ھن گانڌي جي آشرم کان وٺي نھروءَ جي سدابھار ساٿ ۽ سُباش چندر بوس جي جوشيلي انقلابي صحبت جو به سواد ماڻيو ھو. ھندستان جي آزادي جي ھلچل ۾ ھڪ ڪارڪن جي حيثيث ۾ اتر کان وٺي ڏکڻ تائين ھُن سرزمين ھند کي گھُميو ھو. بابو مرحوم جڏھن به ھندستان جي پراچين تھذيب، سوُنھن ۽ ھندستاني تاريخ جي قدآور شخصيتن جو ذڪر نھايت اُتساھ سان ڪندو ھو ته آءُ ائين محسوس ڪندو ھئس ته ھندستان ڪو سپنن جو سنسار آھي. عُمر گذرڻ سان گڏ منھنجي من ۾ ھندستان گھمڻ جو شوق وڌيڪ تيز ٿيندو ويو. انھي شوق جي تسڪين خاطر مون ھندستان جي پراچين تاريخ، تھذيبي آثارن، سڀيتا ۽ سياست متعلق ڪتاب پڙھڻ شروع ڪيا. پڙھندي ۽ ويچاريندي آءُ صديون اورانگھي ويو ھئس. منھنجي محويت جو اھو عالم ھوندو جو ائين ڀائيندو ھئس ته ھماليه جي گود مون لاءِ ھندوري مثل ٿي ويئي آھي، پھاڙن ۾ پيل دم ڪش يوگي ۽ سنياسي منھنجا ساٿي آھن، رام سان گڏ مون به بنواس ڀوڳيو آھي، شري ڪرشن جي بنسري جي مڌرتا منھنجي من کي موھي ويئي آھي، گنگا جي گھاٽ تي انيڪ اپسرائن کي ھنجن جيئن لھندي ڏٺو اٿم، ھماليه جي چوٽين تان پگھرندڙ برف ندين جا وھڪرا بنجي منھنجي ڪنن ۾ سرمدي نغما آلاپي ويئي آھي. ڪاليداس جي شڪنتلا، ڀرتري ھري جي دوھن ۽ ميران ٻائي جي گيتن ۾ مونکي پنھنجي دل ڌڙڪندي محسوس ٿي آھي. مونکي ھندستان جا ڪلاڪار ۽ ساھتڪار به ھماليه جيڏا اوچا لڳا آھن. ھزارھا سال جي تاريخ جو تسلسل ھندستاني ساھت ۽ سڀيتا ۾ اڄ به جڳمڳ جرڪي پيو.
ھندستان سُونھن، گيان يا ڏاھپ، پراچين آثارن، ڪلاڪارن، ڌرمن، فلسفن، يوگين، سنياسين، نجومين، راجائن، مھاراجائن ۽ ديوتائن جي سرزمين آھي. ھتي گوتم راڄ ڀاڳ ۽ تخت تاج تياڳي گيان ۽ نرواڻ پائڻ لاءِ جبل جھاڳيا، چلا ڪڍيا ۽ روزا رکيا. Fasting budha(روزه دار ٻُڌ) جي ھڏائين پڃري جھڙي مُورت ۾ جڏھن اکيون کپائي نھاريندو آھيان ته سندس اکين جي بي انت اُونھاين ۾ کوھجي ويندو آھيان. سروم دُکم دکُم(سڀ ڪجھه دک ئي دک آھي) وارو ٻڌ دکي انسانيت جو symbol لڳندو اٿم. گنڌارا جي وادي ۽ ٽيڪسيلا جي ٽڪرين تي ٻُڌو ديالن / ٻُڌ درسگاھن مان اُوچا آدرش پائي نڪرندڙ گيڙو چادر اوڍيل گياني ۽ ڀڪشو سچ ۽ سونھن جي سرھاڻ پکيڙيندا ڏسڻ ۾ ايندا اٿم. ھند کان وٺي سنڌ تائين ڦھلي ٻُڌ اسٽوپا ٻُڌ ڌرم جي اوج جا يادگار آھن.
ھندستان اُھو ديس آھي جتي علم ۽ ڄاڻ/ گيان جي تقدس کي ھر تقدس تي فوقيت ڏني ويئي. شري مد ڀڳوت گيتا جا ھي ٻول ڪيڏا نه سچ جا ساکي آھن!
(1)او پارٿ! گيان پگيه، ڌن جي يگيه ۽ يگين کان وڌيڪ سريشت آھي ، ڇو جو سمورو ڪرم ڦل گيان ۾ سمايل آھي.
(2) اھو گيان برھم گيانين کي نمسڪار ۽ شيوا ڪرڻ سان سک، اھڙا گياني توکي برھم گيان اُپديش ڏيندا.
(3) اھو گيان پراپت ڪرڻ کان پوءِ ھي پاندو! توکي وري اھڙو موھ نه ٿيندو ۽ اِنھي گيان کان پوءِ تون سڀ جڳت ”مون“ ۽ پاڻ ۾ ڏسندين.
(4) جيڪڏھن سڀني پاپين ۾ تون مھا پاپي ھُجين ته به گيان روپي تُرھي تي چڙھي، سڀني پاپن کان تري پار پوندي.
(5) ھي ارجن! جيئن ڪاٺين کي زور ٻرندڙ ڪاٺين جو ڀنڀٽ جلائي ٿو تيئن برھم گيان اگني (باھ) سڀني ڪرمن کي ناس ڪري ڇڏي ٿي.
(6) گيان (علم يا ڄاڻ) جھڙي جڳت ۾ پويتر (پاڪ) ڪندڙ ٻي ڪا به شئي نه آھي. اھڙي برھم گيان کي جنھن ماڻھو يوگ سڏ ڪيو آھي، سو اھو گيان پنھنجي آتما ۾ حاصل ڪري سگھي ٿو.
اھا نور جي ورکا صرف ھند جي ڌرتي تائين محدود نه رھي پر ڏور ڏيساورن تائين به ڦھلي. ھتي جي ويدانتين پيار ۽ پريم ۽ ايڪتا جي پرچار ڪري مَنن جا مير ڌوتا، ھتي جي ڀڪشوئن سڪندر يوناني جي اڳيان ھڪ ڄنگھه تي بيھي حياتيءَ جا اسرار کوليا، ھتي دنيا جا اولين ڪتاب ويد تخليق ٿيا، ھتي نجوم، طب، تصوف ۽ آرٽ جا انمول شاھڪار پڌرا ٿيا. ھندستان پنھنجي رنگارنگي ۽ پُراسراريت جي ڪري ھڪ ( Myth ) ڪٿا، ۽ ھڪ (Mystery ) يعني ڳُجھه بنيو رھيو آھي. تاريخ جي روايتن ۾ ھنجي سُونھن ۽ سرھائي جون ضرب المثل ڪھاڻيون اولاھين ۽ اُڀرندي ڏينھن لاءِ ڪشش ۽ تجسس جو باعث بڻيون. يوناني، ايراني، پارسي، فنيقي، ساساني، عرب، پورچوگيز، منگول، افغان، تغلق، غوري، خلجي، لوڌي ۽ انگريز سڀ ڌوڪيندا ھن ديس پھتا ته ھتي جي واريءَ مان سون حاصل ڪري سگھن، ڪبوترن جي بيضن جيڏون لعلون لڀي سگھن، مندرن جي ڪَلسن تي لڳل سون لُٽي سگھن، راجائن جي محلن مان موتي ۽ جواھرن جون خرزينون ڀري سگھن، ھتان جي گرم مسالن جي کيتن مان غوراب ڀري ڏيساور وڪرو ڪري مال ميڙي سگھن، ڪاش اھي مال و متاع جا ديوانا لُٽيرا ھندستان جي پيرين اگھاڙي ساڌوئن کان ڪي سچ، سونھن، ايڪتا ۽ انسانيت جا سنديش به وٺن ھا.
انھي سپنن جي سنسار جنھن ۾ گنگا جمنا به ھئي، تاج محل به ھو، ايلورا جو غفائون به ھيون، چانھه جا سدا ساوا کيت به ھئا. ڪشمير جي جنت به ھئي، ھماليه جي اُتاھين چوٽي به ھئي، لال قلعو به ھو، قطب مينار به ھو، سرمد شھيد جي مزار به ھئي، اُجڙيل ۽ وسيل دھلي به ھئي، لکنوءَ جي رنگيني به ھئي، ٽئگور جي شانتينڪيتن به ھئي، ديوبند به ھو، غالب به ھو، مير به ھو، تلسيداس به ھو، اڪبر جو اوج به ھو، عالمگير جي سيف بي نيام جو ڪُٺل دارا به ھو، بھادر شاھ ظفر جي بيچارگي جا اُڏامندڙ لمحا به ھئا، جليانواله جي ڪوس جو يادگار به ھو، ڀڳت سنگھه جا ”سُوري“ تي لٽڪندڙ سورج جو سپنو پسندڙ ننڍاکڙا نيڻ به ھئا، ذات پات جي مت ڀيد ۽ غربت جي چَڪي ۾ پيسجندڙ ڪروڙين لوڪ به ھئا، راجائن ۽ مھاراجائن جون رنگ رليون به ھيون ته جھانسي جي راڻي، تانيا ٽوپي، گانڌي، بوس، آزاد، حسين احمد مدني، شيخ الھند، عبيدالله سنڌي، ايم.اين.رائي، ڀڳت سنگھه، گُر ديو، راڌا ڪرشن، ۽ نھرو جھڙا سورھيه، سياڻا ۽ سچار سپوت به ھئا تنھن سان سندم سڪ تڏھن ته ويتر وڌي ويئي ھئي جڏھن سندم وجود جي ھيروشيما تي ڪو ائٽم بم ڪريو ھو ۽ مون پنھنجين ٻانھن ڄنگھن ۽ ٻين عضون کي ڌڙ کان ڌار ٿي ڪوھين پري ڪرندي ڏٺو ھو.

سِر ڍُونڍيان ڌڙ نانھه، تڙ ڍُونڍيان سِر نانھه،
ھٿ ڪَرايون آڱريون ويا ڪپجي ڪانھه.

جاگرافي جي سنڌن سيڙھن ۾ محصور ٿي ويل ھي پتڪڙو وجود درد مان ٻاڪارڻ لڳو.

اُڏري ويا سڀ وھلور وڳر،
ڪا ڪُونج نه موٽي آئي آ.
شيخ اياز

آءُ اھو سپنن جو سنسان ساڻ کڻي ھند جي ڌرتيءَ اُسھڻ جا سانباھا سٽي رھيو ھئس. رڳو سوچيم ھيءُ پي ته اڪيلو سفر تي اُسھجي يا ڪو ساٿي به ساڻ کڻجي. سندم پيارو دوست ڊاڪٽر راڄو ھر سال ٻاھر ھلڻ جي نيت ڏيکاريندو ھو پر ڪن اڻ ٽر مصروفيتن سبب پاڻ رھجي ويندو ھو ۽ آءُ ھتان ھُتان جا ڏوران ڏيھه ڏسي ورندو ھئس. جڏھن ولايتن جون ڳالھيون ويھي ٻڌائيندو ھئس ته ھمراھ ڪاوڙجي پوندو ھو ته يار تون ھر واري مونکي ڇڏيو وڃين نه ته اسين به ڪر اھي سير سفر جا مزا ماڻي پيا بُود ۾ ڀرجون ھا. سو ھن ڀيري مون به پھه ڪيو ته ڊاڪٽر راڄي کي ضرور ساڻ کڻي ھند جو سير ڪبو.
ھڪ ڏيھاڙي اِھا سٽ سٽي وڃي گولاڙچي رسيس ۽ ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي پھتس ته پاڻ مريضن چڪاسڻ ۾ مصروف ھو. عليڪ سليڪ ۽ آڌرڀاءُ کان پوءِ چيائين ته توھان اندر ڊرائنگ روم ۾ ھلي ويھو آءُ اجھو اچان ٿو. (ڊاڪٽر جي ڪلينڪ سندس بنگلي ۾ ئي آھي) اسان کي سندس ملازم ڊرائنگ روم کولي ڏنو ۽ پوءِ فرج مان ٿڌي ڪوڪ ڪڍي ڏني ۽ پاڻ پاسيرو ويھي رھيو. اسان ڪلاڪ کن مختلف اخبارون ۽ رسالا ڏسندا رھياسين تيستائين ڊاڪٽر به اچي ويو. سنڌي روايت مطابق ٻيھر خوش مرحبا ڪرڻ کان پوءِ ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالھيون ڪندي مون مطلب جي ڳالھه ڪئي ته ”ڊاڪٽر صاحب ھن سال ٻاھر ھلڻ لاءِ تيار ٿيو، ھن سال اوھانکي ضرور وٺي ھلبو.“ اِنھي تي پاڻ وراڻيائين ڪيڏانھن ھلبو ۽ ٻيو ڪير ساٿي ھوندو. مون چيومانس ته جيڏانھن اوھان جو روح چئي ته پاڻ ھڪدم چيائين ته يار، ھندستان ھلون. مونکي ھندستان گھمڻ جو ڏاڍو شوق آھي. آءُ ته اڳي ئي انڊيا گھمڻ لاءِ آتو ھئس سو مون به ٺھه پھه ھاڪار ڪري چيو ته پوءِ بس دير نه ڪريو مونکي ڏيو اوھانجو پاسپورٽ. ماني ٽڪي کائي پاسپورٽ وٺي ڪراچي روانا ٿياسين. ڪراچي پھچڻ شرط پھريائين الصدق ٽريول ايجنسي آياسين. ھيءَ ايجنسي اسانجي پراڻي يار عبدالحق ميمڻ جي آھي. اسان جو جڏھن به ڪيڏانھن ٻاھر وڃڻ ٿئي ته اچيو عبدالحق جي اجھي سھڙون. ويچارو مڙس اھڙو قربائتو جو لک مان ڏي، مھمانيون جھلي، ٽڪيٽون وٺي ڏي ۽ انھن تان ڪميشن به نه پاڻ وٺي ۽ نه ڪنھن ٻي کي وٺڻ ڏي. چوندا آھن ته مڙس اُھو جو توڙ نباھي سو يار عبدالحق به پڇاڙي ھوائي جھاز تي چاڙھي الوداع ڪري پوءِ گھر موٽي. ڪراچيءَ ۾ گھمڻ ڦرڻ لاءِ ڪيڏانھن وڃون ته مُور اڪيلو نه ڇڏي ڄڻ ته اسان اڻ سُونھان ۽ اڻ ڄاڻ ھجون. مزاح ۽ کل ڀوڳ ڪندي چوي ته ڀاءُ اوھين ڳوٺاڻا ماڻھو متان ڪراچيءَ جي جھنگل ۾ ڀلجي وڃو اِنھي ڪري منھنجو اوھان سان گڏ ھلڻ ضروري آھي. ھمراھ اھڙو يارويس ۽ دلپذير جو جتي ٻاھر وڃون اتي ٽيليفونون ڪري خبر چار لھي. سندس اِنھي ياري باشي واري طبيعت جي ڪري ڏسبو ته سندس آفيس ۾ گراھڪن جي اچ وڃ گھٽ پر يارن دوستن جي رش زياده ھوندي آھي. سندس اھي حال ڏسي چوندو آھيانس ته ٻيلي تنھنجا اِھي جي يار ته تو واري ايجنسي ھلي سا ھلي. سو ھن ڀيري مونکي چيائين ته ھل ته توکي ھڪ (Surprise ) سرپرائيز ڏيان. مون گھڻي ئي اڳ ڪٽڻ جي ڪوشش ڪئي پر پرولي سلي نه سگھيس. نيٺ سندس ڪار ۾ ويٺاسين جيڪا ھن ڀيري بدليل ھئي ۽ اُنھي جو سبب به پڇيومانس ته چيائين بس ويھه اڳتي ھلي سڀ ٿو سمجھائين. ڪار ڪلفٽن جي پُل پار ڪري اچي ھڪ آفيس اڳيان رُڪي. ڪار مان لٿاسين ته اشارو ڪري چيائين ته ھُو پڙھ. مون ڏٺو ته بورڊ تي لکيل ھو، ”الصدف ٽريول ايجنسي“ آفيس اندر داخل ٿياسين ته ڇا ڏسون، تمام سٺي نموني آراسته ۽ سجايل آفيس جنھن جھڙي ٻي ٽريول ايجنسي شايد ئي ڪراچي ۾ (Decorate) ٿيل ھجي. چيائين، ”ڪيئن وڻيئه!“ وراڻيم، ”واھ! واھ! ھي سڀ تنھنجي پورھئي جو ڦل آھي.“ گھڙي پل اتي ترسياسين۽ پوءِ موٽي سندس ميٽروپول ھوٽل واري آفيس ۾ آياسين جتي احوال اوريندي من جي مراد ۽ پنھنجو رُوٽ به ٻڌايومانس. پاڻ يڪدم ايئرلائنز آفيس ڏانھن ٽيليفونن ڪرڻ ۾ لڳي ويو. توھان ٿورڙي دير ڪنھن ٽريول ايجنسي آفيس ۾ ويو ته فونن جا ڪڙڪا ڪن کائي ڇڏيندا. ويٺي ويٺي سڄي دنيا جي ملڪن جا نالا پيا ٻڌندا ۽ ٽيليفون جي گھنٽي سيخ بنجي ذھن مان پار نڪرندي محسوس ڪندا. ھڪ ئي وقت چار چار ڄڻا/ڄڻيون فون تي وٺ وٺان ڪن ، ائين لڳي ته ڪير به ڪنھن جي ڳالھه نٿو سمجھي، سو ويٺلن جون وايون بتال ٿيون وڃن. عبدالحق انھي دوران ڪافي ايئرلائنز سان ڳالھائي ورتو ۽ آخر ۾ اسان کي چيائين ته اوھان لاءِ ايئر لنڪا بھتر رھندي ۽ سندس رُوٽ به توھانجي پسند وٽان آھي ۽ اُنھي ۾ وڌيڪ ھڪ ملڪ جو اضافو به آھي. يعني بمبئي کان پوءِ توھان کي ڪولمبو وڃڻو پوندو جتي چوويھه ڪلاڪ لاءِ توھان فائيو اسٽار ھوٽل ۾ ايئر لنڪا جا مھمان ھوندا ۽ ھوٽل جو بل ايئر لنڪا برداشت ڪندي. اُنھي کان پوءِ ”خوش رھو پنھنجي خرچ تي“ توھان کي ڪولمبو ۾ وقت گذارڻو پوندو. ڪولمبو کان لنڊن لاءِ ھفتي ۾ چار اڏامون آھن جڏھن به طبيعت چاھي ته روانا ٿي وڃو. مون سندس راءِ تي ھائوڪار ڪئي ۽ پئسا، پاسپورٽ، ۽ سڃاڻپ ڪارڊ کيس حوالي ڪيم ۽ چيم ته ايئر لنڪا ايئرلائنز وارن سان اڳواٽ ڳالھائي ھر سرڪٽ لاءِ ٽڪيٽ اوڪي ڪرائي ڏي ۽ ڪٿي به چانس تي نه رکجان ڇو ته پوءِ ڏاڍي تڪليف ٿئي ٿي ۽ ڪڏھن ڪڏھن ته سيٽ به نه ملندي آھي. انھي ڪري ھر حال ۾ ڪوشش ڪري ھر سرڪٽ لاءِ ٽڪيٽ اوڪي ڪرائي ڪم پڪو ڪري ڇڏج. پاڻ وري فونن ڪرڻ ۾ جنبي ويو ۽ اسان اخبارون پڙھڻ ۾ لڳي وياسين. نيٺ خدا خدا ڪري ٽيليفون مان ھٿ ڪڍيائين ۽چيائين ته سڀ ٺيڪ آھي، توھان جون ٽڪيٽون ھر سرڪٽ لاءِ اوڪي ٿي ويون آھن. توھان جي اُڏام (فلائيٽ) ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات 26 تاريخ ھڪ وڳي آھي ۽ اُڏام جو نمبر آھي (L.U.182) توھان اُنھي ڏينھن ٻنھپرن جو منھنجي گھر اچجو ۽ اُتان ٽڪيٽون وغيره کڻجو. پاڻ مانيءَ کائڻ لاءِ ڏاڍا وس ڪيائين پر ھن ڀيري معافي وٺي روانگي واري ڏينھن لنچ ڪرڻ جو واعدو ڪري جند ڇڏائيسين. مون اُتائين ٽيليفون ڪري ڊاڪٽر راڄي کي سربستو احوال ٻڌايو ۽ چيو ته 23 تاريخ تي سڌا عبدالحق جي گھر پھچجو، اُنھي رات ئي پنھنجي فلائيٽ آھي. آءُ ڪراچي کان سڌو ڳوٺ پھتس ۽ رھيل سھيل ڪم ڪار ھنڌيڪا ڪري باقي معاملا مئنيجر کي سمجھائي 23 تاريخ تي ڪراچي اُسھيس ۽ سڌو حق جي گھر سھڙيس. ڊاڪٽر صاحب اڳواٽ ئي ٻاھر گاڏي جھليو انتظار ڪري رھيو ھو. اسان ھڪ ٻئي سان خوش مرحبا ڪري حالي احوالي ٿي اندر وياسين ته حق اڳي ئي اوسيئڙي ۾ ھو.
اسان اُتي ئي لنچ ڪئي ۽ فلم به ڏٺي ۽ پوءِ ڪاغذ پٽ ميڙي سيڙي کانئس موڪلائي روانا ٿياسين. پاڻ چيائين ته فلائيٽ جي ٽائيم تي ھو اتي پھچي ويندو. اسان چيس ته اھڙي زحمت وٺڻ جي ضرورت ته ڪانھي پر مڙس ۾ ڇڏ سو چيائين وڌيڪا احوال اڏي تي اوربا چڱو الله بيلي. اسان کانئس موڪلائي شھر آياسين ۽ سفر لاءِ ضروري سامان خريد ڪيوسين جنھن ۾ ڪتاب ۽ ڪئسيٽون به ھئا جيڪي اتي جي دوستن کي ڏيڻا ھئا. ھند جي سنڌي ادب دوست ساٿين لاءِ سنڌ مان سنڌي ڪتاب ۽ سنڌي ڪئسيٽون ھڪ بھترين سوغات آھن. پنھنجي وطن کان ڪوھين دور سنڌ جي مٽيءَ لاءِ سڪندڙ سنڌي ڀائرن لاءِ ڪنھن سنڌي جي ھند ۾ پھچ ئي وڏي وٿ آھي. ڪنھن سنڌي کي ھند ۾ ڏسي ھو ائين ڀائيندا آھن ته ڌرتي ماءُ کان وڇڙيل پٽن وٽ خود سنڌ ماءُ ھلي آئي آھي. تاريخ جي ھيءَ به عجيب ٽريجڊي / المناڪ ڪھاڻي آھي ته جنھن مٽيءَ مان سندن جيءُ جُڙيو، جنھن مٽيءَ سان سندن ازل ۽ ابد جا رشتا ھئا، جنھن ڌرتيءَ تي ڄاوا نپنا ۽ جتي جي ھيرُن ۾ پلجي جوان ٿيا، جتي سارين جي سُڳنڌ سندن تن کي واسيو، جتي سنڌوءَ جو پاڻي سندن رڳن ۾ رت بنجي ڊوڙيو، جتي لطيف، سچل، سامي، شاهه عنايت شھيد ۽ ڀڳت ڪنور رام سندس ذھنن ۽ ضميرن کي جاڳايو، جتي آکاڙ جي نٽھن اُس، پوھ جي پارن ۽ ساوڻ جي وسڪار سندن جيئندان جا گس گھيڙيا ۽ جتي تنبوري جي تان سندن مَن کي موم ڪيو تنھن ڌرتي کي ڏسڻ لاءِ به آتا ھئا. سرحدن جا ليڪا به ڪيڏا نه ڪٺور آھن. ھزارن لکن سال کان ھن ڌرتي تي سوين قومون اينديون رھيون آھن، پر تاريخ شاھد آھي ته ھي پھريون ڀيرو ھو جو سنڌ جا سنڌي پنھنجي ڌرتي ڇڏي ڌاريئن ديس وڃي رھيا ھُئا.
شام جو شھر ۾ ڪافي يارن دوستن سان ملياسين اھڙي نموني وقت گذاري رات جو 11 بجي ھوائي اڏي پھتاسين. ھوائي اڏي تي ڪافي يار دوست الوداع چوڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا ھئا جن ۾ علي محمد رضوي ايڊيشنل سيشن جج، عبدالحق، غلام محمد سمون، شمشير جنگ، غلام رسول، مير نصير، عبدالحليم ميمڻ، غلام حيدر، عبدالغني، ڊاڪٽر عبدالڪريم ۽ ٻيا شامل ھئا. ڊاڪٽر راڄي کي به بدين ۽ گولاڙجيءَ جا ڪيترائي دوست الوداع چوڻ آيا ھئا. اسان سڀني دوستن کان موڪلائي اندر روانا ٿياسين جتي پراڻا دوست مسٽر ڀٽي اميگريشن سب انسپيڪٽر ۽ ڊاڪٽر پريتم ايئرپورٽ ھيلٿ آفيسر مليا جن وڏا وڙ ڪري وڏي مدد ڪئي. اسان بورڊنگ، اميگريشن ۽ سيڪورٽي چڪاس مڪمل ڪرائي اندر ٽرانزٽ لائونج ۾ پھتاسين. جتي مسٽر ڀٽي مھرباني ڪري ٻاھران سٺا پان گھرائي ڏنا جيڪي اسان کي بمبئي تائين ڪتب ايندا رھيا. مون ھيستائين جيڪي به ھوائي اڏا ڏٺا آھن تن ۾ ڪراچي ھوائي اڏو ننڍي ۾ ننڍو ھوائي اڏو آھي. انھي ڪري انھي کي ” Mini Airport“ چئجي ته بيجا نه ٿيندو. ھن اڏي جي ٽرانزٽ لائونج ۾ اُن وقت ڏاڍي گھُٽ ٻُسٽ ساھ پئي منجھائيندي آھي جڏھن جھازن جي تبديلي لاءِ مسافر اچي مڙندا آھن. ٿيندو ھينئن آھي ته وچ مشرق جي ڪنھن ملڪ ڏانھن ويندڙ مسافر جيڪي منيلا، بئنڪاڪ، ڪولمبو، بمبئي، جڪارتا يا سيول کان چڙھندا آھن جتان اُنھي ملڪ لاءِ ڪا سڌي پرواز نه ھوندي آھي ته پوءِ اُھي ھتي لھي ٻي پرواز جو انتظار ڪندا آھن جيڪا کين سندن منزل تي رسائي. اھو انتظار ڪڏھن چند ڪلاڪن ته ڪڏھن اڃان به وڏي عرصي جو ھوندو آھي . چند ڪلاڪن وارا ته ٽرانزٽ لائونج ۾ ئي ويٺا اوسيئڙو ڪندا آھن باقي ڳچ عرصي وارن کي سٺيون ۽ سُکيون ايئرلائنز ھوٽل ووچر ڏينديون آھن ته جيئن مسافر ھوائي ڪمپنين جي خرچن تي ھوٽلن ۾ وقت گذاري سگھن پر ڪي کٽل ايئرلائنز ته پاڻي جي گلاس پيارڻ کان به ويل ھونديون آھن. اھڙي صورتحال ۾ مسافر مجبور ٿي پنھنجي خرچ تي ڪنھن ھوٽل ۾ بسيرو ڪندا آھن. ڪي مسافر پرديس ۾ ايتري خرچ جو بار کڻي نه سگھندا آھن ته پوءِ ھوائي اڏي تي ئي ويٺا پنڪيون کائيندا آھن. سندس اھا حالت افسوس جوڳي ھوندي آھي.
ڪڏھن ڪڏھن وري ڪن مسافرن سان ھيءَ تعديءَ به ٿيندي آھي ته اُھي اھڙي ملڪ جا ھوندا آھن جيڪي ويزا کان سواءِ اسان جي ملڪ اندر داخل نه ٿي سگھندا آھن ته پوءِ اھي چاھڻ جي باوجود به پنھنجي خرچ تي ڪنھن ھوٽل ۾ رھي نه سگھندا آھن
رات جي وقت انٽرنيشنل ھوائي اڏن تي گھڻي رش رھندي آھي. ڇاڪاڻ ته ھوائي اُڏامن جي گھڻائي رات جي وقت ئي ھوندي آھي. ڏينھن جو جيڪڏھن 50 اڏامون ھونديون آھن ته رات جو ٻيڻيون ٽيڻيون ھونديون آھن. جيڪڏھن ھوائي اڏي تي ڊپارچر ڪليئرنس ۽ ارائيول ڪلئيرنس جا ڪائونٽر الڳ آھن ته ٺيڪ جي نه ته مسافر جو سِر ئي ويو. ھينئر صرف چند ھوائي اڏن تي اھي سھولتون مھيا نه آھن ورنه ٻين سڀني اڏن تي تمام جديد سھولتون مھيا آھن. اسان جو ته حال ئي نرالو آھي . لوڪ لھوار ته اسان جو ملڪ اوڀارو. اسان وٽ ته سھولتون ته سھولتن جي ماڳ مورڳو ڪروڙھا روپين جي لاڳت سان تيار ٿيل ھوائي اڏن جون عمارتون ٺھيو مس راس ٿين ته ڌڙام سان اچيو پٽ تي پون. مکڻ جي ماڙين جي ٺاھڻ جي مھارت ته ڪو اسان کان سکي. اسان وٽ ويجھڙائي ۾ اھڙا ٻه واقعا ٿي گذريا آھن جو برسات پوڻ سبب ھوائي اڏي جي عمارت واريءَ جي پٽ جيئن ڀُري وڃي ڀُون ڀيڙي ٿي.
فاعتبرو يا اولا بصار!
(اکين وارن لاءِ عبرت آھي)
ھتي به ڪليئرنس لاءِ الڳ الڳ انتظام نه آھي انھي ڪري رات جي رش ۾ وٺ وٺان جو عالم ھو. اندر آرام جي بيٺڪ ته پنھنجي جاءِ مورڳو ساھ پي منجھيو. دعائون پي گھريونسين ته اڏام صحيح وقت تي ٿئي. نيٺ انائونسمينٽ ٿي ۽ اسان ٻاھر رن وي تي اچي بس ۾ چڙھي جھاز ڀيڙا ٿياسين. جھاز جيئن ته ننڍو ھو انھي ڪري مسافرن جي مٿس وڏي رش نه ھئي ۽ جلدي ئي پَر پکيڙي وٺي اڏاڻو.
ڪراچي کان بمبئي پھچندي سوا يا ڏيڊ ڪلاڪ لڳيو وڃي. جھاز اُڏامڻ کان پوءِ درمياني وقفي ۾ اسان کي پئٽيز ۽ ڪافي آڇي ويئي. جھاز جي اُڏامڻ کان پوءِ فورن جھٽڪا محسوس ٿيڻ لڳا ته سڀ مسافر پريشان ٿي پيا. ھوائي حادثن جا دل ڏاريندڙ واقعا ڪنھن کان به ڳجھا نه آھن انھي ڪري اندر جو خوف اھڙن موقعن تي ويتر وڌي ويندو آھي. اسان ھوائي ميزبانن (ايئر ھوسٽس) کي سڏي کانئس جھٽڪن جو ڪارڻ پُڇيو ته ته ٻُڌايائين ٻاھر طوفان ۽ برسات آھي. اِھي جھٽڪا بمبئي پھچڻ کان ٿورو اڳ ختم ٿيا. ٻئي ڏينھن صبح بمبئي پھچڻ کان پوءِ اسان اخبارن ۾ پڙھيو ته گجرات ۾ ويھن سالن کان پوءِ ھي وڏو وسڪارو ٿيوآھي ۽ ڪيترائي ماڻھو ۽ مال برسات سبب مري ويا آھن. عجب آھي ته اسان ھيڏو سارو وسڪارو سر تي وسائيندا خيريت سان ماڳ رسي وياسين پر پنھنجن ڪکن ۾ آرامي لوڪ ويچارا انھي بي پناھ برسات جو بک ٿي ويا. ھندستان جي وزيراعظم انڌرا گاندي متاثر ايراضين جي دوري تي رواني ٿي ويئي ھئي.
ٿورڙي دير کان پوءِ ايئر لنڪا جي ايئر ھوسٽيس پنھنجي سُريلي آواز ۾ ٻڌايو ته ھاڻي اسان بمبئي جي سانتا ڪروز ھوائي اڏي تي لھڻ وارا آھيون. ھوائي ميزبانن جون سنھڙن چپڙن مان نڪتل سُريلو آواز ڪنن ۾ رَس گھوليندو. دل جي ڌڙڪن تائين پھچي ويو. جيئن ته سڄو سفر اڙانگو رھيو انھي ڪري سڀني مسافرن کي بيلٽ ٻڌل ئي رھيا، اِنھي ڪري انائونسر کي بيلٽ ٻڌڻ جي ھدايت ڏيڻ جي زحمت ئي نه ڪرڻي پئي. جھٽڪن مان جان ڇُٽيسين ته وڃي پيٽ ۾ ساھ پيو. درين مان ھيٺ نھار ڪري ڏٺوسين ته بمبئي جو شھر جڳمڳ جرڪي رھيو ھو. ٿورڙي ئي دير ۾ جھاز رن وي تي لٿو. ھن جھاز کي ھتي ڀاڱو ڪري وري ڪولمبو اُسھڻو ھو. سو اسان جلدي جلدي پنھنجا سامان سھيڙي ھيٺ لھي اچي بس ڀيڙا ٿياسين. بس اچي ايئرپورٽ بلڊنگ وٽ بيٺي ۽ اسان ھڪ ھڪ ٿي ھيٺ لٿاسين. ۽ بلدنگ اندر داخل ٿياسين. بلڊنگ ڪافي وڏي ۽ ويڪري ھئي پر اندران ڪا خاص سجايل نه ھئي. ھندستاني فلمن ۾ توھان کي سڀ آفيسر ھندي ڳالھائيندي نظر ايندا پر عملي طرح ھتي نمونو اور ھو. اسان جڏھن اميگريشن لاءِ قطار ۾ بيٺاسين ته مون انھي ڳالھه جو غور سان اڀياس ڪيو ته ايئرپورٽ سيڪورٽي، اميگريشن، ھيلٿ، ڪسٽمس، ھوٽل رزرويشن، مَني ايڪسچينچ بئنڪ، ٽيڪسي وران ھڪ نه پر ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالھايون ٿي. دنيا جي ڪنھن به ھوائي اڏي تي اھڙو منظر ڏسڻ ۾ نه ايندو. جپان ۾ ايئرپورٽ اسٽاف توھان کي صرف جپاني ٻولي ڳالھائيندي نظر ايندو.
ھانگ ڪانگ ۾ چيني ٻولي ڳالھائيندي نظر ايندو. ھانگ ڪانگ جيتوڻيڪ انگريزن جي راڄ ھيٺ رھيو آھي ته به اتي جا آفيسر ھڪ ٻئي سان چيني ٻولي ۾ ڳالھائيندا نظر ايندا آھن. مسافرن سان انگريزي ڳالھائڻ وارو ڪو ورلي ڏسڻ ۾ا يندو. جڏھن ته اسان جي ڪراچي ھوائي اڏي تي پنجابي، پشتو، سنڌي ۽ اردو وغيره ٻوليون ڳالھائيندڙ ماڻھو نوڪرين ۾ آھن پر اُھي ھڪ ٻئي سان پنھنجي ٻولي ۾ ڳالھائڻ بجاءِ اردو ۾ ئي ڳالھائيندا نظر ايندا. ورلي ڪو اھڙو ماڻھو ملندو جيڪو پنھنجي ھم زبان سان پنھنجي ماءٌ جي ٻولي ۾ ڳالھائيندو ھوندو.
بمبئي ۾ معاملو ان جي برعڪس آھي. ھوائي اڏو ته ڇا پر بازارن، ھوٽلن، دڪانن وغيره تي مختلف ماڻھو مختلف ٻولين ۾ ڳالھائيندا ڏسڻ ۾ نظر ايندا. ٻولي سان گڏ سندن قد بُت، ھڏ ڪاٺي، رنگ روپ ۽ صورتن جا نقشا به بدليل ڏسڻ ۾ا يندا. بمبئي ڀانت ڀانت جي قسمن جي ماڻھن جو شھر آھي جتي وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي مڙي آھي. ھندستان ۾ ڪنھن به ھڪ ٻوليءَ جي ھڪ ھٽي نه آھي ۽ نه ئي حڪومت جي پريس يا نشر و اشاعت جا ٻيا ادارا اھڙي ڪا ھاءِ گھوڙا ۽ واويلا مچائين ٿا ته ھندي ٻولي جي اُتم حيثيث نه ھئڻ ڪري ھندو ڌرم يا ھندستان کي خطرو آھي. اُتي سڀني ٻولين کي پنھنجو مقام مليل آھي انھي ڪري اُتي جا ماڻھو ٻوليءَ جي جارحيت سبب ڪنھن به احساس ڪمتري ۾ مبتلا نه آھن.
بمبئي ھوائي اڏي جي اميگريشن ڪليئرنس جو طريقو ۽ ڪائونٽر بلڪل ڪراچي ھوائي اڏي جيان آھي. مثلا جيئن اسان وٽ آھي ته پاڪستاني الڳ لائين ۾، ھندستاني جدا قطار ۾ ۽ ٻيا باشندا/سياح الڳ قطار ۾ ھوندا آھن تيئن بمبئي ۾ به ساڳئي ريت رائج آھي. ھتي بمبئي ھوائي اڏي تي اميگريشن عملي جي جيڪا پوشاڪ ھئي تنھن کان ڪراچي عملي جي پوشاڪ وڌيڪ سھڻي ۽ سٺي آھي. باقي ڪسٽمس وارن جي يونيفارم ٻنھي پار ھڪ جھڙي سفيد آھي.
اسان پنھنجي واري اچڻ تي پنھنجا پاسپورٽ اميگريشن آفيسر اڳيان پيش ڪيا جنھن ضروري داخلائون ڪري اُن ۾ ھڪ پنو وجھي اسان کي پاسپورٽ موٽائي ڏنا ۽ چيائين ته ھي پرزو توھان کي چوويھه ڪلاڪن اندر بمبئي پوليس اسپيشل برانچ ۾ آفيسر اڳيان پيش ڪرڻو آھي.
اميگريشن وارن مان جند ڇڏائي ڪسٽم وارن وٽ پھتاسين. جيئن ته ڪيترائي مسافر اميگريشن کان واندا ٿي ڪسٽم ڪائونٽر تي پھچي چُڪا ھئا. انھيءَ ڪري سڀ ڪائونٽر فل ھئا. جيڪڏھن اسان پنھنجي واري جو انتظار ڪريون ته ڪافي وقت لڳي ھا انھيءَ ڪري مون ھڪ ڪسٽم آفيسر کي جيڪو مسافرن جي جانچ پڙتال لاءِ نه ڪسٽم عملي جي ڪارگردگي جي جانچ لاءِ بيٺل ھو عرض ڪيم ته اسان وٽ ڪو به سامان نه آھي انھي ڪري اجايو انتظار ڪرڻو پوندو انھيءَ ڪري اسان کي فارغ ڪريو ته ڏاڍو چڱو پر وراڻيائين ته ايتري رش نه آھي ڪو خاص وقت نه لڳندو. توھان به ٻين مسافرن وانگي پنھنجي واري جو انتظار ڪريو. مون چيس رش ته واقعي ڪا خاص نه آھي پر توھان جا ھمراھ اھڙي ريت چيڪنگ پيا ڪن جو جھڙوڪ پھريون ڀيرو چيڪنگ جي ڪم تي آيا آھن. ھر شيءَ کي پيا سونگھين. انھي تي ھو کِلي پيو ۽ پڇيائين توھان ڇا ڪندا آھيو؟ مون ٻڌايس ته آءُ زميندار آھيان ۽ ڪنھن وقت ڪراچي ايئرپورٽ تي اميگريشن آفيسر رھي چڪو آھيان. ھمراھ کي ڳالھه ذھن ۾ ويٺي سو چيائين ته اھا ڳالھه توھان اڳ ۾ ڪريو ھا. مون چيو اھڙي ڪا ڳالھه نه آھي ۽ اھو مناسب نٿو لڳي ته آءُ جٿي ڪٿي اھا ڳالھه ٻڌائيندو وتان ته آءُ به اميگريشن آفيسر ھئس، انھي تي ھمراھ فورن سامان کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ بئگن تي خود ئي چاڪ ھڻي ڇڏيائين. انھي دوران اسان کان ڪراچي ايئرپورٽ ۽ ڪسٽم ورڪنگ لاءِ پڇا ڳاڇا ڪيائين ۽ مون ھن کي عام قسم جي معلومات ڏني جيڪا ڪنھن به ايندڙ ويندڙ مسافر کان پڇي سگھجي ٿي. پاڻ اسان کي چانھه جي آڇ به ڪيائين پر اسان سندس ٿورا مڃيندي روانا ٿياسين. سوچيوسين ته جي چانھه پيئڻ جي آڇ قبوليسين ته ساڳئي دير ٿي ويندي جنھن کان جند ڇڏائڻ لاءِ ھيڏو جتن ڪيو ھيوسين ته جيئن ته اسان قطعي اوير ڪرڻ جي موڊ ۾ نه ھئاسين. انھيءَ ڪري ھڪ پل به ھاڻي ترسڻ ڳرو گذري ھا. انساني سوچ جا به عجيب انداز آھن . ڪٿي ويھڻ ۽ گپ شپ ڪرڻ چاھي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذري وڃڻ کان پوءِ به ڪا به ڪوفت ۽ مُنجھه محسوس نه ٿئي ته ڪٿي وري ڪنھن انتظار يا خلاف مرضي ويھڻ ۾ پل به پلصراط پيو لڳي! بھرحال اسان ھُن مرھٽي ڪسٽم آفيسر کان موڪلائي ٻاھر نڪري آياسين.
ھندستان ويندڙ ھر مسافر کي پاڪستان حڪومت 45 آمريڪي ڊالرن جي ڪرنسي ڏيندي آھي ۽ اوتري ئي ڪرنسي تقريبن ھندستاني حڪومت پاڪستان ايندڙن کي ڏيندي آھي. ھندستان ۽ پاڪستان جي انھي ڪرنسي جي مٽا سٽا کانسواءِ باقي سڄي دنيا لاءِ پاڪستاني حڪومت پرڏيھه پساريندڙ مسافر کي ٻن سالن ۾ ھڪ دفعو ھڪ ھزار آمريڪي ڊالر کڻي وڃڻ جي اجازت ڏيندي آھي. اھا اجازت اڳي اسٽيٽ بئنڪ پنھنجي مُھر سان ڏيندي ھئي ته ھاڻي اھا پابندي ھٽائي ويئي آھي ، ھاڻي ايئرلائنن يا اُھو ايجنٽ جنھن کان توھان ٽڪيٽ خريد ڪئي آھي سو مُھر ھڻي ڏيندو.
ھندستان ۽ پاڪستان جي صورت ۾ ناڻي جو اھو انگ گھٽ انھي ڪري رکيو ويو آھي جو ٻنھي پار ورھايل ڪٽنب آباد آھن، انھي ڪري ھڪ ٻئي ڏانھن ويندڙ گھڻو ڪري مائٽن سان ملڻ ويندا آھن نه ڪي گھُمڻ ڦرڻ. لھاذا اُنھن جو خرچ گھٽ ايندو آھي انھي ڪري ٻنھي سرڪارن ھڪٻئي جي رضامندي ۽ صلاح سان ايتري ناڻي کڻڻ جي اجازت ڏني آھي. سو سال ۾ صرف ھڪ ڀيرو. پر جي اتفاق سان ڪا فوتي يا سخت بيمار ٿي پئي ته اھڙي حالت ۾ وڌيڪ دفعن لاءِ به اجازت ملي سگھي ٿي.
تازو ھندستان ۽ پاڪستان جي پرڏيھي وزيرن جي گڏجاڻي ٿي جنھن ۾ ٻنھي ملڪن اِنھي ڳالھه تي رضامندي ڏيکاري ته گروپن جي صورت ۾ ٽورئرسٽ ويزا جو سرشتو شروع ڪيو وڃي پر اُنھي فيصلي تي اڃان عمل نه ٿيو آھي. انھي فيصلي کي بحال رکي عملي جامون پھرايو ويو ته پوءِ ڪافي ماڻھن لاءِ سھولت ٿي پوندي ۽ ڪيترائي ماڻھو ٻنھي پار آسانيءَ سان اچي وڃي سگھندا. ننڍي کنڊ جي سياسي صورتحال آمريڪي سامراج جي وڌندڙ مداخلت ڪري ڏينھن به ڏينھن ويتر گنڀير ٿيندي وڃي. اھڙي فضا ۾ ڪا نيڪ اُميد في الحال نٿي رکي سگھجي. ھڪ ڀيري جوش مليح آبادي ھندستان جي دوري تي ويو ته ھُن کان انٽرويو وٺندي پڇيو ويو ، ”پاڪستان ۽ ھندستان ڪڏھن کير کنڊ ٿيندا؟“ ته جوش وراڻيو، ”جڏھن عقل ايندن“ پر جي عقل جي واڳ ٻين جي وس رھي ته اھو ته لوڪ لھوراو اسان اوڀارو وھنداسين.
اسان پنھنجي ٽڪيٽ جنھن نموني سان ٺھرائي ھُئي اُن مطابق اسان کي اسٽيٽ بئنڪ طرفان ھڪ ھزار آمريڪي ڊالرن کڻڻ جي اجازت ھئي. اسان کي ته جيئن صرف ھندستان نه گھمڻو ھو پر ھندستان کان پوءِ سري لنڪا ۽ پوءِ اڃان به اڳتي وڃڻو ھو انھي ڪري اسان کي ھڪ ھزار آمريڪي ڊالرن جي اجازت مليل ھئي. جنھن مان ڪجھه ڪرنسي اسان ھوائي اڏي جي بينڪ تان بدلائي ورتي. بئنڪ جي ڪم کان واندا ٿي اسان ھوٽل رزرويشن ڪائونٽر تي آياسين جتي اسان ھوٽل انيٽلانٽڪ ۾ رزرويشن ڪرائي. ھن ھوٽل لاءِ ڪيترن دوستن صلاح ڏني ھئي ته بمبئي جي رھائش دوران ھيءَ ھوٽل بھتر رھندي، ھڪ ته سمنڊ جي ڪناري تي آھي ۽ علائقو به صاف سٿرو آھي. ٽين خاص ڳالھه اھا ته ھي ھوٽل سنڌين جي آھي.