سفرناما

ديس بديس

ھيءُ ھند جو سفرنامون، ”ديس بديس“ ھڪ نھايت دلچسپ، پيارو، پُر مغز ۽ احساسن ۽ جذبن جي نازڪ تارن کي ڇُھندڙ آھي. ھن سفرنامي جا ڪي ڪي لفظ ۽ جملا ته ايترا ڇپندڙ، تُز ۽ اثرائتا آھن جو پڙھندي دل ائين ڀِڄيو ۽ پگھريو پوي جيئن سج جي ڪرڻن سان برف پگھري پوندي آھي. ڪتاب جي منڍ وارو حصو، جنھن ۾ سپنن جي سنسار، ھندستان جي پراڻي تاريخ جا پيرا کڻندي تصور ئي تصور ۾ ليکڪ ھن صدي ۾ اچي سھيڙيو آھي، ڏاڍو وڻندڙ آھي. ھن حصي ۾ ٻوليءَ جي سُونھن ۽ سوڀيا پڙھندڙ کي يقينن موھي ڇڏيندي ۽ ھو خود تصور جي دنيا ۾ کوئجي صديون پويان ھليو ويندو ۽ پاڻ کي وقت جي پرن تي اُڏامندو محسوس ڪندو. سندس نظرن اڳيان صدين جو ھندستان پنھنجين تمام رنگينين سان جلوه گر ھوندو.
Title Cover of book ديس بديس

ٻه ٽي ڳالھيون : غلام حسين رنگريز

سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامن جي اشاعت چڱو چوکو چھچٽو مچايو آھي. ھر ماڻھو چاھيندو آھي ته ھو مُلڪان ملڪ گھمي ۽ ڏيساورن جا ڏيک ڏسي حظ حاصل ڪري. پر ھر ماڻھو جي ھڙ ۾ ايتري مُوڙي ڪٿي، جو اھو سير ڪري سگھي. پنھنجي انھي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ ھو ڏھن، پندرنھن روپين جي خرچ سان سفرناما پڙھيو حظ حاصل ڪريو وٺي.
ڪن سفرنامن جا ليکڪ ڪوشش اھا ڪندا آھن ته ڏيساور جي زندگي جا جنسي داستان اھڙي ريت بيان ڪن جو پڙھندڙن جا وات پاڻي پاڻي ٿي پون، اھو ته محض سفرنامن کي رنگين ۽ چشڪيدار بڻائڻ جو ڊائجسٽي انداز آھي. مون جڏھن عبدالحئي جو پھريون سفرنامون ”ڏوريم ڏيساور“ پڙھيو ته اُھو سفرنامون ٻين جي ڀيٽ ۾ مونکي گھڻو مختلف ۽ منفرد لڳو. اُنھي کان پوءِ سندس ٻيو سفرنامون ”ھو جي وڻ ولات جا“ ڇپيو ته اُھو به ساڳئي انداز تي لکيل ھو، جنھن مان ليکڪ جي ھڪ سلجھيل سوچ، ترقي پسند فڪر ۽ تجزياتي ذھن جو پتو پيو ٿي. ھيءُ ھند جو سفرنامون، ”ديس بديس“ به ساڳئي طرز فڪر جو ھڪ نھايت دلچسپ، پيارو، پُر مغز ۽ احساسن ۽ جذبن جي نازڪ تارن کي ڇُھندڙ آھي. ھن سفرنامي جا ڪي ڪي لفظ ۽ جملا ته ايترا ڇپندڙ، تُز ۽ اثرائتا آھن جو پڙھندي دل ائين ڀِڄيو ۽ پگھريو پوي جيئن سج جي ڪرڻن سان برف پگھري پوندي آھي.
ڪتاب جي منڍ وارو حصو، جنھن ۾ سپنن جي سنسار، ھندستان جي پراڻي تاريخ جا پيرا کڻندي تصور ئي تصور ۾ ليکڪ ھن صدي ۾ اچي سھيڙيو آھي، ڏاڍو وڻندڙ آھي. ھن حصي ۾ ٻوليءَ جي سُونھن ۽ سوڀيا پڙھندڙ کي يقينن موھي ڇڏيندي ۽ ھو خود تصور جي دنيا ۾ کوئجي صديون پويان ھليو ويندو ۽ پاڻ کي وقت جي پرن تي اُڏامندو محسوس ڪندو. سندس نظرن اڳيان صدين جو ھندستان پنھنجين تمام رنگينين سان جلوه گر ھوندو.
عبدالحئي پليجو منھنجو ويجھو دوست آھي ۽ مونکي ذاتي طرح معلوم آھي ته ھو ھڪ سُکئي ارباب گھراڻي جي فرد ھئڻ جي باوجود ھڪ سُلجھيل قومي ۽ طبقاتي سوچ رکندڙ نوجوان آھي. سندس سوچ ۽ فڪر تي سندس والد صاحب جو وڏو رنگ چڙھيل آھي. مرحوم ارباب نور محمد جھڙا سٻاجھا ۽ علم دوست ماڻھو ورلي وڏيرڪي ڪُٽنبن ۾ پيدا ٿيندا آھن.
عبدالحئي جو ھي سفرنامون جڏھن ڇپجي پڌرو ٿي پڙھندڙن تائين پھچندو ته اُن کان اڳ سنڌي پاٺڪ ھندستان جا ٽي سفرنامان جيڪي مختلف ماڻھن جا لکيل آھن پڙھي چڪا ھوندا. ھن سفرنامي جو مطالعو کين يقينن اڳين کان ڪجھه مختلف لڳندو. ھن سفرنامي جي ٻولي وڻندڙ ھئڻ سان گڏوگڏ جذبات جو ھڪ سيلاب آھي ۽ اُن ۾ ادبي رنگ ۽ روپ جون جھلڪيون به نمايان آھن. سڄي سفرنامي ۾ ليکڪ ھڪ گنڀير داستان سرائي ۾ محو رھيو آھي. پر ڪٿي ڪٿي جذباتي واردات سنڌا سيڙھا ٽوڙي ڇڏيا آھن ۽ ائين پيو لڳي ته سندس قلم جي نوڪ مان اندر جا اُڌما بي اختيار ٽپ کائي ڪاغذ تي آيا آھن. ھند پاڪ جي ورھاڱي ۽ ديسين جي لڏپلاڻ سندس دل ۽ دماغ کي اھڙو جھنجھوڙيو آھي جو بي اختيار لکي ٿو،
”تنھن سان (يعني ھند) سندم سڪ تڏھن ته ويتر وڌي ويئي ھئي جڏھن سندم وجود جي ھيرؤشما تي ڪو ائٽم بم ڪريو ھو ۽ مُون پنھنجين ٻانھن، ڄنگھن ۽ ٻين عضون کي ڌڙ کان ڌاڙ ٿي ڪوھين پري ڪرندو ڏٺو ھو.“

سر ڍونڍيان ڌڙ نانھه، ڌڙ ڍونڍيان سر نانھه
ھٿ ڪرايون آڱرين ويا ڪپجي ڪانھه.
(شاهه لطيف)

جاگرافي جي سنڌن سيڙھن ۾ محصور ٿي ويل ھيءُ پتڪڙو وجود درد مان ٻاڪارڻ لڳو.

اڏري ويا سڀ وھلور وڳر،
ڪا ڪونج نه موٽي آئي آ.
(شيخ اياز)

ھن سفرنامي ۾ وڇڙيل وطن واسين سان مُرڪن ۽ لُڙڪن واري قربائتي ڪچھرين جا داستان به آھن ته ھندستان جي موجوده معاشي ، معاشرتي ۽ سياسي صورتحال جا تجزياتي احوال به آھن. عبدالحئي جي ھن سفرنامي ۾ سياسي تجزيو ته ضرور ھوندو آھي ۽ اھائي سندس مکيه خصوصيت آھي. ھندستان جي قديم آثارن ايلورا ۽ اجنتا جي سير جو ذڪر تاريخي لحاظ کان ڏاڍو معلوماتي ۽ دلچسپ آھي.
ليکڪ جڏھن اجنتا جي غارن ۾ سندر نارين جون بھار وانگر ڦلھاڙيل تصويرون ڏسي ٿو ته سندس جمالياتي ذوق ٽڙي پوي ٿو ۽ پاڻ انھي سونھن جو ذڪر ھن دل لُڀائيندڙ انداز ۾ ڪري ٿو،
”غارن جي ديوارن تي نڪتل عورتاڻيون تصويرون، اسڪيچ ۽ رنگ روپ جي اعتبار کان پُرڪشش ۽ وڻندڙ آھن. انھن تصويرن ۾ ھندستاني سونھن جي ماکيءَ جھڙي مٺڙي رس ۽ رابيل ۽ چنبيلي جھڙي ڀيني ڀيني مھڪ آھي. ھڪ ھزار سال گذرڻ کان پوءِ به اھا مھڪ ۽ سونھن اڃان به قائم آھي. ھڪڙي غار ۾ ھڪ سھڻي وينگس جي وٽيل وارن ۾ سجايل ڦول، چپن تي پيار جي مرڪ ۽ منھن تي شفق جي ڳاڙھاڻ جا رنگ وکريل ڏسي ائين ڀانئيم ته ڪاليداس جي شڪنتلا جاڳي رھي آھي يا ميران جو گيت انساني روپ ڌاري ويٺو آھي يا عمر خيام جي رباعي پيڪر حسن ۾ جلوه گر آھي.“
ليکڪ جي حساس ذھن ۽ نازڪ جذبن جي ھن ڳالھه مان به پروڙ پوي ٿي ته انھن شاھڪارن جي ساراھ جا ڍڪ ڀري ھو ڏکيءَ دل سان انھيءَ ڳالھه جو اظھار ڪري ٿو ته افسوس اھو آھي ته جن ھٿن اھي چتر چٽيا سي گمنامي جي ڪوھيڙي پويان گم ٿي ويا. سندن شاھڪار ته موجود آھن پر فنڪارن جي نالن کان ڪير به واقف ڪونھي. شايد ڪنھن سچ چيو آھي ته:

”تخليق کي تخلقيڪار کان وڌيڪ امرتا يا ابديت حاصل ھوندي آھي.“

ليکڪ اجنتا ۽ ايلورا کي گھمندي رڳو انھن جو مٿاڇڙو ذڪر نه ڪيو آھي پر انھن چترن ۽ مورتن مان ڪي معنى جا موتي به ميڙيا اٿس. جنھن مان سندس فڪري بلندي ۽ ڏاھپ جي سڌ پوي ٿي. سفرنامون پڙھندي پاٺڪ کي اھڙا ڏاھپ جا اھڃاڻ (intellectual Touches) جڳھه جڳھه نظر ايندا جيڪي پڙھندڙ کي رڪجي ڪجھه سوچڻ تي مجبور ڪندا. اجنتا غار ۾ ھڪ ھرڻ جي تصوير کي ڏسندي ليکڪ لکي ٿو:
”ھڪ مرڪزي ٿنبي تي ھڪ عجيب ۽ پُرڪشش اُڪريل چتر آھي جنھن ۾ چار ھرڻ مختلف بيھڪن ۾ ڏيکاريل آھن پر چئني جو مٿو ھڪ آھي. ھن مُورت کي ڪٿان به ڏسبو ته ھرڻ مڪمل نظر ايندو. جيڪڏھن ڳوڙھو ويچار ڪبو ته ھن مورت مان اھو سنديش يا پيغام ملي ٿو ته ڪثرت ۾ وحدت سمايل آھي. اھو فلسفو ھندي ۽ اسلامي تصور ۾ ھڪ ئي رنگ روپ ۾ موجود آھي.“ (ص 109)
لطيف سائين به ائين ٻڌايو آھي ته:
وحدت تا ڪثرت ٿي ڪثرت وحدت ڪل.“
ھن قسم جي نڪته بيني ۽ نڪته بياني سفرنامي کي ھڪ دانشورانه رنگ ڏيئي ڇڏيو آھي. انھي ڪري ھي سفرنامون غور ۽ فڪر سان پڙھڻ ۽ ھينئين سان ھنڍائڻ جھڙو آھي.
ليکڪ ھندستان ۾ دادا گوبند، اُتم، سُندري ۽ سندس ڳوٺاين سيٺ مولچند، ڪندن مل چوئٿرام سان ملاقاتن جو ذڪر نھايت جذباتي انداز ۾ بيان ڪيو آھي، جيڪا ڳالھه سڀاويڪ آھي. سندس ھي سٽون ڪيڏي نه معنى رکن ٿيون:
”ٻنو، منھنجو ڳوٺ جيڪو دريا جي ڪپ تي آھي ۽ سانوڻ جي مُند ۾ جنھن جي چوڌاري ٻڌل ٻني (بند) سان مھراڻ جون مست ڇوليون ٽڪرائبيون ھيون پر ڪندن مل جي ڪوٺي کي ڪڏھن به ڪو جوکم نه رسيو. پر ھو نفرتن جو سيلاب آيو تنھن صدين جي پاتال ۾ پيل پاڙن کي به اُکيڙي ڇڏيو.“ (ص 48)
ھندستان جي ھڪ شھر جل گاؤن ۾ سنڌ جي مشھور ۽ مھا گائڪ شھيد ڀڳت ڪنور رام جي نالي تي قائم ڪيل يادگار سينٽر کي ڏسندي ليکڪ جي دل روئڻھارڪي ٿي پوي ٿي ۽ ھُو پنھنجي ديس ۾ پنھنجي بي وسي جي دُک جي بار ھيٺ پاڻ کي دٻيل محسوس ڪري ٿو. انھيءَ بي وسيءَ جو اظھار ڪندي ھُو آسروند به لڳي ٿو ۽ لکي ٿو:
”ھيءُ سينٽر ڏسي خوشي ٿيم پر پنھنجي ماڻھن جي حال تي ملال ٿيم ته اسان وٽ شھيد ڀڳت ڪنور جھڙي صوفي منش انسان لاءِ جيڪو ڳائڻ کان پوءِ مليل پئسا ضرورتمندن اڳيان مسلمان ۽ ھندو جي فرق کان سواءِ ڦھلائي ڇڏيندو ھو، ڪا به يادگار قائم نه ڪئي وئي آھي. امر ڀڳت ڪنور ته سنڌ جي مٽيءَ جو جُڙيل ھو ۽ اِنھيءَ مٽي ۾ دفن ٿيو پر نفرتن جي ھن نگر ۾ ھھڙي معصوم انسان کي محبت جي مڃتا نه ملي سگھي. اُھي ھٿ ڪيڏا نه ظالم، بي رحم ۽ ڪٺور ھئا جن ھھڙي پوتر شخص کي شھيد ڪيو.
اُھو وقت دُور نه آھي جو سنڌي پنھنجي وڃايل وٿ ورائي واپس وٺندا ۽ پنھنجي راڄ، ڀاڳ جا ڌڻي پاڻ ٿيندا. پوءِ ڪا به قوت سنڌ جي ريڊيو تان ڀڳت ڪنور جي ڪلام نشر ٿيڻ کان روڪي نه سگھندي.“
ھيءُ سفرنامون پڙھندڙن کي ھند جو سير به ڪرائيندو ته ساڻن اندر جا حال به اوريندو. اھڙي ريت پڙھندڙ حظ به حاصل ڪندا ۽ پنھنجن جذبن ۽ احساسن جو اولڙو به پسندا.


[b]غلام حسين رنگريز
[/b]31 آڪٽوبر 1986ع