هالا جا رنگ هزار, ليکڪ : حبيب سنائي

هالا جا رنگ هزار

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : هالا جا رنگ هزار
ليکڪ : حبيب سنائي
ڪيٽيگري : مختلف موضوع
ڇپيندڙ : سنڌي ادبي بورڊ
شايع ٿيڻ جو سال : 2008
شامل ڪيو ويو : 2016-09-06
ڏِٺو ويو : 8639 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 986 ڀيرا
هي ڪتاب ”هالا جا رنگ هزار“ هالا متعلق مختلف ليکڪن جي خوبصورت لکڻين جو مجموعو آهي۔ جنهن جو سهيڙيندڙ محترم محمد حبيب سنائي آهي۔ هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ذوالفقار علي ابڙو ۽ برڪت علي شيخ ڪئي آهي۔ جڏهن ته وائس آف سنڌ پاران اِي بوڪ جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايو ويو آهي۔
هالا هڪ قديم وسندي آهي. انجي حوالي سان ڪافي مواد ڪافي ڪتابن ۾ ٽڙيو پکڙيو پيو آهي. مون ڪوشش ڪري اهم تاريخي ڪتابن مان هالا جي حوالي سان مواد هن مجموعي ۾ شامل ڪيو آهي، ته جيئن مستقبل جي مؤرخ توڙي عام پڙهندڙ کي ڪافي سارو مواد هڪ جاءِ تي ملي پوي. اميد اٿم ته هيءُ ڪتاب اڳتي هلي بنيادي ماخذ يا سورس مٽيرل طور ڪم ايندو. اوهان کي ڪن هنڌن تي ورجايل ڳالهيون به ملنديون. اصل ۾ اسان نامور ڪتابن تان مواد جيئن جو تيئن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهنڪري ڪن شخصيتن جي ذڪر ۾ ورجاءُ ٿي ويو آهي. اميد ته فاضل پڙهندڙ انهيءَ سهو کي معاف فرمائيندا.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري مختلف موضوع مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ