سفرناما

ديس بديس

ھيءُ ھند جو سفرنامون، ”ديس بديس“ ھڪ نھايت دلچسپ، پيارو، پُر مغز ۽ احساسن ۽ جذبن جي نازڪ تارن کي ڇُھندڙ آھي. ھن سفرنامي جا ڪي ڪي لفظ ۽ جملا ته ايترا ڇپندڙ، تُز ۽ اثرائتا آھن جو پڙھندي دل ائين ڀِڄيو ۽ پگھريو پوي جيئن سج جي ڪرڻن سان برف پگھري پوندي آھي. ڪتاب جي منڍ وارو حصو، جنھن ۾ سپنن جي سنسار، ھندستان جي پراڻي تاريخ جا پيرا کڻندي تصور ئي تصور ۾ ليکڪ ھن صدي ۾ اچي سھيڙيو آھي، ڏاڍو وڻندڙ آھي. ھن حصي ۾ ٻوليءَ جي سُونھن ۽ سوڀيا پڙھندڙ کي يقينن موھي ڇڏيندي ۽ ھو خود تصور جي دنيا ۾ کوئجي صديون پويان ھليو ويندو ۽ پاڻ کي وقت جي پرن تي اُڏامندو محسوس ڪندو. سندس نظرن اڳيان صدين جو ھندستان پنھنجين تمام رنگينين سان جلوه گر ھوندو.
Title Cover of book ديس بديس

6

سيٺ ڪندن سوامي کان آشيرواد وٺي موڪلايو ۽ چيائينس ته هي مهمان اڄ ئي بمبئي وڃڻا آهن ۽ آءُ به ساڻن گڏ وڃان ٿو. کين چاليس گائون ريلوي ۾ روانو ڪري پوءِ واپس جل گاؤن ويندس. توهان وٽ وري هفتي کن کان پوءِ اچي حاضري ڀريندس. اسان سوامي کان موڪلائي پنهنجي ريسٽ هائوس تي آياسين. جتان سامان کڻي ڪار ذريعي چاليس گاؤن پهچندي اسان پهريائين سڌا ريلوي اسٽيشن تي آياسين ۽ ٻه ٽڪيٽون بمبئي لاءِ وٺي پوءِ شهر ڏانهن آياسين. شهر جي هڪ هوٽل تي اچي ويٺاسين، جتان سيٺ ڪندن مل ٻنپهرن جي مانيءَ لاءِ ڪجهه سامان پئڪ ڪرايو ۽ انب به ورتا. سڀ سامان ميڙي سيڙي اچي ريلوي پليٽ فارم تي پهتاسين. اسان ماني پليٽ فارم تي ئي کاڌي. مڪيش اسان کان ور ور ڏيئي پي پڇيو ته وري ڪڏهن ايندا. دل ۾ چيم ته دل وري وري اچڻ لاءِ تانگھائيندي، پر هي جي سرحدي حد بنديون ۽ سفارتي پابنديون عائد آهن سي ڪٿي ٿيون روز روز ملڻ ڏين. هاڻي ته رڳي اها آس اٿئون ته جيترا جسماني طرح دور آهيون اوترا دلي طرح قريب هجون. مٽيءَ کي مٽيءَ جي ڇڪ ٿيندي آهي.
اسان کين چيو ته اوهان اسان کي ۽ وطن جي وڻن کي ولهو ڪري ڇڏي آيا، پر اسان اوهان کي ڏوري اچي ڏٺو. هاڻي اوهان جي اچڻ جو وارو آهي. اوهان جي مٽي اوهان لاءِ آسائتي آهي. سيٺ ڪندن مل واعدو ڪيو ته هو آڪٽوبر ڌاري ايندو ۽ سيٺ چوئٿرام چيو ته سيٺ ڪندن مل کان پوءِ اسان به ضرور اينداسين. جيئن جيئن ٽرين پهچڻ جو وقت ويجھو ايندو ويو تيئن تيئن اسان جي چهرن تي نراسائي جا پاڇا پکڙندا ويا ۽ اسان جو آواز به هاڻي ڳنڀير ٿيندي ويو. جدائي جي تصور کان دل تي بار پئجي رهيو هو ۽ آواز گونجيو ته بمبئي وڃڻ واري ٽرين پليٽ فارم نمبر 2 تي پهچي رهي آهي. سيٺ ڪندن مل نه چاهيندي به مجبوراَ چيو ته سامان کڻي تڪڙا تڪڙا اڳتي هلو ڇاڪاڻ ته فرسٽ ڪلاس جا دٻا اڳيان اٿس. رش گهڻي ڪانه هئي. ٽرين ۾ چڙهي سامان سيٽ ڪري رکيوسين. هن اسٽيشن تي ٽرين ٿورڙو وقت ترسي، ٻيهر هلڻ شروع ڪيو. ان کان اڳ جو ٽرين رفتار پڪڙي، اسان جا ميزبان هڪ هڪ ٿي لهندا ويا ۽ آءٌ اداس نگاهن سان کين ڏسندو رهيس. ٻاهر نيڻ نهار تائين مونکي سندن چهرا اکين اڳيان ڦرندا رهيا. سوچيم: وقت وڍيندڙ به آهي ته ويڄ به. هنن ماڻهن ورهاڱي وقت ڪيڏا گهاوَ کڻي پنهنجي ڌرتيءَ کي خيرباد چيو هو ۽ اڄ اُهي زخم ڪيئن نه ڀرجي ويا آهن. پر سندن اسان سان ملڻ کان پوءِ ائين جھڄي پوڻ مان سڌ پوي ٿي ته اهي زخم ڪڙيون ته ضرور ٻڌي ويا آهن پر اندر ۾ اڃان به ڪچا آهن. آءُ انهن ويچارن ۾ گم هئس ته ڊاڪٽر راڄي سڏ ڪري چيو ته وٺ چانهه پي. شام ٿي چڪي هئي. مون ڏٺو هت مال ڌوڙ اڏائيندو پنهنجي وٿاڻن ڏانهن وڃي رهيو هو ۽ پکي واهيري جي ويري ساري قطارون ڪري پنهنجن آشيانن ڏانهن موٽي رهيا هئا.
وڻين ويٺا ڪانگ وچين ٿي ويلا ڪري.

آءُ ۽ ڊاڪٽر راڄو چپ چاپ چانهه جون سرڪيون ڀري رهيا هئاسين. ڊاڪٽر راڄي چيو ته انسان به عجيب شئي آهي. ڪٿي جا ماڻهو ڪٿي اچي آباد ٿيا ۽ اسان ڪٿان کان ڪهي ڪٿي اچي نڪتا آهيون. ڪڏهن تصور به نه ڪيو هئوسين ته پٽنا ديوي جا پَٽَ ڏسنداسين. ڊاڪٽر راڄي ۽ منهنجي اٽڪل پنجويهه سالن کان ياراڻي آهي. اسڪول ۽ ڪاليج ۾ گڏ پڙهياسين. پاڻ حيدرآباد ۾ ڊاڪٽري ڪيائين ۽ مون بي اي ايل ايل بي ۽ پوءِ ايم اي ڪئي. انهيءَ کان پوءِ اسان ٻنهي کي نوڪري به ٺٽي ۾ ملي، جتي رهندا ته سرڪاري جاين ۾ الڳ الڳ هئاسين پر ماني گڏ کائيندا هئاسين. اڳي آچر جي ڏينهن سرڪاري ادارن کي موڪل هوندي هئي. جيڪا پوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي اسلامي جماعتن کي راضي ڪرڻ لاءِ جُمعي جي ڏينهن ۾ بدلائي. پر مٿانئس ملن جي ڏمر جي گرمي گھٽ نه ٿي. اڃان به تڪڙيو تڪڙيو ٻه وکون اڳتي وڌي قاديانين کي غير مسلم قرار ڏياريائين پر تڏهن به مذهبي جماعتون مٿس مڇريل رهيون.
بهرحال سو ڳالهه پي ڪيم آچر جي ڏينهن جي ته موڪل هئڻ ڪري اسان اڪثر ڇنڇر جي شام حيدرآباد هليا ويندا هئاسين يا وري ٽنڊي الهيار خليل بچاڻي وٽ وڃي وارد ٿيندا هئاسين يا ڪڏهن خليل حيدرآباد اچي نڪرندو هو. سڄو ڏينهن کل ڀوڳ، ٽهڪڙن ۽ رهاڻين ۾ گذرندو هو. خليل رات جو واپس موٽي ويندو هو، آءُ ۽ ڊاڪٽر صبح سوير ايڪسپريس بس ۾ حيدرآباد کان ٺٽي ايندا هئاسين. خليل هڪ سٺو دوست، رلڻو ملڻو، کل مک ۽ رهاڻ رس جو ڪوڏيو آهي. اسان جو اهو سلسلو ايستائين جاري رهيو جيستائين اسان ٺٽي ۾ رهياسين. ڪجهه وقت کان پوءِ ڊاڪٽر ڪراچي بدلي ٿي ويو ۽ آءُ حيدرآباد. پر تڏهن به هر آچر تي ڊاڪٽر مون وٽ ايندو هو. ان دور جي سنگت ۾ آءُ، ڊاڪٽر راڄو، خليل بچاڻي ۽ گوتم اڪثر گڏ هوندا هئاسين.
انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر طيب لاکو، عبدالحميد شاهين سراج، فرئنڪ، عيسيٰ ڏاهري، عبدالحڪيم شاهه وارا هڪ نه ته ٻي آچر تي ضرور ڦيرو ڪندا هئا پر هاڻي زماني جي مصروفيتن سبب مهينن کان پوءِ به مشڪل سان هڪ ٻئي جو منهن ٿا ڏسون، ميل ملاقاتن ۾ وقت جي وڇوٽي ضرور پئجي ويئي آهي پر دلين ۾ فاصلا پيدا نه ٿيا آهن اسان سڀ اڄ به ساڳئي خلوص ۽ اُتساهه سان هڪ ٻئي کي ساريندا آهيون. دوستن سان گڏ گذريل گھڙين جون ساروڻيون ته جيون جي موڙي آهن.
ڊاڪٽر راڄو ۽ آءُ هڪ ٻئي سان حال احوال اوريندي اچي بمبئي پهتاسين رات ٿي چڪي هئي ۽ اسان ٻاهر نڪري ٽيڪسي ڀاڙي اچي سڌا هوٽل ڀيڙا ٿياسين. وهنجي سهنجي لٽا بدلائي، ماني کائي هوٽل کان ٻاهر نڪتاسين ۽ سڌا اچي سمنڊ ڪناري پهتاسين. چوڏس بمبئي جي فليٽن مان نڪرندڙ روشنيون سمنڊ جي سطح تي تري رهيون هيون. ائين جيئن سر جي سينورڙي پاڻيءَ تي هنج. هن هنڌ مها ساگر جي به عجيب ڪهاڻي آهي. هنجي لهرن تي يونانين جا ٻيڙا ترندا ڏٺا ويا، ايراني ۽ عرب به هنجي مهرباني سان هتي لنگر انداز ٿيا. هن وشال ساگر ڪڏهن به ڪنهن ايندڙ لاءِ پنهنجو سينو سوڙهو نه ڪيو پر ڏيساورن کان ڪهي ايندڙ انهن ڪٺورن ڪڏهن به سمنڊ جي وشالتا کان ڪشاده دلي ۽ من جي اوجر جو سبق نه پرايو.
اسان سمنڊ ڪناري جتي ويٺا هئاسين اتي ويجھڙائي ۾ نه ڪا هوٽل هئي ۽ نه ڪو ماڻهو. پريان پريان ڪي ماڻهو نظر آيا ٿي، سي به شايد سمنڊ ۾ ڇلندڙ روشنين جي مست نظاري ۾ کويل هئا. ههڙا نظارا ڏسي ڪو ڪيئن نه کوئجي! ڪيڏو نه وشال آهي ساگر.... پر..... ڪيڏو نه پتڪڙو آهي ماڻهوءَ جو من.
سمنڊ جي لهر لهر ڪيڏي نه پيار سان روشنيءَ جي اولڙن کي هنج جي هندوري ۾ لوڏي رهي آهي! ڪيڏو نه ڪروڌ ڀريل آهي ماڻهوءَ جي من ۾ جو هڪ ٻئي کي ڏيهان ڏيهه ڌڪي دور ڪري رهيو آهي! ڪيڏا نه مير ڌوتا آهن هن سمنڊ پر ماڻهوءَ جو من اڃا به ميرو آهي.

اي مهاوير!
اي گوتم!
اي نانڪ!

اوهانجا تيرٿ ته آباد آهن، پر ماڻهن جا من ڌن جو لوڀ ۾ نرڳ (جھنم) کان به وڌيڪ ڀوائتا ٿي پيا آهن.
اوهان جي نام جي مالها ته جپي وڃي ٿي پر اوهان جي سنديش کي پري کان پرنام ڪري موٽايو وڃي ٿو.
صبح سوير ننڊ مان سجاڳ ٿي دادا کي ٻڌايم ته اسان جل گاؤن مان رات پهچي ويا هئاسين. اڄ مون کي جسلوڪ اسپتال ۾ پنهنجو چيڪ اپ ڪرائڻو آهي. اتان واندا ٿي سڌا توهان وٽ ڪارخاني اينداسين. دادا ٻڌايو ته توهان جي اچڻ جو اطلاع اڳواٽ سيٺ ڪندن پهچائي ڇڏيو هو ۽ کين اهو افسوس هو جو توهان وٽن ٿورڙا ڏينهن ترسيا. دادا ٻڌايو ته مون کين توهان جي مجبوري سمجھائي هئي ته همراهن جو ڊگھو پروگرام آهي انهي ڪري وڌيڪ ٽڪڻ سان سندن پروگرام ۾ گڙٻڙ ٿيندي.
اسان تيار ٿي سڌا جسلوڪ پهتاسين جتي اسان رسيپشن گرل کي پنهنجو رزرويشن ڪوپن ڏيکاريو، جنهن اسان کي پنهنجو نمبر ڏنو ۽ اهو به ٻڌايائين ته توهان جو ڊاڪٽر ڪوٺاري آهي، جيڪو ٽي ماڙ تي ويهندو آهي. ٻارهن بجي کان پوءِ توهان کي وري ساڳوڻي فلور تي ڊاڪٽر ڪينٽ ڏانهن وڃڻو آهي. مون کي ڳچ عرصي کان چيلهه جي سور جي تڪليف آهي جيڪا ختم نٿي ٿئي. پاڪستان ۾ ڪافي ڊاڪٽرن کي جن ۾ آرٿوپيڊڪ، نيورولاجسٽ ۽ فزيشن شامل آهن، اسان واري يار ڊاڪٽر سليمان شيخ کان ايڪو پنڪچر جو علاج ڪرايم، حڪيم سعيد کان طب يوناني جا نسخا ورتم، هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ ويڄن وٽ ويس پر ڪٿان به اهڙي ڦڪي نه ملي جيڪا فرق ڪري. سو هاڻي خيال ڪيم ته هندستان آئي جسلوڪ جي ناميارن ڊاڪٽرن سان صلاح نه ڪيم ته حسرت رهجي ويندم. گڙدي جي سور جي به شڪايت هيم سو سوچيم ته ٻنهي مرضن مان جند نه ڇٽي ته من هڪڙي مان جان آزاد ٿي پوي.
واري اچڻ تي مون ڊاڪٽر ڪوٺاري کي طبيعت ڏيکاري ۽ کيس ٻڌايم ته ڪراچي کان هتي ڪهي آيو آهيان. ڊاڪٽر راڄو به ساڻ هئم. ڊاڪٽر منهنجا ايڪسري ۽ رپورٽون ڏٺيون ۽ پوءِ يڪدم منهنجي نالي پڙهڻ کان پوءِ پڇيائين:
”ڇو، توهان هندو هاڻ پاڪستان ۾ پنهنجا نالا به مسلمانن جھڙا رکندا آهيو ڇا؟“
جنهن تي مون اچرج کاڌو ۽ وراڻيم، ”نه ڊاڪٽر! آءُ هندو نه پر مسلمان آهيان.“
”ڊاڪٽر صاحب! توهان اهو اندازو ڪيئن لڳايو ته منهنجو نالو مسلماڻو آهي، پر آءُ هندو آهيان؟“
منهنجي انهي سوال تي ڊاڪٽر پنهنجي غلطي تي ڏاڍو ڦڪو ٿيو. ڪنڌ هيٺ ڪري بنا جواب ڏيڻ جي ڏهن ٻارهن قسمن جي ايڪسري ڪڍائڻ لاءِ چٺيون لکي ڏنائين. چيائين ته اهي رپورٽون وٺي اچو ته پوءِ آءُ پنهنجو رايو ڏيندس. انهي تي ڊاڪٽر راڄي چيس ته، ”ڊاڪٽر صاحب! اهڙي قسم جا ايڪسري ته رپورٽن سان گڏ اڳي ئي موجود آهن ۽ ڪجهه وڌيڪ رپورٽون شامل آهن.“
انهي تي ڊاڪٽر کانئس پڇيو ته، ”توهان ڇا ڪندا آهيو؟“ ڊاڪٽر راڄي وراڻيس ته، ”آءُ ڊاڪٽر آهيان.“ مون ڏٺو ته ڊاڪٽر ڪوٺاري جي منهن تي ٻيهر ڦڪاڻ ڦهلجي ويئي پر تاهم هن ضد ڪري چيو ته فريش رپورٽون ضروري آهن. اسان بحث ڪرڻ مناسب نه ڄاتو سو پنهنجا ڪاغذ ميڙي سيڙي ٻاهر نڪتاسين. انهيءَ کان پوءِ بمبئي جي مشهور ڊاڪٽر ڪينٽ کي ڏيکاريم جنهن به چيڪ اپ کان پوءِ ڪافي رپورٽن وٺڻ لاءِ چيو. اسان کيس ٻڌايو ته انهن رپورٽن وٺڻ ۾ ڪجهه ڏينهن لڳي ويندا ۽ اسين هتي ايترو وقت ترسي نٿا سگھون. اسان ڏينهن ٻن ۾ هندستان ڇڏي ڪولمبو هليا وينداسين. پاڻ چيائين ته ڪا ڳالهه ڪانهي، توهان ڪراچي پهچي، اتان ئي رپورٽون وٺي ٽپال ذريعي مون ڏانهن موڪلي ڏجو ته آءُ انهن کي ڏسي پنهنجي رپورٽ توهان ڏي پوسٽ رستي موڪلي ڏيندس. اسان سندس انهيءِ سهڪاري گڻ تي سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ کانئس موڪلائي روانيا ٿياسين ۽ سڌا دادا وٽ فيڪٽري تي آياسين، جتي هو پريو مڙس اسان جو اوسيئڙو ڪري رهيو هو. پاڻ ٻڌايائين ته اتم کي فون ڪئي اٿم، سو به اچڻ وارو آهي. ٿوري دير کان پوءِ اتم به آيو. اتم هڪ وابسته لاڳاپيل (Committed) سنڌي اديب ۽ نقاد آهي. سنڌي ادب ۾ ترقي پسند لاڙن کي زور وٺائڻ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي. هڪ عرصي کان ”نئين دنيا“ نالي رسالو به ڪڍندو رهيو ۽ سندس ڪيترائي تنقيدي ۽ ادبي ليک ”نئين دنيا“ ۽ ٻين مخزنن ۾ ڇپبا رهيا آهن. پاڻ هڪ صاف گو، سادگي پسند ۽ محنتي سماجوادي اديب ۽ ڪارڪن آهي. وڏيءَ عمر کي پهچڻ کان پوءِ به منجھانئس انقلابي جوش ۽ ولولو تر جيترو به نه گھٽيو آهي. سندس جيون ساٿڻ سندري به سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪاره آهي. سندس پهريون ناول ”دل جي دنيا“ ۽ ٻيو ناول ”ڪرندڙ ديوارون“ ڪافي پسند پيل ڪتاب آهن. غالباَ انعام يافته به آهن. اتم ۽ دادا سان ڪچهري دوران ٻنهي ڄڻن هندستان ۾ سنڌي ادب ۽ اديبن بابت ڪافي ڳالهيون ٻڌايون. اتم ٻڌايو ته توهان، دادا ۽ ڊاڪٽر راڄو ٽئي سڀاڻي سيتا سنڌو ڀون اچجو. جيئن ته سڀاڻي آرتوار آهي ۽ هر آرتوار تي ڪافي دوست هتي اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ راڳ رنگ جي محفل به ٿيندي آهي. اسان کيس چيو ته توهان هتي اچجو ته پوءِ گڏجي هلون. اتم اسان کان موڪلائي روانو ٿي ويو ۽ اسان دادا گوبند سان گڏ سندس اپارٽمينٽ ڏانهن روانا ٿياسين، جتي دادي اسان جو انتظار ڪري رهي هئي. اسان کان جل گاؤن بابت احوال ورتائين ۽ پڻ ٻڌايائين ته سال ۾ هڪ ڀيرو سيٺ ڪندن وارا هتي بمبئي اسان وٽ اچن ۽ اسين به وٽن وڃون. جھڙيءَ طرح سيٺ ڪندن ۽ تنهنجو دادا گوبند پاڻ ۾ يار آهن، اهڙي طرح سيٺ ڪندن جي گھر واري ۽ آءُ هڪ ٻئي سان ساهيڙپ جي سڱ ۾ سلهاڙيل آهيون. پوءِ دادي اسان کي مختلف تقريبن جا ڪافي آلبم ڪڍي ڏيکاريا، جن ۾ سيٺ ڪندن، سندس گھر واري ۽ ٻين پريوار وارن جا فوٽو ساڻن گڏ هئا. جيئن ته رات ڪافي گذري چڪي هئي، انهي ڪري اسان دادا جن کان موڪلائي هوٽل روانا ٿياسين.
اسان صبح سوير اٿي تيار ٿي دادا گوبند جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. دادا آيو ته ساڻس گڏ هوٽل ڇڏي سندس ڪارخاني تي آياسين. اڄ آچر جو ڏينهن هو ۽ ڪارخانو به بند هو پر اتم جي اتي اچڻ جو پروگرام هو انهي ڪري اوسيئڙو ڪرڻ لڳاسين. اتم به جلدي ئي پهچي ويو. دادا چيو تو توهان اتم سان گڏ هلي ٻين دوستن سان ملو، آءُ اوهان کي سيتا سنڌو ڀون ۾ ملندس. اتم، آءُ ۽ ڊاڪٽر راڄو ٽيڪسي ڪري روانا ٿياسين. اتم جي خواهش به هئي ۽ ڪوشش ته اسان بمبئي ۾ رهندڙ گھڻي ۾ گھڻن سنڌين سان ملون. پهريائين ڊاڪٽر ڪلياڻ آڏواڻي جي گھر وياسين. ڪلياڻ آڏواڻي هڪ برک سنڌي محقق ۽ اديب آهي. سندس سهيڙيل ”شاهه جو رسالو“ هندستان ۾ ڇپايو ويو ۽ بعد ۾ مڪتبهء اسحاقيه ڪراچي طرفان ٻيهر ڇاپيو ويو. اهو ساڳيو رسالو سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد جنهن جو روح روان سنڌ جو ناميارو اديب ۽ هڏڏوکي محترم محمد ابراهيم جويو: طرفان شاه، سامي سچل جي مڪمل سيٽ ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو آهي. شاهه سائين جي رسالي تي ڪلياڻ آڏواڻي جو نچوڙيل نور ۽ پيار جو پورهيو سنڌ ۽ لطيف سان اڻ مئي عقيدت ۽ محبت جو اظهار . اسان جي هندو سنڌي اديبن ورهاڱي (۱۹۴۷ع) کان اڳ به سنڌي ٻولي ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي هئي ۽ سنڌ ڇڏي وڃڻ کان پوءِ به سندن نينهن جو ناتو سنڌي ٻولي ۽ ادب سان قائم رهيو آهي. هندستان ۾ هنن ننڍڙي اقليت ۾ هئڻ باوجو پنهنجي ٻولي کي ٻين قومي ٻولين جي در جي برابر درجو ڏياري ورتو آهي. سنڌي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب ڇپبا رهندا آهن. هندستان گهمندي ۽ سنڌين سان ملندي مون محسوس ڪيو ته نئين پيڙهي جي ڀيٽ ۾ پوئين پيڙهي جي ٻڍڙن کي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان زياده چاهه ۽ اڪير هئي. انهي پيڙهي جي اُڪنڍ ۽ اڪير ئي هندستان جهڙي وڏي آدم واري ملڪ ۾ سنڌين جي سنڌي سڃاڻپ کي قائم رکيو آهي. هن پيڙهيءَ جي واري وڄائي وڃڻ کانپوءِ نئين پيڙهي وڏي دير تائين پنهنجي علحده سڃاڻپ کي شايد مشڪل سان قائم رکي سگهي.
ڊاڪٽر ڪلياڻ آڏواڻي سان ڪچهري دوران سنڌ ۽ سنڌي ادب بابت ڪافي گفتگو ٿي پاڻ سنڌ ۽ سندس سنڌ واسي دوستن بابت گهڻي پڇا ڪيائين ۽ انهن لاءِ سلام به ڏنائين. ڪلياڻ آڏواڻي صاحب ڄمار جو ڪافي وڏو ٿي لڳو، پر صحت سلامت هجيس ته سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي شيوا ڪندو رهي. اسان کانئس موڪلائي ٽهلرام آزاد جي گهر وياسين پر پاڻ اتي موجود نه هو اُتان نڪري اسان سندس آفيس تي آياسين، پر اُتي به نه هو، جنهن کانپوءِ اسان هڪ سنڌي ڪسٽم آفيسر جي گهر آياسين جيڪو اُتم جو دوست هو. انهيءَ وٽ ڪجهه دير مارڪو ڪري پوءِ اسان هتي يعني بمبئي ۾ سنڌين جي وڏي ۾ وڏي ثقافتي سينٽر سيتا سنڌو ڀون آياسين. سيتا سنڌو ڀون هند ۾ رهندڙ سنڌين جي ميل ميلاپ جو مکيه مرڪز آهي. هر آچر تي هتي بمبئي واسي سنڌي وڏي تعداد ۾ اچي مڙندا آهن، هڪ ٻئي سال حال احوالي ٿيندا آهن، ماضيءَ جون يادون ورجائي وڇوڙي جا زخم تازا ڪندا آهن، پنهنجي سنڌيت کي قائم رکڻ لاءِ ويچاريندا آهن ۽ روح ريجهائڻ لاءِ راڳ رنگ جون محفلون رچيندا آهن. هن سينٽر ۾ ٻاهران آيل مهمانن سان شامون ملهائي انهن جو آڌرڀاءُ ڪندا اهن. هتي هڪ ننڍڙو گيسٽ هائوس / مهمان خانو به آهي، جنهن ۾ ترسندڙ مهمان کان نالي ماتر مسواڙ ورتي ويندي آهي. اڄ به ڪيترائي مهمان هتي ترسيل هئا جن ۾ هڪ سنڌي پروفيسر، جيڪو انڊونيشيا ۾ مستقل رهائش پذير آهي، ٻچڙيوال ترسيل هو. هن پروفيسر صاحب انڊونيشيا ۾ هڪ بهترين تعليمي ادارو قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌي اسڪول به آهي.
اسان جنهن وقت سيتا سنڌو ڀون ۾ داخل ٿياسين انهي وقت محفل شروع هئي، سيتا سنڌو ڀون جو روح روان ۽ محفل جو مور پروفيسر رام پنجواڻي سڀني جي وچ ۾ ويٺو هو ۽ هر ڳائيندڙ سان ڳائڻ ۾ ساٿ پي ڏنائين. شايد محفل هلندي اسان بابت ڪنهن ٻڌايو هوس سو اسان کي نالو وٺي مخاطب ٿي شهيد شاهه عنايت صوفي جو بيت ٻڌايائين.
هيءُ راڳ ڪافي دير تائين هليو. جنهن کان پوءِ رام پجواڻي ٻاهران آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ آيل مهمانن کي مالهائون پهرايون جن ۾ آءُ ۽ ڊاڪٽر راڄو پڻ شامل هئاسين.
محفل جي ختم ٿيڻ بعد اتي ويٺلن مان ڪيترائي دوست اسان سان مليا جن ۾ بلڙي شاهه جو هڪ هندو به هو، جيڪو ڏاڍو سڪ ۽ اڪير سان ڀاڪرين پئي مليو. هن ٻڌايو ته هو اصل ۾ ٻني جي ويجهو ڳوٺ راهوٺ جا ويٺل آهن، جتان پوءِ لڏي وڃي بلڙي شاه ڪريم ويٺا. بلڙي شاهه ڪريم ضلع حيدرآباد جو هڪ ننڍڙو شهر آهي، جنهن ۾ لطيف سائين جي پڙ ڏاڏي شاهه عبدالڪريم جي مزار آهي.
پروفيسر پنجواڻي اسان جي ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان آجيان ڪئي ۽ سنڌ جي مختلف دوستن جون خبرون چارون ورتائين. پاڻ ٻڌايائين ته هتي بمبئي ايندڙ هر سنڌي سيتا سنڌو ڀون ضرور اچي جنهن ڪري اڪثر سنڌ مان ايندڙ دوستن سان ميل ملاقات ٿيندي رهندي آهي. پروفيسر رام پنجواڻي نهايت ملنسار، کل مک راڳ رنگ جو ڪوڏيو آهي.
انڊونيشيا مان آيل سنڌي پروفيسر سندس قائم ڪيل تعليمي اداري بابت تفصيل سان احوال ٻڌايو،آخر ۾ سڀني مهمانن کي چانهه، بسڪوٽ، پڪوڙا، سنبوسا، پاپڙ، ڪيڪ ۽ ميوو پيش ڪيو ويو. اسان هاڻي هتان موڪلائي ٻاهر نڪتاسين. اتم، دادا گوبند ۽ ٽهلرام آزاد اسان سان گڏ هئا.
اسان اتان نڪري سڌا بازار ڏانهن وياسين جتان ڦرندا گهرندا اچي اڪبر علي جي اسٽور تي پهتاسين، اتائين ڪجهه ڊبل بل (Double Bull) جون مُون ۽ ڊاڪٽر راڄي شرٽون خريد ڪيون. هاڻين دوستن کان موڪلائي آءُ ڊاڪٽر راڄو ۽ اتم نهرو پلينٽوريم ڏانهن روانيا ٿياسين. هيءُ پلينٽوريم نهرو ميموريل جو هڪ حصو آهي. اسان ٽڪيٽ وٺي اندر داخل ٿياسين. شو شروع ٿيڻ ۾ اڃان ڪجهه دير هئي، جنهن ڪري ٻاهر ريسٽورنٽ تي ٿڌو پيتوسين ۽ پوءِ موٽي هال ۾ وياسين. هال جي وچ ۾ مشينون رکيل آهن جنهن ذريعي اهو پروگرام پيش ڪيو ويندو آهي. اسڪرين يعني پردو سڄو ڇت ۾ لڳل آهي. پروگرام شروع ٿيڻ کانپوءِ ڇت بلڪل آسمان وانگر نظر ايندي آهي، جنهن ۾ ڪنهن مهل رات جو منظر ته ڪنهن مهل پرهه ڦٽي جو ڏيک ۽ ڪنهن مهل تارن ڀريو آڪاش پيو جهرمر جرڪي. هن پروگرام کي ڏسندي ماڻهو ڪائنات جي بي انت پولارن ۾ کوئجيو وڃي. ستارن ۽ سيارن جا ڏيک ۽ ڦيرا ته ويتر عبرت ۾ وجهيو ڇڏين. ڪائنات ۽ ان جي آسماني اسرارن جي علم جو شوق ۽ زوق رکندڙ حضرات جڏهن به بمبئي وڃن ته هيءُ پروگرام ضرور ڏسن.
پروگرام هلندي اسانکي اتم ان بابت سمجهاڻيون ڏيندو رهيو. اتم اسان کي بمبئيءَ جا ڪافي حصا گهمايا ۽ اهڙيون جڳهيون به ڏيکاريون جيڪي هوند اُتم کانسواءِ اسان نه ڏسي سگهون ها.
هتان کان پوءِ اسان ٽيڪسي ڀاڙي ڪري اُتم جي گهر آياسين جتي اُتم جي گهر واري سندري به موجود هئي. جيئن ته اسان اڳ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته سندري پنهنجي ور جيئن سنڌي ٻولي جي برک ليکڪا آهي ۽ سندس ڪافي ڪتاب سنڌ ۾ به ڇپيا ۽ وڪيا آهن. هنن ٻنهي زال مڙس سنڌي ادب لاءِ گهڻو پتوڙيو آهي. اُتم اسان کي سندن لائبريري به ڏيکاري جيڪا ڪتابن جي سليڪشن ۽ ميڙ جي اعتبار کان هڪ بي بها خزانو آهي. اُتم کي سنڌ ۾ ڇپجندڙ سنڌي ڪتابن جي ڪافي خبر آهي ۽ گهڻائي ڪتاب وٽس موجود آهن. مونکان سنڌ ۾ سنڌي ڪتاب ڇپائي بابت پڇا ڪيائين. وٽس تازا ڇپيل ڪتاب هئا بلڪ بلڪل هاڻ جا اهڙا ڪتاب جيڪي اڃان اسان جي نظر مان به نه گذريا هئا سي به وٽس پهتل هئا.
آءُ جڏهن بمبئي وڃي رهيو هئس ته ان وقت سهڻي پريس م آرسي پبليڪيشن جو ڪتاب ڇپجي رهيو هو. مون کي اتم وٽ سندس تازي تازي ڇپيل ڪتاب ۾ انهي آرسي جي ڪتاب تي ڇپيل تبصرو ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي ته هيءُ ڪتاب هن وٽ پهچي به ويو ۽ هن تبصرو لکي ڇپائي به ڇڏيو. اتم ڪتابن ڏيڻ جي سلسلي ۾ دريا دل آهي. مونکي منهنجي ۽ ٻين دوستن لاءِ ڪيترائي ڪتاب ڏنائين. سندس ۽ سندري جا ته ڪيترا ڪتاب مون دوران سفر پڙهي پورا ڪيا. سندس ڏنل ڪتاب ٻين دوستن کي به پهچايم. هن وٽ اخبارن جو به تمام وڏو ذخيرو موجود آهي. اخبارن جا اهي فائيل به ڏيکاريائين. سنڌ مان ايندڙ هر اديب اتم سان ضرور ملندو آهي. جيڪڏهن کيس خبر پوندي ته پاڻ خود پهچي ويندو آهي. اسان سان گهمڻ ڦرڻ ۽ دوستن سان ملائڻ ۾ پاڻ ڪڏهن هڪ گهڙي به ورچي نه ويٺو. اسان هلندي هلندي ۽ گهمندي ڦرندي ٿڪجي پوندا هئاسين پر پاڻ نه ٿڪبو هو.
اتم، جيئن ته اڳ ۾ ذڪر ڪيو اٿم، هڪ سچو نظرياتي انسان آهي، جيڪو پنهنجي قول ۽ سوچ سان هميشه وفادار رهيو آهي. هندوستان ۾ سنڌي ليکڪن درميان ذاتي ۽ نظرياتي ڇڪتاڻ تمام گهڻي رهندي ائي آهي، پر اتم بابت منهنجو ذاتي مشاهدو هيءُ آهي ته هڪ سچو، سادو ۽ اٽول سماجوادي آهي. جيڪو اصول تي ڪابه مصالحت (Compromise) ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.
سندس گهر ۾ ويهڻ، رهاڻ ڪرڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ کانپوءِ معلوم ٿيم ته سندس پهرڻ جا ڪل ٽي جوڙا آهن. هڪ ڏندن جوبرش ۽ پيسٽ، شيونگ جو سامان، هڪ چمپل ۽ هڪ جوتو. اهي سندس ذاتي استعمال جون شيون آهن. سامان رکڻ لاءِ بئگ به ڪونه اٿس. انهي ڪري اهي ٽپڙ ڪتابن جي ڪٻٽ ۾ رکندو آهي. اتم اسان کي ڪتاب ڏيکاريندو ۽ ٻڌائيندو رهيو ۽ سندس گهر واري سندري اسان لاءِ ماني تيار ڪندي رهي. رات ڪافي ٿي چڪي هئي. اسان ماني کائي کانئن موڪلائي هوٽل روانيا ٿياسين. اسان کي ٻي ڏينهن ڪولمبو روانگي جي به تياري ڪرڻي هئي پر ٿڪاوٽ سبب انهيءَ ڪم کي صبح تائين ملتوي ڪري وڃي بسترن ڀيڙا ٿياسين.
ڊاڪٽر راڄو معمول مطابق سوير اٿيو، آءُ به چانهه ڪوپ پي سامان سهيڙڻ ۾ لڳي ويس. ڪلاڪ کن ۾ سامان تيار ڪري ڊاڪٽر کي چيم ته تون ناشتو گهراءِ آءُ وهنجي ٿو اچان. وهنجي سهنجي باٿ روم مان ٻاهر ٿي نڪتس ته چيلهه ۾ شديد سور محسوس ڪيم ۽ مشڪل سان دروازو کولي ٻاهر آيس. ڊاڪٽر کي سڏ ڪيم جنهن ٽيڪ ڏيئي بستري تائين آندو. ڊاڪٽر کي خبر آهي ته هيءُ سور ساڻم ڪهڙي ويڌن ڪندو اهي. گهٽ ۾ گهٽ ۴۸ ڪلاڪن کانپوءِ آءُ چرڻ ڦرڻ جهڙو ٿيندو آهيان، ايستائين پٽ يا سڌي تختي تي پيو هوندو آهيان. اسان ڪالهه پوليس مان اڳي وڃڻ جي ٽريول پرمٽ (سفري اجازت نامو) وٺي ڇڏي هئي. (هيءُ ٽريولر پرمٽ جي پابندي صرف هندستان ۽ پاڪستان جي مسافرن لاءِ هڪ ٻي جي ملڪ ۾ آهي. ٻي دنيا ۾ ائين ڪونهي) رات جو اسان جي فلائيٽ به هئي. جيڪڏهين اسين ٽريولر پرمٽ رد ڪريون ها ته اسان کي اڳيان وڌيڪ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ها ڇاڪاڻ ته اڳتي جي سفر واسطي هر هنڌ جون اسان وٽ اڳواٽ بوڪ ٿيل ٽڪيٽون موجود هيون. انهي ڪري في الحال ڏاڍي پريشاني واري صورتحال ۾ گهيرجي وياسين. ڊاڪٽر يڪدم هيٺ لهي ويو ۽ وڃي ڪجهه دوائون وٺي آيو، ڊاڪٽر ٻڌايو ته پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ چيلهه جي سور واريون دوائون هتي نٿيون ملن، انهي ڪري اسٽور وارن جي مرضيءَ تي دوائون وٺي آيو آهيان. في الحال اهي کاءُ ايستائين آءُ ڪنهن ڊاڪٽر کي ٿو وٺيو اچان. مون کيس چيو ته دادا گوبند کي ٽيليفون ڪري. دادا سان ڳالهايائين، جنهن چيس ته تون اتي ئي ترس، آءُ ڊاڪٽر کي ٿو وٺيو اچان. دادا ٿوري ئي وقفي ۾ ڊاڪٽرکي وٺي آيو. ڊاڪٽر سنڌي هو ۽ ماهم جي علائقي ۾ ويهن سالن کان پرائيويٽ پريڪٽس ڪندو هو. سندس نالو هو پريم جي راجاڻي. مون کان مختصر احوال وٺي ٻه سيون هنيائين ۽ ڊاڪٽر کي پرچي ڏنائين ته هي دوائون وٺي کارايوس. اميد ته ٺيڪ ٿي ويندو. دادا ۽ ڊاڪٽر روانا ٿي ويا. دادا وڃڻ وقت چئي ويو ته آءُ شام وري ايندس ۽ تون في الحال آرام ڪر. جيڪڏهن تڪليف وڌي وڃي ته مون کي ٽيليفون ڪجو. ڊاڪٽر راڄو هيٺان دوائون وٺي آيو، جيڪي کائڻ سان مونکي ڪجهه آرام اچي ويو. تقريبا ڇهه ڪلاڪن کان پوءِ مونکي سار ٿي. پاڻ کي ڪجهه بهتر محسوس ڪيم ۽ بنا ڪنهن سهاري جي پاڻمرادو اُٿي بيٺس ۽ هليس. ڊاڪٽر کي چيم ته اسان رات جو ضرور روانو ٿينداسين، ڇاڪاڻ ته هتي وڌيڪ ترسڻ ڪري اڳتي مشڪلاتون پيش اينديون.
ڊاڪٽر ٻڌايو ته اتم جي فون آئي هئي ۽ اچڻ پي گهريائين ته مون تنهنجي طبيعت جي ناسازي ۽ آرام ۾ هئڻ جي ڳالهه ٻڌائيمانس، جنهن تي پاڻ چيائين ته عبدالحئي ننڊ مان سجاڳ ٿئي ته مونکي ٽيليفون ڪجان ۽ منهنجي طرفان مزاج پرستي ڪجان.
شام جا ڇهه ٿيا هئا ۽ اسان جي فلائيٽ رات جو يارهين وڳي ڪولمبو لاءِ وڃڻي هئي. اسان پروگرام ٺاهيو ته ساڍي اٺين وڳي هوائي اڏي لاءِ روانيا ٿينداسين. اسان ٽيليفون تي دادا گوبند کي پنهنجي پروگرام کان واقف ڪيو. دادا چيو ته آءُ توهان کي رواني ڪرڻ لاءِ هوائي اڏي تي اچان ٿو، جنهن تي اسان کيس ايتري تڪليف کان منع ڪئي.
اسان چانهن لاءِ فون ڪئي، ايتري ۾ دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي. ڊاڪٽر دروازو کوليو ته اتم اندر آيو. اچڻ شرط طبيعت بابت پڇيائين. اسان کيس سموري خيريت ٻڌائي پاڻ نهايت پنهنجائپ ۽ محبت وچان مشورو ڏنائين ته بهتر آهي ته توهان ٻه ٽي ڏينهن آرام ڪريو ۽ پوءِ اسهو. في الحال سامان وغيره کڻي هلي منهنجي گهر رهو. جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان. اُتم جي محبت واري آڇ جا ٿورو مڃيندي عرض ڪيوسين ته اسان پڪي سٽا سٽيو ويٺا آهيون، انهي ڪري اڄ رات ضرور اسهنداسين. اسان دادا کي به اهڙو اطلاع ڏيئي ڇڏيو آهي. اسان جي پڪي پهه کي ڏسي اتم چيو ته وس وارا آهيو. پاڻ چيائين ته پوءِ هلو ته هلون. اسان ٻڌايس ته اسان جي فلائيٽ رات جو ۱۱ وڳي وڃڻي آهي ۽ اسان هتان ساڍي اٺين وڳي نڪرنداسين. اسان سندس قربن جا وري به ٿورا مڃيا ۽ کيس وينتي ڪئي ته اسان رات جو اوير وينداسين انهي ڪري توهان هوائي اڏي تائين هلڻ جي زحمت نه وٺو. پر اسان جي هڪ به نه مڃيائين ۽ چيائين ته ايئرپورٽ تائين ته هر حال ۾ گڏ هلبو.
ڊاڪٽر هوٽل وارن سان حساب چڪتو ڪري آيو ۽ هوٽل وارن اسان کي سندن گاڏي به ڏني. اسان سامان سڙا سهيڙي هوائي اڏي ڏانهن راهي ٿياسين. ٻاهر هلڪي هلڪي ڦوار پئجي رهي هئي ۽ اشوڪ جي ڊگهن ۽ سهڻن وڻن مان مينهن جو پاڻي ڇرڇاٽون ڪري ٽمي رهيو هو. بمبئي ۾ اشوڪ جا وڻ تمام گهڻا آهن. باغ هجي يا بنگلو، رستو هجي يا سرڪاري عمارت هر هنڌ هي ڊگها ۽ سهڻا وڻ اوچا ڪر کنيو بيٺا هوندا. اشوڪ جو وڻ بمبئي ۾ ائين آهي جيئن ڪراچيءَ ۾ بيد مشڪ ۽ پراڻي ڪراچيءَ ۾ بڙ جا وڻ جام هوندا هئا. جيڪي گهڻا ڪپجي ويا ۽ باقي ڪي وڃي بچيا آهن. بڙ جو وڻ هن ننڍي کنڊ ۾ گوتم ٻڌ جي حوالي سان هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته ٻڌ هن وڻ جي گهاٽي ڇانو هيٺ ويهي پنهنجي فڪر جون ڦرهيون پڙهيون. هيءَ زمين کان مٿي ٿي ڦهلجڻ بعد به پنهنجو ناڀون موٽائي ڌرتيءَ ۾ کوڙي ڌرتيءَ کان ڌار نه ٿيڻ جو پيغام ڏي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هن ننڍي کنڊ ۾ ڌرتي جي ماتا ماءُ هجڻ جو تصور عقيدي طور موجود آهي ۽ ننڍي کنڊ جا سڀ فلسفا ۽ ڌرم آسمان تان لٿل نه پر ڌرتيءَ جا اُڃايل آهن.
اتم اسان کي سڄي واٽ مزيدار ڳالهيون ٻڌائيندو هليو. انهن مان هڪ ڳالهه ته مون کي اهڙي وڻي جو اڃان نٿي وسريم. پاڻ ٻڌايائين ته ورهاڱي جي وقت اسان جڏهن هتي پهتاسين تڏهن اسان مل مان ڪپڙن جو ڀريل ٻوريون جنهن اگهه ۾ وٺندا هئاسين انهي اگهه ۾ ريزڪي طور وڪڻندا هئاسين. سڄي ٻوريءَ جي وڪري تان اسان کي ٽڪو به نه بچندو هو. سڄي ڏينهن ۾ ڪيتريون ئي ٻوريون وڪڻي وٺندا هئاسين ۽ اهو نمونو هلندو رهيو. نتيجو اهو نڪتو جو گجراتي مقامي واپاري وائڙا اچي ٿيا ۽ سندن ڪاروبار ٺپ بيهي ويو. نيٺ لاچار ٿي اسان کان پڇيائون ته واپار جو هيءَ ڪهڙو طريقو آهي، جيڪو توهان سنڌين شروع ڪيو آهي. مال جنهن اگهه ۾ ڪارخاني کان وٺو، انهي اگهه ۾ وڪڻو سو بچت ته ڪجهه به ڪانه ٿيندي هوندي. سنڌين کين جواب ڏنو ته اهو راز اسان توهان کي ڏهن سالن بعد ٻڌائينداسين . انهي تي مون اتم کي چيو ته انهن کي ڀلي ڏهن سالن بعد ٻڌائڻ جو شرط رکو، پر مونکي اهو راز هينئر ئي سڻائي. جنهن تي اتم کِلي وراڻيو ته اسان وٽ پئسو بلڪل نه هو. هٿين خالي هئاسين، انهيءَ ڪري ڪارخاني وارن کان ڪپڙن جون ٻوريون وٺي ساڳئي اگهه تي وڪڻندا هئاسين. ائين ڪرڻ سان ڪپڙو ترت کپي ويندو هو ۽ اسين ڪوشش ڪري گهڻي ۾ گهڻيون ٻوريون کپائي وٺندا هئاسين جهن ڪري اسان کي ڪپڙن تان ته پئسو به نه بچندو هو پر خالي ٻوريون بچت ۾ ٿينديون هيون، جيڪي وڪڻي پيٽ گذر ڪندا هئا سين. مون کي محسوس به ٿيو ۽ معلوم به ٿيو ته سنڌي هندوئن ڏاڍين مشڪل حالتن ۾ پاڻ کي وڏي جاکوڙ ۽ ذهانت سان هڻي وڃي هتي سيٽ ڪيو آهي. هاڻي ته اهي اتان جا برک واپاري ۽ سکيا ستابا ماڻهو آهن. اسان جي ٽيڪسي بمبئي جي رستن تي ڊوڙندي اڳيان وڌندي رهي. اسان ڪي لمحا سانت ۾ رستن تي پوندڙ روشنين جي اولڙن کي ڏسندا ۽ ڪجهه سوچيندا رهياسين. اسان مان هر هڪ جي ذهن ۾ ڪهڙي سوچ رچي رهي هئي، تنهن جي ڪل صرف انهن کي ئي هئي. سوچ به سفر ڪري ٿي. هن صدين جا رڻ ۽ اجهاڳ سمنڊ جهاڳيا آهن صدين جي پيشانين تي هن جا پيرا آهن ۽ اڃان به هوءَ ٿڪجي هارجي ڪٿي نه ويٺي آهي، نه هن مات مڃي آهي ۽ نه هن مان نواڻ ڪا ذري جيتري جهڪي ٿي آهي.
اسان جي گاڏي هوائي اڏي وٽ اچي بيٺي ۽ اسان پنهنجو سامان لاٿو. ڊاڪٽر مون کي ٻانهن کان وٺي سامان تي ويهاري ڇڏيو ۽ پاڻ ۽ اتم اندر هليا ويا. ٿوريءَ دير کانپوءِ ٽرالي کڻي آيا، جنهن تي سامان رکيائون. ڊاڪٽر ٽرالي کي گهليندو هليو ۽ اتم مونکي سهارو ڏيئي هليو. سوچيم ته زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن سهارا به ڪيڏا نه ضروري ٿي پوندا آهن. نيٺ انهي گيٽ وٽ پهتاسين جتي صرف مسافر داخل ٿي سگهيا ٿي. جنهن ڪري اتم کان موڪلايوسين. موڪلائڻ قت دلين جون ڌڙڪنون تيز هيون. محبت ۽ اڪير جو عجب عالم هو.
سچ پچ موڪلائڻ مهل لفظ ڪنڊي جيئن نڙيءَ ۾ اٽڪي رهيا هئا. اتم ڳچ دير تائين اتي ئي سانت بيٺو ڪجهه گهوريندو رهيو، ائين جيئين ويندڙ قافلي جي غبار کي ڪو گهوريندو رهيو، ائين جيئن ويندڙ قافلي جي غبار کي ڪو گهوريندو آهي. هن جون نظرون شايد سنڌ تائين اسان جو تعاقب ڪرڻ لاءِ آتيون هيون. سنڌ، اها سنڌ جيڪا بنهه بيوسيءَ جي عالم ۾ هو ڇڏي آيو هو. اها سنڌ، جنهن جي فضائن ۾ سرهاڻ هئي، جنهن هن جو هن موهيو هو. جنهن سان هن جو من واڳيل هو ۽ جنهن جي شام ۾ هن جي پيار جا سپنا هئا، لطيف جون وايون هيون، ساميءَ جا سلوڪ هئا، سچل جا سڏ هئا ۽ سنڌوءَ جي امرت ڌارا هئي. اسان مُڙي کيس ڏٺو ته هو اتي ئي بيٺو هو. شايد سنڌ ڇڏڻ وقت ڪنهن ٻالپڻ جي دوست کيس به ائين ٽڪ ٻڌي ڏٺو هوندو. اسان جو جهاز بمبئي جي هوائي اڏي تان اوڏاڻو ته منهنجي من کي به جهٻي آئي پر نيڻن جا نيسارا بند ڪري ڪي گهڙيون گم سم ويهي رهيس. جهاز هوائن کي چيريندون ڪولمبو ڏانهن وڌندو رهيو.