سفرناما

بندر مون ڏور ٿيا

عبدالحئي پليجي جو هي سفرنامو گهڻي ڀاڱي روم ۽ يورپ جي ٻين تاريخي شھرن بابت آهي، روم قديم دنيا جي هڪ وڏي بادشاهت يا اڄوڪي لفظن ۾ ان وقت جي سپرپاور ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ اڄ تائين هڪ اهم تاريخي شهر آهي. روم ڪئين ڀيرا تباهه ٿيو ۽ وري ٺهيو، هاڻي اهو جيتوڻيڪ دنيا جي سياسي ۽ فوجي طاقت جي حوالي سان نٿو سڃاتو وڃي، پر انجي تاريخي اهميت، ان جو حسن ۽ سحر اڃا تائين قائم دائم آهن. روم جي حسين وادين ۾ گهمندي ڦرندي عبدالحئي پليجي کي پنهنجا ڏک سک بہ ياد اچي وڃن ٿا.
Title Cover of book بندر مون ڏور ٿيا

10

اسان جنهن جڳهه تي ويٺل آهيون ، ات ڪابه گاڏي اسان جي نظر کان اوجهل ڪانهي، سڄي يورپ ۾ صرف فرانس ئي واحد ملڪ آهي، جنهن جي ٽرئفڪ پوليس وٽ آمريڪا وانگر هيليڪاپٽر به آهن، جيڪي موٽر ويز تي هلندڙ ٽرئفڪ کي ڪنٽرول ڪن. جيڪڏهن ڪو ايڪسيڊنٽ ٿئي ته يڪدم انهيءَ جي سار سنڀال لهن. يورپ ۾ ٽرئفڪ جو اهڙو ته جديد نظام قائم ڪيل آهي جو ايڪسيڊنٽ ٿيڻ جو ته سوال ئي ڪونه ٿئي ۽ گهڻو ڪري ويسٽ يورپ يعني اسڪاٽلينڊ کان وٺي روم تائين باءِ روڊ گهميو آهيان پر مون ڪڏهن به ڪو معمولي ايڪسيڊنٽ جو واقعو به ڪونه ڏٺو آهي.پر اها به عجيب ڳالهه آهي جو هيڏي بندوبست کان پوءِ به دنيا جا ٽي اهم ماڻهو يعني پرنس ڪريم آغا خان جو پيءُ پرنس علي، موناڪو جو بادشاھه ۽ ليڊي ڊيانا دنيا جا ٽئي مشهور ترين ماڻهو پئرس جي روڊن تي ايڪسيڊنٽ وگهي بي موت مري ويا. اسان ڪافي وقت جي مسافري کان پوءِ ليون شهر جي رستن تان ٿيندا اچي پنهنجي رهائش جي هوٽل ڪئمپانيل (Campanile) تي پهتاسين، ٿوري دير هوٽل تي آرام ڪري ٻاهر پنڌ ئي پنڌ نڪري پياسين. ڏاڍو سهڻو شهر هو. رات جي وقت ڪلين ۽ ڊسڪوز جي ڪري ڏاڍي رش هئي. اسانجو ٻي ڏيهاڙي شهر جو سٽي ٽوئر هو، تنهن ڪري مڙيئي گهمڻ جي عادت ۽ ڪجهه واڪ ڪري واپس هوٽل تي آياسين. جت ماني کائي اخبارون اٿلائي پٿلائي سمهي رهياسين. صبح جو سوير ناشتو ڪري بس ۾ شهر گهمڻ نڪري پياسين.
ليون شهر دنيا ۽ فرانس جي سهڻن شهرن مان هڪ آهي. ليون شهر فرانس جون ٽيون نمبر وڏي ۾ وڏو شهر آهي. جيڪو پئرس کان ڏکڻ اوڀر طرف 268 ميل ۽ مارسيل شهر کان اتر طرف 193 ميل پري ٻن درياهن رهونRhone ۽ سائون Saone جي ڪنارن تي آباد آهي. مٿيان ٻئي درياه هن شهر وچان لنگهن ٿا. اصل شهر جي آبادي چار لک، ۽ سندس صنعتي پسگردائي ۾ ڏهن لکن کان به وڌيڪ ماڻهو موجود آهن. هن شهر ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ڪارخانا آهن، جنهن ۾ ڪپڙي واري صنعت کي سڀ کان وڌيڪ اهميت حاصل آهي. تنهن کانپوءِ ڌاتن واري صنعت ۽ پيٽرو ڪيميڪل صنعت وڌيڪ حيثيت جون حامل آهن. ڪتابن جي اشاعت ۽ بئنڪاري پڻ هن شهر جي ملڪ ۾ اڳواڻي واري حيثيت ۾ آهي. ليون شهر سلڪ يعني ريشمي ڪپڙي جو دنيا جو وڏي ۾ وڏو مرڪز آهي. پائول بوڪيوز (Paul Bocuse) سان گڏ ملڪ جا سڀ کان وڌيڪ مهانگا ريسٽورانٽ به ليون ۽ ان جي آسپاس موجود آهن. حقيقت ۾ ليون شهر کي فرانس جي کاڌي پيتي جي گادي سڏيندا آهن.
ليون ساسيج، ڪئينلس، ٽرائيپ ليونائس ۽ بريس مرغي هتي جا بهترين ڊش آهن. ليون شهر ڪيترين ئي ڳالهين ۾ پيرس کان به وڌيڪ سٺو ۽ سستو ۽ سئولو آهي. بهترين پارڪ، عاليشان اسڪاءِ اسڪريپر، سهڻيون سائيڊ واڪ هوٽلون، عظيم ٽرئفڪ نظام، ڪمال جا ڪنسرٽ هال ۽ پرشباب رنگين راتيون، ليون شهر جون چند مکيه خاصيتون آهن. جت جوان خادم ۽ خادمائون توهانجي لاءِ هر وقت حاضر آهن.
شهر ڪيترن ئي چورس ميلن تي پکڙيل پيرس وانگر ارانڊسيمينٽن يعني وارڊن ۾ ورهايل آهي. شهر جو تاريخي مرڪزي علائقو سائون نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي مشتمل آهي. پيلس بليڪور (Place Bellecour) پوري فرانس ۾ سڀ کان وڏي ۽ سهڻي عمارت آهي، هن جي ڀرواري عمارت تي لوئيس چوڏهين جو نهايت شاندار ۽ تمام وڏو مجسمو آويزان آهي، جنهن کي گهوڙ ي تي سوار ڏيکاريل آهي.
بيليڪور پليس جي اتر ۾ ويجهو ئي هوٽل ڊي ويلي (Hotel de ville) يورپ جي سڀ کان وڌيڪ سهڻي هوٽل آهي. جيڪا بيليڪور پليس کي پڻ شهه ڏيو بيٺي آهي. هن هوٽل جي عمارت سن 1746ع جي ٺهيل آهي.
پراڻي يعني اصل ليون شهر جتي وچئين ۽ روشن خياليءَ واري دور ۾ اڏيل عمارتون ڏسڻ وٽان آهن، هتي ڪافي تعداد ۾ عمارتون پنج پنج ماڙ اوچيون ٺهيل آهن. جيڪي سندن مالڪن جي ثروت جو ثبوت پيش ڪن ٿيون. اڄڪلهه هي علائقو فيشن ايبل ماڻهن جي آماجگاهه آهي، هتي ڪيترن ئي قسمن جا ڪاريگر، سنگ تراشي، ڪوري، پينٽر، مراڙيءَ جي سامان ۽ فينسي شين جا دڪان ڪثرت سان موجود آهن.
هن علائقي جي اولهه طرف فورويئر نالي هڪڙي سرسبز ۽ نهايت پرڪيف ٽڪري موجود آهي، جنهن تي ڪيترا ئي اسڪول، ڪاليج، اسپتالون ۽ ٿيٽر قائم ڪيل آهن. هيءَ ٽڪري نهايت روح افزا نظارو پيش ڪندڙ آهي. رهون ۽ سائون ٻئي درياءِ هتان لنگهن ٿا ۽ مٿن عاليشان پليون پڻ ٺهيل آهن، هتان کان ايلپس جبلن جون برف پوش پهاڙيون نهايت دل فريب منظر پيش ڪندڙ آهن. هت باسيليڪا جي ڏکڻ طرف هڪڙي پارڪ ۾ هڪڙو رومن ٿيٽر اڏيل آهي. اها عمارت فرانس جي قديم ترين عمارتن مان هڪڙي آهي. اها سترهن کان پندرهن ق.م ڌاري بادشاهه جي دور حڪومت ۾ انهيءَ ۾ گهڻي توسيع ڪئي وئي هئي. هن ٿيٽر جو آڊيئم يعني آڊيٽوريم هال موسيقي جي محفلن لاءِ مخصوص هوندو هو. تنهن ڪري انهيءَ جي ڊيڪوريشن ۾ نهايت چمڪندڙ موزيڪ چيني چٽام ۽ سنگمرمر استعمال ٿيل آهي. هن ٿيٽر جي ڀرسان هڪڙي ٻي عمارت پڻ آهي جيڪا افزائش جي ديوي مسائبل سان منسوب آهي.
ليون شهر جون راتيون يورپي ثقافتي سرگرمين ۽ لطف اندوزين توڙي پرڪيف عالمي شهرت جو حامل آهي. هتي توهان لاءِ هر قسم جي وندر توڙي عشرت جا انيڪ موقعا ۽ وسيلا رات جي چئني پهرن دوران سدائين موجود هوندا آهن.
مثلا چارلس ڊولن روڊ تي مزاحيه توڙي سنجيده ناٽڪن لاءِ مخصوص ٿيٽر ڊيس سيليسٽين Theatre des celeslins عالمي شهرت جو مالڪ آهي. هي منظوم ناٽڪ پڻ ڏيکاريا ويندا آهن. شهر ۾ ڪئين نمائشون مبتلا ۽ انيڪ قسمن جا فيسٽيول به منعقد ٿيندا رهندا آهن، سڀ کان وڌيڪ اهميت وارو فيسٽيول موسيقيءَ بابت قومي فيسٽيول آهي، جنهن کي نيشنل ڊي آف ميوزڪ National Day of Music ڪوٺيندا آهن. اهو هر سال 21 جون ڌاري ملهائيندا آهن. هن موسيقيءَ جي جشن ۾ سڄي شهر ۾ جتي ڪٿي ڳائڻن جون ٽوليون پنهنجي پنهنجي ڌن ۾ مگن ماڻهن کي مدهوش ۽ محو ڪرڻ ۾ مشغول ۽ نهايت مصروف هوندا آهن.
شهر ۾ قديم موسيقيءَ جا جشن مهيني جي وچ کان ڊسمبر جي وچ تائين شهر جي سمورن گرجا گهرن ۾ منعقد ٿيندا رهندا آهن.
سموڪنگ ڊاگ نالي پبلڪ بار بهترين پبس Pubs مان هڪڙي آهي. جيڪا 16 ليزي روڊ تي قائم آهي. دي بيرل هائوس نالي پب سينٽ ڪيٿرين روڊ تي واقع آهي. راڪ ۽ رولرس Rock and Rollers ۾ بارلو Barlive ۽ نيور نائيٽ Navire Night مکيه بارون آهن.
پيليس موبائيل Palace Mobile نالي ڪلب ۾ وائيلڊ نائيٽ آف ڊانس جو عجيب پرفارمنس ٿيندو آهي. اهو ڪلب ريني ليناڊ روڊ تي واقع آهي.
جاز ۽ بلوز لاءِ لي هاٽ ڪلب Le Hot Club لينٽرن روڊ تي آهي. لي ۽ لئسبين ڊسڪو هتي لي لارڊ نالي ڪلب اهو پرپز سرو ڪندو آهي. 25 ڪيپيوسين روڊ تي قائم لا ويري اي سوئي La verra a soi نالي ڪلب زنانه همجنسيءَ لاءِ مخوص آهي.
اسان ليون شهر جا چڪر لڳائيندا، گهمندا ڦرندا اچي هڪ سپر اسٽور تي چڙهياسين، جتان اسان فرانسيسي ثقافت جا ڪجهه ننڍاننڍا تحفي نما ماڊل خريد ڪيا ۽ ڪجهه وويوز ڪارڊ خريد ڪيا، جن مان ڪن تي تڪڙ ۾ ٻي ٽي لفظ لکي اتي جو اتي پوسٽ ۾ روانا ڪري ڇڏيم. جنهن کان پوءِ ٿورو چڪر هڻي وڃي بس ۾ ويٺاسين. جيڪا اسانکي هاڻ فرانس جي هڪ ٻئي مشهور شهر بيون گهمائيندي. اتي ٻنپهرن جي ماني کائي پوءِ پئرس ڏانهن روانو ٿبو. جت ٻه ڏينهن ٻه راتيون گهمڻو ڦرڻو آهي. اسانجي بس ليون شهر کان موڪلائي هاڻ فرانس جي موٽر وي تي بيون شهر ڏانهن پنهنجي مقرر رفتار ۾ وڃي رهي آهي ۽ بس جا مسافر هڪٻئي سان آهستي آهستي ڳالهين ۾ مصروف آهن. فقط 212741 چورس ميل ايراضي تي فرانس کان سواءِ دنيا ۾ ڪٿي به ايتري گهڻي تعداد ۾ شهر، بندر، بازاريون، محل ماڙيون، گهر، تفريح گاهون، ڪارخانا توڙي واپاري مرڪز ڏسڻ ۾ نٿا اچن يورپ جا سمورا نامياتي توڙي غير نامياتي تعميري عناصر فرانس ۾ موجود آهن. جهڙوڪ ملڪ جي اترئين ڀاڱي واريون ميداني زرخيز زمينون، وچ فرانس ۾ لوئر وادي وارا سرسبز ٽڪرين وارا علائقا، اوڀر فرانس ۾ الپائين جبلن جون برف پوش قطارون، ڏکڻ اولهه ۾ پائرين جبلن جون اوچيون قطارون، وچ ماسف ميداني علائقا ۽ اتي موجود کاڻيون ۽ ڏکڻ اوڀر فرانس جو پر لطف رومي سمنڊ جو پرڪيف ڪنارو جيڪو دنيا ڀر جي سياحن کي چقمق وانگر پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو. مذڪورا مصالحي سان گڏ مختلف علائقن ۾ تاريخ ۽ ثقافت جو فرق پڻ موجود آهي. جيڪو هر هڪ صوبي يا ريجن کي الگ ۽ نرالو ڪري ڏيکاريو ٿو.
اهي سمورا مختلف ماڳ مڪان سفر جي مختلف وسيلن ذريعي آسانيءَ سان گهمي سگهجن ٿا. ريل گاڏيءَ وسيلي پئرس کان السيڪ تائين 4 ڪلاڪ، ايلپس جبلن تائين 5 ڪلاڪ، پائرينيز جبلن تائين7 ڪلاڪ ۽ ڪوٽ ڊي آزيور تائين 8 ڪلاڪ لڳن ٿا.
آئون به جڏهن فرانس وڃان ته ڪوشش ڪري اهي جڳهيون ڏسان جيڪي اڳ نه ڏٺل هجن، هن ڀيري، نيس موناڪو، ليون، ۽ رومي سمنڊ جو سڄو ڪنارو ڏٺم، اهو سڀ ڪجهه اڳ ڏٺل ڪونه هو. باقي پئرس ته هر دفعي ڏسون جيڪو هر ڀيري نئين ڪنوار جيان لڳندو آهي.
فرانس جو قومي ريلوي نظام NSCF دنيا جي بهترين ريل نظامن مان هڪ آهي، جنهنجي خصوصيت تيز رفتار سروس آهي. ملڪ ۾ تقريبن 44 هزار پڪا رستا آهن. جيڪي سمورا سپر روڊ آهن، ضروري ڪونهي ته هروڀرو قومي شاهراهن تي سفرڪجي ڇو ته اڪثر و بيشتر تفريح ۽ دلچسپي جا ماڳ مڪان ثانوي ننڍن رستن تي واقعي هئڻ ڪري گهڻي آمدرفت انهن رستن تي هوندي آهي.
هڪ سفر ڪندڙ سياح لاءِ سڄي فرانس جو سير ڪرڻ ناممڪن آهي، ڇو ته هر هڪ صوبو گهمڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه هفتا گهربل آهن. ايترو وقت ڪنهن به سياح کي ميسر نٿو ٿي سگهي. تنهن ڪري هرڪو پنهنجي پهچ آهر پنهنجي دلچسپيءَ موجب مکيه ماڳن جي چونڊ ڪري سير ڪري ٿو.
بيون شهر جي اچڻ کان اڳئي اسانجو گائيڊ بيون شهر جي باري ۾ ٻڌائي ۽ سمجهائي رهيو آهي ته هت هڪ ڪلاڪ بيهبو جنهن دوران توهان ڀلي شهر گهمي ڦري ۽ لنچ ڪري اچجو ته پوءِ اڳتي پئرس ڏانهن روانا ٿينداسين. بيون جيئن جيئن ويجهو ايندو وڃي تيئن تيئن اسين هيٺ لهڻ جي تياري ڪندي پنهنجي سامان کي هڪ نظر سان ٺيڪ ڏسي رهيا آهيون.
بيون Beaune برگنڊي پرڳڻي جي شراب ڪشيءَ واري علائقي جو مکيه شهر آهي.جيڪو قرون وسطيٰ جي بهترين شهرن مان هڪ آهي. جيڪو شهر پناهن يعني بچاءُ وارين ديوارن سان گهيريل آهي. اهو شهر پئرس شهر کان 196 ميل ڏکڻ اوڀر طرف ۽ ڊجان شهر کان 24 ميل ڏکڻ اولهه طرف واقع آهي. هن شهر جي تاريخ ٻه هزار سالن کان به وڌيڪ پراڻي آهي. ڪنهن زماني ۾ بيون شهر فرانس جو مقدس ماڳ ليکيو ويندو هو. بعد ۾ انهيءَ تي رومين قبضو ڪيو. چوڏهين عيسويءَ صدي تائين هي شهر برگنڊي جي ڊيوڪن جي رهائش گاهه ٿي رهيو. سن 1477ع ۾ آخري ڊيوڪ چارلس دي بولڊ جڏهن وفات ڪئي ته بادشاهه لوئيس شهر کي پنهنجي قبضي هيٺ آندو. اڄڪلهه دنيا جهان جا سياح بيون جي فني ذخائر، قديم عمارتن شراب ۽ برگنڊي جي مخصوص طعامن جي ذائقي لاءِ سدائين هتي ايندا رهندا آهن، جنهن ڪري هي شهر سدائين خوشحال رهندو اچي. هتي جي آبادي ويهه هزار کن ٿيندي.
هر سال نومبر مهيني جي آخري ڇنڇر، آچر ۽ سومر ڏينهن تي پوري دنيا جا شراب جا شوقين ۽ واپاري هتي منعقد ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري شراب جي واپار ۽ شراب نوشيءَ جي ڏڻ ۾ شرڪت لاءِ هتي اچي ڳاهٽ ٿيندا آهن، جنهن سبب ڏاڍو چهچٽو لڳو پيو هوندو آهي.
هن شراب جي ميلي کي ليس ٽروئس گلوريوسز (Les Trois Glorieuses) سڏيندا آهن. هن ميلي دوران سڄي شهر ۾ شراب جا سوين دڪان ۽ اسٽال لڳندا آهن، جتي خريدارن کي شراب مفت ۾ پياريندا آهن.
تنهنڪري سيلائين، سياحن ۽ ٻين عام ماڻهن جي تمام گهڻي پيهه لڳل هوندي آهي.اونهاري جي راتين ۾ به هتي ايتري رش ڪانه هوندي آهي. جيتري هن ميلي دوران هوندي آهي.
بيون شهر ريل رستي فرانس جي ٽن وڏن شهرن يعني ڊجان، ليون ۽ پئرس سان ڳنڍيل آهي. پئرس کان روزانه T.G.V.Train هتي اچن، ڀاڙو 46 ڊالر يا 230 فرانڪ آهي. ليون کان روزانه ڇهه گاڏيون اينديون آهن. ڀاڙو 110 فرانڪ يا 22 ڊالر آهي. ڊجان شهر کان روزانه پندرهن ريل گاڏيون پهچن ٿيون. ڀاڙو 37 فرانڪ يا ساڍا ست ڊالر آهي.
انهيءَ کانسواءِ بيون شهر چئن سپر هاءِ ويز جي جنڪشن کي تمام ويجهو آهي. انهن جا نمبر A6.A31.A36۽ N6.
بيون ۾ سير تفريح کان سواءِ گهمڻ ۽ ڏسڻ جي لائق سڀ کان وڌيڪ اهم جڳهه پندرهينءَ صديءَ ۾ تعمير ٿيل هوٽل ڊيو (Hotel Dieu) واري عمارت آهي. جيڪا دنيا جي شاهوڪار ترين مسافرخانن مان هڪڙي آهي. شراب نوشيءَ ۽ وڪري جي ٽن ڏينهن وارو ميلو هن عمارت ۾ منعقد ٿيندو آهي. هن هوٽل ڊيو واري عمارت جي اتر طرف سن 1120ع ۾ تعمير ٿيل هڪڙو چرچ آهي. جنهن جي طرز تعمير رومي آهي. هن چرچ ۾ لڳل پردن ۾ ڪجهه اهڙا به آهن جن تي بيبي مرم جي زندگيءَ جي چند واقعن بابت تصويرون چٽيل آهن. انهن تصويرن جي نمائش ايسٽر ۽ ڪرسمس جي تهوارن دوران ڪئي ويندي آهي.
برگنڊيءَ جي ڊيوڪن واري اڳوڻي رهائش گاهه ۾ هن وقت شراب ٺاهڻ جي عمل جي نمائش لڳل آهي. جنهن کي ميوزي ڊيو وائين ڊي بورگون (Muse du vin Bourgogne) سڏين ٿا. هتي برگنڊي رياست ۾ شراب سازي جي پوري ارتقا مرحليوار ترتيب سان ڏيکاري وڃي ٿي. نمائش واري جڳهه جي هڪڙي ڪمري ۾ پندرهين ۽ سورهينءَ صدي ۾ شراب ٺاهڻ لاءِ مختلف ٿانون ۽ اوزارن ۽ سامان جي نمائش لڳل آهي. شراب ڪشيءَ ۾ ڪم ايندڙ مختلف مشينون پڻ هن نمائش جي پريس هائوس Press House ۾ رکيل آهن.
بيون شهر جون مکيه بازارون لورين، اليسڪ، مائوفوڪس ۽ ميڊلين مارڪيٽ آهن.
نڪولس بولن روڊ تي شراب جو تمام وڏو ڊپارٽمينٽل اسٽور آهي. جيڪو چوڏهين صدي ۾ ٺهيل هڪڙي چرچ ۾ قائم ڪيو ويو آهي. هتي شراب جا ڪيترائي اسٽال قديم مقبرن ۾ قائم آهن، جيڪي چرچ جي هيٺان زير زمين آهن، هتي ارڙهن قسمن جو شراب ملي ٿو.
ڪاليج روڊ تي پڻ هڪڙو شاهي سيلر آهي. جنهن جو نالو ڪيوز پيٽريئرچ فلس (Caves patriarche Beret fils) آهي. هن سان گڏ هتي تيرهينءَ سورهينءَ ۽ سترهينءَ صدين جا قائم ڪيل سيلر پڻ موجود آهن. هنن سمورن اسٽورن تي ڪل تيرهن قسمن جو شراب دستياب آهي.
شهر کان ٿورو ٻاهر هڪڙي عاليشان هوٽل آهي، جنهن جو نالو هاسٽلري ڊي ليور نوئس (Hostellerie de lever nois) آهي. هتي طعام ۽ قيام جو نهايت اعليٰ انتظام آهي.
بيون شهر جون راتيون پڻ عجيب آهن، هتي ڪيترائي ڪلب موجود آهن، جن ۾ ڊسڪو، جاز، راڪ ۽ اوپيرا ڪلب شامل آهن. انهن مکيه هيٺيان آهن:
1- ڪاٽن بار (Cotton Bar)
2- وائي ناٽ (Why not)
3- اوپيرا نائيٽ (Opera Night)

اسان بس مان لهڻ شرط لي ڪيپ Le-Cap نالي هڪ ريسٽورانٽ تي ماني کاڌي. ڪافي مهانگي هوٽل هئي. ماني به صرف ون ڊش لنچ هئي. پر فرانس ۽ جپان دنيا ۾ مهانگي ۾ مهانگا ملڪ آهن. جت ڪجهه کائڻ ۽ وٺڻ تي دل ئي نه چوي، پر سنڌي چواڻي ته بک بري بلا آهي، سو ڪجهه ته پيٽ ۾ وجهڻو آهي. رات ۽ صبح جي ماني ته ٽوئر وارن تي هوندي آهي. سو مفت جو مال هئڻ ڪري اسان ڪڏهن به کائڻ ۾ ڪا گهٽتائي ڪانه ڪندا آهيون. پر تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن لنچ جي ضرورت محسوس ڪندا هئاسين. سو پنهنجي ڊاڪٽر جي قول مطابق ته پليجا صاحب گهڻي کائڻ کان وڌيڪ صفا پيٽ خالي هئڻ صحت لاءِ خراب آهي. ڇو ته ائين ڪرڻ سان هڪ ته ڪمزوري وڌي ٿي ٻيو ته پيٽ ۾ السر ٿيڻ جا تمام گهڻا امڪان آهن. سو ڪوشش ڪري ڪڏهن به پيٽ کي خالي نه رکجي. پر بک کانسواءِ به کائڻ نه گهرجي. سو ون ڊش ۾ اسان به رڳو کائڻ جي رسم پوري ڪري بل ڏيئي هوٽل کان نڪتاسين. بس اچڻ کي اڃان ڪافي دير هئي سو بيون شهر جي بازارن مان سنهي ٿلهي شاپنگ ڪندا، فوٽ پاٿن تان هلندا هلندا وڃي بس اچڻ جي جڳهه کي ويجهو هڪ خوبصورت پارڪ ۾ ويٺاسين، جتي ڪيترائي سياح پنهنجن ٻارن سان گڏ ڪي کاڌو کائي رهيا هئا ته ڪي رانديون کيڏي رهيا هئا. پر مجال آهي، جي ڪو ٻار هڪ به گل انهن سهڻن گلن مان پٽي يا انهن سان هٿ چراند ڪري. وڏو عاليشان پارڪ جنهن جي چوطرف وڏا گل انهن جي هيٺان ننڍا ٻوٽا جنهن ۾ اڇا، هيڊا ۽ ڳاڙها گل ڄڻ ته ماڻهو کي ڏسيو پيا ٽڙن ۽ لڏن لمن. وچ ۾ اهڙي ترتيب سان ڇٻر پوکيل جو هوبهو فرانس جو نقشو ۽ انهيءَ نقشي ۾ ندين جي ليڪي جي جڳهه تي هيڊن گلن جي سنهي پٽي جيڪا انهن ندين جي نشاندهي ڪري رهي آهي. هي ڇٻر سان ٺهيل نقشو ايڏو ته خوبصورت آهي. جو سڀ سياح پيا انهيءَ جا فوٽا ڪڍن ۽ فلمون ڀرائين. پارڪ جي ڪنڊن ۾ ننڍا ننڍا سهڻا ڦوهارا جيڪي ابتا سبتا ائين پيا ڦرن ڄڻ ته اسانکي پيا ٻڌائين ته اسان به هت راند ڪري رهيا آهيون. وچ ۾ ڀڳل ٽٽل پٿرن سان ٺهيل ننڍا ننڍا پيچرا جنهن تي ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي آهي. پري پهاڙي تي هڪ سهڻو پٿرن سان ٺهيل محل نما گهر ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيو آهي. جنهن کان هيٺ ايندي ٽرئفڪ ڏاڍي دلچسپ لڳي رهي آهي. اسان انهن حسين نظارن مان لطف اندوز ٿي رهيا آهيون. نور ڀرسان چار پيپسيءَ جا ٽن وٺي آيو. جيڪي اسان پيتا. پيپسي پيئڻ کان پوءِ ڏاڍو فريش ٿي ويا سين. منا ٻه ٽي ٽشو پيپر ڪڍي مونکي ڏنا ۽ چيائين ته وارن کي صاف ڪري ڇڏيو. شايد گلن جو ٻور وارن ۾ پئجي ويو آهي. هن سندس پرس مان مونکي ٻه ٽي پستا ڪڍي کائڻ لاءِ ڏنا. نور ۽ ونود پارڪ ۾ نيپولين جي مجسمي هيٺان فوٽو ڪڍي رهيا آهن. نيپولين فرانس جي هڪ سحر انگيز شخصيت هو.
نيپولين بونا پارٽ جو عروج ۽ زوال تاريخ جي وڏن ۽ ڊرامائي واقعن مان هڪ ليکجي ٿو. ويهن سالن جي مختصر عرصي ۾ ڪاريسڪا جي فوج جو هي آفيسر نه صرف فرانس جو شهنشاهه بڻجي ويو پر گهڻو ڪري سڄو يورپ به سندس هٿ هيٺ اچي ويو. ايڏي عروج ماڻڻ کان پوءِ جڏهن زوال آيس ته تڏهن سندس حياتيءَ جي پڄاڻي ڏکڻ ائٽلانٽڪ جي هڪ ڏورانهين ٻيٽ ۾ ٿي ۽ سنس جبر توڙي سياسي ۽ فوجي ادارا سندس وڏ خيالاءِ جي مقابلي ۾ اڻپورا ثابت ٿيا.
نيپولين کي يقين هو ته يورپ کي متحد ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو هو. جنهن ڪري هن 1804ع ۾ پاڻ کي فرانس جو شهنشاهه مقرر ڪيو ۽ ٻين ملڪن کي فتح ڪرڻ وارو پروگرام جاري رکيائين. ”مان ڪنهن کي به هاڃو رسائڻ نٿو چاهيان.“ هن هڪ ڀيري پنهنجا خيال ظاهر ڪندي چيو هو، ”پر جيئن ته منهنجي پاليسيءَ واري وڏي ڪار پنهنجو سفر پورو ڪري چڪي آهي، تنهن ڪري اها ضرور پنهنجو سفر جاري رکندي ۽ انهن ماڻهن تي مصيبت ٿي ڪڙڪندي جيڪي سندس ڦيٿن هيٺان اچي ويندا.“
هن بلقان جي ملڪن کانسواءِ ٻيو سمورو يورپ کنڊ فتح ڪري ڇڏيو هو. فرانسيسي شهنشاهيت جي چوڌاري اهي زيردست رياستون پکڙيل هيون، جن مان گهڻين تي نيپولين جا مائٽ راڄ ڪري رهيا هئا. انهن کان پريان آسٽريا، پرشيا ۽ رشيا جهڙا ملڪ هئا. جن عارضي طرح ساڻس ڪونه ڪوٺاهه ڪري پنهنجي جند ڇڏائي ورتي هئي.
پر اڃا گريٽ برٽن جهڙو هوڏي دشمن باقي بچيل هو. نيپولين جو منڍ ۾ ئي گريٽ کي فتح ڪرڻ جو ارادو هو. انهيءَ لاءِ کيس طاقتور برطانوي بحري ٻيڙي کي دلبو ڏيئي پنهنجي ساحل کان پري رکڻو هو. پر سندس اها حڪمت عملي ناڪام ٿي. نيلسن فرينچ بحري ٻيڙي کي رافالگر وٽ شڪست ڏيئي فرانسيسي ڪاهه جو خطرو ٽاري ڇڏيو. انهيءَ کان پوءِ نيپولين برطانيه خلاف اقتصادي جنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن پنهنجي ڪانٽينينٽل سرشتي کان ڪم وٺندي 1806ع ۾ سرشتي ۾ شامل يورپ کنڊ کي برطانوي مال گهرائڻ کان جهلي ڇڏيو. انهيءَ ۾ کيس ڪاميابي نه ٿي. برطانيه خوشحال ٿيندو ويو ۽ نيپولين جي قانون جي پڌري ڀڃڪڙي ٿيندي رهي ۽ مٿس چٿرون ٿيڻ لڳيون. روس، فرانسيسي، روسي معاهدي مان مايوس ٿي، جڏهن ڪانٽينينٽل سرشتي مان نڪري ويو. تڏهن نيپولين کيس سيکت ڏيڻ خاطر هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي فوج کي اوڀر طرف وڌڻ جو حڪم ڏنو. 1812ع واري روسي مهم تباهي سان پوري ٿي. نيپولين جي فوج روس جي سخت سياري جي سٽ نه سهي سگهي ۽ ڀاڄ کائيندي ٿڌ ۾ بک وگهي مري وئي. روس ۾ گهڙڻ وقت فرانسيسي فوج جو انگ 611000 هو پر انهن مان صرف ٻه لک ماڻهو پنهنجي تباهيءَ جو داستان ٻڌائڻ لاءِ جيئرا موٽي سگهيا هئا.
نيپولين جو ڀاري پتلو هاڻي ايترو ته نازڪ ٿي ويو جو کيس ڌڪ هڻڻ سولو ٿي پيو هو. يورپ جون ٻيون طاقتون هن جي خلاف گڏ ٿي ويون نيپولين جنگ جي ٿڪل ٽٽل فرانسسين مان ٻي فوج ٺاهي ورتي ۽ لڳاتار وڙهندو رهيو. پر مارچ 1814ع ۾ اتحادي فوجون پئرس پهچي ويون. نيپولين کي زوريءَ تخت تان لاٿو ويو ۽ کيس جلاوطن ڪري ڀونوچ سمنڊ جي ايلبا نالي ٻيٽ ڏانهن موڪليو ويو.
ٻئي سال جڏهن اتحادي اڃا يورپ جي نئين سر اڏاوت ۾ لڳا پيا هئا. تڏهن نيپولين ايلبا مان ڀڄي اچي فرانس ۾ پهتو. جتي ڏٺائين ته ماڻهو بحال ٿيل بوريون بادشاهت مان خوش نه هئا ۽ وري شهنشاهيت قائم ڪرڻ لاءِ سندس مدد ڪرڻ لاءِ تيار هئا. هن حڪومت ۽ فوج جون واڳون سنڀاليندي بيلجيم تي ڪاهه ڪئي پر اتحادي فوجن برطانوي ڊيوڪ آف ويلنگٽن جي اڳواڻي هيٺ کيس واٽرلوءَ جي يادگار جنگ ۾ شڪست ڏني.
نيپولين کي وري جلاوطن ڪيو ويو. هن دفعي سندس جلاوطني دائمي ثابت ٿي. انگريزن کيس سينٽ هيلينا نالي هڪڙي ننڍڙي ٻيٽ ۾ موڪلي ڇڏيو. جتي هن پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڇهه سال باغباني ڪندي ۽ پنهنجي آتم ڪهاڻي لکرائيندي گذاريا.
اسان جي بس پري کان نظر اچي رهي آهي، جيڪا اسان طرف اچي رهي آهي، ويٺي ويٺي ايترو سارو وقت گذري ويو. خبر ئي ڪانه پئي. وقت اڏوهي جيان زندگي کايو وڃي. خبر ئي ڪانه ٿي پئي. ماڻهو کن پل ۾ وڃيو قبر ڀيڙو ٿئي. بس پارڪ ٻاهران بس اسٽينڊ تي اچي بيٺي. اسان اٿي بس ڏانهن ٿا وڃون. جيڪا اسانجي انتظار ۾ بيٺل آهي، اسانجو گائيڊ هيٺ لهي بس جي دروازي تي ٿي بيٺو آهي ۽ هڪ هڪ سياح کي هٿ مان وٺي بس ۾ چاڙهي رهيو آهي پر جڏهن منا جي بس ۾ چڙهڻ جو وارو اچي ته پاڻ انهيءَ ڏانهن هٿ نه وڌائي ڇو ته اها ساڻس هٿ پهرئين ڏينهن کان وٺي نه پئي ملائي سو پاڻ به هاڻ هري ويو آهي. اسان بس ۾ چڙهياسين ته بس ۾ ڌيمو ميوزڪ هلي رهيو آهي. اسان سيٽن تي ويٺاسين ته بس هلڻ لڳي ۽ بيون جي شهر جي گهٽين ۽ چوڪن تان ڦرندي ڦرندي ٿوريءَ دير ۾ هڪ وڏي چوواٽي تان ڦيرو کائيندي پنهنجي اڳئين منزل يعني پئرس ويندڙ موٽر وي تي اچي چڙهي. جت روڊ مٿان هڪ وڏي لوهي بورڊ تي لکيل هو ته پئرس 193 ڪلوميٽر آهي ۽ اسان انتظار جون گهڙيون ڳڻڻ لڳاسين ته پئرس ڪڏهن ٿا پهچون، جت اسان جي گهمڻ لاءِ ڏاڍا رنگ برنگي پروگرام هئا. جيڪي سڄي واٽ اسان کي اسانجو گائيڊ وقفي وقفي ٻڌائيندو هليو. ٽوئر پروگرام سان گڏ اسان وٽ آپشنل پروگرام به پئرس لاءِ هئا ته پنهنجي ليکي به اسان وٽ ڪئين پروگرام هئا جن ۾ مک پروگرام يورو ڊزني گهمڻ هو، جيڪو جڏهن آئون اڳ پئرس ويو هوس تڏهن اڃا شروع ڪونه ٿيو هو. پر هينئر يورو ڊزني شروع ٿي چڪو آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ سڄي يورپ مان سياح پئرس اچن. پئرس ته سڄو هونئن به سونهن ٿيو پيو آهي. پر تڏهن به پئرس جون جڳ مشهور جڳهيون سڄي دنيا کي آڻيو هت پهچائين. جنهن ۾ لوور ميوزم جيڪو سڄي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو عجائب خانو آهي.
ناٽرڊيم گرجا
هوٽل ڪنڪارڊ محل
ايفل ٽاور
يورو ڊزني
ورسيلس
شانزلي زي جي شاهراهه يا بازار جنهن جهڙي بازار سڄي دنيا ۾ ڪانه هوندي پر ڏينهن جو ۽ رات جو لاس ويگاس جي بازارن جو ٻيو رنگ آهي. پئرس جي سڄي شهر کي اڄ به خوشبوئن سان ڌوئن. اها چوڻي نه پر حقيقت آهي، جنهن کي مون پنهنجي اکين سان هڪ نه پر ڪافي ڀيرا ڏٺو آهي. اهي سڀئي خيال پچائيندا پچائيندا اچي پئرس جي ويجهو پهتا آهيون.
پئرس شهر حيرت جي حد تائين ڳتيل آهي. شهر جي پکيڙ 432 چورس ميل ۽ منجهس هڪ ڪروڙ کان به وڌيڪ ماڻهن جي رهائش آهي.
سين Scine ندي شهر کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي ٿي. هڪڙو ساڄو يعني اتر پئرس ۽ ٻيو کاٻو يعني ڏکڻ پئرس شهر جي ٻنهي ڀاڱن کي ملائڻ لاءِ ڪل ٻٽيهه پليون جوڙيل آهن، سين نديءَ جي شهر مان لنگهندڙ حصي ۾ ندي جي وهڪري يعني وچ ۾ ٻه ننڍا ٻيٽ آهن، هڪڙو آئل ڊي لا سائيٽ IIe de la site جتي ناٽرڊيم ڪيٿڊرل آهي، جيڪو شهر جو قديم ترين سرحد آهي ۽ ٻيو آئل سينٽ لوئس IIe St: Louis جنهن ۾ سترهين صدي ۾ ٺهيل عظيم عمارتون آهن. نئون ماڻهو درياءَ پار ڪرڻ لاءِ هڪ ڪناري کان پل وسيلي انهن ٻيٽارين تي پڄڻ سان حيران ٿيو وڃي. ته مار! آئون ته اڃا نديءَ جي وچ ۾ ڦاٿل آهيان.
1860ع ۽ 1870ع جي وچ ۾ شهر جو ميئر بادشاهه نيپولين III- جي حڪم موجب شھر ۾ ڪيترائي سهڻا شاهي رستا تعمير ڪرايا جن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا وڻ ۽ ٻوٽا پوکيل هئا. اهڙي طرح شهر جو ڏيک هميشه لاءِ تمام سهڻو ٿي پيو. انهي شاهراهن مان ڪجهه هيٺيان آهن.
1- سينٽ مچل وارو بوليوارڊ
2- سينٽ جرمين بوليوارڊ
3- هائوسمان بوليوارڊ
4- سيباسٽوپول بوليوارڊ
5- ميگينٽا بوليوارڊ
6- والٽيئر بوليوارڊ
7- اسٽرابوگ بوليوارڊ وغيره
سين نديءَ جي ساڄي ڪپ تي شهر جي اترئين ڀاڱي ۾ سڀ کان وڏو رستو Avenue des champs elysees جنهن کي شانزلي زي به چوندا آهن، جيڪا آرڪ ڊي ٽريئومف Arc de Triomph يعني فتح چڪر کان شروع ٿئي ٿي ۽ پليس ڊي لاڪنڪورڊ Place de La Concorde ڏانهن وڃي ٿي.
هائوسمان اوينيو ڊي لا اوپيرا ۽ ٻيا به ٻارهن اوينيو تعمير ڪرايا هئا. جيڪا فتح چڪر وٽان ستاري وانگر پکڙيل هئا. انهيءَ ڪري انهيءَ هنڌ جو نالو پليس ڊي لا ايٽوائيل يعني ستارا چوڪ رکيو ويو. صدر ڊيگال جي وفات کانپوءِ انهيءَ جو نالو ڦيرائي چارلس ڊيگال چوڪ رکيو ويو. ميئر بيرن هائوس مان شهر جي اولين ماڳ سين واري ٻيٽاريءَ ۾ وچئين دور واريون عمارتون ڊهرائي هن ٻيٽاري کي ناٽرڊيم ڪيٿڊرل شوڪيس وانگر سينگار سان تعمير ڪرايو. آخر ۾ هن شهر جي اولهه ۽ ڏکڻ اوڀر دنگ تي ٻه شاهي باغيچا پوکايا.
پئرس شهر 20 ويهن ميونسپل وارڊن ۾ ورهايل آهي. جن کي ارانڊ سمينٽ Arrondissement چئبو آهي. هر هڪ ارانڊسمينٽ کي پنهنجو آزاد ميئر هوندو آهي. تنهن کانسواءِ انهيءَ ۾ هڪ مرڪزي پوسٽ آفيس، پوليس اسٽيشن ۽ سٽي هال هوندو آهي. شهر جا اڪثر نقشا ارانڊسمينٽ موجب ورهايل ۽ ٺهيل آهن. شهر جي سمورين ايڊرسن ۽ ارانڊ سيمنٽ جو نمبر پڻ شامل هوندو آهي. جيڪو رومي يا عربي انگن ۾ لکيل هوندو آهي ۽ ان سان گڏ e يا er حرف لکيل هوندا آهن، جڳهين جا نمبر ندي جي وهڪري موجب اوڀر کان اولهه ڏانهن لکيل آهن.
اسانکي گائيڊ ٻڌايو ته هينئر شهر ۾ تمام گهڻي ٽرئفڪ هوندي تنهنڪري پاڻ ڪوشش ڪري اهڙن رستن تان ٿا هلون جئين جلد هلي پنهنجي رهائش جي هوٽل تي پهچون. اسان پئرس جي سهڻن رستن تان ٿيندا اچي پنهنجي هوٽل جي اڳيان بس تان هيٺ لٿاسين. هوٽل جو نالو اپوگيا اوري (Apogia Ivery) هو. هوٽل تمام وڏي ۽ تمام خوبصورت هئي. هوٽل جي ٻاهران ٻيون به ڪيتريون ئي ٽوئرسٽ بسون بيٺيون هيون. ان کانسواءِ هوٽل بيسمينٽ Basement ۾ ويهارو کن بسن جي بيهڻ جي گنجائش هئي.
اسان هوٽل رسيپشن تي پهتاسين ته اسانجي گائيڊ هر هڪ جو نالو وٺي پوءِ ٿي چاٻي ڏني. هاڻ اسان به انهن چاٻين جي ڪرشمن کان واقف ٿي ويا هئاسين، سو چاٻيون وٺندي وڃي پنهنجي ڪمرن تي پهتاسين.