حبيب سنائي

مشھور اديب ۽ ڪهاڻيڪار حبيب سنائيءَ جو پورو نالو محمد حبيب ميمڻ آهي، هن 28 جون 1965ع تي هالن پراڻن، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. ايم. اي جنرل هسٽري، ايم. اي. اڪنامڪس ۽ ڪمپيوٽر سائنس ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما آهي. حبيب سنائي عملي زندگيءَ جي شروعات، گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن اينڊ ڪمرشل پرئڪٽسز هالا ۾ انسٽرڪٽر طور ڪئي. هي اديب ۽ ڪهاڻيڪار سان گڏ ترجمي نگار ۽ مضمون نگار بہ آهي. سندس تحريرون سنڌ جي مختلف اخبارن، علمي ۽ ادبي رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن. 

ڇپيل ڪتاب:
1. هالا جا رنگ هزار 2009
2. اچو تہ ڪمپيوٽر ٽائپنگ سکون 2007
3. اچو تہ ڪمپيوٽر هلائڻ سکون 2008
4. ھالا ڪنڊي کان ھالاپراڻا تائين 2017
5. Let’s Learn English Grammar, 2022
6. پٽمئن انگلش شارٽ هئنڊ (ترجمو)
7. ائنيمل فارم (ناول) (ترجمو)
8. ڊريڪولا (اختصاري ناول) (ترجمو)
9. عالمي ادب جا اولڙا
10. خوشدل شھزادو ۽ ٻيون آکاڻيون. 

اڻ ڇپيل يا تياري ھيٺ

1. نوجوانن جو پنھنجي سنڌ ۾ ايمان (ڊاڪٽر محڪري، ڊاڪٽر اختر حميد خان، ڊاڪٽر فيروز ۽ علي اصغر انجنئر جا مضمون)
2. عرب دور ۽ چچ نامو ھڪ مطالعو ( لکڻين جو مجموعو) ترجمو ۽ ترتيب
3. مخدوم عبدالرئوف ڀٽي جا مولود از مخدوم صالح ڀٽي (نئين ايڊيشن جي ايڊيٽنگ) 
4. ڪيڏارو از مخدوم محمد صالح ڀٽي ( نئين ايڊيشن جي ايڊيٽنگ)

متفرق

• ان کان علاوہ پنجاھ کن مضمون ۽ ڪالم اصلوڪا توڙي ترجما ڪيل

سنڌي مان انگريزي ۾ ترجما

جان خاصخيلي جون ٽي ڪهاڻيون، شيخ اياز، حسن درس، مصطفيٰ ارباب، ادل سومرو، شاھ محمد پيرزادو، امر اقبال، انور ابڙو ۽ جان خاصخيلي جي سنڌي شاعري جو ترجمو. 

  • جنم: 1965-06-28
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image
book image
book image
book image
book image
book image