سفرناما

ديس بديس

ھيءُ ھند جو سفرنامون، ”ديس بديس“ ھڪ نھايت دلچسپ، پيارو، پُر مغز ۽ احساسن ۽ جذبن جي نازڪ تارن کي ڇُھندڙ آھي. ھن سفرنامي جا ڪي ڪي لفظ ۽ جملا ته ايترا ڇپندڙ، تُز ۽ اثرائتا آھن جو پڙھندي دل ائين ڀِڄيو ۽ پگھريو پوي جيئن سج جي ڪرڻن سان برف پگھري پوندي آھي. ڪتاب جي منڍ وارو حصو، جنھن ۾ سپنن جي سنسار، ھندستان جي پراڻي تاريخ جا پيرا کڻندي تصور ئي تصور ۾ ليکڪ ھن صدي ۾ اچي سھيڙيو آھي، ڏاڍو وڻندڙ آھي. ھن حصي ۾ ٻوليءَ جي سُونھن ۽ سوڀيا پڙھندڙ کي يقينن موھي ڇڏيندي ۽ ھو خود تصور جي دنيا ۾ کوئجي صديون پويان ھليو ويندو ۽ پاڻ کي وقت جي پرن تي اُڏامندو محسوس ڪندو. سندس نظرن اڳيان صدين جو ھندستان پنھنجين تمام رنگينين سان جلوه گر ھوندو.
Title Cover of book ديس بديس

2

اسان ڪائونٽر تي ويٺل ڇوڪريءَ کي چيو ته اسان کي ھن ھوٽل ۾ ٻه الڳ الڳ سنگل بيڊ ڪمرا کپن. توھان ٽيليفون ڪري ھوٽل جي رسيپيشن تي ويٺل ھمراھ سان اسان کي ڳالھرايو. ڇوڪري يڪدم نمبر ملائي خود به ڳالھايو ۽ اسان سان به ڳالھرايو. اسان رسيپيشنٽ سان ڳالھائيندي کيس ٻڌايو ته اسان سنڌ کان آيا آھيون ۽ اسان جي دوستن خليل بچاڻيءَ، حاجي بابو ۽ حميد اسان کي اوھان ڏانھن ريفر ڪيو آھي. ھن وراڻيو توھان ڀلي ڪري اچو، اسان توھان جو اوسيئڙو ڪنداسين، اسان کيس ھوٽل جي چيڪ آئوٽ ٽائيم جو پڇيو وراڻيائين ته ڏينھن جي ٻارھين وڳي کان شروع ٿيندو آھي. اسان چيس ته پوءِ ھن وقت رات جا ٽي وڳا آھن، پوءِ اسان سان ڪھڙو حساب ٿيندو. ھُن چيو سائين توھان ڪو به فڪر نه ڪريو جيئن توھان چوندا تيئن ڪنداسين. توھان اتي ئي انتظار ڪريو اسان جي گاڏي توھان کي کڻڻ ٿي اچي. اٽڪل اڌ کن ڪلاڪ کان پوءَ ھوائي اڏي جي ٻاھر ھوٽل وارن جي گاڏي پھچي ويئي. ڪائونٽر تي ويٺل محترمه اسان کي ٻڌايو ته گاڏي پھچي چُڪي آھي ۽ ھيِءُ آھي ڊرائيور، اسان سامان کڻائي ٻاھر نڪتاسين. اسان سڌا اچي ڪار ۾ ويٺاسين جيڪا پڪ اپ جي نموني جي ھئي. گاڏي جو ڊرائيور ھڪ سنھڙو مرھٽو ھو جنھن کي ھوٽل جو يونيفارم پھريل ھو. اسان ساڻس اردو ۾ ڳالھايو پاڻ اسان جي سوال جو جواب ڏيڻ بعد يڪدم پڇيائين، ”صاحب، ڇا توھان ھندي به ڄاڻندا آھيو؟“ جيڪڏھن تُون انھي کي ھندي ٿو سمجھين ته ھا اسين اھا ھندي ڄاڻندا آھيون.“ اسان وراڻيس، ”پر اھا ھندي جيڪا بي بي سي تان ايندي آھي سا مڙيئي گھٽ ٿا ڄاڻيون.“ وڌيڪ وضاحت ڪندي چيوسين. اسان ھندستان ۾ اٽڪل ٻارھن ڏينھن رھياسين اُتي جي عام ٻول چال واري ھندي ۽ ھتي جي اڙدو ۾ چند لفظن کان سواءِ ٻيو فرق محسوس نه ڪيوسين. ھندستان جو فلمون جيڪي اڄڪلھه اسان جي ملڪ ۾ وي سي آر تي عام جام ھلن ٿيون سي ٻولي جي لحاظ کان پاڪستاني اڙدو فلمن جھڙيون آھن. انھن فلمن جا گانا جيڪڏھن ھندي سروس ۾ نشر ٿين ته ٿيا اڙدو. انھي ڪري ئي مُون ھن مرھٽي ڊرائيور کي چيو ته اھا تو واري ھندي ته اسان پاڪستان ۾ سڄو ڏينھن پيا ڳالھايون. ھمراھ کي شايد ڳالھه دماغ ۾ ڪانه ويٺي سو چپڙي ڪري ويھي رھيو.
ستر ڪروڙ انسانن جي آباديءَ وارو ھي ملڪ ٻاويھه صوبن تي مشتمل آھي. سندس سرحدون چين کان وٺي سنڌ تائين پکڙيل آھن. سندس تاريخ جي آسمان تي ڪيترن ئي ڏاھن، سياڻن، ڪوين، چترڪارن ۽ فنڪارن جي ڪھڪشان چمڪي رھي آھي. ھندستان کي ماڻھو دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو مغربي سرمائيداري طرز جو جمھوري ملڪ سڏين. جمھوريت جو پاڙون ھن ملڪ جي سياسي زندگي جي گھراين ۾ پئجي ويون آھن. اِھوئي سبب آھي جو دل ڏڪائيندڙ ھنگامه آراين جي باوجود به ھن ملڪ ۾ ھيستائين ڪڏھن به فوجي راڄ نه اچي سگھيو آھي. جمھوري آزادين جي ڪري عوام جي سياسي شعور جي اوسر ٿي آھي.
پاڪستان ۾ بئنڪون، ڳري انڊسٽري انشورنس ۽ شپنگ ڪمپنيون قومي ملڪيت ۾ ورتل آھن پر ھندستان ۾ ائين نه آھي. اُتي ڪي بئنڪون قومي ملڪيت ۾ آھن ته ڪي پرائيوٽ سيڪٽر ۾. ھندستان ۾ وڏي انڊسٽري تقريبن سموري پرائيوٽ سيڪٽر ۾ آھي. انھي ڳالھه جو اندازو ھن مان لڳايو ته ھندستان جي وڏي ۾ وڏي اسٽيل مل نجي شعبي ۾ آھي. اھوئي سبب آھي جو سماجوادي ملڪن سان گڏوگڏ سرمائيدار ملڪ قرض ۽ امدادن ۾ ھندستان جي وڏي ٽيڪ ڪندا آھن. ورلڊ بئنڪ جيڪا مغربي سرمائيدار ملڪن جي دولت تي ھلندڙ آھي تنھن ھيستائين جيڪو ھڪ ئي وقت وڏي ۾ وڏو قرض ڏنو آھي سو ھندستان کي ڏنو آھي.
آمريڪا کانسواءِ سڀ سرمائيدار ملڪ ھندستان کي ھٿيار به وڪرو ڪن. ھندستان غير جانبدار ملڪن جي تنظيم جو سرگرم رُڪن آھي ۽ غير جانبدار دنيا ۾ سندس چڱو موچارو مقام آھي. ڪيتريون غيرجانبدار ملڪن جون ڪانفرنسون ھندستان ۾ ٿي چڪيون آھن. ٻي طرف ھندستان روس سان ويھه سال دوستي جي معاھدي ۾ به شامل آھي ۽ روس کان وڏي پيماني تي ھٿيار خريد ڪندڙ ملڪن مان ھڪ آھي. ھندستا جو سربراھ جيڪڏھن روس جو دورو ڪري ته يڪدم وري آمريڪا ۽ برطانيه جو چڪر به لڳائي. جيڪڏھن آمريڪا وڃي ته وري روس تان ڦيرو ضرور ڪري، آمريڪا ۽ روس جا سربراھ به سيڙجي بذات خود ھن ڀُونءِ تي ڀيرو ڪن. روس جو اڳوڻو صدر برزنيف ھتي آيو ته جلدي ئي پوءِ آمريڪا جو صدر ڪارٽر به دوري تي ھندستان آيو. اِنھي مان عالمي سياسي وايو منڊل ۾ ھندستان جي اھميت جو پتو پوي ٿو. انگريزي راڄ جي بيٺڪ ھُئڻ ڪري ھيءُ ڪامن ويلٿ (دولت مشترڪه) جو به ميمبر آھي. ڪامن ويلٿ ۾ به سندس ڪافي وزندار پوزيشن آھي.
آزاد ٿيڻ کان وٺي ھيستائين ھندستان ۾ ڪانگريس پارٽي جو راڄ رھيو آھي سواءِ اُنھن اڍائي سالن جي جن ۾ جنتا پارٽي اقتدار ۾ آئي، جنتا پارٽي اليڪشن کٽڻ کان پوءِ حڪومت جون واڳون سنڀاليون ته سھي پر اقتدار واريءَ جي مُٺ وانگي آڱرين جي وٿين مان وھي وين. شابس ھجي ڪانگريس کي جنھن چونڊن ۾ ڏنل عوام جي فيصلي کي قبول ڪندي اقتدار جنتا پارٽي ۾ ڪا به ريڙ پيڙ نه ڪئي ۽ نه وري حق حڪومت جتائيندي اھو چيو ته اسان ئي ھندستان کي مستحڪم رکي سگھون ٿا. جيڪڏھن اسان کان اقتدار ورتو ويو ته مُلڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو. نه ئي وري ڪانگريس اھا گھُر ڪئي ته اسان کي به ڪُجھه حصو پتي ڏيو. نه ڪا ھُئي، ”اُدھر تم اِدھر ھم“ جي ڳالھه، نڪا ڌرم خطري جي واويلا ۽ نه مُلڪ ٽٽڻ جو مامرو. لوڪ راڄ (جمھوريت) ۾ ٿيندو ائين ئي آھي ته راڄ بادشاھ آھي وڻي جنھن کي چاڙھي، وڻي جنھن کي ڊاھي. سو ڪانگريس به لوڪ شاھي جي اصولن جي لڄ رکندي کڻي چپڙي ڪئي ۽ اقتدار جي ڪُرسي تي جنتا وارا اچي ويٺا. اِھي ھمراھ پاڻ ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي ٿي گڏيا ھئا سو سندن پاڻ ۾ ئي نباھ نه ٿي سگھيو. حالتون اچي اِنھي نقطي تي رسيون جو وقت کان اڳ ۾ اليڪشنون ڪرائڻيون پئجي ويون جنھن ۾ وري ڪانگريس ميدان ماري ويئي
صبر جنھين جو سير تير نه گسي تن جو
جنتا پارٽي جي راڄ دوران ھڪ اھڙو عجيب و غريب انڪشاف ٿيو جنھن پُوري دنيا کي اچرج ۾ وجھي ڇڏيو. جنتا پارٽي جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم مرارجي ڊيسائي بيان ڏنو ته ھُو روزانه صبح جو سوير پيشاب جو گلاس پيئندو آھي ۽ اھا ڪارگذاري سالن کان ھُو ڪندو رھيو آھي ڇاڪاڻ ته پيشاب صحت لاءِ فائديمند آھي. اِنھي عجيب و غريب انڪشاف ماڻھن جا طاق وڄائي ڇڏيا ته ھن مھذب دنيا ۾ ائين به ٿيندو آھي. ڊيسائي جي انھي بيان ۽ عمل جي پٺڀرائي ۾ ميڊيڪل سائنس جو ڪو به دليل نه آھي ڇاڪاڻ ته دنيا جي لئبارٽرين ۾ پيشاب جون اڻ ڳڻيون چڪاسون ٿي چڪيون آھن جن مان اھڙو ڪو سراغ نه مليو آھي ته پيشاب مفرح صحت ۽ آب آھي.
ھندستان ستر ڪروڙ ماڻھن جو ملڪ آھي، جنھن ۾ اٽڪل ڏھ ڪروڙ مسلمان آھن. وزارت جي ويھن وزيرن ۾ ھڪ مسلمان وزير اي.بي. اي غني خان چوڌري به آھي جنھن وٽ ريلوي جو کاتو آھي. ھن کان اڳ ۾ ڊاڪٽر ذاڪر حسين ۽ احمد علي ڇاڳلا ھندستان جا صدر به رھي چڪا آھن. ھندستان ۾ ڪا به ڌرمي يا مذھبي حڪومت نه آھي پر اُتي سيڪيولر سرشتو آھي، جنھن ڪري سڀني مذھبن جا ماڻھو ملڪ جا ھڪ جھڙا شھري آھن. منجھن مذھب جي بنياد تي ڪا به وڏ ننڍائي نه آھي. دنيا جا سڀئي ملڪ سواءِ اسرائيل ۽ پاڪستان جي سيڪولر ملڪ آھي. اسان وٽ خاص مقصد تحت ھڪ مخصوص گروھ طرفان سيڪولرزم جي خلاف پروپيگنڊا ھلائي عوام ۾ گمراھي پيدا ڪئي ويئي آھي ته سيڪولرزم جو مطلب آھي لادينيت يعني سيڪولرزم اچڻ سان دين ختم ٿي ويندو. ھن جُڙتو ۽ واھيات پروپئگينڊا جو پول تڏھن ئي پڌرو ٿيو وڃي جڏھن ماڻھو ٿورو ويچار ڪري ٿو ته دنيا جي سڀني ملڪن ۾ سيڪيولر سرشتو آھي پر دين ۽ مذھب ڪٿي به ختم نه ٿيو آھي. سيڪيولرزم جو مطلب آھي حڪومت جو اھڙو نظام جنھن ۾ مذھب جو دخل نه ھُجي، عوام پنھنجي چونڊيل نمائندي جي ذريعي حڪومت جون پاليسيون، قانون قاعدا ٺاھن ۽ ھلائين. ملڪ جا سڀئي باشندا مذھب جي فرق کان سواءِ مڪ جا ھڪجھڙا شھري ھُجن. ملڪ ۾ سڀني مذھبن کي ھڪ جيتري آزادي حاصل ھُجي. ڪير به ڪنھن کي مذھبي برتري جي بار ھيٺ دٻائي نه رکي. ٻي معنى ۾ لڪم دين ڪم ولي دين وارو سرشتو ھجي يعني توھان جو دين توھان وٽ ۽ اسان جو دين اسان وٽ. اِنھيءَ ۾ ڪو شڪ نه آھي ته ايشيا ۾ ھندستان ھڪ مثالي سيڪيولر جمھوري رياست آھي. دنيا ۾ شايد ھندستان ئي اُھو واحد ملڪ آھي جتي سڀني مذھبن جي مقدس ڏيھاڙن تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل ٿيندي آھي. مثال طور

ھندن جا وڏا ڏينھن

1.ھولي
2. رام نومي
3. جنم اشمتي، جنھنکي سنڌي ۾ ٿڌڙي جو ڏينھن چون
4 دسھڙو
5 ڏياري
6 گوارڌنا پُوجا

مسلمانن جا وڏا ڏينھن جن تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل ٿئي ٿي

1.محرم الحرام
2. عيدالفطر
3.عيدالاضحى

ٻڌن جا مذھبي ڏينھن

1.ٻُڌ پُورنيما

عيسائين جو مقدس ڏينھن

ا.ڪرسمس

جين مذھب وارن جو مقدس ڏينھن

1.مھاوير جئينتي (Mahaveer Jayanti)

پورچوگيزن جو مذھبي ڏينھن

1.سينٽ فرانس جي تقريب 3 ڊسمبر
Feast of St. Francis Xaries
2.فيسٽ آف آور ليڊي امئڪيوليٽ ڪنسپيشن 8 ڊسمبر
Feast of our lady of Imaculate Conception

اھي ته آھن ڌرمي ڏھارا جن تي سموري ھندستان ۾ عام موڪل ٿئي پر انھن کان علاوه ٻيا ڪيترا قومي ڏينھن آھن جن تي عام موڪل ٿئي.
ھندستان موجوده دنيا ۾ جاگرافيائي، سياسي، ٽيڪينڪل ترقي ۽ آرٽ و فن جي لحاظ کان وڏي اھميت رکندڙ ملڪ آھي . مثال طور:

1. آدمشماري جي لحاظ کان دنيا جو ٻيو نمبر وڏو ملڪ آھي (پھريون نمبر چين آھي)
2. جمھوريت جي لحاظ کان دنيا جو نمبر پھريون جمھوري ملڪ آھي.
3. ائٽمي ترقي جي لحاظ کان ھيءُ دنيا جو ڇھون نمبر ملڪ آھي(پھريون آمريڪا، ٻيو روس، ٽيون برطانيه، چوٿون فرانس ۽ پنجون چين)
4. خلائي ترقي جي ميدان ۾ ستون نمبر ملڪ آھي (پھريون روس، ٻيو آمريڪا، ٽيون برطانيه، چوٿون فرانس پنجون چين ۽ ڇهون جاپان).
5. زرعي ۽ صنعتي ترقي جي ميدان ۾ پهرين صف جي ملڪن ۾ شامل سمجهيو وڃي ٿو.
6. فوجي ۽ سياسي اعتبار کان هندي وڏي سمنڊ جي تمام وڏي طاقت ڳڻجي ٿو.
7. فوجي سگهه جي لحاظ کان دنيا جي طاقت ترين ملڪن ۾ سندس نالو ڳڻيو وڃي ٿو. هن جي اٽڪل ٻارهن لک باقاعده فوج آهي.
8. ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان هتي سُئي ڌاڳي کان وٺي ايٽم بم تيار ٿئي ٿو. هر جديد اليڪٽرانڪ شيءِ هتي جي ئي تيار ٿيل استعمال ڪئي وڃي ٿي. صنعتي طرح به هندستان ايترو پاڻ ڀرو آهي جو هر شئي ديسي استعمال ۽ وڪرو ڪئي وڃي ٿي.
9. آرٽ ۽ فن ۾ خاص طرح مشرقي ملڪن ۾ هيءُ سڀني ملڪن کان اڳڀرو آهي.

منهنجو مقصد هندستان جي ترقي جي تاريخ لکڻ نه آهي، انهيءَ ڪري انهيءَ ڳالهه کي مختصر ذڪر بعد اتي ڇڏي اچان ٿو وري پنهنجي سفر جي ڳالهه تي.
”اسان جي گاڏي هوائي اڏي وارو علائقو ڇڏي شهر ڏانهن هلڻ لڳي ته رستي جي ٻنهي پاسن عجيب نظارو ڏٺم ته ميلن تائين ڪچيون جهوپڙيون پکڙيون پيون هيون جيڪي ڪپڙي، لوهه جي پترن، پلاسٽڪ ۽ ڪاٺ جون ٺهيل آهن. اهي جهوپڙيون ايتريون ته هيون جو اندازو لڳايم ته لکين ماڻهو انهن گهرن ۾ رهندا هوندا. رات جي سانت ۾ اها بستي جيئرن انسانن جو قبرستان پي لڳي. بمبئي شايد دنيا جو واحد شهر آهي جنهن ۾ داخل ٿيندي ئي اکيون اهڙي ڏکوئيندڙ منظر جي ڪنڊن سان زخمي ٿيو پون. مون هڪ ڀيرو انهيءَ ڳالهه جو ذڪر دادا گوبند سان به ڪيو ته هند سرڪار ڇو نٿي انهن ماڻهن کي لڏائي ٻئي هنڌ ويهاري جو ٻاهران ايندڙ سياح خراب تاثر نه وٺي سگهن. دادا مرڪي وراڻيو:
”مجال آهي جو ڪير هتان هنن کي تڙي ڪڍي سگهي. هڪ ته هنن جون پنهنجون تنظيمون آهن جيڪي بي دخلي کي روڪين ٿيون ۽ ضرورت مطابق ڪورٽن مان اسٽي آرڊر ( روڪ حڪم) وٺيو اچن ۽ ٻئي ڳالهه ته اسان وٽ ڪنهن به ماڻهوءَ کي ايستائين گهر کان بي گهر نٿو ڪري سگهجي جيستائين ان کي رهائش جي سهولت اڳواٽ مهيا نٿي ڪئي وڃي. ائين نه آهي ته ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏنڊي جي زور سان بي دخل ڪري ڇڏجي پوءِ اهو ڀلي ٻچا وٺيو پيو در در جا ڌِڪا کائي.
هنن ماڻهن کي آباد ڪرڻ لاءِ شهر کان ٻاهر حڪومت زمين وٺي گهرن ٺهرائڻ جي اسڪيم تيار ڪئي آهي. جيئن جيئن اهي گهر تيار ٿيندا ويندا تيئن هنن کي اوڏانهن موڪليو ويندو. پر جيڪڏهن وري ڪي نوان لڏي اچي لٿا ته ڳالهه ڳُڙهه ٿي ويندي.“
رات جو وقت هو انهي ڪري شهر جي رستن تي ٽريفڪ جي پيهه ڪانه هئي. ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ گاڏي ڏسڻ ۾ آئي ٿي. بمبئي وڏين اوچين عمارتن جو شهر آهي، اوچين عمارتن مان ليئا پائيندڙ روشني ڏاڍي وڻندڙ پئي لڳي.
اسان اٽڪل چار منٽن جي سفر بعد هوٽل پهتاسين. استقباليه تي ويٺل شري ڀڳوانداس ڀليڪار ڏني. حالي احوالي ٿياسين. اسان کان حميد، خليل ۽ حاجي بابوءَ بابت پڇيائين. اسان هنن جي خير عافيت جو احوال ڏنوس ۽ چيوسين ته ڀاءُ اوير ٿي ويئي آهي. في الحال آرام ڪرڻ جي اجازت ڏي پوءِ پيا خبرون چارون ڪنداسين، في الحال اسان جا پاسپورٽ وٺ ۽ ويٺو پڙهه. ڊاڪٽر راڄي تاڪيد ڪيس ته سڀاڻي 9 وڳي اسان کي ضرور جاڳائج ته جيئن اوهان جي پوليس جي حاضري ڀري سگهون.
رات جا پويان پهر اسان سُک جي ننڊ ۾ گهاريا. صبح ستين وڳي ڊاڪٽر راڄي ننڊ مان جاڳائي چيو ته اُٿ چانهه پيءُ. مون چيس ته ٿورو ترس، برش ڪري چانهه پيتم ۽ پوءِ ٻين تيارين ۾ لڳي وياسين.
هوٽل ائٽلانٽڪ تارا بيچ تي سمنڊ جي نظاري مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ هوٽل تان لهي هيٺ وڃڻو پوي ٿو. هوٽل جي مسواڙ اٽڪل ساڍا ٽي سو روپيه پاڪستاني ٿيا ٿي. هيءَ ٿري اسٽار هوٽل چڱي آرامده هئي. ڪمرا ڪشاده ۽ سهڻا سجايل هئا. هر ڪمري ۾ موسيقي ۽ ٽيليفون جو بندوبست به هو. جيئن هوٽل سنڌي هندوئن جي ملڪيت هئي انهيءَ ڪري آڌرڀاءُ لاءِ ويٺل همراهه به سنڌي هئا. باقي ٻيو عملو ته وڻ وڻ جي ڪاٺي وانگيان، ڪو مرهٽو ته ڪو مارواڙي، ڪو سِک ته ڪو بنگالي هو. گهڻو ڪري سڀ اردو ڳالهائيندا هئا ۽ لهجي ۾ اختلاف پڌرو هوندو هو.
اسان استقباليه تي ويٺل همراهه کي ڪمري تان ئي ٽيليفون ڪري چيو ته اسان کي دادا گوبند جو ۽ جل گائون جو نمبر وٺي ڏي. ٿوري دير ۾ دادا گوبند جو نمبر وٺي ڏنائين جتي ڪنهن ٻڌايو ته هي دادا جو نه پر سندس وڏي ڇوڪر وجئي جو گهر آهي. جيڪو هن وقت گهر ۾ نه آهي پر توهان کي فيڪٽري تي ملندو. باقي جل گائون جي لاءِ همراهه ٻڌايو ته اهو اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ملندو. جل گائون ۾ مون کي سيٺ ڪُندن مل سان ڳالهائڻو هو جيڪي اصل منهنجي ڳوٺ ٻني جا هئا ۽ پوءِ ورهاڱي جي وڏي اٿل ۾ لُڙهي اچي مهاراشٽر جي ڳوٺ جل گائون ڀيڙا ٿيا هئا. ٻنو، منهنجو ڳوٺ جيڪو درياءَ جي ڪپ تي آهي ۽ سانوڻ جي مند ۾ جنهن جي چوڌاري ٻڌل ٻني (بند) سان مهراڻ جون مست ڇوليون ٽڪرائبيون هيون، پر ڪندن مل جي ڪوٺي کي ڪڏهن به جوکم نه رسيو. پر هو جو نفرتن جو سيلاب اُٿليو هو تنهن صدين جي پاتال ۾ پيل پاڙن کي به اُکيڙي ڇڏيو هو. پر من پاتال ۾ پيل مٽيءَ جي محبت اڄ به هنن جي جيون مُوڙي آهي جنهن کي هو ساهه سان سانڍيو اچن.

آءٌ ڪيئن ڇڏيان سومرا تن پهنوارن پچار
جَڙ جنهين جي جيءَ ۾ لڳي ريءَ لوهار
سيخون محبت جون هينئڙي منجهه هزار
پکا ۽ پهنوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا.
شاهه لطيف

مون ڪندن مل کي اسان جي هندستان اچڻ جو اطلاع خط ذريعي اڳواٽ موڪلي ڇڏيو هو ۽ هاڻي ٽيليفون تي کين رڳو پهچ جو اطلاع ڏيڻو هو. اٽڪل ويهه منٽن بعد ٽيليفون نمبر مليو ۽ ڪندن مل سان گفتگو ٿي. جيتوڻيڪ ڪندن سان منهنجي ذاتي طرح هن کان اڳ ڪابه ملاقات ٿيل نه هئي. صرف هڪ ڳوٺاڻي ۽ هم قوم سنڌي هئڻ جو رستو هو جنهن ڪري اسان ڏُور هوندي به هڪ ٻئي کي ويجهو ٿي محسوس ڪيو. مون مٽيءَ جي ڇِڪ ۽ سِڪ جي فلسفي کي هينئر عملي طرح پنهنجي اندر ۾ صورت پذير ٿيندي ڏٺو. جڏهن خشڪي، هوائي ۽ سامونڊي فاصلن کي سِڪ جي سفر جي ٻِرانگهه هيٺ ڏٺم ته لطيف ياد پيم:

ڪي ڏور به اوڏا سپرين، ڪي اوڏائي ڏور،
ڪي چڙهن نه چت تي ڪي وسرن نه مور،
جيئن مينهن ڪُنڊي جا پور، تيئن دوست وراڪا دل ۾.

هڪڙا ماڻهو اُهي آهن جيڪي اسان جي وائڻن وستين ۽ شهرن ۾ اچي آباد ٿيا آهن، پر اسان کي اوڏا هوندي به ڪوهين ڏور آهن. انهن جي اوڙائپ سرير ۾ سيل، مٿي ۾ جونءِ ۽ اک ۾ ڪٽر آهي. جسم جو ڪوبه عضوو انهن کي قبولڻ لاءِ تيار نه آهي.
ڪندن مل کي پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏنم ۽ چيم ته جل گائون به اچبو. پاڻ ڏاڍو سرهو ٿيو ۽ بار بار تاڪيد ڪيائين ته جيترو جلد ٿي سگهي ته جل گائون اچجو. مون ٻڌايس ته اسان جو سفري سٽاءُ ڪجهه ڊگهيرڙو آهي ۽ هندستان ۾ ٿوري عرصي لاءِ ترسنداسين پر توهان جي درشن ڪاڻ جل گائون ضرور اينداسين. مون کيس هي به ٻڌايو ته دادا گوبند جي نمبر تي ٽيليفون ڪئيسين پر اهو نمبر داد جو نه پر سندس وڏي پٽ جي گهر جو هو جتان وراڻي ملي ته توهان هوٽل تي ئي انتظار ڪريو. اسان دادا کي اطلاع ڪري ٿا ڇڏيون هو خود ئي هوٽل تي پهچي ويندو. انهي تي ڪندن مل مونکي دادا جو نمبر ڏنو ۽ مون انهيءَ تي ٽيليفون ڪئي ۽ دادا سان رابطو قائم ٿي ويو. دادا آڌر ڀاءُ کانپوءِ هوٽل جو پار پتو پڇيو ۽ چي ته آءٌ جلد ٿو هوٽل پهچان توهان ٿورو انتظار ڪجو.
دادا اڌ ڪلاڪ اندر هوٽل پهچي ويو ۽ ڏاڍا ڀاڪر پائي وڏي اُڪير سان مليو. دادا جي ڀاڪرن ۾ مون محسوس ڪيو ته مون کي منهنجو ڪٽيل بازو ملي ويو آهي. دادا جي جذباتي آڌر ڀاءُ ۽ ڀاڪر مان ائين به محسوس ڪيم ته دادا منهنجي وجود مان پنهنجي ماتر ڀوميءَ جي مٽيءَ جي مهڪ سنگهي رهيو آهي. کيڪار ۽ حال احوال اورڻ بعد دادا نهايت سچيءَ دل سان پنهنجائپ وارو رويو اختيار ڪندي چيو ته، ”هلو بابا، هلي منهنجي گهر رهو.“
”پنهنجي گهرن هوندي هوٽلن تي رهڻ چڱو نٿو لڳي. توسان ته تنهنجي ۽ تنهنجي بابي جي ڪري ٻٽا ناتا آهين ۽ جل گائون مان ڪندن مل به ٽيليفون ڪري تنهنجي تاڪيد ڪئي آهي. انهي ڪري هينئر ئي ٿا ٽپڙ سهڙيون ۽ گهر هلون. پوءِ ٿا هلي پوليس ۾ داخلا رکايون.“
آءٌ ته دادا جي خلوص اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري رڳو ڊاڪٽر کي ڏسندو رهيس ڇاڪاڻ ته اچڻ مهل ڊاڪٽر سان وعدو ٿيل هو ته ڪٿي به ڪنهن دوست جي گهر نه رهبو، سفر دوران رهائش هوٽل ۾ ئي رکبي. سو سُجهيم نه پيو ته ڪهڙي ريت دادا کي ريجهائي وٺان جو هو گهر وٺي وڃڻ واري ڳالهه تان هٿ کڻي وڃي. نيٺ دادا کي عرض ڪيم ته، ”دادا! توهان جو گهر اسان جو پنهنجو گهر آهي ۽ توهان کان ڪابه وڇوٽي ڪونهي.“
”اسان هوٽل جي ڪمري وغيره جا پئسا ڏيو ويٺا آهيون ۽ هتي آرام به آهي. باقي اسان سمورو وقت توهان سان گڏ هونداسين صرف سمهڻ جي وقت تي هتي اينداسين.“
دادا گوبند هڪ پُر وقار شخصيت جو مالڪ ۽ سُڌ ٻُڌ وارو انسان آهي. هن کي جو ڪجهه چوڻو هو سو هُن چيو ۽ باقي اسان جي وراڻي تي هو مُشڪي ماٺ رهيو، هن اسان جي پرائيويسي جو هميشه ائين خيال رکيو جيئن هڪ سمجهدار مائٽ پنهنجي اولاد جو خيال رکندو آهي.
پاڻ سندس ايئر ڪنڊيشنڊ ڪار کڻي آيو هو جنهن ۾ چڙهي اسان پوليس انٽري لاءِ وياسين. ٻاهر مينهن جو وڏو وسڪارو چالو هو. بمبئي ۾ اهڙو مينهن ڪا نئين ڳالهه نه هئي. ڪٿي ڪٿي ته اڳيان اهڙي اڇ ڇائنجي ٿي ويئي جو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿي آيو ۽ دادا ڪار کي روڪي ٿي ڇڏيو. بمبئي جا رستا به ننڍا آهن ۽ ٽريفڪ به گهٽ آهي. شايد انهيءَ جو سبب هيءُ هجي ته ٻاهريون موٽرون تمام ٿوري انداز ۾ گهرايون وڃن ٿيون جنهن ڪري رستن تي موٽرن جي ڀيڙ گهٽ آهي. هتي عام طرح ٽن قسمن جو ڪارون، هڪ فيئٽ ٻي ايمبسيڊر ۽ تازو هندستان موٽر وارن ڪانٽيا ڪار روڊ تي آندي آهي، نظر اچن ٿيون جيڪي هتي جون ٺهيل آهن. هنن ڪارن ۾ جديد طرز جون ڪي به آسائشون موجود نه آهن محض ڪم ٽپائڻ لاءِ استعمال ڪيون وڃن ٿيون، ٻاهران گهرايل ڪارون هتي ورلي نظر اچن ٿيون. هندستان انڊسٽريز ۾ پاڻ ڀيرو آهي ۽ پنهنجي ناڻي کي درآمدات (Imports) تي خرچ ٿيڻ کان بچايو ويٺو آهي. هندستان ۾ هندستاني شين جي استعمال جو اهو رجحان مهاتما گانڌيءَ جي ديسي مال واپرائڻ واري تحريڪ سان تاريخي رابطو رکي ٿو ۽ ساڳئي وقت ديسي صنعتڪارن جي دولت ڪمائڻ واري عنصر کي به انهي ۾ عمل دخل آهي، هتي اسان وٽ ”پاڪستاني بنو، پاڪستاني مصنوعات خريد ڪرو“ جا وڏا اشتهار بورڊ رستن تي لڳا پيا آهن پر صورتحال هيءَ آهي ته اسان وٽ ڏاڙهي ڪوڙڻ واري سيفٽي ريزر به چين کان درآمدات ٿئي ٿي. غريب ماڻهو، جيڪي اميرن جي نظر ۾ لوفر، بدمعاش، بدتهذيب، تخريبڪار وغيره آهن. سي پاڪستاني مصنوعات خريد ڪن ٿا پر اسان جي ملڪ جا امير ڪبير چوٽيءَ جا سولين ۽ فوجي ڪامورا جيڪي پاڪستاني محبت ۽ وفاداري جا ٺيڪيدار سڏائين ٿا سي پنهنجي بدن جي ڪپڙي کان وٺي گهرو استعمال جي شين تائين ڪابه شيءِ پاڪستاني نٿا واپرائين.
اسان سڌو ڪار وڃي پوليس برانچ جي آفيس اڳيان بيهاري، ڪار مان لهي آفيس ۾ واسطيدار سيڪشن ۾ وياسين جتي ٻيا به پنجويهه کن پاڪستاني ويٺا هئا. اسان سڌا آفيس ۾ گهڙي وياسين. اسان کان ڪابه پڇا ڳاڇا ڪانه ڪيائين، رڳو اميگريشن وارو ڪاغذ پاڻ وٽ وٺي رکيائون ۽ چيائون ته جڏهن توهان بمبئي ڇڏي ٻاهر ڪيڏانهن وڃو ته اتي جي پوليس لاءِ اسان کان ليٽر وٺي وڃجو ۽ وري جڏهن موٽو ته هتي ساڳي ريت داخلا رکائجو. ٻي ڳالهه هيءَ به چيائون ته جيڪڏهن توهان موجوده هوٽل کي ڇڏي ٻي هوٽل ۾ رهڻ گهرو ته انهيءَ حالت ۾ اسان کي اطلاع ڪري اجازت وٺي پوءِ اتي وڃي رهجو. بهرحال پوليس ۾ انٽري (داخلا) ڪرائڻ جي ڪم مان آجا ٿي ٻاهر نڪتاسين ته دادا چيو ته پهريائين ته جٿي هوٽل ۾ ماني ٿا کائون ۽ پوءِ توهان کي منهنجي فيڪٽري تي ٿو وٺي هلان. اسان وراڻيو ته جيڪا توهان جي مرضي. هوٽل تائين پهچندي مون آسپاس تي نگاهه ڊوڙائي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته هيڏي وڏي وسڪاري کانپوءِ به رستن تي پاڻي جو ڦڙو به نه هو. جڏهن اها ڳالهه دادا سان ڪيم ته دادا چيو ته اسان وٽ بمبئي ۾ اڪثر اهڙيون اوڙڪون وسنديون رهن پر پاڻي نيڪال وارين نالين ذريعي ترت نڪريو وڃي. جيڪڏهن نيڪال نالين جو اهڙو سٺو بندو بست نه هجي ته اسان بمبئي وارا ڪر سمنڊ جيڏي پاڻيءَ ۾ هجون. گاڏي اچي هوٽل وٽ بيٺي. هوٽل ۾ ويهندي دادا پڇيو ته آرڊر آءٌ ڏيان يا توهان ڏيندا. اسان چيو ته توهان ڏيو. آرڊر ڏيندي ڏيندي دادا هوٽل جا مڙئي طعام کڻي آرڊر جي لسٽ تي رکيا ته مون چيس دادا، آرڊر توهان نه ڏيو، آرڊر اسين پاڻ ٿا ڏيون. دادا چيو ته هاڻي نه. توهان پنهنجي چانس مس ڪري ڇڏي، انهي ڪري هاڻي اهو حق توهان کي نٿو ڏيئي سگهجي. هاڻي جو ڪجهه ايندو سو توهان کي کائڻو پوندو. جڏهن کاڌو ميز تي لڳو ته ميز ڀرجي ويئي. مون مسڪرائيندي ڊاڪٽر ڏانهن ڏٺو ۽ ڊاڪٽر مون کي ڏسندو رهيو. ڊاڪٽر کي چيم ته توهان ڊاڪٽر ماڻهن کي مشورا ڏيندا آهيو ته کاڌو گهٽ کائو ۽ گهٽ به ايترو جو نه کائڻ جي برابر، پر اڄ ڏسون ٿا اوهان جي ڊاڪٽري! کاڌي جي ميز تي گوشت ۽ ڪڪڙ سان ته ملهه ڪري وٺون پر هي ڀانت ڀانت جون سبزيون (ڀاڄيون) تن کي ڪير منهن ڏي. دل ۾ خيال ڪيم ته ههڙي موقعي تي دوست ڪيلا ۽ گوتم هجن جيڪي واهر ڪن_ بهرحال اسان پنهنجي ضرورت آهر ماني کاڌي ۽ دادا به اسان جي حال تي ڪرپا ڪري وڌيڪ کائڻ تي زور نه ڀريو. داد هوٽل جو بل ادا ڪيو ۽ اسان ڪار ۾ چڙهي اچي دادا جي فيڪٽري تي سهڙياسين.
هي ڪاٽن ريان ۽ ڪپڙي جي ___ وشن ۽ اينڊ سنز جي نالي سان سڏي ٿي ويئي ۽ هن ۾ ٻارڙن جا ڪپڙا به تيار ٿيا ٿي. هيءَ فيڪٽري ننڍڙي آهي ۽ هن ۾ اٽڪل پنجٽيهه مزدور ڪم ڪندا آهن. دادا جي هڪ ليڊي سيڪريٽري به آهي ۽ سندس آفيس ايئرڪنڊيشنڊ آهي. آفيس ۾ هڪ پاسي پلنگ به پيل هو، سو دادا چيو ته توهان ٿڪل هوندا ڇاڪاڻ ته رات جو دير سان پهچڻ ڪري سڪون واري ننڊ به نصيب نه ٿي هوندي. ڏينهن سڄو آفيس جا چڪر ڪاٽيندي هل هلان ۾ ڪاٽيو اٿوَ ان ڪري توهان هن پلنگ تي ليٽي ڪي گهڙيون آرام ڪري وٺو. انهيءَ دروان آئون چند دوستن رابطو ڪري توهان جي پهچڻ جو اطلاع ڏيئي ٿو وٺان. توهان اڃا ننڊ بس ڪري نه اٿندا ته اُهي دوست به پهچي ويندا. مون دادا کي وراڻيو ته دادا، اسان ننڊ جا ڏاڍا آهيون. هيءَ هڪ رات ڇا، پر اهڙين ٻن راتين جو لڳاتار اوجاڳو به اکيون ۾ آرس نه آڻيندو. ايئر پورٽ تي ڊيوٽي ڪندي ڪئين راتين جا اوجاڳا ڪاٽي چُڪا آهيون. اسان کي اوجاڳي ۾ ڪو نئون شينهن جو نهوڙيل ماري وڃي ته ٿي سگهي ٿو باقي ٻيو سڀ خير. ڊاڪٽر صاحب کي مون وارو اهو چئلينج مقابلو نه وڻيو، سو آهستي ڪري بُوٽ لاهي بستري دراز ٿي ويو. آءٌ ۽ دادا ڳچ تائين ويچار ونڊيندا رهيا سين.
ماضيءَ جون يادون ڪڙيون به آهن ته مِٺيون به. ويتر جو انهن ۾ وطن کان جدائي جي ڪڙاڻ شامل ٿيو وڃي ته اها ياد زندگي جو روڳ بنجيو وڃي. اهڙي حالت ۾ ماضيءَ جي ورجائڻ سان ڪچن ڦٽن تان ڪڙيون لهيو پون. دادا ڳالهين ڪندي ٻڌايو ته اُهي اصل ڪوئيٽا ۾ رهندا هئا. پوءِ اتان لڏي شڪارپور آيا. ورهاڱي وقت شڪارپور ڇڏي اچي هتي پهتا. هتي پهچڻ وقت ۽ ان جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڪافي تڪليفون ڏٺائون ۽ سٺائون، پر پوءِ پنهنجي صلاحيتن ۽ پورهئي جي ڪري وڃي سکيا ٿيا.
دادا کي ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي آهي. سندس وڏي پٽ جو نالو وجئي آهي جنهن جا ٽي ڪارخانا آهن ۽ ننڍي پٽ جو نالو اشوڪ آهي، جنهن جا ٻه ڪارخانا آهن. سندس نياڻي به پنهنجي گهر رهندي آهي ۽ سندس ڇوڪرا به الڳ الڳ علائقن ۾ ايئر ڪنڊيشن گهرن ۾ رهندا آهن. هر سال ٻاهرين ملڪن ڏانهن گهمڻ ڦرڻ به وڃن. اشوڪ ته تازو سنگاپور مان ٿي موٽيو آهي. دادا جا ٻئي پٽ ڏاڍا سلڇڻا، فضيلت ڀريا ۽ با اخلاق آهن. هيڏي ساري دولت هوندي به منجهن ڪا وڏائي ۽ آڪڙ ڪانهي. اهو به ظرف آهي جيڪو ڪنهن ڀاڳوند کي ملي ٿو. ڪي ته اهڙيا پيٽ ڀريا به هوندا آهن جو مايا جي موهه ۾ ماڻپئي کي مٽي ويندا آهن. اها مايا ئي ڪهڙي جيڪا ماڻهوءَ کان ماڻهپو کسي وٺي.
دادا جي گهر واري يعني دادي ته اسان جي جيڪا خدمت ڪئي سا اسان ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين. دادي جي پاٻوهه سان گڏ اهي چيز وارا پڪوڙا ته هر شام ياد ٿا اچن جيڪي دادي هٿ سان تيار ڪري کارائيندي هئي ___ مون ڪيترائي ڀيرا پنهنجي گهر واريءَ کي ڪيترا سامان وٺي ڏنا آهن ۽ چيز جا پڪوڙا تيار ڪرايا آهن پر انهن پڪوڙن جي لذت ئي ڪجهه اور هئي. دادا روز شام جو دادي کي سمجهائيندو هو ته سڀاڻي جي منجهند جي ماني ۾ هيءُ شيون ۽ رات جي ماني ۾ فلاڻا کاڌا تيار ڪجو. بوتلون فرج ۾ ضرور رکجو وغيره. دادا ڊاڪٽر راڄي کي سڏيندو هو، ڊاڪٽر راجو انهي ڪري اهو نالو سڀني جي زبان تي چڙهي ويو. هاڻي ته خط اچن ته انهن ۾ ڊاڪٽر راجو ئي لکيل هجي.