مهاڳ
انڪري گهمڻ ڦرڻ جا شوقين محدود بجيٽ واري ٽوئر کي ترجيح ڏيندا آهن، اهي ٽوئر ٽريولنگ ڪمپنيون ڪرائينديون آهن جيڪي هڪڙي مقرر رقم تي آرگنائيزڊ قسم جا ٽوئر هوندا آهن. گهڻا همراهه سرڪاري خرچ تي ڪنهن نه ڪنهن ٻاهرئين ملڪ مان مفت جو چڪر هڻي ايندا آهن يا وري ڪن خوش نصيب جي نوڪري اهڙي هوندي آهي جو انهن کي ٻاهرين ملڪن ۾ وڃڻ ۽ رهڻ جو موقعو ملي ويندو آهي، ٻاهر گهمڻ يا نوڪري لاءِ وڃڻ هر پڙهيل لکيل ماڻهوءَ جو خواب آهي، چون ٿا ته ٻاهر وڃڻ لاءِ هٿ ۾ لڪيرون هونديون آهن. جنهن جي هٿ ۾ اها لڪير نه هوندي اهو ڪونه وڃي سگهندو.
مون کي خبر ڪانهي ته عبدالحئي پليجي جي هٿ ۾ اها لڪير آهي يا نه، عبدالحئي نه ڪڏهن سرڪاري خرچ تي ٻاهر ويو آهي، نه وري هن نوڪريءَ سانگي سمنڊ جهاڳي دنيا ڏٺي آهي. اهو سياحت جو شوق هو جنهن ۾ هو پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري دنيا جا ايترا سارا ملڪ ڏسي آيو آهي. هو ڪڏهن يارن دوستن سان گڏجي ٻاهر ويو آهي، ڪڏهن پنهنجي گهر وارن کي ٻاهر وٺي وڃي ثواب کٽيو اٿس. ثواب ان ڪري ٿو چوان ته اسان جا گهڻا دوست ان ڳالهه تي کلندا آهن ته ماڻهو ٻاهر وڃي ۽ ٻارن کي گڏ وٺي وڃي ته پوءِ مزو ڪهڙو ! پوءِ ته اها ڳالهه ٿي ته ماڻهو مائونٽ ايوريسٽ تي وڃي ۽ پاڻ سان گڏ ٿرماس ۾ برف کڻي وڃي! هاڻي انهن دوستن کي ٻاهر وڃي جيڪي مزا وٺڻا هوندا آهن سي ظاهر آهي ته ٻارن سان گڏ هجڻ ڪر ڪونه وٺي سگهندا. ٻارن سان گڏ وڃڻ ۾ اهو به فائدو آهي ته ماڻهو گهڻن گناهن ڪرڻ کان بچيو وڃي ۽ جهڙو پاڪ صاف ويو، اهڙو پاڪ صاف موٽيو اچي، سو عبدالحئي پليجو جيڪو منهنجو 35 سالن کان پراڻو يار آهي سو سٺو ماڻهو ته آهي ئي آهي، پر پنهنجي ٻارن کي ٻاهر وٺي وڃي گهمائڻ مان صاف ظاهر آهي ته هو هڪ تمام سٺو مڙس ۽ تمام سٺو پيءُ پڻ آهي.
سياحت جو هڪڙو ٻيو قسم به آهي، جيڪو مون کي وڌيڪ سٺو لڳندو آهي، پر پاڻ کان زور آهي، يورپ، آمريڪا يا ايشيا جي ملڪن جا مٿي ڦريا ماڻهو مختصر سامان جي ڀري knapsack پٺن تي ٻڌي نڪري پوندا آهن، دنيا جي سياحت تي، اهي اهڙين ڙانگي جاين تي وڃي نڪرندا آهن، جو پاڻ جهڙو سهوليتن تي هريل ماڻهو دل ئي ڪانه ٻڌي سگهندو. مون کي اهڙن ماڻهن جا سفرناما پڙهڻ ۾ ڏاڍو مزو ڏيندا آهن ڇو ته اهي سفرناما پنهنجي جاءِ تي Adventure پڻ هوندا آهن. آمريڪي ليکڪ پال ٿيرو جا سفرناما اهڙي قسم جا آهن ۽ خاص هن دنيا جي ريلن ۾ جيڪي سفر ڪيا آهن سي ڏاڍا دلچسپ آهن. وڪرو سيٺ بوڪر پرائيز حاصل ڪندڙ ناولسٽ آهي. هي چين ۾ تبت تائين مال ڍوئيندڙ ٽرڪن ۾ چيني ٽرڪ ڊرائيورن سان گڏ چڙهي سفر ڪيو. اهو به تمام عجيب سفرنامو آهي. پولش صحافي ۽ ليکڪ ڪئپوشنسڪي آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا تي جيڪي ڪتاب لکيا آهن سي جيتوڻيڪ بنيادي طور صحافتي ڊاڪيومينٽري قسم جا آهن، پر ساڳئي وقت انهن ۾ سندس سفر جا موت کي ويجهو وڃڻ وارا تجربا پڻ آهن، پر پوءِ جڏهن اهي وڏا ليکڪ سفر جا سور ۽ ڌڪا ٿاٻا کائي موٽي اچي سفرناما لکن ٿا ته انهن کي معاوضي ۾ لکين ڊالر ملن ٿا، پبلشر انهن ليکڪن کي گهڻو ڪري ائڊوانس ۾ ڏوڪڙ ڏئي ڇڏيندا آهن ته وڃي گهمو ۽ موٽي اچي سفرناما لکي اسان کي ڏيو.
اهڙا ڀاڳ سنڌيءَ ۾ سفرنامن لکڻ وارن جا ڪٿي! سندن سفرنامو ڪنهن پبليشر ڇاپيو ته اها ئي وڏي ڳالهه آهي، عبدالحئي پليجي کي شاباس آهي ته هو پنهنجي خرچ تي گهمي ڦري سو ئي اچي سفرناما لکندو رهيو آهي ۽ گهڻا سفرناما ته هن پنهنجي خرچ تي ڇپايا آهن، پر جڏهن ھن جا سفرناما مشهور ٿيا ۽ ماڻهو شوق سان پڙهڻ لڳا ته پبلشرن جو ڌيان هن ڏانهن ويو.
منهنجو خيال آهي.. ڪهاڻين ۽ ناولن جي ڪتابن کان وڌيڪ سفرنامن جا ڪتاب ماڻهو پڙهن ٿا، ان مان ظاهر آهي ته ماڻهو کي ٻاهر وڃڻ جو ڪيڏو شوق آهي، ٻاهر نٿا وڃي سگهن ته سفرنامن جا ڪتاب پڙهڻ وارو شوق پورو ڪن ٿا.
عبدالحئي پليجي جو هي سفرنامو گهڻي ڀاڱي روم بابت آهي، روم قديم دنيا جي هڪ وڏي بادشاهت يا اڄوڪي لفظن ۾ ان وقت جي سپرپاور ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ اڄ تائين هڪ اهم تاريخي شهر آهي. روم ڪئين ڀيرا تباهه ٿيو ۽ وري ٺهيو، هاڻي اهو جيتوڻيڪ دنيا جي سياسي ۽ فوجي طاقت جي حوالي سان نٿو سڃاتو وڃي، پر انجي تاريخي اهميت، ان جو حسن ۽ سحر اڃا تائين قائم دائم آهن.
روم جي حسين وادين ۾ گهمندي ڦرندي عبدالحئي پليجي کي پنهنجا ڏک سک ياد اچي وڃن ٿا. هو روم جي تاريخي اهميت ۽ حيثيت کي پنهنجي تاريخي ماڳن مڪانن سان ڀيٽيندي سوچي ٿو ” اسان جو ماضي يعني موهن جو دڙو، ڪاهو جو دڙو ۽ رني ڪوٽ کي ڏسي سڄي دنيا کي ته حيرت آهي پر اسان جو حال ڏاڍو هيڻو آهي، شل اسان پنهنجي راڄ ڀاڳ جا ڌڻي پاڻ ٿيون ته هي گوندر، گذرن.“
عبدالحئي پليجي جي لکڻ جو انداز تمام سليس آهي ۽ ان ۾ دلچسپي ايتري آهي جو دل چاهيندي آهي ته هڪ ئي ويهڪ ۾ سفرنامو پڙهي پورو ڪجي.
سنڌي پڙهندڙ جيڪي گهمڻ ڦرڻ جا شوقين هجن ٿا تن لاءِ عبدالحئي جي لکيل معلومات ڪم واري آحي، سياحت تي سنڀرڻ وارن کي هن اها به صلاح ڏني آهي ته ”ٽوئرسٽ کي صرف هڪ ٽائپ جون جڳهيون نه گهمڻ گهرجن پر ملڪ کان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ ڪوشش ڪجي ته هر شئي ڏسجي ۽ گهمجي، ڪي ٽوئرسٽ صرف نائٽ ڪلب ۽ ڊسڪو ڏسي واپس گهر پهچي ويندا آهن ، ته ڪي وري حج يا عمري لاِءِ ويندا ته صرف مڪو ۽ مدينو ڏسي واپس هليا ايندا. واقعي اسان انهن شهرن کي ئي ڏسڻ لاءِ وڃون ٿا، پر جيڪڏهن عربستان جي اندر جيڪر تاريخي نوعيت جون جڳهيون ڏسنداسين ته ڪو گناهه ته ڪونه ٿيندو.“
سنڌيءَ ۾ گهڻي ۾ گهڻا سفرناما اچڻ کپن، ڇو ته اسان جي ماڻهن جون ولائت ڏسڻ جون سِڪون اهي سفرناما ئي پوريون ڪن ٿا، ان ڪري پڙهندڙن جون عبدالحئي پليجي ۾ اهي اميدون آهي ته هن وٽان اڃا کوڙ سفرناما ايندا.
[b]شوڪت حسين شورو
[/b]