5
ونود ويجيٽيئرين آهي تنهن ڪري ناشتي ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏيندو آهي. اسان وانگر، ڇو ته ناشتي ۾ گوشت ڪڪڙ يا مڇي ڪونه هوندا آهن، هڪ جاءِ تي ناشتي ۾ سئنڊوچ ڏنائون جيڪو گوشت مان ٺهيل هوندو آهي ۽ کائڻ ۾ ڏاڍو لذيذ هوندو آهي.
يورپ جي هوٽلن ۾ جت سيلف سروس سان کاڌو ملي، ات هر قسم جا جوس ته رکيل هوندا آهن پر پاڻي جو نالو به ڪونه هوندو آهي. پاڻ ماني کائي يا اڳ ۾ جيسين پاڻي نه پيون تيسين ڄڻ ته ماني ڪو ڪونه کاڌيسين. پاڻي آرڊر تي ڏين پر انهيءَ لاءِ اضافي پئسا وٺن. اسان دستور مطابق ناشتو ڪري ٻاهر نڪتاسين ته اسان جي بس اسٽارٽ بيٺي هئي، ڪجهه سياح بس ۾، ڪجهه بس کان هيٺ بيٺل هئا ته ڪي وري سگريٽ پي رهيا هئا. جيستائين سڀ سياح گڏ ٿين تيستائين اسان به ڀت سان گڏ پيل بئنچ تي ويهي رهياسين. جت اهڙين ٻين بئنچن تي وڏي تعداد ۾ سياح هڪٻئي سان گپ شپ ڪري رهيا هئا.جيسين بسون هلن تيسين هوٽل کان ٻاهر سياحن جي اچ وڃ جي ڪري رونق لڳي پئي هوندي آهي. ڪي سياح جيڪي ڪجهه ڏينهن هت رهندا سي سواءِ سامان جي ۽ جيڪي پنهنجو ٽوئر پورو ڪري اڳتي پنهنجي پنهنجي ٻي منزل لاءِ اڄ اسهندا تن جي هٿن ۾ بريف ڪيس ننڍو ٿيلهو. پاڪيٽ، گلدستو يا ڪو ٻيو تحفو يا سامان ضرور هوندو. پر جي هٿ ۾ لفافو، ڪارڊ، پارسل، ڪئميرا يا مووي ڪئميرا ته معنيٰ اڃا ٻه ٽي ڏينهن سندن منزل هت آهي. مطلب ته ڏاڪڻين تان تڪڙو چڙهندي لهندي، هڪٻئي کان موڪلائيندي، kiss ڪس ڪندي، هيلو هيلو ڪندي، کلندي ڪڏندي انهن کي ڏسندي ڄڻ ته مزو اچي.انهيءَ ٽوئر ۾ ڪي اڪيلا ته ڪي وري Couple يعني زال مڙس تازي شادي ٿي هوندن ۽ نڪري پيا هوندا هني مون ملهائڻ ته ڪي وري وڏي فئملي سان جنهن ۾ عمر رسيده ماءُ پيءُ سان جواب اولاد به گڏ، مطلب ته اهڙن ٽوئرن ۾ توهان کي هر قسم جو ماحول ملندو.
اسان جي بس ۾ ڊرائيور پنهنجي سيٽ تي ويٺو ته اسان به بس ۾ چڙهياسين ۽ آهستي آهستي سڀ مسافر بس ڀيڙا ٿيا ته بس سرڪڻ لڳي. اسان جي گائيڊ، ٽوڊ ٻڌايو ته اڄ توهان کي اڌ ڏينهن گهمائبو باقي وقت توهان پنهنجي ليکي گهمو ڦرو ۽ دوستن لاءِ خوب تحفا خريد ڪريو، ڇو ته سڀاڻي پاڻ روم مان سوير نڪري هلنداسين ۽ توهان هتان ڪابه شئي انهيءَ وقت خريد ڪري نه سگهندا، سو بهتر ٿيندو ته اسان جي گهمائڻ کان پوءِ توهان به پنهنجي ليکي شهر کي ڏسو وائسو، روم جي نائيٽ لائيف پئرس لنڊن جي نائيٽ لائيف کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه آهي. روم جو جهڙو ماضي شاندار آهي اهڙو ئي روم سياحت لاءِ اندران به رنگين آهي. اسان جي بس روم شھر ۾ تيز تيز ڊوڙندي پنهنجي منزل تائين وڃي رهي آهي.صبح جو رش گهٽ هئڻ سبب ماڻهوءَ جو ڌيان گهڻو ڪري ٻين شين ڏانهن ويندو آهي. جنهن ۾ شهر جا پارڪ، ماڻهن لاءِ ٺاهيل ويٽنگ شيڊ شهر جي گهرن جي بناوت ۽ انهن جا رنگ، ڪارون، موٽر سائيڪل تي ماڻهن کي پهريل ڊريسون، ماڻهن جي هلڻ جو انداز، اٽليءَ جا ماڻهو ٻين يورپين مقابلي ۾ ڪجهه گهٽ تيز هلن. بدن ۾ ڀريل ۽ مرد وڏي تعداد ۾ مڇون رکن سي پاڻ وانگر ڪاريون نه پر ڀوريون. يورپ ۾ تيز تيز ماڻهو انگلينڊ جا هلن. سو صبح سان اسان به هر شئي کي اک مان ڪڍندا اڳتي وڌندا رهياسين. صبح سوير هئڻ ڪري ٿوري ٿڌ محسوس ٿي رهي آهي. پر سيءَ ڏياريندڙ نه پر وڻندڙ ٿڌي هوا، جنهن سان اسان کي هڪ قسم جي راحت پئي اچي. نه ته هونئن ٻنپهرن جو ڪجهه ڪجهه گرمي به محسوس ٿيندي هئي. اسان جي بس جنهن علائقي ۾ اچي بيٺي انهيءَ علائقي کي وينيزيا چون.
پيازا وينيزيا Piazza Venezia نالي شهر جي مرڪز ۾ عاليشان عمارت به هت آهي. جتان ئي سير جي شروعات ڪجي. پلازو ڊي وينيزيا ۽ امينيوئل مونيومينٽ واريون عمارتون هن جي ويجهڙائي ۾ موجود آهن. وٽوريو امينيوئل يادگار اوڻيهين صدي جي خاتمي تي ملڪي اتحاد جي يادگار طور تعمير ڪيو ويو هو.هن يادگار جي پٺئين طرف ڪيپيٽولين هل Capitoline hill نالي علائقي ۾ ڪئين عاليشان عمارتون ڏسڻ وٽان آهن. جن کي پيازاڊيل ڪيمپيڊو گليو نالي سان سڏيندا آهن. انهن عمارتن جي ڊزائين مشهور مصور مائيڪل اينجيلو سن 1550ع ۾ پوپ پال ٽئين واسطي تيار ڪئي هئي. هنن عمارتن جا ٻه بلاڪ آهن جن مان هڪڙي بلاڪ ۾ قديم آرٽ جو زبردست عجائب گهر قائم آهي. تنهن جو نالو ڪيپيٽولين ميوزم Capitoline Museum آهي. کاٻي طرف واري بلاڪ ۾ پڻ هڪ ٻيو ميوزم قائم ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ اٽڪل اڌ ڊزن کن ڪمرا ٿيندا. انهن ۾ رومي ۽ يوناني طرز سنگتراشي موجب گهڙيل مجسما رکيل آهن.
ڊائنگ گائول Dying Gaul نالي مشهور مجسمو به هتي رکيل آهي. اهو حقيقت ۾ اصل يوناني مجسمي جو رومي سنگتراشن طرفان نقل ٺهيل آهي Eros and psyche يعني محبت جو ديوتا ۽ سندس محبوبا جا اصلي مجسما پڻ هتي رکيل آهن. تنهن کان سواءِ جڳ مشهور سنگتراش پريڪسيٽيلس Praxiteles جو گھڙيل Sotyr Resting يعني جهنگل جو ديوتا، نالي مجسمو پڻ هتي رکيل آهي. انهي کان سواءِ ساڳئي ديوتا جو هڪڙو ٻيو مجسمو پڻ آهي تنهنجو نالو Laughing Satyr آهي. اهو ڳاڙهي سنگمرمر جو ٺهيل آهي.اهو اصل يوناني مسجمي جو رومي نقل آهي، هتان کان پوءِ اسان کي رپيٽا رستي جي پرئين دنگ وٽ پيازا ڊبل پوپولو نالي هڪڙي زبردست گيٽ ڏانهن وٺيو پيا وڃن.جتان شهر ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو. هتان جي رستي جي ٻنهي طرفن تي ٺهيل جايون گهڻو ڪري هڪجهڙيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.انهن جو نظارو ماحول ۾ عجيب خوبصورتي پيدا ڪري ٿو. هتي سينٽ ماريا وارو چرچ ڏسڻ وٽان آهي. جنهن ۾ روشن خياليءَ واري دور جا بهترين فني شاهڪار موجود آهن. چرچ جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ مشهور مصور پنٽيورڪيوPinturichio جون ٺاهيل فريسڪو پلس تي تصويرون ۽ اينڊريا سينسو وينو Andrea Sansovino جا ٺهيل ٻه نهايت عمدا مقبرا موجود آهن. ڏاکڻي ڀاڱي ۾ ٻيو نمبر چڱي چيپل مشهور فنڪار رافائيل اينٽوينو چڱيءَ لاءِ تيار ڪيو هو. انهيءَ ۾ گهڻو ڪم ٻين فنڪارن جو ٿيل آهي. جيڪو سترهين صديءَ ۾ وڃي پورو ٿيو. چرچ جو ممبر مائيڪل اينجيلو جي شاگرد سيباسٽينو پيئومبر Sebastiano piombo جو ٺاهيل آهي. ڪنڊن ۾ ٺهيل جارن ۾ رکيل ڊينيئل Danial ۽ هيباڪوڪو Habakkuk جا مجسما برننيءَ جا گهڙيل آهن، هتي رکيل ڪارا واگيو جون ٺهيل ٻه تصويرون گهڻي توجهه جي گهر ڪن ٿيون. انهن مان هڪڙي تصوير Conversion of St: paul ۾ سينٽ پال ۽ سندس گهوڙو ڏيکاريل آهي ۽ پاڻ تمام خوش ۽ مطمئن نظر اچي رهيو آهي. ٻي تصوير Crucifixion of St: peter ۾ سيٽ پيٽر هڪ پيرسن شخص آهي جنهن کي چند جانٺا جوان صليب تي چاڙهين پيا
هتان اسان سڀ جدا جدا ٿي مختلف هنڌن ڏانهن روانا ٿي وياسين. آئون، منا، ۽ ونود به ٽيڪسي ڪري شهر جي هڪ واپاري مرڪز ڏانهن روانا ٿياسين.
جنهن کي پزا بار بريني Piazza Bar Berini چوڪ چون، هتي برنني جو ٺهيل هڪ خوبصورت ڦوهارو آهي. جنهن جو نالو فونٽانا ڊيل ٽرائيٽون Fontana-del-Tritono آهي. هن ڦوهاري جي ڀرسان ڪئين بارون، ريسٽورانٽون ۽ ڪلب آهن. جت توهان کي سدائين شوقين ۽ شوقيناڻيون ملنديون. سو هي علائقو ڏاڍو مهانگو آهي. هتي کاڌي جون پڻ ڪئين هوٽلون آهن. جت توهان کي هر وقت لذيذ کاڌا ملندا. اسان ان علائقي کان ٿورو اڳيان هڪ وڏي چوڪ نما ڪمرشل علائقي ۾ ٽيڪسيءَ مان لٿاسين. اسان هت ڪافي وقت دڪانن جا چڪر هڻندا رهياسين ڇوٽي موٽي خريداري پڻ ڪندا سين جڏهن ته هتي نور ۽ ونود ڪافي فوٽو به ڪڍيا. اسان هت فاسٽ فوڊ هوٽل تان ڪجهه کاڌي پيتي جو سامان ورتو جيڪو اسان گهمندي ڦرندي کاڌو. فاسٽ فوڊ اسٽائل جي کاڌن جي شروعات پهرئين جوئارين ڪئي. جوئاري جيڪي سڄو ڏينهن جوا ڪن تن کي ماني کائڻ ڪري وقت جي وڃائڻ جو احساس ٿيو. تنهن ڪري انهن پهرئين پهرئين ٻن ڊبل روٽين وچ ۾ ڪا شيءَ وجهي کائڻ جي شروعات ڪئي ۽ جيئن ته اهو کاڌو جوئاري ماڻهو راند هلندي به کائي ٿي سگهيا. انهيءَ جو نالو سئنڊوچ Sandwich رکيائون ۽ پوءِ آهستي آهستي اهڙن کاڌن جا ڪئين قسم تيار ٿي ويا، ۽ نيٺ اهي عام مارڪيٽ ۾ به پهچي ويا. پيزا ٺهڻ جي شروعات پهرئين آمريڪا مان ٿي جت جڏهن اٽلي جا ماڻهو پهتا ته سخت ڏڪار ۽ بک جو شڪار ٿي ويا، ائين انهن لاءِ اڌ نان تي چٽڻي هنڻي اها ڊش تيار ڪئي وئي، جيڪا اڄ سڄي دنيا ۾ شوق سان وڏي تعداد ۾ پسند ڪئي وڃي ٿي. اسان هتان ڪجهه انگريزي اخبارون ۽ رسالا به خريد ڪيا. اسان ٽيڪسي ڪري پنهنجي رهائش واري هوٽل پارڪ ڪرسٽنازا ڏانهن روانا ٿياسين.
روم شهر جت سڄي دنيا تي حڪومت ڪئي ات هن شهر باهين بيمارين ۽ ڦرلٽ ڪري ڏاڍا ظلم ۽ سور پڻ سٺا آهن، جن جي احوالن سان تاريخ ڀري پئي آهي. روم جي آدمشماري ڪڏهن ته ڏهن لکن کان وڌيڪ هوندي هئي. ڪڏهن وري هي شهر صفا خالي ٿي ويندو هو. جنهن جو تفصيلي ذڪر هن ريت آهي.
ٻي صديءَ جي پڇاڙي ۾ روم شهر جي آدمشماري گهٽجڻ لڳي. جيڪا ٻي صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ ڏهه لک هئي. مارڪس آرليئس Marcis Aurelius جي ايامڪاريءَ ۾ پليگ نالي مهلڪ مرض واري نهايت خطرناڪ وبا ڦهلجڻ سبب شهر ۾ روزانو ٻه هزار کن ماڻهو مرندا هئا. ٽئين عسيوي صدي دوران معاشي ۽ سياسي تباهه ڪارين به گهٽ نقصان ڪونه ڪيو. 270ع ڌاري شهر جي ڪوٽ جي تعمير شهر لاءِ خطري جو نشان ٿي پئي.
سن 284ع کان 305ع تائين حڪمراني ڪندڙ بادشاهه ڊايو ڪليٽيئن سن 284ع کان 305ع تائين حڪمراني ڪندڙ بادشاهه ڊايو ڪليٽيئن Diocletian شاهي حڪومتي نظام ۾ ڪجهه سڌارا آندا ۽ قدري خوشحاليءَ ڏانهن مائل رهيو. هن پنهنجي يادگار طور سهڻا حمام تعمير ڪرايا هئا. تنهن کان پوءِ روم سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ نه رهيو. قسطنطنيه Constantinople شهر جي تعمير سان روم جي سياسي عظمت باقي نه رهي. ملڪ جي گادي هن نئين شهر ڏانهن منتقل ٿي وئي ۽ اهڙي ريت روم جي سياسي عظمت ختم ٿي وئي.
جڏهن اولهه وارن گوٿڪ قبيلن جي فوج سان الارڪ Alaric سالار جي اڳواڻي ۾ سن 408ع ۾ شهر تي حملي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ته شهر جي چڱي مڙس ۽ سندس پئنچائت دشمن جي حملي کي ٽارڻ لاءِ مذهبي قرباني ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن کي وقت جي پوپ پڻ جائز قرار ڏنو پر انهيءَ کي راز ۾ رکيو ويو. نيٺ سن 413ع ۾ الارڪ شهر تي اچي قبضو ڪيو ۽ فوج کي ٽن ڏينهن تائين ڦرلٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني جنهن تمام گهڻو مال غنيمت هٿ ڪيو. انهيءَ ڦرلٽ سبب ڪافي ماڻهو شهر خالي ڪري ويا. جيتري قدر رومي قديم يادگارن جو تعلق آهي ته انهن کي نسبتن نقصان گهٽ رسيو. رڳو کين ٻاهران جزوي طور نقصان پهتو.
شاهي اقتدار جو زوال ۽ پوپ جي اقتدار تي گرفت جسٽينين Justinian بادشاهه کان پوءِ وڌيڪ مضبوط ٿي وئي. انهيءَ کان پوءِ روم شهر ٽي ڀيرا محاصرن جو شڪار رهيو. جنهن دوران شهر ۾ پاڻي پهچائڻ وارا واهه به بند ڪيا ويا، ۽ هڪ اهو وقت به آيو جڏهن ماڻهو مجبور ٿي پورو شهر خالي ڪري ويا.
ڇهين صدي جي آخر ۾ شهر جي آبادي پنجاهه هزارن کان ڪجهه گهٽ هئي. انهيءَ وقت شهر تي سياسي توڙي انتظامي طور پوپ جو مڪمل قبضو هو.پوپ گريگري اول عاليشان شهري انتظام رکڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن جي نتيجي طور سندس جاءِ نشين ٻن صدين تائين پنهنجو اقتداري ڪردار برقرار رکيو.
اٺين صديءَ جي وچ ڌاري بازطيني حڪمرانن روم کي فوجي مدد بند ڪئي ته پاپائي مرڪز فرينچن جي حمايت شروع ڪئي. پيپن Pepin جنهن پاڻ کي پوپ سڏائڻ سان گڏ فرينچن جي بادشاهه هئڻ جو اعلان ڪيو ۽ سندس پٽ جي ڪاررواين پاپائي اقتدار جا نظرياتي بنياد فراهم ڪيا. اٺين صديءَ جي آخر ۽ نائين صديءَ جي اوائل واري عرصي دوران روم ڪئين زبردست چرچ اڏبا رهيا.
پوپن ۽ اميرن جي وچ ۾ ڪشمڪش اٽليءَ ۾ ڪيرولنجيئن اقتدار جي زوال جي نتيجي طور چالو ٿي. سن 846ع ۾ مسلمانن طرفان سينٽ پيٽر وارو چرچ کان پوءِ پوپ ليو چوٿئين ويٽيڪن شهر واري ايراضيءَ کي ڪوٽ ڏياريو. تنهن کان پوءِ انهيءَ کي ليو نائين سٽي يعني ليو وارو شهر سڏڻ لڳا. نائين صديءَ جي پوئين اڌ کان وٺي يارهين صديءَ جي وچ تائين واري عرصي ۾ روم ۽ پاپائي اقتدار تي رومي جاگيردار اميرن جو قبضو رهيو، وچ ۾ رکي رکي جرمن شهنشاهن جي دخل اندوازي به ٿيندي رهي.
نيٺ يارهين صديءَ جي آخر ۾ پاپائي اقتدار جي گرفت مضبوط ٿي وئي. عام طرح پوپ ليو نائين جي اقتدار دوران ڪجهه سماجي سڌارا آندا ويا ۽ ترقياتي ڪم ٿيا. هن پوپ جي مالي مدد واپاري ۽ بينڪر خاندان ڪري رهيا هئا. جن ۾ فرينجيپن Frangipane ۽ پيئرليئن Pierleone جا نالا قابل ذڪر آهن. يارهين صديءَ جي آخر ۾ عيسائي ياترين ۽ ٻين مذهبي پيشوائن توڙي پوئلگن طرفان روم ۾ چرچن ۽ پوپن جو زيارتون شروع ٿي ويون جن هتي اچي ڪافي پيسو خرچ ڪيو ٿي، جيڪو پوپن ۽ سندن حڪومت کي حاصل ٿي رهيو هو ۽ اهو آمدنيءَ جو اهم ذريعو ٿي پيو.
سن 1143ع ۾ بريشيا واري وڏي پادري آرنالڊ Arnold جي حمايت سان هڪڙي تحريڪ شروع ٿي جنهن جو مقصد هو ته پاپائي حڪومت مان جان ڇڏائجي. ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کي اقتدار ۾ حصو ڏجي ۽ اهم ڪم اڳوڻي فنا ٿيل سينيٽ بحال ڪري انهيءَ وسيلي حڪومت هلائجي. انهيءَ جي نتيجي ۾ روم ۾ نئون عوامي آئين تشڪيل ڏنو ويو. جنهن تي پوپ توڙي بادشاهه سخت حملا ڪيا. پر نيٺ سن 1188ع ۾ ڪميون حڪومت کي پوپ ڪليمينٽ ٽئين Clement-III تسليم ڪيو. اهڙيءَ طرح پاپائي اقتدار ختم ٿيڻ لڳو، ۽ سينيٽ کي اختيار ملندا رهيا. ڪميون ۽ پاپائيت ۾ اختيارن جي ورڇ تي ويڙهه جاري رهي. گريگري نائين جي ڏينهن ۾ چرچ ۽ پادرين جي ملڪيت تي به سينيٽ ٽيڪس لڳائي سندن اقتدار جو اثر ختم ڪيو.
نيٺ فريڊرڪ بادشاهه جي وفات کان پوءِ پوپ سرڪار مخالف ڪميون بحال ڪيون ۽ وچئين طبقي جي اڀار جي حمايت ڪئي.
تيرهين صديءَ جي پوئين اڌ دوران روم ۾ فقط چند پوپ رهڻ جي قابل رهيا. سن 1280ع کان 1290ع واري ڏهاڪي دوران پوپ بونيفس Boniface Viii اٺين جي چرچ تي ڪولونا اورسسني ۽ اينيبالڊي گهراڻن ۾ اقتدار جي لڳل جنگ روم کي تباهه ڪري ڇڏيو. جنهن ڪري پوپ خلاف نفرت ڦهلجي وئي. نتيجي طور سن 1309ع ۾ پوپ ڪليمينٽ پنجين پنهنجي رهائش روم مان وڃي فرانس جي شهر اوگنن Avigonon ۾ اختيار ڪئي ۽ روم کي فرقيوار جهڳڙن ۽ معاشي بدحالي جي ور چاڙهي ڇڏيو. تيرهين صديءَ دوران رومي حڪمرانن ۽ پوپن جا مفادات اڪثر ڪري هڪجهڙا رهيا. انهيءَ عرصي دوران روم ۾ ڪا صنعت يا وڏي پيماني واري تجارت ڪانه هئي. انهيءَ وقت شهر جي آمدني جو مکيه ذريعو گرجائن جي زيارتين ۽ پوپن جي مريدن جي اچڻ سبب اتي خرچ ٿيندڙ پيسو ۽ ٻيو حڪمرانن پوپن ۽ اميرن جي ضرورت جون شيون جن ۾ اڪثر عيش جو سامان هوندو هو جي وڪري مان حاصل ٿيندو هو. شهر جي اڪثر محل ماڙين، گرجائن ۽ ٽاورن جي تعمير ۾ مذهبي رنگ موجود هو ۽ شهرين جي رهڻي ڪهڻي ۽ ٻهراڙي واري زرعي اثر موجود هو. شهرين جي اڪثريت سينٽ پيٽر واري چرچ جي چوڌاري آباد هئي ۽ باقي مارٽيئس واري ميدان ۽ ٽراسٽيوئير واري علائقي ۾ رهندڙ هئا. آربليئس بادشاهه جي اڏايل ڪوٽ اندر واري قديم شهر جو وڏو حصو چراگاهن، انگورن جي فارمن، باغن، بنجر زمين ۾ تبديل ٿي چڪو هو. انهيءَ وقت ۾ به اونگنن ۾ ويٺل پوپ جو حڪم روم ۾ جزوي طور هلندڙ هو. خصوصن بينيڊڪٽ ٻارهين جو اثر وڌيڪ هو.
سن 1347ع ۾ رومي ڌارين اميرن طرفان هڪڙو جزوي انقلاب برپا ٿيو. جنهنجي اڳواڻي ڪولاڊي رينزو ڪئي. هن پاڻ کي روم جو فوجي سالار سڏايو. هن انقلاب جو مقصد هو ته امير طبقي جا قديمي حق بحال ٿين. اهو انقلاب سياسي صورت جي ڀيٽ ۾ ڊرامائي انداز ۾ پنهنجي جهلڪ ڏيکاري ويو. چوڏهين صديءَ ۾ نهايت مهلڪ وبا سبب هزارين ماڻهو مري ويا ۽ شهر ۾ ويهه هزار ماڻهو مس وڃي بچيا. 1377ع ۾ پوپ واپس روم ۾ اچي رهيو، تنهن هوندي به هتي جي حالتن ۾ سڌارو ڪونه آيو، سن 1400ع تاري چوڻ ۾ آيو ته شهر ۾ چند جهوپڙيون رهجي ويون آھن، جتي رڳو چور ۽ جيت جنتراچي گڏ ٿيا آهن، ۽ ان جي پسگردائي ۾ ۽ سينٽ پيٽر واري ڪليسا جي آسپاس رات جو بگهڙن جي لوڌين جو واسو هوندو هو.
اسان روم جي هن نئين ۽ پراڻي سنگم کي ڏسندا گهمندا ڦرندا، تاريخ جا پراڻا ورق ورائيندا اچي پنهنجي هوٽل تي پهتاسين.رسيپشن واري کي هيلو ڪندي، چاٻي وٺندي اچي ڪمري جي پلنگ تي آرامي ٿياسين. اڄ اسان جي روم ۾ آخري رات آهي. مون ڪجهه وقت اخبارون ۽ رسالا اٿلائي ڏٺا. جيئن جيئن هيءَ دنيا پنهنجي ترقي ۽ تيز رفتاريءَ جي ڪري ننڍي ٿيندي وڃي. تيئين سڄي دنيا جي اخبارن جون خبرون بلڪل هڪجهڙيون ٿينديون وڃن. توهان ٽوڪيو ۾ هجو يا ممبئيءَ ۾ آيا آمريڪا، لنڊن ۽ پئرس ۾ پر تقريبن هر هنڌ هڪجهڙيون خبرون هونديون آهن. اخبار پڙهندي فون جي گهنٽي وڳي فون تي ونود هو چيائين انڪل اسان ٻاهر گهمڻ ڦرڻ ٿا وڃون. رات جو دير سان اينداسين. مون چيو ته، ”بابا روم ۾ ڀلي رلو اهي ئي ته گهمڻ جا ڏينهن آهن.“ پاڻ کلي کڻي فون رکيائين. وري به فون آئي مون کنيو ته، ونود ٻڌايو انڪل توهان جي ماني لاءِ هوٽل وارن کي چئي ڇڏيو آهي. جيڪي ماني مهل توهان کي ڪمري تي ماني پهچائي ويندا. اخبارون پڙهي هوٽل جي گيلريءَ ۾ ٻاهر وڃي ويٺاسين. آئون سمجهان ٿو ته سڄي يورپ ۾ اٽلي واحد ملڪ آهي، جنهن جي هوٽلن ۾ وڏيون ڪشاديون عاليشان بالڪونيون آهن. نه ته سوئيزرلينڊ، لنڊن يا پئرس ۾ ته هوٽلون صفا بند لڳيون پيون آهن. اسان جي هوٽل جنهن علائقي ۾ هئي اهو علائقو ڪمرشل ڪونه هو. تنهن ڪري ٻاهر ٽريفڪ جو گوڙ گهمسان گهٽ هو. ان ڪري ماحول ڏاڍو پرسڪون لڳو پيو هو. آئون ۽ منا ڪافي دير ٻاهر گيلريءَ ۾ ڪچهري ڪندا رهياسين. هوءَ پنهنجي هٿ تي ننڍڙا چٽپٽا بادام هڪ هڪ ڪري صاف ڪندي رکندي وئي ۽ مون خبر ناهي ته ڪيترا سارا بادام کاڌا، ڏاڍا مزيدار هئا. اسان پاڻ ۾ پنهنجي ملڪ جون خبرون ڪندا رهياسين.پاڻ ٻڌايائين ته مون اڄ فون تي ٻارن سان ڳالهايو هو. سپي پڇي پئي ته توهان خوش آهيو ۽ توهان ڪڏهن ايندا. هن چيو ته مون سچي ٻڌايو آهي ته اڃان ٻه هفتا کن لڳي ويندا. اسان اڃا ڪچهري ۾ مگن هئاسين جو فون جي گهنٽي وڳي ۽ اسان جي گائيڊ پڇيو ته ”توهان کي ماني ڪيڏي مهل موڪليون.“ مون چيو ته ڀلي هينئر ئي موڪلي ڏيو. ٿوري ئي دير ۾ هوٽل جو بيرو وڏي ٽري ۾ ماني کڻي آيو. اسان اها ماني ٽيبل تي رکي واپس گيلري ۾ اچي ويٺاسين.منا ٽيبل کي سرڪائي پنهنجي ويجهو ڪري رکي ۽ ٽيبل تي پيل پليٽون ۽ گلاس ترتيب سان ٺاهي رکيائين، ۽ پاڻ جوس جي گلاس ۾ تازي ليمي جو رس وجهي سرڪيون ڀري پيئڻ لڳي.اسان ڪجهه دير بلڪل ماٺ ڪري ٻاهر جي ماحول کي ڏسڻ لڳاسين.ٻاهر خاموشي لڳي پئي هئي ۽ پريان نظر ايندڙ وڏن وڻن تي روشنيءَ ۾ سندن گل ٽڙي رهيا هئا. هوا جي لڳندڙ جهوٽن تي اهي گل ڪيڏي مهل لڏي لمي رهيا هئا ته ڪيڏي مهل انهن مان سنهڙيون پنکڙيون هيٺ ڪري ٿي پيون. هتي جا گل ته پنهنجي ملڪ جي گلن جهڙا ٿين پر وڻ پنهنجي ملڪ جي وڻن کان بلڪل مختلف ٿين. جيڪي قد ۾ تمام وڏا ۽ ڏاڍا خوبصورت ٿين. پر سندن ڇانو پنهنجي بڙن، پپرن، آمرين ۽ نمن جي وڻن کان تمام ننڍي ٿئي. اسان غور سان انهن قطارن ۾ بيٺل وڻن کي ڏسي لطف اندوز ٿي رهيا هئاسين ته، منا چيو، هن ڌرتي جي گولي تي چؤطرف نظر ڦيرائجي ٿي ته دنيا ڪيڏي نه خوبصورت ۽ سهڻي آهي. جنهن ۾ هزارين قسمن جا وڻ ٽڻ، لکين قسمن جا گل ڦل پنهنجي ڳاڙهي، پيلي، سائي، هيڊي نيري ۽ اڇي رنگن ۾ ڪيڏا نه خوبصورت ٿا لڳن. جنهن کي ڏسيو انسان جو اندر ٺريو پوي.
وڻن ۽ برفن سان ڍڪيل وڏا وڏا پهاڙ جن مٿان هيٺ چشما پيا وهن جن جو پاني ڄڻ ته آب حيات آهي جن کي ڏسيو اکيون ٺري پون ٿيون. خوبصورت ڍنڍون ۽ نديون جن جي وهڻ سان موسيقي جهڙا آواز پيدا ٿين ٿا. تن ندين مٿان ڪيئن پکي پيا هر روز سهڻا ٻول ٻولين. انهن پکين جي مٺڙن آوازن ۽ جبل مٿان هيٺ ڪرندڙ پاڻي جي ڇرڇر جي آوازن منجهان ئي راڳ جو تصور ۽ راڳ تخليق ٿيو. جنهن جي مٺڙن سُرن انسان اندر اها شڪتي پيدا ڪئي، جو انسان انهن سرن تان سر ڏيندي به نه ڪيٻايو. دنيا ڪيڏي نه پراسرار ۽ اونهي آهي. پر جي اکيون پوري اندر ۾ جهاتي پائجي ته ڪابه ڳالهه ڳجهي ڪانهي.
وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولهين هوت کي،
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار،
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
”شاهه لطيف“