3
پاڻياري سر ٻهڙو، جر تي پکي جيئن
اسان آهي تيئن، ساجن رهيو روح ۾
شاهه ڪريم
يا
جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير تيئن مون من ماروئن سين.
اُتم هندستان ۾ ترقي پسند ادب جي لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. سنڌيءَ ٻولي جي مڃتا جو معاملو هجي يا سنڌي لپيءَ جو سوال، سنڌين جي آبادڪاري جي ڳالهه هجي يا سنڌي سميلن لاءِ پتوڙ، اُتم هر حال ۾ عملي طرح جاکوڙ ڪندو ڏٺو ويو آهي. هڪ سچي وابسته/ لاڳاپيل (Committed) ليکڪ کي ڏسڻو اٿو ته اُتم کي ڏسو. اُتم ”نئين دنيا“ مخزن هڪ عرصي کان ڪڍندو پيو اچي. پاڻ ڪيترن ئي ادبي ۽ تنقيدي ڪتابن جو مصنف به آهي. سندس گهر واري سندري به هڪ جڳ مشهور ڪهاڻيڪاره آهي. ٻنهي ليکڪ زال مڙس سنگ هڪ مثالي سنگ آهي.
جڏهن اُتم ويو ته دادا چيو، ”ٻڌءِ اُتم جون خبرون؟ پراڻو يار آهي. اڪثر وَر ڪندو رهندو آهي. ڪم ڪرڻ ۽ ڪم وٺڻ جو ڏانءُ اٿس. تازو آيو مون وٽ ته ڪتاب ترجمو ڪري ڏي. اهڙو پويان پيو جو نيٺ ڪتاب ترجمو ڪرائي ويو. ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي. توهان کي ان جي ڪاپي ڏيندس ۽ ڪجهه ٻيون ڪاپيون سنڌ جي دوستن لاءِ کڻي وڃجو.“
سج لهي چڪو آهي ۽ رات پنهنجا پر پکيڙڻ شروع ڪيا آهن. اسان دادا جي گهر آياسين جيڪو کار جي علائقي ۾ آهي. دادا جنهن عمارت ۾ رهندو آهي تنهن جو نالو آهي ڪرشنانواس. هن عمارت جي 12 نمبر فليٽ ۾ دادا جو گهر آهي. هن فليٽ نما گهر ۾ ويهندي ويچار ويڙهي ويم ته حياتيءَ جا به عجيب رنگ آهن. ڪٿي جا ماڻهو قسمت ڇڪي ڪٿي اچي پهچايا آهن. جلاوطني جي پيڙا ڀوڳيندڙ هي آدم زاد ڪيڏا نه قسمت جا ستايل آهن. هندستان جي هن تمام وڏي شهر ، بمبئي جي علائقي کار جي عمارت ڪرشنانواس جي فليٽ نمبر 12 ۾ سچ پُڇو ته سنڌ آباد آهي.
دادا جو هيءُ فليٽ جديد دور جي مڙني آسائشن سميت تمام سٺو سجايل آهي. هن وڏي عمارت ۾ لفٽ جي سهولت موجود نه هئي. انهيءَ ڪري داديءَ کي چاڙهيون چڙهندي ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي هئي. پر دادا ته اسان کان به اڳ ڦڙتائي سان چڙهي ويندو هو. اسان ڳچ دير تائين اتي رهياسين ۽ ٻي ڏينهن جي مصروفيتن جي سٽا سٽيسين ڇاڪاڻ ته ايندڙ ڏينهن آچر جو هو ۽ آچر موڪل جو ڏهاڙو هو. ماني وغيره کائڻ کان پوءِ اشوڪ اسان کي هوٽل تي ڇڏي ويو.
بمبئي جو سير
ٻي ڏينهن صبح سوير دادا پنهنجي وڏي پٽ وجئي سان گڏ سهڙي آيو. اسان اڳ ۾ ئي تيار ٿيو اوسيئڙي ۾ ويٺا هئاسين. وجئي جي ڪار ۾ سوار اسان جتان به لنگهياسين ٿي دادا خاص جاين ۽ علائقن بابت ائين ٻڌائيندو هليو جيئن ڪو ٽوئرسٽ گائيڊ (سونهون) سياحن کي سمجهائيندو آهي. شيل ڪندي اسان پهرين ڊيري فارمز پهتاسين جيڪو هڪ وسيع ايراضيءَ ۾ ڦهليل آهي. هي فارم هندستان ۽ نيوزيلينڊ جي سهڪار سان قائم ڪرڻ جو مکيه غرض اهو آهي ته بمبئي جهڙي ڳتيل بين الاقوامي شهر جي کير جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. هن ڊيري فارم ۾ اندر هڪڙي ٽڪريءَ تي بهترين باغ رکيا ويا آهن. جيڪي سياحن لاءِ گهمڻ ڦرڻ ۽ فرحت ماڻڻ جو سامان آهن. هتي جي آبزرويشن پوائنٽ تي بيهڻ سان شهر جي وڏي حصي جو نظارو ڏسڻ ۾ آيو ٿي. جهڙيءَ ريت شڪر پڙيان ٽڪري تان اسلام آباد جو منظر ڏيکائي ڏيندو آهي. اسان هِن پوائنٽ تان ڪجهه فوٽو به ڪڍيا.
انهيءَ کانپوءِ نيشنل پارڪ وياسين جتي هڪ فلم اسٽوڊيو به آهي ۽ اڪثر ڪنهن نه ڪنهن فلم جي شوٽنگ ٿيندي رهندي آهي. پر جيئن ته اڄ آچر هئڻ ڪري موڪل جو ڏينهن هو انهيءَ ڪري شوٽنگ ته نه هئي باقي مختلف سيٽ ٺهيا جُڙيا رکيا هئا ۽ چار پنج جيپون به بيٺيون هيون. جن تي هندستاني فوج جون نمبر پليٽون ۽ مونو گرام لڳل هئا، شايد جنهن فلم جي شوٽنگ هلندڙ هئي سا فوجي نوعيت جي هئي.
انهيءَ کان پوءِ اسان تُلسي ليڪ (ڍنڍ) تي وياسين، جنهن مان سڄي بمبئي شهر کي پيئڻ جو پاڻي پهچايو ٿي ويو. تُلسي ليڪ کي ڏسي مون کي اسان جي ڪينجهر ڍنڍ ياد آئي ته ڪراچي جي سڄي شهر کي انهيءَ مان پاڻي پهچايو ٿو وڃي. ٻنهي ڍنڍن ۾ اها عجيب هڪجهڙائي آهي. ڪينجهر ڍنڍ سان ته مشهور رومانوي داستان نور ڄام تماچي وابسته آهي پر تُلسي ڍنڍ سان ڪنهن رومان جي نسبت جي ڪابه ڄاڻ نه پئجي سگهي.
تلسي ليڪ تان ٿيندا اسان سڌا ڪينري ڪَيوِز (ڪنري غارون يا گڦائون) آياسين. هي پٿر جي ٽُڪ جو عجيب هنر ڏٺوسين. پٿر کي ٽُڪي ڏاڍيون خوبصورت مورتيون ٺاهيون ويون آهن. جن ۾ ڪي مورتيون گوتم ٻڌ جون آهن ته ڪي وري داسين يا ٻانهين جون. هنن مورتن کي ڏسڻ لاءِ سوين سياح ڏيساور کان ڪهي هتي ايندا آهن. چيو وڃي ٿو ته اهي غارون اٽڪل اڍائي هزار سال پراڻيون آهن. هزارين سال اڳ به انساني هٿن ۾ چترڪاري ۽ مجسمه سازي جي مڻيا ۽ مهارت موجود هئي. افسوس صرف اهو آهي ته اُهي مهان صورت ساز تاريخ جي گهراين ۾ گم ٿي ويا آهن ورنه هن ننڍي کنڊ ۾ به ڪي مائيڪل انيجلو مجود هئا جن جي مترڪن ۽ ڇيڻين جي ڇهاءَ سان اڻ گهڙيا پٿر جاندار لڳندا هئا. اسان وٽ سنڌ ۾ مڪلي ۽ چوڪنڊي جي قبرستان ۾ پٿر تي ٿيل اُڪر جو ڪم ڪن شاهڪار هٿن جو کيل آهي پر انهن ڏات ڌڻين جي نالن جو نشان به تاريخ جي صفحن تي نٿو لڀي. بيشڪ تخليق جي عمر تخليقڪار کان زياده ٿئي ٿي. جيڪو هٿ تخليق کي ابديت عطا ڪري ٿو سو وقت جي ڌنڌ ۾ کوئجيو وڃي. ڪيڏو نه عجب الميو آهي تخليقڪار سان.
ڪينري ڪيوز جي انهن مورتين کي ڏسندي مونکي اُهي اڻ مئيون محبتون ۽ عقيدتون تصور ۾ ڦرڻ لڳيون جيڪي تخليقڪارن انهن جي تراشڻ وقت انهن کي آڇيون هيون.
جيئن هتي ڪافي گرمي محسوس ٿي رهي هئي انهي ڪري هاڻي واپس ورڻ جي ڪئيسين. اتان نڪري شهر مان ڦرندا گهرندا سڌا جوهو پيچ تي پهتاسين جتي سنڌين جي هڪ هوٽل سن _ اين_ سئنڊ Sun-N-Sand ۾ هر هڪ، هڪ هڪ ڊرنڪ ورتي. انهيءَ کان پوءِ وجئي چيو ته هتي ماني کائو ته به توهان جي مرضي پر جي منهنجي مرضي وٺو هلو ته توهان کي هڪ سک جي هوٽل تي ٿو ماني کارايان. ڊاڪٽر راجي ٺهه پهه وراڻيو ته بس اتي ٿا هلي ماني کائون. ڪار ۾ سوار ٿي سڌا اچي انهي هوٽل ۾ سهڙياسين. وجئي پنهنجي مرضي مطابق سڀني لاءِ آرڊر ڏنو. ماني ڏاڍي لذيذ هئي خاص طرح سيخ ڪباب ته واهه جا هئا. وجئي پنهنجي ڪارخاني ڏانهن روانو ٿيو پر ويندي ويندي اسان کي سينما هائوس تي ڇڏيندو ويو. ڇاڪاڻ ته اسان کي فلم ڏسڻي هئي. هتي فلم ”گانڌي“ هلي رهي هئي. جيڪا هونئن ته اسان وڊيو تي اڳي ئي ڏٺي هئي پر اسان کي اها تاريخي فلم وڏي اسڪرين تي ڏسڻ جي چاهت هئي. هيءَ پلازه نالي سئنيما جهوني فلمساز وي شانتا رام جي هئي. واقعي وڏي اسڪرين تي هن فلم جو تاثر ڪجهه نرالو هو.
اسان فلم ڏسي سڌا دادا جي فيڪٽري تي آياسين ۽ پوءِ اتان وجئي جي گهر آياسين جتي اسان جي رات جي ماني جو بندوبست ٿيل هو. وجئي جو فليٽ (گهر) تمام سٺي علائقي، پالي هلز ۾ واقع هو. وجئي جو فليٽ جنهن عمارت ۾ واقع هو، انهيءَ عمارت جي زمين ڪنهن وقت جڳ مشهور اداڪاره مينا ڪماري جي ملڪيت هئي. انهي وڪري ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن ڪنسٽرڪشن ڪمپني اِهي فليٽ ٺهرايا. انهيءَ عمارت جي سامهون هڪ اهڙي ٻي عمارت به هئي. وجئي جي چوڻ مطابق انهيءَ عمارت ۾ ڪشور ڪمار ۽ ڪي ٻيا فنڪار رهائش پذير هئا.
اسان لفٽ ۾ چڙهي فليٽ تي پهتاسين. فليٽ اندران تمام سهڻي نموني سينگاريل ۽ سجايل هو جنهن مان رهندڙ جي نفاست ۽ ذوق جي عڪاسي ٿي ٿئي. وجئي جي گهر ۾ فلم ”ڪٿا“ وڊيو تي ڏٺيسين. وجئي جا ٻه پٽ آهن، جيڪي پڙهندا آهن. وجئي جي گهر واريءَ جو اصل ڳوٺ رتو ديرو سنڌ هو.
گھر جي سڀني ڀاتين اسان جي من جي گهرائين سان آڌرڀاءُ ڪئي ۽ اسان جي خدمت ۾ وسئون ڪونه گھٽايائون. هم وطنين جي وڇوڙي کانپوءِ هڪ ڊگھي عرصي ميلاپ ۾ ڪيڏو نه اتساهه هوندو آهي! رات جي ماني وجئي جي گھر کائي واپس هوٽل پهتاسين. صبح سوير اشوڪ اسان کي هوٽل تان کڻڻ آيو ۽ اسان ساڻس گڏ سندس ڪارخاني تي وياسين. هيءُ ڪارخانو دادا جي ڪارخاني کان وڏو هو. منهنجي اندازي مطابق اٽڪل سٺ ستر مزدور هتي ڪم ڪندڙ هئا. هن ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن ۾ گھڻائي عورتن جي هئي پر انهن ۾ هڪ به سنڌياڻي نه هئي، البته مردن ۾ ٻه ٽي سنڌي هئا. هن ڪارخاني ۾ ننڍڙن ٻارن جا ريڊي ميڊ ڪپڙا تيار ٿيا ٿي. هندوستان ڪپڙي ۽ فيشن جي لحاظ کان پاڪسان کان پٺتي آهي. پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ جيڪا گهما گهمي ۽ رنگ روپ يا گليمر آهي سو هندستان ۾ گھٽ ڏسڻ ۾ آيو. ڪراچي ۾ جهڙا عاليشان بنگلا آهن تهڙا بمبئي ته ڇا پر ڪيترن وڏن شهرن ۾ ڪونه آهن. موٽرڪارن جو به جيترو تعداد اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ آهي اوترو بمبئي ۾ ڪونهي. اسان جو ملڪ پرڏيهي مال گھرائڻ تي جيڪي ڪروڙها ڊالر صرف ڪري ٿو سي هندوستان ۾ ديسي سامان جي استعمال ڪري بچيو پون. اسان وٽ هڪ طرف لکين ماڻهو هڪ ويلي جي روٽي لاءِ به محتاج آهن ته ٻي طرف ڪروڙها روپين جي ماليت جي سينگار جا سامان (Cosmetics) يعني عطر، پرفيومس، ميڪ اپ وغيره جا قيمتي سامان ڏيساور کان درآمد ڪيا وڃن ٿا. هن ديس جي دولت پيدا ڪرڻ وارا لکين پورهيت تن جي لٽي لاءِ پريشان آهن ته چند ڏوڪڙن وارا خوشبوئن ۾ ٽٻ ٽٻن ۾ غسل فرمائين ٿا. اسان جي ملڪ ۾ امير ۽ غريب جي وچ ۾ وڏي اقتصادي وڇوٿي پيدا ٿي ويئي آهي ۽ جيڪا معمولي اصلاحن جي ذريعي ختم نٿي ٿي سگهي. اسان جو امير ماڻهو دنيا جي امير ماڻهن جي صف ۾ شمار ٿئي ٿو. اسان جي ملڪ جهڙو غريب ماڻهو به بنگلاديش ۽ آفريقن ملڪن کانسواءِ ورلي ڪٿي نظر ايندو. اسان وٽ ٻهراڙين ۾ نوخيز نياڻيون به ٻني ٻاري جو ڪم پنهنجي پشم جهڙن هٿن سان ڪن ٿيون ۽ ميلن جا ميل خاص طرح ڪوهستان ۽ ٿر ۾ پاڻي ڀرڻ لاءِ پنڌ ڪن ٿيون.
ڪوهستان ۽ ٿر کي گھمندي مون پنهنجي اکين سان اهڙا انيڪ نظارا ڏٺا آهن.
اشوڪ جي ڪارخاني جو چڪر لڳائي (Thumbs up) پي دادا جي ڪارخاني پهتاسين. دادا سندس مينيجر اسان سان گڏ ڇڏيو ۽ چيائينس ته مهمانن کي شهر جو سير ڪرائي اچ. اسان مينيجر سان گڏ شهر جي سير تي نڪتاسين. پهريان اسان جسلوڪ اسپتال آياسين جتي مون پنهنجي طبي چڪاس واسطي رزرويشن ورتي. هيءَ اسپتال هڪ سنڌي ڪٽنب ٺهرائي آهي. جسلوڪ ٻن لفظن جو مرڪب لفظ آهي. هڪ جسي ٻائي ۽ لوڪو (مرد) هنن جا ٺهيل مجسما پڻ موجود آهن. هيءَ اسپتال ويهه ماڙ آهي. ٿي سگهي ٿو ته دنيا جون وڏي کان وڏيون اسپتالون ٻيون به هجن پر مون ته هيستائين ههڙي وڏي اسپتال ڪٿي به ڪانه ڏٺي آهي. هن اسپتال ۾ علاج ۽ آپريشن وغيره جي سلسلي ۾ تمام جديد قسم جا آلات هتي موجود آهن. هندوستان جو مشهور فلمي اسٽار اميتاڀ بچن قلي فلم جي زخمي ٿيڻ کانپوءِ پهريان هن ئي اسپتال ۾ زيرعلاج رهيو. بعد ۾ کيس بيچ ڪئنڊي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي کيس ان وقت جي وزيراعظم شريمتي اندرا گانڌي به پڇڻ آئي هئي. اهو صرف ان ڪري نه جو اميتاڀ هندوستاني فلمن جو بهترين هيرو آهي پر انهيءَ ڪري جو نهرو خاندان ۽ اميتاڀ خاندان جا پراڻا ذاتي تعلقات پڻ آهن.
اميتاڀ جو پيءُ هندوستان ۾ هندي ٻوليءَ جو وڏو ۽ نالير شاعر آهي. اميتاڀ صحتياب ٿيڻ کانپوءِ جن اهم شخصيتن جو ٿورو مڃيو تن ۾ پاڪستان جو صدر ضياءُ الحق پڻ هو جنهن تار ڪري سندس صحتيابي لاءِ دعا گھري هئي.
اسان جسلوڪ اسپتال ۾ بڪنگ ڪرائڻ کانپوءِ سڄي اسپتال جو تفصيلي چڪر لڳايو. انهيءَ کانپوءِ سمنڊ جي ڪناري مئرين ڊرائيو چوپاٽي ڏٺوسين ۽ انهيءَ بعد نيشنل ميوزم وياسين پر اهو بند پيو هو. جنهن ڪري ان کي اندران نه گهمي سگهياسين. انهيءَ بعد گيٽ وي آف انڊيا وٽ سمنڊ جي ساحل تي آياسين ۽ اتي ڪافي دير تائين ويٺا رهياسين. جتي ٻيا به ڪيترائي ڏيهي توڙي پرڏيهي سياح ويٺا سمنڊ جو نظارو ڏسي رهيا هئا. سمنڊ جي ساحل تي ويهندي مونکي ڪراچي ڪلفٽن ياد آيو. بمبئي ۽ ڪراچي ۾ ڪافي هڪجهڙائپ آهي. سمنڊ جا ساحل چاهي اهي ڪهڙي ملڪ ۾ به هجن ڏاڍا رومانٽڪ ٿين ٿا. آڪاش جيان وشال سمنڊ انساني يادن جا اڻ ڳڻيا سلسلا پنهنجي سيني ۾ سانڍيو ويٺو آهي. انهي ڪنارن جي ڀنل هوائن ۾ هزارين ۽ لکين محبت وارن جوڙن جا پيار ڀريا ٻول ۽ رس رهاڻيون گهوليل آهن. سمنڊ جي موجان موج مست لهرون اڄ به سرمستي سرگم ڇيڙي رهيون آهن پر اهي محبت واريون ڌڙڪندڙ دليون ڪيڏانهن ويون هليون؟ انهن سامونڊي ڪنارن تي ڪيترن وڻجارين پنهنجن ورن کي ورلاپ ڪيا هوندا ۽ ڪيترن مهريءَ تي مٿا رکي لڙڪ لاڙيا هوندا ۽ ڪيترن کوهن ۽ وائنٽن ۾ اکيون آڙائي اچڻ وارن کنڊ کيڙائن جا اوسيئڙا ڪيا هوندا. ڪيترين پرين پسڻ لاءِ ڏيا ٻاري باسون باسيون هونديون ۽ ڪيترن جي پلئو پائي اوساهون ڪڍيون هونديون! ڪي وڃڻ کان نه مڙيا هوندا ته ڪن ورڻ جي نه ڪئي هوندي. هنن بي زبان هوائن ۾ ڪيڏا درد ڪيڏيون پيراهون ۽ ڪيڏا ورلاپ آهن. اسان جي لطيف سائينءَ پنهنجي تخيل جي اک ۽ ڪن سان اهي ورلاپ ايئن محسوس ڪيا جو سندس اندر اٿلي پيو ۽ سڄو سر سامونڊي تخليق ٿي پيو.
سيئِي جوڀَنَ ڏِينهَن، جڏهن سَڄَڻَ سَفَرِ هَليا!
رُئان رَهنِ نه سُپرِين، آيَلِ! ڪَريان ڪِيئن؟
مُونکي چاڙهي چِيئَن، ويو وَڻِجارو اوهِري!
اُونهي ۾ اوهِرِي، جڏهن ويا جي؛
موٽِي ماڳِ نه آئِيا، ماءِ! سامُونڊِي سي؛
کارو تنِين کي، جيڪُسِ وَهُ ورِي ويو!
لَڳي اُتَرَ اوهِريا، سامونڊين سڙهه سنباهيا،
ننگ کڻي ناکڻا، ٿئا سڻاوا سير،
هينئڙي نت اڪير، کاري کيڙائن جي.
سمنڊ جي ساحل تان اٿي اسان ڀر واري هوٽل انٽر ڪانٽينينٽل تي آياسين جنهن کي هندوستان ۾ چون تاج محل . هي تمام وڏي ۽ خوبصورت هوٽل آهي. ڪراچي واري ڪانٽينينٽل هوٽل کان وڏي ۽ وڌيڪ سٺي آهي. اُتي ڪلاڪ کن ويهڻ کان پوءِ اسان واپس دادا گوبند جي ڪارخاني پهتاسين جتي دادا اسانجو اوسيئڙو ڪري رهيو هو، پوءِ دادا سان گڏجي سندس گھر آياسين. دادا جي گھر ماني کائيندي اوچتو لائيٽ ويئي هلي جنهن تي دادا گھر ۾ مرهٽڻ نوڪرياڻيءَ کي چيو ته هن فيوز کي ڊوميسٽڪ لائين سان گڏي ڇڏ ته هتي لائيٽ اچي ويندي. مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، سو دادا کان پڇيم ته پاڻ ٻڌايئن ته اسان وٽ هتي بمبئي ۾ لائيٽ جي ڏاڍي سهوليت آهي. هتي لائيٽ جا ٻه ڪنيڪشن آهن ۽ اُنهن جا ميٽر به الڳ الڳ آهن. هڪ کي چون ڊوميسٽڪ ۽ ٻي کي چون نيشنل، جڏهن هڪ لائين مان لائيٽ وڃي هلي ته ٻيءَ ۾ ضرور هوندي آهي تنهنڪري هتي لائيٽ نه هئڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. واقعي ڏاڍو عجب ۽ سهوليت ڀرو بندوبست آهي. جيڪڏهن بمبئي جهڙي اٿاھ ۽ ماڻهن سان ڳتيل شهر ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ لائيٽ وڃي ته فليٽن ۽ چالن (بمبئي ۾ هڪ ڪمري واري فليٽ کي چون چال جنهن تي هندستان ۾ ڪافي فلمون به ٺهيل آهن مثلاً ڪٿا ۽ اپنا گهر) ۾ ماڻهو ڪر اصل پچي پون، پر لائيٽ جي هن سهوليت جي ڪري اهڙن سوڙهن فليٽن ۾ ڪي قدر آرام رهي ٿو ۽ ڪاروبار به متاثر نٿو ٿئي. هتي اسان کي ڪافي وقت ٿي ويو هو ۽ ٻي ڏينهن اسان جي ڳوٺ وارن سيٺ ڪندن ۽ ٻين ڏانهن جل گائون وڃڻو هو سو هاڻي دادا کان موڪلائي جل گائون جو پروگرام ٺاهي هوٽل روانا ٿياسين، ٻي صبح جو پروگرام هن ريت هو ته دادا صبح جو سوير اسان وٽ ايندو ۽ اسان کي اسٽيشن پهچائيندو.
اسان هوٽل پهچي جل گائون ٽيليفون ڪري سيٺ ڪندن کي ٻڌايو ته اسان هتان صبح جو اُسهنداسين ۽ ٽرين جي پهچڻ جي توهانکي سُڌ هوندي، اڃا به وڌيڪ خبر لاءِ دادا کي فون ڪري کائنس پُڇي وٺجو. اسان ڪُجھه سامان ساڻ نيڻ لاءِ ٺيڪ ٺاڪ ڪيو ۽ باقي سامان بئگن ۾ بند ڪري هوٽل ۾ رکي ڇڏيوسين ۽ هوٽل وارن کي پنهنجي هوٽل ڇڏڻ ۽ وري واپس اچڻ جي پروگرام کان واقف ڪيوسين
دادا گوبند صبح سوير سهڙيو ته اسان اڳ ۾ ئي تيار ٿيو ويٺا هئاسين. سندس ڪار ۾ بمبئي جي وڪٽوريا ٽرمينل (V.T) ريلوي اسٽيشن روانا ٿياسين. اسٽيشن پهچندي پهچندي دادا اسانکي بمبئي بابت ڪافي معلوماتي ڳالهيون ٻڌايون ته انڌيري، آري ڪالوني، بوري ولي، سانتا ڪراوز، بانڌرا، جوهو اسڪيم، جوهو کار، ماهيم، ڌاڌر، بائيڪلا، لال باغ، محمد علي روڊ، جي.جي اسپتال، چوٻاٽي، ميرين ڊرائيو، پالي هلس وغيره سڀ بمبئي جا مکيه علائقا آهن. دادا اهو به ٻڌايو ته هتي زمين جي ڏاڍي قلت آهي. جنهن ڪري پلاٽن ۽ فليٽن جي ڳري قيمت آهي. هتي ڪافي رهائشي علائقا اهڙا آهن جتي سمنڊ کي سُڪائي اُتي انساني وسنديون قائم ڪيون ويون ۽ اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. اسان کي ڪيترن دوستن ٻڌايو ته بمبئي ۾ فليٽ سسٽم کي سنڌين عام ڪيو جي نه ته اڳ ۾ فليٽ سسٽم جو ايترو رواج نه هو. بمبئي ۾ انهي فليٽ سسٽم جي ڪري ڪيتريون چوڻيون مشهور ٿي ويون آهن جن ۾ هيءَ چوڻي عام آهي:
”چت ڪسي ڪي اور بت ڪسي ڪي مگر گهر همارا“
بمبئي جي سڄي شهر ۾ صرف هڪ ميڊيڪل ڪاليج آهي، جنهن جو نالو آهي ”گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج“. بمبئي جي آدمشماري 82 لک آهي. جڏهن ته ڪراچي جي آدمشماري 50 لک آهي پر پوءِ به ان ۾ ٽي ميڊيڪل ڪاليج آهن:
1 سنڌي ميڊيڪل ڪاليج
2 اردو ميڊيڪل ڪاليج
3 ٽيون آغا خان ميڊيڪل ڪاليج.
بمبئي شهر ۾ وڏي ۾ وڏي مسجد ذڪريا مسجد آهي. بمبئي ميونسپل ڪارپوريشن جو هن وقت ميئر سوهن سنگهه بيدي آهي ۽ بمبئي جو شيرف ڪُجھه سال اڳ فلم اداڪار دليپ ڪمار هو. راھ ويندي دادا اسانکي هٿ جو اشارو ڪري ٻڌايو ته اخبار ٽائيمس آف انڊيا جي آفيس هوءَ آهي. اهڙيءَ ريت ڳالهيون ڪندي اچي ريلوي اسٽيشن پهتاسين. پراڻي نموني جي هيءَ ريلوي اسٽيشن پکيڙ ۾ ايتري وڏي هئي جو اُن کي گھمڻ لاءِ پورو هڪ ڏينهن کپي. آءٌ ڊاڪٽر راڄو ۽ دادا سامان کڻي اسٽيشن اندر پليٽ فارم ٽڪيٽ وٺي پهتاسين. دادا اسانکي ٻڌايو ته ٽڪيٽ اتي رکي جنهن به ڪلاس ۾ گنجائش ڏئين، جنهن پليٽ فارم تي جل گائون لاءِ ريل اچڻي هُئي اتي تمام گھڻي رش هُئي. هيتري ساري رش ۽ ڀيڙ ڏسي مٿو ٿي چڪرايو ته هيترا سارا ماڻهو ريل ۾ ڪيئن سمائبا ۽ ڪهڙيءَ ريت ريل ۾ سوار ٿي سگھبو.
هونئن به مونکي پاڪستان ۾ ريل ۾ سواري نه ڪندي تيرهن سال ٿي ويا آهن، البته ملڪ کان ٻاهر هڪ دفعو آئون ۽ عبدالعليم سنگاپور کان ڪوالالمپور ٽرين ۾ ويا هُئاسين پر اُها ٽرين نٿي لڳي ڄڻ ته هوائي جهاز هو. دل پئي چاهيو ته اڃا پيا سواري ڪريون. بهرحال هتي ڀيڙ جو اهو عالم ڏسي مونکي هڪ واقعو ياد آيو ته هڪ دفعو آءٌ ڪراچي هوائي اڏي تي صبح جي حج فلائيٽ لاءِ ڊيوٽي ڏيئي رهيو هوس ۽ منهنجو سڄو عملو سٺيءَ ريت پنهنجي فرض ادائي ڪري رهيو هو ته جيئن جلد مسافرن کي فارغ ڪجي، هونءَ به حج فلائيٽ تي سڀئي کاتا اها ڪوشش ڪندا آهن ته حج فلائيٽ جلد رواني ٿئي ۽ ڪابه شڪايت وغيره نه ٿئي، ٻيو ته انهيءَ فلائيٽ ۾ اُنهي وقت جو وزيرِ داخله محمود هارون به حج وفد وٺي وڃي رهيو هو، تنهن ڪري سارو عملو جانفشاني کان ڪم وٺي رهيو هو، جمبو جهاز هو، انهي ڪري مسافرن ۽ انهن کي الوداع چوڻ وارن جي گھڻائي هُئي. عملي جا ماڻهو ۽ مسافر هيڏانهن هوڏانهن تيزيءَ سان ڊوڙي ڊڪي رهيا هئا، پر ڏٺم ته هڪ مسافر اڪيلو اڪيلو ويٺو آهي ۽ روئي رهيو آهي. جيئن ته آءٌ اسٽاف جي ڪم ڪار جي نظرداري ڪري رهيو هوس، سو انهي مسافر تي نظر پوڻ شرط ڏانهن ويس ۽ پُڇيم : ”توهان ڇو پيا روئو؟“ ته همراه ڪوبه جواب نه ڏنو. ٻه ٽي ڀيرا پڇڻ تي روئندي روئندي همراه ڪنڌ مٿي کنيو پر واتان وائي به نه ورايائين. همراه ڪو ڪُراڙو پٺاڻ ٿي لڳو ۽ هٿ ۾ حج پاسپورٽ هوس. کانئس پاسپورٽ وٺي ڏٺم ته نالو هو تارا گلاب خان ۽ سرحد جي قبائلي علائقي سان واسطو رکندڙ هو. مون پنهنجي هيڊ محرر (جنهن کي هوائي اڏي تي چون ديوان) کي سڏ ڪيو جيڪو به پٺاڻ هو ۽ نالو هوس محمد خان، کيس واردات کان واقف ڪيوم ۽ چيومانس ته تون پڇينس ته آخر ڳالھ ڇا آهي ۽ هو ڇو روئي رهيو آهي. سو محمد جان وڌي ساڻس ڳالهايو ۽ ڪافي دير جي گفتگو بعد ڏٺم ته محمد جان کلڻ شروع ڪري ڏنو. پڇانس کڻيو ته ٻڌائي ڇا آهي ته اچيو ٽهڪڙن ۾ پوي. نيٺ ٻڌايائين ته سائين هيءُ همراه صوبه سرحد جي قبائلي علائقي سان واسطو رکندڙ آهي کيس رواني ڪرڻ وارا هتي لائونچ تائين پهچائي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته هتي مسافرن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي اچڻ جي اجازت ڪونهي، انهي ڪري همراه اڪيلو رهجي ويو آهي، ٻي ڳالھه ته هيءُ همراه بنهه صفا ڪو ٻهراڙيءَ جو آهي ۽ ڪڏهن گھر کان ٻاهر نه نڪتو آهي. سڄي حياتي پورهئي سان ميڙيل موڙي سيڙائي حج تي ٿو وڃي. هتي هيڏي ساري رش ڏسي وائڙو ٿي ويو آهي ۽ سمجھي ٿو ته هيڏي ساري رش ۾ هن کي هوائي جهاز ۾ جڳهه ڪانه ملندي ۽ هو حج جي زيارت کان محروم رهجي ويندو. وري وٽس ايترا پئسا ڪڏهن گڏ ٿيندا جو هو حج ڪري سگھندو. انهي گھٻراهٽ ۽ نراسائي ۾ ويٺو روئي. مون اها ڳالهه ٻڌي محمد جان کي چيو ته تون هن کي هڪدم وٺي سڀني ڊپارٽمينٽس مان ڪليئرنس ڪرائي جهاز تائين پهچائي پوءِ موٽي اچ. ڏسجان ته هن ويچاري کي ڪا تڪليف نه ٿئي ۽ پڻ جهاز ۾ اسٽيورٽ ۽ ايئرهوسٽس کي چئج ته هن مسافر ويچاري جو خيال رکن.
سو هتي به ايڏي ساري پيهو پيھه ڏسي مونکان رهيو نه ٿيو، سو دادا کان پڇيم، ”دادا ڇا بمبئي کان جل گائون ڪا ايئر سروس آهي؟“ دادا ڳالهه سمجھي ويو سو مُرڪي وراڻيائين، ”جل گائون ته نه پر اورنگ آباد ڏانهن ايئر سروس وڃي ٿي، پر توهان ڳڻتي نه ڪريو توهان لاءِ هتي ئي آءٌ پاڻهي ٿو بندو بست ڪريان“ مون کي ڪُجھه آٿت آئي. دادا ڪنهن ريلوي آفيسر سان ڳالهايو جنهن چيو ته توهان کي فرسٽ ڪلاس ۾ ٻه جڳهيون وٺي ڏيندس. ريل آئي، دادا وري به وڃي اُنهي ريلوي آفيسر سان ڳالهايو ۽ پوءِ اسان کي وٺي ريل جي اُنهي دٻي ۾ جنهن ۾ اُهي ڄاڻايل ٻه نمبر هُئا تنهن تي آڻي ويهاريائين. ٿوري دير کان پوءِ اهو ساڳيو ئي ريلوي آفيسر آيو جنهن دادا سان سنڌيءَ ۾ ڳالهايو. دادا اُنهيءَ کي اسان ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ته اُهي ٻه همراه هي آهن. جنهن تي ريلوي آفيسر اسان کي ٻه ٽڪيٽ ڏنا ۽ چيائين، ”ڀائو! آءٌ به سنڌي آهيان. جيستائين منهنجي ڊيوٽي آهي تيستائين رهاڻ ڪندا هلنداسين. دادا اسانکي چيو ته آءٌ وڃيو ٿو سيٺ ڪُندن کي فون ڪري ٻُڌايان ته توهان کي هن ٽرين جي ڪهڙي دٻي ۾ ويٺا آهيو. پاڻ ريل جي ڪُولين کي به سمجھائي ڇڏيائين ته ڪهڙي اسٽيشن تي اسان کي ماني ۽ ڪهڙي اسٽيشن تي شام جي چانهه پهچائن ڇو ته ڊگھي سفر ڪري تڏهن جل گائون ڪافي دير کان پوءِ پهچندي. ريل جي سيٽي وڳي. دادا اسان کان موڪلائي هيٺ لٿو. اسان اُتي در مان ڏٺو ته دادا ڪافي دير تائين اسان ڏانهن ڏسندو هٿ لوڏي الوداع ڪندو رهيو. دادا جي هٿ کي هوا ۾ لُڏندي منهنجي تصور ۾ اُهي سوين ۽ هزارين هٿ ڪڻڪ جي سونن سنگن جيئن لُڏندا نظر آيا جيڪي پيار ۽ اُڪير جون دل ڏاريندڙ يادون کڻي سنڌ مان ويندڙ سنڌين جي قافلن کي الوداع چئي رهيا هئا. هيرآباد حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي سرهاڻ ڀريل راتين ۾ انهي سمي ڪيڏو نه نراس، اوندهه ۽ سراپ هو. مون کي ياد آهي هن سفر دوران مون هڪ ڪُراڙي سنڌي هندوءَ کان پڇيو؛
”ڪاڪا! پنهنجي ڌرتيءَ کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ توهان پاڻ کي ڪيئن ٿا محسوس ڪيو؟“
منهنجي هن سوال سندس زخمن جون مڙيئي ڪڙيون لاهي ڇڏيون. ڏٺم ته همراهه سڏڪن ۾ اچي پيو آهي ۽ نيڻن مان نيرن جي بارش پئي ٿئي. ايڏو ڪو جھڄيل جيءُ هئس جو سارو بدن اکيون هُجيس ها ته به نيرَ نه روڪجن ها. هِن جو اِهو حال ڏسي منهنجي هنيانءَ ۽ اکين تي به ڪڪرن جا ڪارونڀار اچي مِڙيا.
ڪوجو اٺس مِينهن، آريءَ جي عشق جو،
راتيان روئي رت ڦڙا سُک نه سارو ڏينهن،
ٻاروچاڻو نينهن، متان ماٺو نه ٿئي.
لطيف