سفرنامه
بندر مون ڏور ٿيا
عبدالحئي پليجي جو هي سفرنامو گهڻي ڀاڱي روم ۽ يورپ جي ٻين تاريخي شھرن بابت آهي، روم قديم دنيا جي هڪ وڏي بادشاهت يا اڄوڪي لفظن ۾ ان وقت جي سپرپاور ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ اڄ تائين هڪ اهم تاريخي شهر آهي. روم ڪئين ڀيرا تباهه ٿيو ۽ وري ٺهيو، هاڻي اهو جيتوڻيڪ دنيا جي سياسي ۽ فوجي طاقت جي حوالي سان نٿو سڃاتو وڃي، پر انجي تاريخي اهميت، ان جو حسن ۽ سحر اڃا تائين قائم دائم آهن. روم جي حسين وادين ۾ گهمندي ڦرندي عبدالحئي پليجي کي پنهنجا ڏک سک بہ ياد اچي وڃن ٿا.
- 0/5.0
- 1805
- 1151
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”بندر مون ڏور ٿيا“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب اٽليءَ ۽ فرانس جو سفرنامو آهي جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار عبدالحئي پليجو آهي.”عبدالحئي پليجي جو هي سفرنامو گهڻي ڀاڱي روم ۽ ٻين تاريخي شھرن بابت آهي، روم قديم دنيا جي هڪ وڏي بادشاهت يا اڄوڪي لفظن ۾ ان وقت جي سپرپاور ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ اڄ تائين هڪ اهم تاريخي شهر آهي. روم ڪئين ڀيرا تباهه ٿيو ۽ وري ٺهيو، هاڻي اهو جيتوڻيڪ دنيا جي سياسي ۽ فوجي طاقت جي حوالي سان نٿو سڃاتو وڃي، پر انجي تاريخي اهميت، ان جو حسن ۽ سحر اڃا تائين قائم دائم آهن. روم جي حسين وادين ۾ گهمندي ڦرندي عبدالحئي پليجي کي پنهنجا ڏک سک بہ ياد اچي وڃن ٿا.
هي سفرنامو 2003ع ۾ گلشن پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عبدالحئي پليجي صاحب جا جنهن سنڌ سلامت تي اعتماد ڪندي پنهنجا سمورا ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ ھي ڪتاب بہ ان ئي سلسلي جي ڪڙي آھي.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ عبدالحئي پليجو
- ڇپيو ويو 2005
- ڇپائيندڙ گلشن پبليڪشن حيدرآباد
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 28/Jun/2018
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 1151 ڀيرا