مختلف موضوع

هالا جا رنگ هزار

هي ڪتاب ”هالا جا رنگ هزار“ هالا متعلق مختلف ليکڪن جي خوبصورت لکڻين جو مجموعو آهي۔ جنهن جو سهيڙيندڙ محترم محمد حبيب سنائي آهي۔ هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ذوالفقار علي ابڙو ۽ برڪت علي شيخ ڪئي آهي۔ جڏهن ته وائس آف سنڌ پاران اِي بوڪ جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايو ويو آهي۔
هالا هڪ قديم وسندي آهي. انجي حوالي سان ڪافي مواد ڪافي ڪتابن ۾ ٽڙيو پکڙيو پيو آهي. مون ڪوشش ڪري اهم تاريخي ڪتابن مان هالا جي حوالي سان مواد هن مجموعي ۾ شامل ڪيو آهي، ته جيئن مستقبل جي مؤرخ توڙي عام پڙهندڙ کي ڪافي سارو مواد هڪ جاءِ تي ملي پوي. اميد اٿم ته هيءُ ڪتاب اڳتي هلي بنيادي ماخذ يا سورس مٽيرل طور ڪم ايندو. اوهان کي ڪن هنڌن تي ورجايل ڳالهيون به ملنديون. اصل ۾ اسان نامور ڪتابن تان مواد جيئن جو تيئن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهنڪري ڪن شخصيتن جي ذڪر ۾ ورجاءُ ٿي ويو آهي. اميد ته فاضل پڙهندڙ انهيءَ سهو کي معاف فرمائيندا.
  • 4.5/5.0
  • 6503
  • 792
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حبيب سنائي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هالا جا رنگ هزار

سکر سي ئي ڏينهن : محمد اسماعيل عرساڻي

يارهين وارو مهينو، ربيع الآخر کي چئبو آهي، تنهن ۾ هالن پراڻن ۾ ميلو لڳندو هو. مائٽ پنهنجي ٻارڙن کي اُهي ميلا گھمائڻ وٺي ويندا هئا... ماڻهو جڏهن قبرستان وٽ پهچندا هئا ته عقيدت مند وچان اُٺ توڙي ڪنهن سواريءَ تان لهي پوندا هئا، ۽ ٿورو اُتي ترسي ختمه بخشيندا هئا... ماڻهو يارهين يا خاص مهيني محرم ۽ رمضان ۾ قبرستان ۾ به ويندا هئا ۽ پنهنجي بزرگن جي قبرن تي گلن جون چادرون چاڙهيندا هئا. اگر بتيون ٻاريندا هئا. پاڻيءَ جي ڇڻڪار ڪندا هئا ۽ ڪڪريون يا پٿريون کڻي رکندا هئا.
ٻيلن ڀرسان رهندڙ قبيلا توڙي ماڻهو ٻيلي ۾ مال چاري ان تي گذران ڪندا هئا... سنڌي ماڻهو، سيد يا عرب جي موجودگيءَ کي پنهنجي لاءِ برڪت جو باعث سمجھندا هئا. عرب پار جي ڪانگل جي عزت ڪرڻ سعادت سمجھندا هئا.... پڙهيل ماڻهن کي اڻ پڙهيلن يا عام ماڻهن وٽ سڪون محسوس ڪونه ٿيندو هو.... اڳي رواج هوندو هو ته جيڪو پٽ يا اولاد ربيع الاول يعني عرس جي مهيني ۾ ڄمندو هو، تنهنجو نالو عرس رکبو هو يا کيس عرس سڏيو ويندو هو.... ماڻهو نياڻيءَ جي ڏاج ۾ حال سارو ڏيج ڏيندا هئا ۽ ورلي ورثي ۾ ملڪيت جايون به ڏيندا هئا. ڪارڙا ميمڻ جيڪي ميرن جي زماني ۾ فوجي هوندا هئا، تن کي زمينون پڻ مليل هيون .... تعليم ابتدائي طور قرآن شريف، سنڌي ۽ ٿورڙي فارسي ڏني ويندي هئي.
هالا نون جون سوسيون، گربيون ۽ ٻيو چيڪ جو اُڻيل ڪپڙو جو عام طرح حيدرآباد جا عامل، ديوان ۽ ٻيا پائيندا هئا. هندو پتلون ۽ پاجامن لاءِ ڪم آڻيندا هئا. گڏو گڏ ڇريل چانديون، اجرڪ، بافتو ۽ ململ وغيره پائيندا هئا..... تڏهن هالن ۾ ريل ڪانه هئي. حيدرآباد اچڻ لاءِ ٽي اسٽيشنون هونديون هيون. شهدادپور، ٽنڊوآدم، ۽ اڏيرو لال .... هالن جا واپاري حيدرآباد ۾ سوسيون،گربيون ۽ چيڪ نيڪال ڪري اُتان بافتو ململ وغيره خريد ڪندا هئا .... تڏهن ڪميٽي امتحان ڏيڻو پوندو هو، جنهنکي پوءِ فائنل چيو ويندو هو. جڏهن حيدرآباد ۾ تپيداري اسڪول نه هوندو هو، تڏهن سڌو سنئون سفارش تي تپيداري نوڪري ملي ويندي هئي.
رواج موجب شاديون بدي تي ٿينديون هيون .... اسان جي چاچي جي جيڪا ڄڃ هالن کان شهدادپور اسٽيشن تي آئي، تنهن ۾ پندرنهن کان ويهه ڪجاوا ۽ ٻيا مهيري اُٺ قطاريل هئا. تنهن زماني ۾ حيدرآباد شهر مان شادي ڪرڻ وڏي ڳالهه سمجھيو ويندو هو ..... جڏهن پهريون پُٽُ ٿيندو هو ته شُڪراني جا شاديانا ڪيا ويندا هئا. مهمانن کي دعوت ڏيئي گھرائي ماني کارائي ويندي هئي. ناچڻيون گھرائي مٿن گھور ڪئي ويندي هئي.
هاڻوڪي نور محمد اسڪول، کي تنهن وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول چيو ويندو هو ...... چوٿين درجي ۾ پهريون نمبر پاس ٿيڻ تي سرڪاري اسڪالر شپ ملندي هئي. ايستائين بي.اي تائين اسڪالر شپ پڻ ملندي هئي .... تنهن دور ۾ ڪمشنر جا درٻار به ٿيندا هئا، جيڪو هڪ وڏو اعزاز سمجھيو ويندو هو .... فارسيءَ جو به گھڻو واهپو هو ۽ ماڻهو ديوان حافظ گھڻو پڙهندا هئا ..... وڏا جاگيردار، خاص ماڻهن کي زمين بنا ڍل به ڏيندا هئا.
هالا شهر ويجھو علي گنج يا پاهڙ واهه هوندو هو. جتي گھاٽ تي غسل لاءِ مرد توڙي عورتن لاءِ چاڙهيون ٺهيل هونديون هيون. جتي عام ماڻهو وهنجندا به هئا ته ڪپڙا لٽا به ڌوئندا هئا. ننڍي وهيءَ وارا ڇوڪرا ۽ جوان پاڻيءَ ۾ ترندا ۽ ڏاهيءَ راند ڪندا هئا.
زمين تي نار چاڙهيا ويندا هئا، جن جا پڙوها پڪين سرن سان اوساري ٿيل هوندا هئا. انهن نارن تي انبن جا ڪجھ وڻ ۽ گيدڙيون بيٺل هونديون هيون. اسان وٽ اُٺ، ڏاند، ڳئون، مينهون ۽ هرڻين جھڙيون بريون ٻڪريون ۽ ٻيو مال گھڻو هوندو هو. جن لاءِ مستقل طور ڪِڙَ ۽ مَنَهن ٺهيل هوندا هئا ۽ هر هڪ لاءِ نگران خدمتگار هوندا هئا. ڍورن جي ڏاري ۽ چاري لاءِ جدا جدا آهرا هوندا هئا، جن ۾ وڏا ڪونار پڪيءَ طرح بند ٿيل هوندا هئا. گھٽ ۾ گھٽ اٺ، ڏهه وڏا مٽ زمين ۾ کُتل هوندا هئا، جن ۾ کڙ پسايو ويندو هو ۽ مٽرن جي ڏاري ۽ ڪَڪڙن پُسائڻ لاءِ وڏا ڀاري ٺڪر جا ڪونار هوندا هئا، جن ۾ ڇاڻ ۽ چونو ۽ ڪَڪڙن سان گڏ ڏارو پسايو ويندو هو ... ٻه همراهه ته رڳو مال جي ڪُتر لاءِ مقرر هوندا هئا. تنهن وقت اڃا ڪُتر جون هٿ واريون مشينون رائج نه ٿيون هيون. تنهنڪري ڪُتر جا، مڻين منهن لڳندي هئي.
ڏاندن لاءِ ٻاجھريءَ جي اٽي جا ٿلها روٽ اڌ ڪَچا اڌ پڪا پچايا ويندا هئا، جن ۾ آڱرين سان سوراخ ڪري ڄانڀي جو تيل وڌو ويندو هو. ٻئي پاسي ٻٻرن جا چيچڪا ۽ پلڙا، جيڪا پڻ مال لاءِ هڪ طاقتمند خوراڪ سمجھي ويندي هئي، سا هميشه موجود رکي ويندي هئي. ڇَنن ۽ مَنهنِ سان لڳ هڪ لانڍي ٺهيل هوندي هئي جيڪا اوطاق طور ڪم آندي ويندي هئي ۽ ان کي هڪ ڏاڪائون در هو. اندر هڪ طرف ٻه ٽي منجا ۽ پنج ڇهه مَنجيون پيل هونديون هيون ته ٻئي پاسي مٽرن جي ڏاري بوسي ۽ ڪڪڙن جون ڳوڻيون حفاظت سان رکيل هونديون هيون ۽ کڙ جون ناريون هڪ ٻئي مٿان مناري جيان اونڌيون رکيل ڏسڻ ۾ اينديون هيون. آئي وئي يار سنگتيءَ سان ڪچهري اتي ٿيندي هئي ۽ مانيءَ ٽڪيءَ جي آڌر ڀاءُ ۽ آرام لاءِ اهائي هوادار لانڍي هئي، جيڪا هاڻوڪي بنگلن کان به وڌ رونق بخشيندڙ هئي.
ماهئي مال لاءِ هڪ سان، ڳائي مال لاءِ سان ڍڳو ۽ اوٺي مال لاءِ چانگو ۽ گھوڙين لاءِ هڪ مڪڙو گھوڙو به رکبو هو. امير ماڻهن وٽ چڙهي لاءِ گهوڙا هوندا هئا. تپيدارن وٽ گھوڙا هوندا هئا ..... جڏهن ته مخدوم صاحبن کان هڪ گھوڙو خليفن کي مليل هوندو هو..... هر هڪ جانور لاءِ جدا جدا ڪُڙهيون ٺهيل هونديون هيون. گھوڙن ۽ گھوڙين لاءِ هڪ هاري سيس طور مقرر ٿيل هوندو هو، جيڪو پهريداريءَ جو فرض به بجا آڻيندو هو. گڏو گڏ بابا سائين، مخدوم صاحب جن کان هميشه ٻه شڪاري ڪتا، جيڪي سندن لوڌ جا هوندا هئا، خاص عنايت وٺندو هو. نه ته لوڌ جو ڪتو ڪوبه امير ماڻهو ڪنهن کي نه ڏيندو هو، جو اهڙا ڪتا نهايت قيمتي هوندا هئا ۽ هر هڪ ڪتو ڏهن پهريدارن جي برابر هوندو هو.
نارن تي مينهن جا پاڏا ۽ وڇون هڪ طرف، ته ڳئن جا گابا ۽ گابيون ٻئي پاسي، ٻڪرين جا ڇيلا ۽ ڇيليون ٽئين طرف، اُٺن جا گونرا ۽ گونريون چوٿين طرف، ته گھوڙن جا وڇيرا ۽ وڇيريون پنجين طرف. مينهون اهڙيون ته ڀَليون هونديون هيون، جو اُهي مهلن تي اڌ اڌ مڻ کير ڏينديون هيون، ته ڳئون ڏهه ٻارهن سير ۽ ٻڪريون چار پنج سير. شام جو ڏهائي ٿيندي هئي ته ساڙهن ۾ گوهن جي گھوگھو لڳي ويندي هئي. اميرن جو مڻين منهن کير ٿيندو هو، جو هاري ناري هڪ پاسي پيئندا هئا، گھر ۾ روزانو ساڙها ڀرجي جدا ايندا هئا، ته مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ الڳ موڪليو ويندو هو. کير ڀٽارو ڪافي انداز ۾ ڄمايو به ويندو هو ۽ صبح جو مايون هارياڻيون اسان جي گھر ۾ اچي اهو ولوڙينديون هيون ۽ جنڊيءَ چڙهيل منڌيون، جن ۾ ڪوڏين ڀريل ٽونر پيا لٽڪندا هئا، تن جي ولوڙن جو آواز ڏاڍو ڪنن، دل ۽ دماغ کي پيو سيبائيندو هو. اوڙو پاڙو، غريب غربو ۽ اوکي سوکي ڏڌ گھرندو هو، ته کيس ڪشاده دليءَ سان دکيون ڀري ڏنيون وينديون هيون. ٻارن وارين غريبن عورتن کي دُڪي لاءِ مکڻ مفت ڏنو ويندو هو. جڏهن مکڻ جا ڀريل ڪنگر گڏ ٿيندا هئا، تڏهن اهو مکڻ تپائي گيهه ڪيو ويندو هو .... ۽ وسلڻ جي کائڻ لاءِ سڀ پاڙي جا ٻار اچي گڏ ٿيندا هئا، جي کائي چڙهه ڪندا هئا.
زميندارن کي ڀلن وهٽن ڌارڻ جو نهايت گھڻو شوق هوندو هو. لاڏُو اُٺ، اُن، ڦٌــٽيون ۽ ٻيلي مان ڪاٺيون ڍوئيندا هئا ۽ نارن ۾ وهندا هئا ته مهري اُٺ سواريءَ لاءِ رکيا ويندا هئا. جن لاءِ مير جت اوٺي خاص مقرر ڪيل هوندا هئا. اُٺن جا ساز، جھڙوڪ لاڏو اُٺن لاءِ پلڻ ۽ ڪجاوا ۽ مهري اُٺن جا پاکڙا، جھلون، نتون (نتُون) ۽ ٻيو گاشي جو سامان ۽ اُٺن جي ڳچيءَ ۾ ٻَڌڻ لاءِ چانديءَ جون ڳانيون هونديون هيون. گھوڙائن وهٽن لاءِ نَل، ٿڙها، هَنا ۽ ٻيا ساز هوندا هئا. اُهو سامان اڪثر ڪري پٿوري جي ميلي تان خريد ڪيو ويندو هو. ڏاندن کي پيتلي ٽَليون، ٻڪرين کي لوهي چَڙيون ۽ مينهن ڀٽارين کي ڳچيءَ ۾ گھنڊلا ٻَڌا ويندا هئا. گھوڙن جو هڻڪارون، مينهين ڀٽارين جون ڍِڪون، ڳئن جون رنڀون، ٻڪرين جون ٻيڪون ۽ ننڍڙي مال جا ننڍڙا ڪومل آواز!! برسات کان پوءِ جڏهن مک ۽ مڇر ٿيندو هو ته پوءِ مال ڀٽاري جا ڪَنَ ۽ پُڇَ پيا لُڏندا هئا ۽ ڄاري ڀڄائڻ لاءِ واهو يا ڀَترَ ۽ ٻيو سائو ڪک پن ساڙي دونهيون دُکايون وينديون هيون ۽ گھوڙائين ۽ ماهئي مال جي پُٺيءَ تي ٽپڙيون وڌيون وينديون هيون، ته مڇرن جي چڪن کان بچيل رهن. جڏهن پَٽن ۽ پوٺن تي چراگاهه اُڀري پوندا هئا، تڏهن پنهنجو مال اڪثر وسن تي به موڪليو ويندو هو. مال جي سک لاءِ زميندارن وٽ پنهنجي هُڙي به هوندي هئي .... ۽ اڪثر وقت سرڪاري پنچريءَ ڏيڻ سان مال ٻيلي ۾ به موڪليو ويندو هو.
انهيءَ زماني ۾ سال ۾ عام واهن تي رڳو خريف جو هڪ فصل ٿيندو هو. درياءَ ۾ جڏهن چاڙهه ٿيندو هو. تڏهن پاڻي پاڻمرادو وهي اچي واهن ۾ پوندو هو ۽ واهه وهڻ لڳندا هئا. واهن جي وهڻ کان ٿورو وقت اڳ واهن کي کاٽي کٽائڻ لاءِ ڇيڙون نڪرنديون هيون ۽ پنهنجي پنهنجي حد ۾ هرڪو کامڙين کي کاڌو کارائيندو هو. ڳڙ جي تهريءَ جون ديڳيون لهرائيون وينديون هيون، ۽ ڏاڍي مزيدار ٿيندي هئي. پاڻي وهي اچڻ کان اڳ نارن چاڙهن جي نوبت ايندي هئي. واڍا ڪم ۾ لڳي ويندا هئا ۽ چڪريون، ڳاڌيون، لٺيون ۽ ڍينگا سڀ درست ٿيڻ لڳندا هئا. کِپُ ۽ ڊَڀن جا ڍير گڏ ٿي ويندا هئا ۽ مالهي مالهون وٽڻ ۾ مشغول ٿي ويندا هئا، جن کي ڳُڙ جون ڳرهاڙيون يا بُسريون کارايون وينديون هيون. ڪنڀار، ڪنگرن جا گڏهه ڀري اچي لاهيندا هئا، جن کي مالهه ۾ ٻنڌڻ سان ٻَڌو ويندو هو. هَرَن ٻَڌڻ تي به ڇيڙون هلنديون هيون. پهريائين لاهه ڪڍي پوءِ ڪنڊا ڪڙڇ گڏ ڪري ڪُهڙ ساڙيا ويندا هئا. اڏون درست ٿينديون هيون، ٻنا ٻڌبا هئا، ٻارا ٺهندا هئا، کڙ ڀڄندا هئا. تَرُ يا سانهر گھمائبو هو. چرخي پوک ۽ موڪي پوک ٿيندي هئي. ربيع يا چيٽ جي فصل ۾، سيلابي زمين آباد ڪئي ويندي هئي، جيڪا درياءَ جي چاڙهه وقت درياءُ ٻوڙيندو هو ۽ ان ۾ ڪافي سيلاب رهندو هو ۽ اُتي ڪڻڪ، مٽر، مڱ، ۽ چڻا نهايت ڀلا ٿيندا هئا ..... اهو فصل ناڙيءَ تي ڪيو ويندو هو، ۽ ناڙي هڪ ڏينهن ۾ ڪئي ويندي هئي، جنهن تي پڻ ڇيڙ وهندي هئي ۽ مٺن چانورن جون ديڳيون هڪ طرف لاٿيون وينديون هيون ته ڳڙهاڙيون ٻئي پاسي پچائي ڪم وارن همراهن کي کارائبيون هيون.
جن ماڻهن جون زمينون پاهڙ واهه جي پرينءَ ڀر هونديون هيون، تن کي جڏهن واهه وهي ايندو هو، تڏهن کين يا ته هالن جي سرڪاري آفيس واري موريءَ کان ڦري وڃڻو پوندو هو، جيڪو پنڌ سهنجو ٿيندو هو، يا ته نارن جي سامهون واهه جي آرپار هڪ ڪاٺي رکائي ويندي هئي، جيڪا چڱيءَ طرح گھڙائي تختي جيان سڌي ڪئي ويندي هئي ۽ واهه جي ٻنهي پاسن کان اُڀيون ڪاٺيون کوڙي تن ۾ هڪ نوڙ ٻَڌو ويندو هو، ته ڪاٺيءَ تان لنگھڻ مهل ان جو سهارو وٺي لنگھجي. هاري ناري توڙي ٻار ٻُڍا سڀ انهيءَ ڪاٺيءَ جو استعمال ڪندا هئا. جڏهن ته واهن جي پيٽ جي ويڪر ۾ مهاڻا مڇيون پڻ ماريندا هئا، جتان رڇ ۾ ڄرڪا، گندڻ، ڇيلري مڇي ۽ کڳا يا رڙا ڦاسندا هئا. مهاڻا لئيءَ جا لڪڻ سيخن جيان گھڙي ان ۾ رڙا چيري سيخ تي چاڙهي پچائي زميندارن جي پٽن کي کارائيندا به هئا. تازا رڙا پچڻ بعد نهايت لذيذ ٿيندا هئا.
زميندارن جا ٻار يا عام ٻار نارن تي ضرور گھمڻ ويندا هئا. جيڪي ڳاڌيءَ تي ويهندا هئا، کين ڏاڍو لُطف ايندو هو. نارن جو رينگٽ هڪ عجيب سرور پيدا ڪندو هو. ٻار شرارتون به ڪندا هئا. اهي ڪتر جي لانڍيءَ ۾ سائو گاهه مُٺ ۾ جھلي، اڏيءَ تي رکي، ڪُتر جي ڪهاڙيءَ سان جيئن ڪُتر ڪرڻ جو شوق پليندا هئا، ورلي پنهنجي آڱر يا هٿ وڍائي ويهندا هئا. مون سان به هڪ ڀيري ايئن ٿيو، جو آڱر وڍجڻ سان هڪ پاسي آڱر مان رت پئي ريلا ڪري وهيو، ته ٻئي پاسي چاچا سائين مونکي چڱيءَ خاص مار به ڪڍي هئي..... ٻار اڏن ۾ وهنجندا به هئا.
هالا ۽ ڀر پاسي واري جوءِ وچولي ۾ هئڻ ڪري اتي ڪوبه ساريال فصل ڪونه پوکبو هو. چانور يا ته ڍوري ناري مان گھرائبا هئا، جتي مخدوم صاحب جا وڏا وڏا زميندار مريد هوندا هئا، يا ته لاڙ مان کورواهي چانور ڪجھ موتيا ۽ ڪجھ رتڙيا گھرائيندا هئا.البت گھوگھاري جا سڳداسي چانور مقامي طور خريد ڪبا هئا. ربيع يا چيٽ ۾ ڪڻڪ ۽ خريف يا ڪتيءَ ۾ ٻاجھري اڇي جوئر ۽ ڳاڙهي جوئر پوکبي هئي، جنهن مان چڱي اُپت ٿيندي هئي. خاص طور اُپت ڪپھ جي فصل يعني ڦُٽين مان ٿيندي هئي، جنهن جي پوک اناج جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪبي هئي. مِٺي ڳني جي کائڻ لاءِ ڪجھ ٻارا ڪماندڙيءَ جا پوکيا ويندا هئا. باقي وونڻن پوکڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو هو. هڪ ته زمين ڀلي هوندي هئي، ٻيو چڱيءَ طرح ڪمايل هوندي هئي. تنهنڪري اناج توڙي ڦُٽين جا فصل بلڪل ڀلا ٿيندا هئا ۽ ڪڻي مان ڪاسو ٿي پوندو هو. گُڏَ ڪرڻ جو ڪم اڪثر مايون ڪنديون هيون ۽ لاباري ۽ ڦُٽين جي چونڊي ۾ اڪثريت ماين جي هوندي هئي. جڏهن پوک نسرندي هئي ۽ سنگن ۾ داڻا ڀربا هئا، تڏهن پيها اَڏيا ويندا هئا ۽ مٽيءَ جا پنوڙا آڻي انهن مان ڳوڙها ٺاهي سُڪائي کانڀاڻين وسيلي جهار هڪلڻ ۾ استعمال ڪبا هئا. ٻوڙي پکيءَ واري جهاڙ البته اهنجي هوندي هئي، جنهن کي ڊيڄاري ڀڄائڻ لا کِٽون ٺهرايون وينديون هيون، جن ۾ سجادي جو پوڇڙ هوندو هو. جنهن مان اهڙو ته ٺڪاءُ نڪرندو هو، جو سارو جھنگل ٻُري ويندو هو.
جڏهن اناج جي پوک پچي راس ٿيندي هئي. تڏهن لابارن جا سعيا ٿيندا هئا، ۽ ڪٿان ڪٿان جا لاهيارا اچي مڙندا هئا. سنگن ميڙن لا پَٽُ اڇو ڪري ٻاريون ۽ کرا تيار ڪبا هئا، جتي اوطاق لاءِ لانڍيون ٺاهبيون هيون. جن ۾ همراهه حفاظت لاءِ رهائبا هئا. هَلرون ٻڌڻ وقت عجيب نظارو هوندو هو. هارين جي هلر تي ”هَـلي مـَلي“ جي هونگار واقعي عجيب هوندي هئي. هلرن جو ڪم پورو ٿيندو هو، ته اَنُ اڇو ڪرڻ لاءِ وائرڻ جو دور شروع ٿيندو هو. خاص قسم جا وڏا ڇڄ جن کي گاگڙا چيو ويندو هو، تن جي ذريعي وائر شروع ٿيندي هئي. ان هڪ پاسي ته تهه ٻئي طرف، انبار لڳي ويندا هئا. ان گولائيءَ ۾ ساٿاري رکبو هو ۽ چوڌاري ٺپو لڳائبو هو، متان ٻار مان ان چوري ٿي وڃي. پوءِ حجام، ڪنڀار، ڌوٻي، واڍو ۽ مڱڻهار، جيڪي اسان جا آهتي هوندا هئا، سي آهت وٺڻ لاءِ اچي سهڙندا هئا. ان جي ماپ پاٽين ۽ ٽوين سان ڪبي هئي ۽ هي سڀيئي پنهنجو آهت وٺي کلي خوش ٿي دعائون ڪندا هئا. فقير فقري ۽ پير مرشد جو حصو ڪڍي پنهنجي کاڌي ۽ ٻج لاءِ اَنُ رکي، باقي اناج نيڪال ڪيو ويندو هو، جيڪو واڻيا ڌڙوائي، ٻار تي اچي توري تڪي ڳوڻيون ڀري سبي يا ٽنبون هڻي کڻائي ويندا هئا.
ڦُٽين جي چونڊي وقت، مايون جيترو چُونڊو ڪنديون هيون، ان جي حصي رسد روڪڙن پئسن جي ڀيٽ ۾ ڦُٽيون وٺنديون هيون، جي شام جو ڪانڀي ۾ وجھي پنهنجي ڪکن ڏانهن موٽنديون هيون ۽ روزانو روز ائين ڪيو ويندو هو.... ڦُٽين جا اڪثر ڪري ٽي چونڊا ٿيندا هئا. جڏهن چونڊا ختم ٿي ڦُٽيون کري تي گڏ ڪبيون هيون، تڏهن انهن جا گراهڪ، جيڪي اڪثر هندو هوندا هئا، سي ڌڙواين، ڪانٽن، برڪين يا پنڊن سميت اچي منهن ڪڍندا هئا. اگھ پار اڳيئي نبريل هوندا هئا. ڦُٽين جي تور ۽ برڪين جو ڀرجڻ شروع ٿي ويندو هو. ڌڙواين جا آواز هي برڪت، هي ٻه، هي ٽي وغيره ڌڙي ڌڙي تي سُريلا آواز هڪ عجيب غريب نماءُ پيدا ڪري ڇڏيندا هئا. ڪَتل ورهائي ويندي هئي جيڪا سڀيئي چاهه چس سان کائيندا هئا.
زميندار يا جاگيردار جڏهن پيدائش جي وڪري جا پئسا گھر ۾ آڻيندا هئا، تڏهن چانديءَ جي رپين ۽ گينين جون ننڍڙيون کاريون ڀرجي اينديون هيون. گنيءَ جي قيمت تڏهن، شايد 1920ع ڌاري، تيرهن کان پندرهن روپيه تائين هئي. هڪ هڪ خاندان کي سونيون ساهيون ۽ ٻيا چانديءَ جا زيور ميسر هوندا هئا. روڪڙ ۽ زيورن جي بچاءُ لاءِ ٽجوڙيون وٺبيون هيون. اسان ڳري ٽجوڙي ٽنڊي آدم مان خريد ڪئي هئي. تڏهن ٽجوڙيون ڪن جزوي ماڻهن وٽ هونديون هيون. جڏهن ڪو ماڻهو ٽجوڙي وٺندو هو، ته شهر يا ڳوٺ ۾ چوٻول مچي ويندو هو، ته فلاڻي وٽ خزاني جا کوهه آهن. جنهن وٽ ٽجوڙي هوندي هئي، سو شاهوڪارن ۾ ليکبو هو.
نارن جا ڏهاڙا ايندا هئا ته مَنهن مٿان ڪدو ۽ سنڌي ساين تورين جون وليون ڇانئجي وينديون هيون ۽ انهن جي سبز ساون پتن ۽ پيلين گلن سان منهن معطر ٿي ويندا هئا، ڪدوءَ جي هرهڪ قسم جو ٻج پوکبو هو. کائڻ جا ڪدو، ميربحرن جي تنبن لاءِ ڪدو، ڳائيندڙن جي يڪتارن لاءِ ڪدو، جوڳين جي مرلين لاءِ تُنبيون، ستنامين ۽ سوامين جي لوٽين لاءِ تنبيون، مطلب ته گول ۽ ڊگھا ڪدو گھڻا پوکيا ويندا هئا. تورين مان ڪي ٻيجارن لاءِ ڇڏيون وينديون هيون، جن جي خشڪ ٿي وڃڻ کان پوءِ منجھانئن ٻج ڪڍي باقي ٺلهن کوکن مان گھوڙن جي صفائيءَ لاءِ کوکرا ٺاهيا ويندا هئا. سستائيءَ جو زمانو هو، ڪنهن کي کائڻ کان جھل پل ڪانه هئي. هرڪو گھُرج آهر توريون توڙي ڪدو پٽي هليو ويندو هو..... اڏن جي ڪپرن سان ڀينڊيون لڳايون وينديون هيون ۽ وچ وچ ۾ چونرن جون ڦريون، جن کي رانهان به چيو وڃي ٿو، تن جا ٻوٽا لڳايا ويندا هئا، جن مان خوب ڍَوَ ڪندا هئا. اوٺي گوار جا ته ڪجھ ٻارا وهٽن لاءِ خاص رکايا ويندا هئا، باقي ڪاڇڻ گوار جيڪا کائڻ لاءِ مخصوص هوندي هئي، تن جا ٻُوڙا اڪثر اڏن جي ڪَپنَ سان لڳايا ويندا هئا.
اسان جي ٻني ڏکڻ طرف کان علي گنج واهه وٽان نارن کان شروع ٿي، اُڀرندي ۾ ڊپٽيءَ جي باغ، جانورن جي اسپتال ۽ منزل گاهه طرف هوندي هئي. ۽ اُلهندي طرف هُڙي هوندي هئي.
وِي جڏهن ڀربي هئي، تڏهن ان جي اُٿل سبب ڪنارن واري زمين سيراب ٿيندي هئي، جنهن ۾ آرائين جي پوک ڪئي ويندي هئي. آرائين ۾ گدرا، ڇاهيون، ونگا ۽ ميها پوکيا ويندا هئا. ٻنيءَ جو ڪو ٽڪر خاص پتائي گجرن ۽ لاهوري گجرن لاءِ مخصوص ڪيو ويندو هو. ڪولهي، ڀيل هاري خاص طرح ڀاڄين ۽ تماڪ پوکڻ ۾ ماهر سمجھيا ويندا هئا، تنهنڪري انهن پوکن لاءِ سندن خدمتون حاصل ڪيون وينديون هيون. ڀاڄين ۾ ساوا مرچ، واڱڻ، ٿوم، بصر، ميٿي، پالڪ، چوڪو ڌاڻا ۽ پن گوبيون ۽ ڦل گوبيون پوکبيون هيون. تماڪ جڏهن تيار ٿيندو هو، تڏهن اُهي ساڳيا واڻيا هاري ايندا هئا، جي تماڪ وڍي، پن خشڪ ڪري پنهنجي انداز ۾ اچي پنڊيون ڀريندا هئا، جي آراضيءَ طرفان گھرايون وينديون هيون. تماڪ مان اُپت به چڱي ٿيندي هئي ۽ ڪَمين ڪارين کي به چلم ڇڪڻ لاءِ ڏنو ويندو هو. ٻه ٽي پنڊون ان مقصد سان خاص گھر ۾ سال لاءِ رکائبيون هيون ۽ باقي تماڪ نيڪال ڪبو هو. تڏهن ٻيڙي ڇڪڻ جو رواج گھٽ هو ۽ جتي ڪٿي چلم نظر ايندي هئي. مهتن جي دڪانن تي ، مسلمانن جي اوطاقن ۾ ۽ گھرن ۾ چلم جو چرچو هوندو هو.... گڏو گڏ سوالي موالي به تماڪ جي ڳوٽيءَ لاءِ سوال ڪندو هو، جنهن کي خالي نه ڇڏيو ويندو هو.
ٻاجھريءَ جو اَنُ ٻئي اَنَ کان گھڻو رکيو ويندو هو، ڇو ته ان جي گھرج ٻئي اناج کان گھڻي پوندي هئي. گھوڙن جي داڻي ۽ مال جي کاڌي لاءِ ٻاجھري ئي بهترين خوراڪ هوندي هئي. ٻاجھريءَ جا ڪُهر رڌي مال کي کارايا ويندا هئا ۽ سارو سال ان لاءِ ٻاجھريءَ جي گھرج پوندي هئي. تڏهن ڪڻڪ کائڻ جو ايترو رواج نه هو. وچولي ۾ جوئر ۽ اسان جي پٽ هالا ۾ ٻاجھري ئي مکيه اَنُ هو، جنهن جو عام استعمال ٿيندو هو، هاري ۽ همراهه ته شڪايت ڪندا هئا ته ڪڻڪ مان سندن شڪم نه ٿو پلجي. کير، مکڻ، لسي ۽ ڌؤنرو رڳو ٻاجھري جي مانيءَ سان مزو ڏيندو هو.
سياري جي موسم ۾ هالن جي سڄي شهر ۾ صبح سويري ٻاجھريءَ جي رٻ رڌي ويندي هئي. چانهه کي ڪابه اهميت ڪانه هئي. چانهه رڳو تڏهن استعمال ڪبي هئي، جڏهن ڪنهن کي ٿڌ يا بخار ٿيندو هو، جنهن لاءِ چانهه چپٽي ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ وجھي بيمار کي جُھنڊ ڪرائي اُٻ ڏني ويندي هئي. ٻيءَ صورت ۾ چانهه جو نالو به ڪونه ورتو ويندو هو. ٻاجھريءَ جي رٻ ٻن طريقن سان ٺاهبي هئي. هڪ ڏاري جي رٻ ۽ ٻي ڪُٽي جي رٻ. ٻاجھريءَ کي جنڊ ۾ ڏري، ڏارو ٺاهيو ويندو هو ۽ اُکري مُهريءَ ۾ ڪُٽي ڪُٽو ڪيو ويندو هو. ڪُٽي جي رٻ البت ڏاري جي رٻ کان وڌيڪ لذيذ ٿيندي هئي، خاص ڪري جڏهن ان ۾ مکڻ وجھبو هو. ٻاجھريءَ جي رٻ صبح جو سوير سيءَ ۾ نيرن به هوندي هئي، ته چانهه جو به ڪم ڏيندي هئي. سياري ۾ کَني رڌڻ جوبه رواج هوندو هو.
چانورن جيان، ٻاجھريءَ کي رڌي ان ۾ ڳائو گوشت وجھبو هو ته ٻاجھريءَ جو پُلاءُ ٿي پوندو هو، جنهن کي عرف عام ۾ کني چوندا هئا ۽ نهايت لذيذ ٿيندي هئي. گھرن ۾ عام جام نيرن ٻاجھريءَ جي مانيءَ ۽ لسي مکڻ سان ڪرڻ ۾ ايندي هئي. البت منجھند جي ماني ڪڻڪ جي پچائي ويندي هئي. تڏهن هالن ۾ ڪڻڪ جي ماني ٿورا ماڻهو کائيندا هئا. ٻهراڙين ۾ شايد ڪڻڪ گھٽ واپرائبي هئي. شهري خوشحال عورتون گھرن ۾ ڊڳڙ، اُڦراٽا ۽ چلا پچائينديون هيون. ڳاڙهي ۽ اڇي جوئر مان ڦُلا ڀوڳڙين کان ٺهرايا ويندا هئا. ۽ ڳڙ ۾ ڦلن جا مُٺيا ۽ ڳڙداڻيون به ٺهرابيون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ذائقي وٺڻ خاطر جوئر جي ماني به پچائي ويندي هئي. جيڪا ڪنهن به حالت ۾ ٻاجھريءَ کان گھٽ نه هوندي هئي. چانورن جون ريون جي بچنديون هيون سي پيهائي منجھانئس به مانيون پچايون وينديون هيون. خاص طور چانورن جا چلا نهايت خوش ذائقي ٿيندا هئا. گڏو گڏ سانئون پنهنجو ٿيندو هو، جنهن مان ڪڏهن ڪڏهن ماني به پچائي ويندي هئي، نه ته اڪثر ڪري سانئين جي ڏاري ۾ مٺاڻ وجھي ٻاٽ ٺاهيو ويندو هو، جو کيرڻيءَ جي لذت بخشيندو هو. انبڙيءَ جو سانڌاڻو عام طرح غريب ماڻهو سنڌيندا هئا ۽ ڳنڌڻ بدران، ماني سانڌاڻي سان کائي ويلو پاري ويندا هئا. خوشحال گھرن ۾ ڪدو، ميهن، پتائي گجرن، بصر، ساون مرچن، ليمن، گوار، ڏونرن، موري، گوگڙن ۽ سرنهن جي ڳنرن جي سانڌاڻي جون وڏيون وڏيون چاڏيون، برنيون ۽ مرتبان ڏسڻ ۾ ايندا هئا. انبڙين مان تيل جو آچار، سرڪي جو آچار، ۽ چٽڻي ۽ مربو ٺاهبو هو....منهنجو چاچو ڪنهن ڪنهن سال باغ به مقاطعي تي کڻندو هو. پوءِ ته انب، سنڌي ڏاڙهون، ليما، زيتون، صوفي ٻيرن جا گھر ۾ انبار لڳي ويندا هئا.
تڏهن مخدومن جا هالن شهر ۾ ٻه عمدا باغ هوندا هئا. هڪ اوريون يا پراڻو باغ ۽ ٻيو پريون يا نئون باغ. پراڻو باغ ته بلڪل تعلقي آفيس جي پريان هو، جنهن جي ڏکڻ الهندينءَ ڪُنڊ تي مخدوم صاحب جن جو هڪ ننڍو بنگلو ٺهيل به هوندو هو. هيئنر نه اتي بنگلو رهيو آهي ۽ نه باغ. باغ وڍائي اتي زمين آبادي ڪئي وڃي ٿي. ٻيون نئون باغ جو ٿورو پر ڀرو هوندو هو، سو نهايت هڪ اعليٰ درجي جو باغ هو، هن باغ ۾ چونڊ انبن جا وڻ پوکيل هوندا هئا، جن تي مختلف نالا رکيل هوندا هئا – مثلاً: ڄمون، سدا گلاب، مصري، پتاشو وغيره. ڄمون جنس جي انبن مان سواد به ڄمونءَ جو ايندو هو ۽ خوشبوءَ به ڄمونءَ واري هوندي هئي. سدا گلاب کائبو هو ته عرق گلاب جي سڳنڌ ايندي هئي. هڪ انب جو وڻ هوندو هو، جنهن جا انب پال نه وجھبا هئا. ان جون انبڙيون ڪچيون ئي کائبيون هيون، جن کي ڪَچَ مٺي جون انبڙيون چئبو هو. تنهن سُڪار واري زماني ۾ عام انبڙيون ٻن اڍائين آني سير جُڙنديون هيون، تڏهن به ڪچي مٺي هڪ هڪ انبڙيءَ جو مُلهه ٻه آنا هوندو هو. کائبي هئي ته ڄڻ ناريل وارو سواد هوندو هو. مخدوم صاحب جن هن وڻ جون انبڙيون گھڻي انداز ۾ پنهنجي لاءِ مخصوص رکندا هئا ۽ دوستن احبابن کي سوکڙيءَ طور ڏيندا هئا. هن باغ جي مقاطعي لاءِ تمام گھڻا شائق گراهڪ هوندا هئا ۽ بلڪل چڱي اگھ ۾ ويندو هو.
سُگھڙ ۽ ٻهڳڻ مايون عمدا طعام ۽ مٺايون به ٺاهينديون هيون. ڪڻڪ مان لپئي ۽ مٺيون موڻيون ۽ ڏيتڙا، ڌاڻن جي مغز مان پنجيري ۽ چُري بنائينديون هيون، جنهن ۾ خوب مغزيات پيل هوندا هئا، جي موسم سرما سياري لاءِ معجون جو ڪم ڏينديون هيون. رمضان شريف جي ويجھڙائيءَ ۾ ڪڻڪ جو مَيدو پيهائيو ويندو هو، جنهن مان سَيون جُڙنديون هيون، جي مايون رات جو ڪمڪار کان وانديون ٿي گڏجي دلن جي پُٺيءَ تي چاڻا رکي هٿن سان ٺاهينديون هيون. تڏهن اڃان سَين ٺاهڻ لاءِ هٿ جون مشينون رائج نه ٿيون. ڪي حلوائين کان ڪڻڪ جو نشاستو ڪڍايو ويندو هو. حلوائي گھڻو ڪري هندو هوندا هئا، جنهن مان حلوي جا ٿالهه سچي گيهه ۾ ٺهرائبا هئا. ڏونگھين، بوهي چڻن ۽ کاڃن جو وڙو به گھر ۾ ٺاهيو يندو هو. لاهوري گجرن کي کير ۾ رڌي سيرو بنايو ويندو هو. پنهنجي ڳئون ۽ مينهن جي پس مان پس جا ٿالهه ۽ ٻرهيون بنائبيون هيون.
ٻنيءَ مان جڏهن کَرا کڄي ويندا هئا ته پوءِ ٻار تي تُهَن جا ڍير لڳا پيا هوندا هئا، جن تي بٺارن، داين ۽ اوڏن جا گڏهه بيٺل نظر ايندا هئا ۽ کُورن وارا ونئڻاٺيون وڍي ويندا هئا. ڪانا وڃي دَنين ۾ گڏ ٿيندا هئا. تنهن زماني ۾ بئراجن جو پاڻي ڪونه هو، جنهن جا وارا ٻَڌل هجن ۽ وارن ۽ ماڊيولن تان لٺيون لڳن، بلڪ خون به ٿين. سڀڪو پنهنجي پوک کي پنهنجي گھُرج موجب پياري پچائي راس ڪندو هو.
1910ع ڌاري منهنجا چاچا، پيءُ، ماما، ڀائر سڀ گڏ هوندا هئا. ڪُني پاٽ هڪ هوندي هين. کاڌو رڌبو هو ته سڀني لاءِ هڪ جھڙو.
ٻار جو ڄم مائٽن لاءِ خوشيون ۽ اميدون کڻي ايندو هو. غريب توڙي امير، اولاد خاص ڪري پُٽ پيدا ٿيڻ تي گھڻو ئي خوش ٿيندو هو. مائٽ گھڻيون خوشيون ڪندا هئا ۽ هڪٻئي کي مبارڪون ڏيندا هئا. خوشحال ماڻهو دستور موجب کنڊ جون ڳوڻيون خريد ڪندا هئا. آئي وئي زال زنب، ٻار ٻچي ۾ ٻُڪ کنڊ ورهائبي هئي. لنگھا، خشيٰ خقير آيا، دهل شرنيون وڄيون، فقير فقرو، غريب غربو پنهنجي قسمت وٺندو هو. ڍوئڻا ملندا رهيا. دايون مايون پنهنجا لاڳ وٺي دعائون ڪنديون هيون. ڇٺيون ٿينديون، منڻ ٿيا، جھُنڊيون لٿيون، عقيقا ٿيا، ڪي ڪي مائٽ پڙهيل اولاد کي هنج ۾ کڻي ڪنن ۾ ٽي ٽي ڀيرا ٻانگون ڏيئي نالو رکندا هئا.
تڏهن 1906ع ڌاري نه ڪي ويم گھر هئا ۽ نڪي ڊاڪٽرياڻيون ۽ نرسون هيون. سنڌي دايون ويچاريون هونديون هيون، جيڪي پنهنجي ڪم ۾ ڪافي مهارت رکنديون هيون ۽ ويايل عورت جي خاصي خدمت ڪنديون هيون. سوئانجي جو سارو وقت آڍَمَکَ ۽ ڦڪيون سُتيون ڪنديون هيون. سوئانجي واريءَ عورت کي هيٺ پاٿاري ٺاهي ڏينديون هيون، ۽ هاڻوڪي وقت جيان کَٽَ تي نه سمهاريو ويندو هو. ڄاول ٻار کي به ماءُ پنهنجي ڀر ۾ هڪ منجيءَ تي رلڪن ۽ تنجڻ ۾ پنهنجي پاسي ۾ سمهاريندي هئي، ۽ منهن رکڻي يا ڪوٺاري سيرانديءَ کان ڏيئي مٿان شبنم يا سنهي ململ جو ڪپڙو وجھي ڇڏبو هو، ته ٻار تي ڪا مک نه ويهي ۽ ٻار پُراطمينان ۽ سڪون سان آرام ڪري....ٻار کي روزانو صبح جو دائي آڍيندي مکيندي هئي. ٻار جي مٿي ويهارڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا ويندا هئا، ڇو ته سنڌ ۾ ناريلي مٿو پسند نه ڪيو ويندو هو. گرائيپ واٽر ۽ فوڊ پيارڻ جو نالو نشان به ڪونه هوندو هو. ماءُ جي ٿڃ بيشڪ امرت رس آهي. اڍائي ٽن سالن تائين ماءُ ٻار کي ٿڃ پياريندي هئي. مکڻ جو دُڪو ٻار کي کارايو ويندو هو، ۽ ان ۾ مٺاڻ يا ڦڪي ملائي ويندي هئي، جيڪا جوهر جي ٽڪين، ڦوٽن ۽ مصريءَ کي ڪُٽي ڇاڻي ميدي جھڙي ڪري رکبي هئي.
هالن نون کان ٻن ميلن مفاصلي تي ۽ هالن پراڻن جي بلڪل ويجھو ۽ ٻيلي جي ڀر تي ڀچا قبيلي جا ماڻهو رهندا هئا، جي مالوند هئا ۽ سندن گذر کير، مکڻ ۽ ڏُڌ وڪڻن تي هوندو هو. شام جو مرد ماڻهو کير جا ساڙها ڀري هالن جي مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ ايندا هئا ۽ ڏينهن جو سندن قبيلي جن مايون چاڏيون ڏڌ مکڻ جون کڻي شهر جي جدا جدا پاڙن ۾ ورڇجي وينديون هيون.
مخدومن جا عام مختيار هوندا هئا، جن کي فيصلن ڪرڻ جو اختيار هوندو هو، اُهي ڇوٽا موٽا فيصلا ڪندا هئا.
گھرن ۾ پينگھا به هوندا هئا، جن ۾ ماڻهو ويهي لُطف وٺندا هئا..... ڪي ماڻهو اهڙا ته پهلوان هوندا هئا، جيڪي اڍائي مڻي ڳوڻ کي ڀاڪر ۾ وجھي کڻي ڪلهي تي رکندا هئا. پر اُهي به چرس جي نشي جي عادت ۾ گھيرجي ويندا هئا.
ماتا کي مائي ماتا چوندا هئا. 1910ع ڌاري هالن ۾ ماتا موذي مرض پوري زور سان مُنهن ڪڍيو. مائي ماتا ٻرندڙ باهه جيان سڄي شهر کي وڪوڙي ويئي. شهر ۾ اهڙو گھر ڪونه هو، جتي مائيءَ منهن نه ڪڍيو. ننڍن ٻارن تي هن بيماريءَ جو حملو ٿيو ۽ ڪيترائي معصوم هن مرض ۾ فوت ٿي ويا. بيماري ڪارڻ سيئرا نڪرندا هئا، جيڪي گھڻو ڪري ٽن ڏينهن اندر وسي وڃڻ تي حالت نازڪ ٿي پوندي هئي.....۽ ٻار بيهوش ٿي مري ويندا هئا. ماتا جو تڏهن ڪوبه علاج نه هو ۽ نه ئي علاج ڪيو ويندو هو. هندو عورتون گھرايون وينديون هيون، جي واس ڌُوپ ڪنديون هيون! ماتا کي راضي ڪرڻ جا هندوري ۾ ويهي ڀَڄڻ يا گيت ڳائينديون هيون، نيٺ ڪَڙيون ٻَجڻ لڳنديون هيون. بدن جي چمڙيءَ ۾ سيٽ ۽ باهه شروع ٿي ويندي هئي. ڪَچون ڪَڙيون پيا پٽي لاهيندا هئا. جنهن تان مائٽ سخت روڪيندا هئا. ۽ ٻارن جا هٿ ڪپڙي سان ٻڌي ڇڏيندا هئا. ٺيڪ ٿيڻ کان پوءِ مايون مبارڪون ڏيڻ اينديون هين. اڪثر مايون انهيءَ ڳالهه تي متفقي هونديون هيون ته ڪچي ڪَڙي جتان به لاٿي هجيم اتي سرمون دٻي ڇڏيو. نڪرندڙ سيئرن جي حملي ۾ ڀوري مان ڪڻڪ رنگو بنجي ويندا هئا. ڪجھ سال تائين منهن تي سيئرن جا نشان رهندا هئا. پوءِ نشان مٽجي ويندا هئا.
مائٽ ٻارن لاءِ پيسيءَ (ڪنجهي) جا وٽا، ٿاليهيون ۽ ٻيو سامان وٺي ايندا هئا ۽ ڪجھ مينا تي چٽيل گلاس ۽ سرمي دانيون به وٺي ايندا هئا.
رواج موجب ٻار پنجن سالن جو ٿيڻ کان پوءِ اول سڀڪو مائٽ ٻارن کي قرآن پاڪ جي ناظران تعليم ڏياريندو هو ۽ پوءِ ابتدائي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاربو هو. گھرن ۾ آخوندياڻيون به هونديون هيون، جيڪي گھرن ۾ ٻارن کي پڙهائينديون هيون. پڙهائي تمام پڪي پختي هوندي هئي. ٻار وڏي آواز سان پڙهندا ۽ ڪابه زير زَبر جي چڪ ڪندا هئا، ته پري کان ئي درست ڪندي هئي. ٻارن جي انگ ۾ اڪثريت نياڻين جي هوندي هئي. بسم الله جي مٺائي ورهائي ويندي هئي.... شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ مدرسا موجود هئا. هالن نوان شهر ۾ به ڪافي کٿاب هوندا هئا، جن ۾ مدرسن ۾ گھڻو ڪري ٻارن کي قرآن شريف جي تعليم ڏني ويندي هئي. هن ڪم لاءِ هر هڪ ڀرپور محلي ۾ آخوندياڻيون هونديون هيون، جيڪي پنهنجي گھرن ۾ ٻارن کي پڙهائينديون هيون. ڇوڪرين کي اسڪولي تعليم اڪثر نه ڏياري ويندي هئي ۽ کين اسڪولن ۾ موڪلڻ عيب سمجھيو ويندو هو. اهوئي سبب هو جو نياڻين جا مڪتب ڇوڪرن جي مڪتبن کان گھڻا هوندا هئا، جن ۾ ڪجھ ننڍڙا نينگر به پڙهايا ويندا هئا. البت وڏن ڇوڪرن لاءِ مسجدن ۾ پڙهائڻ جو انتظام هوندو هو. شهر هالن نون ۾ عارباڻي پاڙي، ڪَڪن جي محلي، عالياڻي گھٽيءَ ۽ ٻين هنڌن تي نينگرين جا وڏا مڪتب هوندا هئا ۽ خليفي جي مسجد، ڪَڪن جي مسجد ۽ قاضي سليم الدين مرحوم جي مڪتب ۾ انهن جو چڱو بندوبست هوندو هو.
قرآن ناظران پڙهڻ کان پوءِ نياڻين کي بابَ ، نُور نامو ۽ احدنامو پڙهايو ويندو هو ۽ ٿورو سنڌي لکڻ، پڙهڻ جي تعليم به ڏني ويندي هئي. ايتري تعليم کان پوءِ ڇوڪرين ڏهن يارهن سالن جي ڄمار کي پهچي وينديون هيون ۽ والدين کين گھر ۾ ويهاري ڇڏيندا هئا ۽ کين گھريلو ڪم ڪار جي تربيت ملندي هئي. ڇوڪرن کي والدين سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪرائيندا هئا ۽ ڪي مائٽ اسڪولن ۾ موڪلڻ کان وڌيڪ کين عربي مدرسن ۾ تعليم ڏيارڻ جو شوق رکندا هئا، جتي قرآن پاڪ جي حفظ ڪرائڻ جو به مڪمل بندوبست هوندو هو. هالن نون ۾ اهڙو سال ڪونه هوندو هو، جنهن ۾ هڪ يا ٻن قرآن جي حافظي نه ٿيندي هئي.... جڏهن مدرسن ۾ هو يا ٻن قرآن جي حافظن جي حافظي ٿيندي هئي، ته مسجدن ۾ جيڪي مدرسا هوندا هئا، اُتي مجلسون ڪوٺايون وينديون هيون ۽ نئين حافظ کان رڪوع شريف پڙهايا ويندا هئا ۽ حافظ توڙي استاد کي دستار ٻَڌائي ويندي هئي ۽ شڪراني جي مٺائي ورهائي ويندي هئي.
اُهي شاگرد جيڪي عربي پڙهندا هئا، سي فارسي آمد نامه، دوآيه، ڪريما کان شروع ڪندا هئا، ۽ سڪندر نامه پوري ڪرڻ کان پوءِ عربيءَ جو درس وٺڻ شروع ڪندا هئا. هن طريقي کي درس نظامي چئبو هو. هن طريقي ۾ چوڏنهن پندرهن سال لڳي ويندا هئا. هينئر عربي طريقي تعليم ۾ به ڪافي تبديلي آيل آهي. هالن شهر ۾ چوٿين پنجين سال هڪ اڌ طالب ضرور مولويت جي دستار فضيلت ٻَڌندو هو. اهڙيءَ طرح عام مسلمانن جو الله ۽ رسول ۽ ان جي دين متين ڏي گھڻو ڌيان هوندو هو. ’قال الله وقال الرسول‘ جو دور دورو ڪنن کي سيبائيندو هو عربي مدرسه به هالن ۾ چڱا هوندا هئا. مولوي قاضي معين الدين، خليفو مولوي حاجي محمد، مولوي حافظ محمد اڪرم انصاري ۽ قاضي شهر مولوي شفيع محمد مجاور، درس تدريس جو سلسلو قائم رکيو پئي آيا. پر هينئر ٻارن کي سلام مسنوع ”السلام عليڪم“ عيوض والدين ”باءِ باءِ ٽا ٽا“ سيکارڻ ۾ فخر ڪن ٿا ۽ امان بابا جي بدلي ”ڊيڊي ۽ ممي“ چوندي خوشي محسوس ڪن ٿا. چراغٖ سفالين (ٺڪر جي ڏئين) ۽ بوريانشيني (تڏن تي ويهي) ڪنڌ ڌوڻي پڙهڻ تي ٺٺوليون ڪن ٿا.
رواج موجب کُٿاب جي ٻارن کي ڳڙ جي تهري رڌي کارائي ويندي هئي. ذهين ٻارن کي پڙهڻ ۾ ٻه سال لڳي ويندا هئا نه ته اڪثر نياڻيون ته ٽي يا ساڍا ٽي سالن ۾ قرآن ختم ڪري وٺنديون هيون. قرآن پاڪ ناظران پڙهائڻ جو دستور اهو هوندو هو جو اول اول ٻارن کي قرآن پاڪ جي آخري سيپاري جي پوئين ايمي ياد پڙهائي ويندي هئي. پهرئين پاري جي سوره فاتح پڙهي پوءِ ’قُل اَعوذ برب الناس‘ کان ٿي هلبو هو ۽ ’لم يڪن الذين‘ تائين ياد پڙهايو ويندو هو. پوءِ ٽيهون سيپارو کڻايو ويندو هو ۽ باقاعده سيپاري جي پڙهائي شروع ڪئي ويندي هئي. هن سيپاري جي اختتام تي پنج سيپاري کڻائي ويندي هئي، جنهن ۾ سورنهن کان ٽيهه سيپارا پورا ڪيا ويندا هئا. پوءِ قرآن پاڪ وٺائيو ويندو هو، جيڪو ”الم“ کان شروع ڪري پنجويهه پارا تائين هليو ويندو هو. پهرئين ايمي ياد ڪرڻ تي استاد کي مٺائي ڏني ويندي هئي. سيپاري پوري ڪرڻ تي رَئو ڏبو هو. اڌ قرآن تي سڄو جوڙو ۽ سڄي قرآن پڄائڻ تي هڪ عمدو جوڙو، مٺائي ڪجھ روڪڙ ڏني ويندي هئي. قرآن ختم ڪرڻ کان پوءِ گھٽ ۾ گھٽ ٻه دور ۽ وڌ ۾ وڌ ٽي دور قرآن پاڪ جا مڪتب ۾ پورا ڪرڻ لازمي هو، جنهن کان پوءِ آخوند يا آخوندياڻيءَ کي مٺائي ڏئي دعا وٺي موڪلائبو هو.
پيٽ جي سور لاءِ جَوَهرَ جون ٽڪيون کارائبيون هيون ... جيڪي ٻار پڙهائيءَ کان گوٿناٿ ڪندا هئا، تن کي ٽنگوٽالي ڪري مڪتب ۾ نيو ويندو هو. ڪنن ۾ زه وجھي ٽنگڻ، بند ڏيڻ، ماڪوڙا چنبڙائڻ جهڙيون ڀوائتيون سزائون تجويز ڪيون وينديون هيون.
ڪٿي ڪٿي اهو به وهم هوندو هو، ته مساڻن يا قبرستان ويجھو موجود ڪنڊيءَ جو وڻ ڳرو آهي، تنهن ڪري ڪوبه ان ۾ نه ويندو هو.... ماڻهو ڪنڊيءَ جون سڪل سڱريون، جيڪي ڇڻي وينديون هيون، تن کي ڊپ کان ڪونه کائيندا هئا.
مائٽ ٻارن پڙهائڻ کان نٽائڻ يا اجايو گھر کان ٻاهر رهڻ تي ٻارن کي ماريندا هئا ..... عام طور تي رات جو چانور ڀت کير کائبو هو. ۽ ڀت توڙي ماني کائڻ کان اڳ هٿ ڌوئڻ سنت سمجھيو ويندو هو..... ڪي فقير ڦٽل جاين ۾ اوتارا ٺاهي رهندا هئا.... ڪنهن ڦٽل ڪوٺيءَ بابت عام تصور هوندو هو، ته اتي جنن ۽ روحن جو واسو آهي. ٻارن کي ڊيڄارڻ لاءِ کين چيو ويندو هو ته کين سزا طور اتي پوريو ويندو هو.... فقير لٺ کڻي پنڻ لاءِ نڪري پوندا هئا.
جيڪي ٻار پڙهڻ کان گسائيندا هئا يا پڙهائي ۾ جڏا هوندا هئا، ته سندن والدين خاص ڪري مائرون ڪنهن پير، سيد يا سندن گھر واريءَ کان رڪيبيون ٿاليون لکائي پيارينديون هيون، تعويز ٻڌنديون هئون. کٿاب ۾ قرآن شريف جا ختما ڪڍائبا هئا. پاڻي پڙهائي پيارينديون هيون.
مڪتبن ۾ ٻارن کي مارڪٽ پڻ ڪئي ويندي هئي..... استاد جي مار، ٻار جي سنوار تي عمل ڪيو ويندو هو.... مائرون ٻارن لاءِ پيرن، سيدن جي گھر وارين کان ڪاريون ڊاکون به پڙهائي رکنديون هيون، جيڪي ٻارن کي روزانو صبح سانجھي کارائبي هئي.
صبح جو اسڪول شروع ٿيڻ تي گھنڊ لڳندو هو، ته سمورا شاگرد قطارون ڪري بيهندا هئا. ويهڻ لاءِ بينچون هونديون هيون. پڙهائي اڌ ڏينهن هلندي هئي. رانديون رونديون ٿينديون هيون. راڳ روپ ٿيندا هئا. نصابي ڪتاب باتصوير هوندا هئا. سليٽن تي ٻارن کي ابتدائي لکڻ سيکاريو ويندو هو. ڪلاس ۾ تصويرون ٽنگنيل هونديون هيون. جھلي ٽنگيل هئي. ڪنڊر گارٽن جون شيون هيون. لڏڻ لاءِ پينگھ هونديون هيون ..... اسڪولن جي نالي کان مائرون ٻارن کي ڊيڄارينديون هيون ۽ ٻار اسڪول جي نالي کان ٽاهه کائيندا هئا (هينئر به) ۽ اسڪول کي هڪ ڀيانڪ ۽ ڊيڄاريندڙ جاءِ تصور ڪيو ويندو هو.
ڪنوار کي ڏِکي چِٽي، اٽو مکي (اُٻٽڻ) ، تڀلوڪڙيون ڪڍي، عطر مَکي سهڻو ڪيو ويندو هو. ڳهه ڳٺا نوان ڪپڙا پارائي ڳاڙهي ڪنوار ٺاهيو ويندو هو. ساٺ سنوڻ ڪيا ويندا هئا، ڳيچ ڳايا ويندا هئا.
اسڪول واقعي دلچسپ ۽ وندر جي جاءِ هئي، پر اُن کي ماسترن جھنم بنايو هو. رُولن ۽ نيٽن جي سٽ ڪٽ ڪري، معصوم ٻارن جي نازڪ پُٺن تي نشان ۽ هٿن تي سوڄ، مُنهن تي چماٽن جي ڌڪن جا نير، ڪنن ۾ هٿ وجھي اُٿ ويهه ڪرائڻ، هڪ ٽنگ تي بيهارڻ، بُبين ۾ چُهنڊڙيون پائڻ، ڪن مروٽڻ، ڪلاڪن جا ڪلاڪ بينچ تي اُٿاري بيهارڻ، مُڪون ۽ لتون هڻڻ، ڪُڪڙ بنائڻ، ميز جي خانن ۾ هٿ وجھائي زور سان خانا بند ڪرڻ، وار پٽڻ، بند ڏيڻ، ڪوٺيءَ ۾ پورڻ ۽ ان کان پوءِ مقعد تي ماڪوڙا چُهٽائڻ ۽ ڳاڙها مرچ وجھڻ ۽ اُبتو ڪري ٽنگڻ جا سکڻا دڙڪا، ٻارن جي ساه سڪائڻ لاءِ ڪافي کان وڌيڪ عقوبتون هيون، جن سان ڪيترن ٻارن کي دوچار ٿيڻو پوندو هو..... سرندي هلندي پُڄندي وارن ۽ هوشيار شاگردن کي مارڪٽ نه ڪئي ويندي هئي. سرندي وارا خاص ڪري ماسترن کي چوندا هئا ته اُهي سندن ٻارن کي سزا ڏيڻ کان پرهيز ڪن.... هٿن جي آڱرين ۾ پينسل يا پين ڦاسائي آڱرين تي زور ڏبو هو. ڪنن جي پاپڙين کي مهٽي ٻارن کي سزا ڏبي آهي.
سرنديءَ وارا ماڻهو نوڪريون ماستري وٺرائي ڏيندا هئا ۽ اُهي سندن ايستائين ماستر به سندن خوشامد ڪندا هئا. تنهن دور ۾ تپيداريءَ ۾ چونڊائڻ وڏي ڳالهه سمجھيو ويندو هو..... اسڪولن ۾ ٻارن کي پڙهائڻ ۾ ماهر ليکجندڙ ماستر کي ساڳئي ڪلاسن ۾ پڙهائڻو پوندو هو ۽ اوستائين جو اُهي وڃي ريٽائرڊ ٿيندا هئا.
بنيادي يا پهرئين ڪلاس جي شروعات پَٽيءَ سان ڪئي ويندي هئي. ابتدا ۾ شاگرد کي سنڌيءَ صورتخطيءَ مان ٻه ٽي اکر ا، ب، ٻ، ڀ - لکي ڏنا ويندا هئا. پَٽيون ميسارڻ لاءِ اسڪول جي اڱڻ ۾ هڪ وڏي ٺڪر جي ڪونڊي پاڻيءَ سان ڀريل زمين ۾ کُتل موجود هوندي هئي. ميٽ جو ذرو ذرو سڀئي ٻار گھَران کڻي ايندا هئا. ميٽ سُڪڻ ۾ دير ٿيندي هئي ته پٽيءَ کي هٿ ۾ کڻي اس تي لوڏا ڏيندا هئا ته جلدي سُڪي ويندي هئي.... ماسترن وٽ پٿر جي مس ڪپڙي هوندي هئي، جنهن ۾ ڏامر جھڙي چلڪڻي ڪاري مس پيل هوندي هئي. ٻارن هٿان مس هارجي پوڻ جي ڊپ کان مس ۾ کونڌا (سُٽ جا مُنجھيل ڌاڳا) وجھي ڇڏبا هئا ۽ ماستر پنهنجي ڪلڪ ان مان ٻوڙي جلي خط ۾ عاليشان ڪارا حرف لکي ڏيندا هئا، ۽ هر هڪ کان حرف چوائيندا، سبق ڏيندا ويندا هئا.
ماستر شاگردن کي انب، بلا، ٻڪري ۽ ڀولڙي جون شڪليون چارٽ تان ڏيکاريندو هو. حرفن کي بر زبان ياد ڪرڻ کان پوءِ ڪلاس ۾ جيڪي واريءَ سان ڀريل ڪونڊيون رکيل هونديون هيون ۽ ڪتل ۽ گدامڙيءَ جي ککين جا تَسَ ڀريا رکيا هوندا هئا، تن جي مدد سان پڙهيل حرف لکڻ سيکاربا هئا. ماستر واريءَ تي آڱر سان لکائيندا هئا ۽ ککين کي هڪ ٻئي جي ڀرسان رکي حرف جوڙائبا هئا. انهيءَ استعمال کان پوءِ بورڊ تي چاڪ سان لکائڻ جو استعمال به ٿيندو هو. ڪجھ ڏينهن کان پوءِ انڊا ڀرائڻ جي منزل تي پهچائبو هو. آليءَ پٽيءَ تي انڊا ڪڍي ڏبا هئا ۽ جي گھران ڀري اچبا هئا. جنهن لاءِ شاگردن مان هر هڪ کي گھر ۾ مس ڪُپڙي رکڻي پوندي هئي ۽ ڪلڪ استاد صاحب سڀ ڪنهن کي پاڻ گھڙي ڏيندو هو. الف بي پوري ڪري، باب يا ڪڪ شروع ڪئي ويندي هئي ۽ گڏو گڏ ڳڻڻ ۽ انگ به سيکاريا ويندا هئا. فيروزي موتين جون مالهائون ۽ ارٿيميٽڪاڻ ان ڪم لاءِ استعمال ڪيون وينديون هيون. اٽڪل چار پنج مهينا ان ۾ لڳي ويندا هئا ۽ پوءِ ٻاراڻو ڪتاب جيڪو ٽڪي يا ٽن پئسن ۾ ملندو هو، سو وٺايو ويندو هو ۽ ان جي پوري ڪرڻ ۾ دير ڪانه لڳندي هئي. ڪَڪَ سکڻ کان پوءِ هجي ڪرڻ ۾ ڏکيائي ڪانه ٿيندي هئي. نُون غنه جي سکيا به هن طريقي سان ڏني ويندي هئي، جيڪا بيمثال ليکبي هئي.
کنگھ گھڻي هجڻ تي پيرسن ڪراڙا ماڻهو مڇيءَ جو تيل (ڪاڊ لِـور آئل) استعمال ڪندا هئا ۽ دوا جي شيشي سدائين گڏ هوندي هين.... ڪي استاد سياري ۾ ڪاري کٿي ڪُلهن ۾ پائي ايندا هئا ۽ اونهاري ۾ ململ جو پهراڻ ڍڪيندا هئا، جنهنجي ڳچيءَ جي پاسي کان ٻيڙي لاهي ڇڏيندا هئا. ڪن ماڻهن کي اونهاري ۾ اڪثر مٿي تي اسپنگر جي چپڙي چڙهيل هوندي هيس ۽ گاهي گاهي مکڻ جي چپڙي به رکندا هئا، جيڪا وٽڙندي هئي ته ڳچيءَ تائين ريڳاڙا پيا ڳڙندا هئس.
اسڪولن ۾ استاد جا چاڪ، پنو، پين، پينسل، رجسٽر، ڪلڪ ۽ مس ڪپڙي ۽ بورڊ اُگھڻ جو ڪپڙو (ڊسٽر)، صبح جو خاني مان ڪڍي ميز تي رکڻ ۽ موڪل مهل وري سنڀالي خاني ۾ رکڻ، بورڊ اُگھڻ، تصويرن ۽ ٻين ڪلاس جي شين جي سنڀال ڪرڻ هوشيار شاگردن جي فرض ۾ داخل هوندا هئا. جيتوڻيڪ ٻاراڻي ڪلاس ۾ ڪوبه مانيٽر نه هوندو هو.
ٻاراڻي ڪلاس جي مُدي پوري ٿيڻ تي اسسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشن انسپيڪٽر ساليانو امتحان وٺڻ ايندا هئا. پهرين نمبر پاس ٿيڻ وارن شاگرد ۾ ڪتاب ۽ سليٽ پين سميت انعام ملندا هئا..... ٻار جي پاس ٿيڻ تي والدين استادن جا ٿورا مڃيندي کين سوکڙيون ڏيندا هئا. ٻه پُڙي اجرڪ ڍڪائيندا هئا..... سَرندي وارا ماڻهو استادن کان ڪلاس مَٽرائيندا هئا ۽ وڻندڙ ماستر کي پنهنجي ٻارن لاءِ مقرر ڪرائيندا هئا. هيڊ ماستر چوڻ تي هوندا هئا.... غرريب والدين جو پٽ جيڪڏهن ورنيڪولر فائنل پاس ڪندو هو ته وڏي ڳالهه سمجھي ويندي هئي.... نون استادن کي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي - ٻار پاس ٿيڻ تي - پڪو ڪيو ويندو هو... سَرندي وارا ٻار اڪثر پهريون نمبر ايندا هئا.
اسڪولن ۾ ماستر - هندو توڙي مسلمان هوندا هئا - ڪو مذهبي مت ڀيد نه هوندو هو، ٻارن کي هڪجيترو ڀائيندا هئا ۽ کين تعليم ڏيندا هئا. هندو ماستر ٿورڙو هوشيار هوندا هئا.... ڪي ٻار، خاص ڪري سرنديءَ وارا ٻار سڀئي ڪلاسن ۾ سو مارڪون کڻندا هئا.... ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هوشيار ٻارن جي اسڪالر شپ لاءِ سفارشون ڪندا هئا. ڏهه رپيا ماهوار اسڪالرشپ ملندي هئي، پر انهيءَ شرط سان ته اُهي انگريزي ڪلاس ۾ داخلا وٺندا... هاڻوڪي نور محمد اسڪول کي تڏهن گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد سڏيو ويندو هو.
انهيءَ زماني ۾ ڪتابن تي ايترو خرچ ڪونه هوندو هو. ٻاراڻي ڪلاس ۾ پهرئين درجي ۾ رڳو پٽي، ڪتاب ۽ سليٽ وٺائي ويندي هئي. ٻئين ۽ ٽئين درجي ۾ رڳو مشق ڪاپيءَ جو اضافو ڪيو ويندو هو، جيڪا ڇپيل نه هوندي هئي. پر پنن کي سِبي پاڻ تيار ڪبي هئي. هڪ بندي پڻ ٺهرائي ويندي هئي، جنهن تي ٻئي درجي ۾ تعلقي جي ۽ ٽئين ۾ ضلع جي جاگرافي لکائي ويندي هئي ۽ هڪ ٻيءَ بنديءَ تي ڏکين لفضن جي معنيٰ. ٽئين درجي ۾ پٽيءَ جو استعمال ختم ٿي ويندو هو. چوٿين درجي ۾ مرزا قليچ بيگ جي ڇپايل سنڌ جي تاريخ وٺائي ويندي هئي ۽ رياضيءَ جو ڪم سڄو سليٽ تي ڪرايو ويندو هو، جنهن لاءِ ڪوبه انگي حساب ڪونه وٺايو ويندو هو. گھر جو ڪم، حساب، صورتخطي ۽ خط لکڻ وغيره سليٽ تي ڪرايو ويندو هو. ڪتابن جون قيمتون نالي ماتر هيون. ٻاراڻي ڪتاب جي قيمت ٽڪو، پهريون ڇهه پئسا، ٻيو اڍائي آنا، ٽيون ٽي آنا ۽ چوٿون چار آنا. پٿر جي سليٽ ٻه آنا، پٽي ٻه آنا ۽ اڇا پنا پائيءَ هڪ، ڪلڪ پائيءَ هڪ، پينون پائيءَ ٻه هونديون هيون .... سالياني امتحان جي پڄاڻيءَ تي اسڪول ۾ ساليانو جلسو ڪيو ويندو هو، جنهن ۾ درسي ڪتابن جي سبقن تي ننڍا ڊائلاگ ننڍن ٻارن کان ڪرايا ويندا هئا ۽ وڏا ڊائلاگ مٿين ڪلاس جي شاگردن کان. جلسي جي پوري ٿيڻ تي ٻارن ۾ انعام ورهايا ويندا هئا، جنهن لاءِ شاگردن کي صاحب کان انعام وٺڻ ۽ سلام ڪرڻ جو طريقو اڳواٽ سيکاريو ويندو هو.
ٻارن کي جادوءَ جون حرفتون ۽ ڏيهي رانديون به سيکاربيون هيون. راندين تي موزون راڳ جوڙيل هوندا هئا. ٻاراڻي کان ٻئي درجي تائين شاگردن کي دستڪاريءَ جو ڪم به سيکاربو هو، پنو ويڙهڻ، پنو ڪترڻ، مٽيءَ مان رانديڪا ٺاهڻ ۽ جوئر جي تيلن، جن کي ڪُتلا چئبو هو، تن مان چوڙا، ڪنگڻ، ميز، ڪرسي، کٽ ۽ نٿ بولو ۽ ٻيا ڪيترا رانديڪا ٺهرائبا هئا. پني مان ٻيڙيون جهاز، ٻتون وغيره ۽ مٽي مان اُٺ، ڍڳا، چتون، جھرڪيون، سيٽي وڄائڻ جا بوڙينڊا ۽ جاميٽريءَ جون شڪليون، جاگرافيءَ جا ماڊل جھڙوڪ ڍنڍ، ٻيٽ، نار، راس، جبل ندي وغيره ۽ ٻيون به قسمين قسمين شيون ٺاهڻ سيکاربيون هيون. ٽئين ۽ چوٿين درجي ۾ اچڻ کان پوءِ دستڪاريءَ جو ڪم گھٽ ٿي ويندو هو ۽ ڊرائنگ سيکاربي هئي. شروعات ۾ سليٽ تي ۽ پوءِ چار درجي ۾ ڊرائنگ پنن تي رنگن ڏيڻ سان سيکاربي هئي. ڊرائنگ ۾ ميوا جھڙوڪ ڏاڙهون، زيتون، صوف، ليمون وغيره ۽ ڀاڄين ۾ موري، توري، ڀينڊي، سائو ۽ ڳاڙهو مرچ ۽ واڱڻ سيکاربا هئا ۽ کين رنگين چاڪن سان قدرتي رنگ ڏيڻ جو استعمال ڏبو هو..... لائبريريءَ به هاءِ اسڪولن ۾ هوندي هئي، جتي ٻاراڻي کان ننڍيون مزيدار آکاڻين جا ڪتاب هوندا هئا. هفتي ۾ ٽن ڏينهن تائين ٽائيم ٽيبل ۾ آکاڻين جو پيرڊ هوندو هو، ٻارن کي اهڙيون آکاڻيون سيکاريون وينديون هيون، جن ۾ لفظن جو تڪرار هوندو هو. پهرئين ۽ ٻئين ڪتاب ۾ ڏنل آکاڻيون ۽ گڏو گڏ جنن، پرين، ديون، راجا راڻين ۽ بادشاهن جون آکاڻيون ٻُڌائبيون هيون.
ٽئين ۽ چوٿين درجي ۾ ننڍڙا ننڍڙا ڪتاب پڙهڻ جي هير وڌي ويندي هئي. تنهن زماني ۾ ميشرس پوڪرداس وارن وٽ ٻارن جي پڙهڻ جھڙا گھڻا ئي ڪتاب هوندا هئا، جيڪي اسڪولن جي لائبرين لاءِ سرڪاري طرح خريد ڪيا ويندا هئا. ننڍڙا قصا ۽ ڪهاڻيون، نثر توڙي نظم ۾ شاگردن کي پڙهڻ لاءِ اشو ڪري ڏنا ويندا هئا. انهن ڪتابن ۾ دلپسند فضا، دل بهار، ڏهه قصا گڏ، جن ۾ زليخا جا بيت، ٻُڍاپڻ، ڇلڙو، ڪوئو ٻلي، ٽوپي پڳ، ٻيڙي چلم وغيره هوندا هئا. گڏو گڏ لوڪ ڪهاڻيون جھڙوڪ عمر مارئي، سسئي پنهون، مومل راڻو ۽ پرين جون آکاڻيون ۽ مزاحي آکاڻيون جھڙوڪ موالين ۽ ڏاهرين جا لٽڪا چٽڪا هوندا هئا. ناتال ۾ ڪتاب رعايتي اڌ قيمت ۾ ملندا هئا، تڏهن امير حمزه، چار درويش، حاتم طائي، جان عالم، سيف الملوڪ وغيره جھڙا ڪتاب ٻار پڙهندا هئا.
1911ع ۾ جارج پنجم تخت نشين ٿيو ۽ سڀني اسڪولن ۾ جشن ملهايا ويا. هالا ۾ شاگردن کي به منزل گاهه ميدان تي استاد قطار ۾ وٺي هليا، جتي ٻارن کي نڪل جو هڪ هڪ ٻلو مليو، جنهن تي شهنشاهه جارج پنجم ۽ سندس مهاراڻيءَ جي تصوير اُڪريل هئي. اهو ٻلو شاگردن مان هر هڪ جي قميص تي ربين ۽ ڪانٽي سان لڳايو ويو ۽ هڪ هڪ پُڙو مٺائيءَ جو مليو.
تڏهن حيدرآباد شهر ۾ (1912ع) ۾ انگريزي اسڪول رڳو چار هئا، جيڪي چارئي هاءِ اسڪول هئا: گورنمينٽ هاءِ اسڪول هو، جيڪو هاڻوڪي نورمحمد ۽ مسلم ڪاليج واريءَ ايراضيءَ تي پکڙيل هو. ٻيو نولراءِ هيرانند اڪيڊمي هو، جيڪو هاڻوڪي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۽ سنڌ لا ڪاليج واري هنڌ تي هو. ٽيون نئون وديالا هاءِ اسڪول هو، جنهن ۾ هينئر سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئپس آهي. زنانو هاءِ اسڪول رڳو هڪڙو ڪندن مل گرلس هاءِ اسڪول هو، جتي هينئر جامعه عربيه هاءِ اسڪول آهي. گڏوگڏ ڪرسچن ائسوسيئيشن وارن جو هڪ پگٽ گرلس اسڪول به هو. جيڪو ٽريننگ ڪاليج فارمين جي سامهون پنهنجي جاءِ تي اڄ به موجود آهي. پراڻي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جون اڳيون جايون ڊاهي بلڪل نيون ٺهرايون ويون آهن رڳو ميٺارام هال پنهنجي اڳوڻي شڪل ۾ قائم رهندو اچي. اين. ايڇ. ائڪيڊميءَ وديالا هاءِ اسڪول جو وجود راءِ بهادر پرڀداس جي ڪوشش جو نتيجو هو. ائڪيڊمي ساڌو هيرانند ۽ سندس ڀاءُ ساڌو نولراءِ جي ڪوشش جو نتيجو هو. هر هڪ هاءِ اسڪول کي پنهنجي هڪ هاسٽل به هئي .... اسڪول جي اَترئين بلاڪ وٽ اڳوڻي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جون پندرهن ويهن ڪوٺيون ٺهيل هيون، جن ۾ ٻهراڙيءَ جا ڇوڪرا رهندا هئا. ائڪيڊميءَ کي پوهو کياڻي بلڊنگ ۾ سنڌ جووينائيل (ايس. جي ڪوآپريٽو سوسائٽي) جي پٺُئين پاسي کان چار گھر مسواڙ تي هئا، جن ۾ هاسٽل قائم ڪيل هئي. وديالا هاءِاسڪول کي هاسٽل لاءِ ڪافي ڪوٺيون هيون، جي پوءِ ڊهرائي اتي يونيورسٽي ملازمن جا ڪوارٽر ٺهرايا ويا. وديالا هاءِ اسڪول کي پنج پرائمري اسڪولن جون برانچون هيون ۽ ائڪيڊميءَ کي چار. اُهي برانچون انهن هاءِ اسڪولن جا ڀرتي ڪندڙ (فيدر) اسڪول هئا. حيدرآبادي عاملن جا پٽ انهن هاءِ اسڪولن مان ۽ ڌيئرون ڪندن مل گرلس اسڪول مان تعليم کان لاڀائتيون ٿينديون هيون.
شاگردن کي ملندڙ اسڪالر شپ ۾ کين رٿيل اسڪولن ۾ داخلا وٺڻ لاءِ تاڪيد ڪيو ويندو هو. تڏهن گورنمينٽ هاءِ اسڪولن جي پهرين درجي جي في ڏيڍ رپيو ۽ راند جي في چار آنا هئي. هڪ ماه جي في جيترا پئسا داخلا في هئي ۽ اٺ آنا سال جا ڊرائينگ فيءَ بابت ڏيڻا پوندا هئا. ڪل ٽي رپيا ٻارهن آنا في ڀري اسڪول ۾ داخل ٿبو هو. هاءِ اسڪولن ۾ مسلمان ماستر ٿورا رڳو ٻه هئا. باقي سڀ ماستر هندو هئا، جن مان به اڪثر حيدرآبادي عامل هوندا هئا.... هيڊماستر ديوان ڪشنچند سفيد ريش هو. جيڪو پٽڪو ٻڌندو هو ۽ گلي بند ڪوٽ زيب تن ڪندو هو. هيڊ ماستر کي سرڪاري بنگلو مليل هوندو هو. ڪي استاد مٿي تي ڪاري پلش جي ٽوپي ۽ پڻئي جو اڇو پاجامو ۽ پيرن ۾ سليپر پائيندا هئا. ڪلاس ۾ عام رواجي طور چاليهه پنجاهه شاگرد هوندا هئا، ڪي شاگرد شالور جو پٽڪو، ريشمي رنگين شلوار ۽ قميص پائيندا هئا. جنهن ڪارڻ شهري ڇوڪرا چيڙائيندا هئا. مسلمان ڇوڪرا اسڪول کان گھڻو گسائيندا به هئا ... ڪي مسلمان شاگرد مذهبي تنظيمن جا ميمبر پڻ هوندا هئا. ڪي شاگرد پٽڪو ٻڌي ايندا هئا. سنڌي جتي پائيندا هئا. روز ٻه ميل پنڌ جا هڻي اسڪول ۾ پهچندا هئا. ڪتابن جي پوتڙي ڪڏهن مٿي تي، ڪڏهن ڪڇ ۾ کڻي ايندا هئا. ڪڏهن صدري پائيندا هئا ته اڳٺ پيو لڙڪندو هون. شهري ڇوڪرا کائنس کلندا هئا.
حيدرآباد ۾ مسافر خانو اسڪول به هو، جنهن کي هاڻي قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول چيو وڃي ٿو.... تڏهن لازمي تعليم (زوري تعليم) شروع ڪئي وئي هئي. سو جڏهن شاگرد اسڪول نه ايندا هئا ته مٿن ڪيس ڪيا ويندا هئا. تن کي ڇڏائڻ لاءِ ماڻهو استادن کي سفارشون ڪندا هئا. ۽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب، جن کي لازمي تعليم جا ڪيس هلائي سزا ڏيڻ جا اختيار مليل هوندا هئا، سي ڪنهن حد تائين خوشيءَ سان مڃيندا به هئس.
اسان سان گڏ پڙهندڙ غلام علي شيدي، جيڪو ٽنڊي ولي محمد ۾ رهندڙ هو، سو پٽڪو ٻَڌندو هو ۽ ڪنن ۾ چانديءَ جون ڪيوٽيون (مُرڪيون) پيل هونديون هئس. اڪثر پن جون ٻيڙيون پيئندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پيڊرو يا سن فلاور سگريٽن سان به شوق ڪندا هئا. هن جو ڏهن سگريٽن جو پاڪيٽ ڏهين پئسي ملندو هو. ملهه چڱي ڄاڻندو هو، تنهنڪري ڪنهن کي ڦڙتي، ڪنهن کي مونڙي، ڪنهن کي اندريون، ڪنهن کي ٻاهريون، ڪنهن کي ڍاڪ تي کڻڻ، ڪنهن کي وارو، ڪنهن کي جانٺو، مطلب ته سڀ ڪنهن سان ٻکين پيو پوندو هو. محمد صديق مسافر (حبشي) جيڪو تڏهن پرئڪٽسنگ اسڪول ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾ نائب ماستر هو، ۽ ٽنڊي ولي محمد ۾ رهندو هو، سو غلام علي شيدي جي پرگھور لهندو هو. ۽ غلام علي شام وقت مرحوم مسافر جي ڀنگ به گھوٽيندو هو ۽ هڪ اڌ جمني پاڻ به نوش ڪندو هو.
اسڪولن ۾ ڪوٽ ۽ ٽوپيءَ سان اچڻ جو تاڪيد ڪيل هوندو هو. پر اڪثر مسلمان شاگرد تاڪيد هوندي به ڪوٽ اصل نه پائيندا هئا ۽ نه پٽڪو مٽائي ٽوپي پائيندا هئا. سياري ۾ ته خير پر سياري ۾ به اجرڪ ويڙهي ايندا هئا. ڪي مسلمان ڇوڪرا پِلش جي ڪاري ٽوپي ۽ ڪوٽ پائي ايندا هئا. هندو ڇوڪرن ۽ مسلمان شاگردن جو پوشاڪ ۾ فرق رڳو پاجامي ۽ شلوار جو هوندو هو.
سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ ثانوي زبان (سليس) چار درجي کان شروع ڪرائي ويندي هئي.... شاگردن کي جيڪي ڪتاب وٺرايا ويندا هئا، اُهي سڀ مئڪملين ڪمپني جا هوندا هئا. انگريزي پرائمري ۽ ريڊر کان سواءِ باقي ڪتاب جھڙوڪ سائنس، تاريخ ۽ جاگرافي انگريزي ڪتابن جا ترجما هوندا هئا، جيڪي سڀ مئڪملين ڪمپني جا هوندا هئا. تاريخ، جاگرافي سولين آکاڻين جو نوع ۾ لکيل هونديون هيون، جيڪي پڙهڻ ۽ سمجھڻ ۾ نهايت آسان هونديون هيون.
سڀئي ڪم هڪڙوئي استاد سيکاريندو هو، سواءِ ڊرائنگ ۽ مشق ڪاپيءَ جي .... ڪاپي به مئڪملين ڪمپنيءَ جي هوندي هئي ۽ او ”O “ نِب سان لکائي ويندي هئي. رانديون تنهن وقت لازمي هيون، يعني روز شام جو اسڪول ۾ گڏ ٿبو هو ۽ اتان قطار يعني فائيل ۾ گرائونڊ تي وڃبو هو ۽ واپس به قطار ۾ ئي موٽبو هو ۽ اچي اسڪول جي احاطي ۾ ڇڙ وڇڙ ٿبو هو. جيڪي شاگرد راند ۾ حصو وٺڻ کان نٽائڻ لاءِ ڪو بهانو ڪندا هئا، ته کين ڊاڪٽر کان سرٽيفڪيٽ وٺي ڏيڻو پوندو هو ۽ پوءِ ئي کين راندين کان آجو ڪيو ويندو هو.
پهرئين درجي جوساليانو امتحان پيپرن وسيلي ورتو ويندو هو. جيڪي شهر ۾ رهندڙ شاگرد هوندا هئا، تن جي انگريزي سُٺي هوندي هئي. ۽ ڪلاس ۾ سُٺيون مارڪون کڻندا هئا. سندن مائٽ پڻ پڙهيل هوندا هئا، جنهن ڪري کين اسڪول ۾ داخلا وٺڻ کان اڳ ئي انگريزي لفظ ۽ جملا ايندا هئا. ۽ اي. بي. سي ۽ انگريزي گرامر گھران ئي پڙهي پورو ڪري ايندا هئا...... پهرين جون کان ٻه مهينا وئڪيشن ٿيندي هئي.
حيدرآباد شهر جا رستا ڪشادا هوندا هئا. رستا پٿر جا هوندا هئا. ڏامر جا ڪارا رستا ان وقت وهم ۽ گمان ۾ به ڪين هئا. ٽانگن جي ڦيٿن جا پٽا لوهي هوندا هئا ۽ رستن تي وڏا وڏا پٿر نڪتل بيٺا هوندا هئا، جنهنڪري ٽانگن ۾ خوب جھاڪا ايندا هئا، ۽ اڪثر ماڻهو ڇڪي آڍائيندا ڏسبا هئا. وڪٽوريا گاڏيون اڪثر هندو سيٺين جون هونديون هيون، جيڪي شام جو سير لاءِ گدو بندر وڃي درياهه جو درشن ڪري ايندا هئا. ڪي وڪٽوريائون ڀاڙي تي به هيون. حيدرآباد ۾ بجليءَ جي روشني (اليڪٽرڪ لائيٽ) جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ شهر ۾ شمعدان يا قنديل ٻاريندا هئا. صبح جو ٺيڪيدارن جا ماڻهو هر هڪ شمعدان ۾ گاسليٽ ذرو وجھي ويندا هئا ۽ شام جو وري انهن کي وقت تي روشن ڪري ويندا هئا. هوٽلون ٿوريون هونديون هيون. رڳو نانواين جا دڪان هوندا هئا، جتي ٻاهريان ماڻهو جيڪي شهر ۾ ڪمن ڪارين سان ايندا هئا، سي اچي ماني کائيندا هئا. چڪلي روڊ تي رڳو هڪ آغا جي هوٽل هوندي هئي، جتي لوهه جون ڪرسيون ۽ ڪاٺ جون ٽپايون هونديون هيون. باقي سوڍا ليمن ۽ ڪيڪ بسڪوٽن جا دڪان ڪافي هوندا هئا.
مياڻي روڊ هاڻوڪو پرنس علي روڊ تي حسن علي وونري (بوري) جو ٻاٽلين ڀرڻ جو سانچو هوندو هو ۽ ٻاٽليون سڀ گوليءَ سان هونديون هيون. تڏهن ٻاٽلين جا نمونا هيٺيان هوندا هئا. (1) کاري سوڍا هڪ پئسي ملندي هئي (2) ليمن ٽڪي (3) رنگ واريون ٻاٽليون ٽين پئسي ملنديون هيون، جن ۾ لائيم جوس ججنجريٽ (جنجر) راسبيري شامل هونديون هيون. حسن عليءَ جو پاڻي (ايئريٽيڊ واٽر) مشهور هوندو هو. چانهه جو رواج بلڪل نالي ماتر هوندو هو. البت ٿاڌل جو عمدو گلاس آني آني ملندو هو ۽ برف پئسي پَن (پائونڊ) هوندي هئي. ڇڻڪار لاءِ گاڏيون هونديون هيون، جيڪي ڏاند (ڍڳا) ڪاهيندا هئا ۽ پُٺيان ڇڻڪار ٿيندو ويندو هو.
سيٺ ڪريم خوجو، شايد 1912ع ڌاري پهريون شخص هو، جنهن ولايت مان هڪ موٽر خريد ڪري حيدرآباد آندي هئي، جيڪا جڏهن به ڪنهن رستي تان لنگھندي هارن جو آواز ڪندي هئي، ته سڀ ماڻهو ان کي هڪ عجوبئه روزگار سمجھي ڏسڻ لاءِ ڪمن ڪارين مان هٿ کڻي ڪڍندا هئا ۽ اچرج وچان ان کي ڏسندا هئا. شهر ۾ سُٺي ۾ سٺي جاءِ هڪ عاليشان باغ به هن صاحب ئي ٺهرايو هو. سندس جاءِ جيڪا نولراءِ مارڪيٽ وٽ آهي سا ڪيترا ڏينهن کليل رکي ويئي هئي ۽ عام ماڻهن جا حشام ان جو ديدار ڪندا رهندا هئا. سيٺ ڪريم جو باغ به ڏسڻ وٽان هو ۽ تفريح لاءِ شام جي وقت عام ماڻهن جو سک هو.
ڪراچي هوٽل صدر جو مالڪ مرحوم شفيع محمد ميمڻ هوندو هو، جيڪو حافظ يعقوب ميمڻ جو پُٽ هو..... تڏهن ماڻهو ننڍن شهرن مان لڏي حيدرآباد شهر ۾ اچي رهڻ لڳا هئا.
وڏن ماڻهن جا ڪمدار وڪيلن کي ڪيس وٺرائي ڏيندا هئا، تنهنڪري سندن واسطا وڪيلن سان گھاٽا هوندا هئا. وڪيل جڏهن هالا ۾ ڪيس هلائڻ لاءِ ايندا هئا، ته اُهي شهدادپور اسٽيشن تي لهندا هئا، جتان کيس کڻڻ لاءِ اصيل وسيلي سواري لاءِ اُٺ به موڪليا ويندا هئا. وڪيل جيڪو به ويلو رهندو هو، تنهن جو سمورو خرچ اصيل کي ڀوڳڻو پوندو هو. نه ته ورلي ڪنهن دوست وٽ پڻ ماني کائيندا هئا.
1912ع ڌاري اڏيرو لعل اسٽيشن کي گھانگھلن جي اسٽيشن به چوندا هئا. جتان گھانگھلا ذات جي ماڻهن جو ڳوٺ ميل کن پنڌ تي هوندو هو.... هتي اسٽيشن تي اُٺن جي کوڙي هوندي هئي، جتي اُٺ هر وقت ڀاڙي سوارين لاءِ ملي سگھندا هئا. کوڙيءَ تي جتن کي هڪ روپيو پُٺيان هڪ آنو، کوڙيءَ جي جمعدار کي آنڪي ڏيڻي پوندي هئي، جنهن عيوض هو جتن جي حُقي پاڻيءَ جو انتظام رکندو هو. جت اڪثر گھوٽاڻن جا مير جت هوندا هئا ۽ ڀاڙا کڻڻ هنن جو اباڻو ڌنڌو هو. اُهي هر وقت هالن جي مارڪيٽ ۾ اُٺ سوڌو نظر ايندا هئا ۽ چار يا اٺ آنا سوٿي وٺي اٺ ٻڌندا هئا ۽ وقت تي اچي گھران سوار کي کڻندا هئا.
1914ع ۾ جڏهن پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي. تڏهن سرڪار زوريءَ اُٺ خريد پئي ڪيا ۽ خريداريءَ لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي هئي. مير جت ويچارا جن جي گذران جو ذريعو ئي ڏانگھا هوندا هئا، سي زوريءَ انهن کان محروم ٿي ويا ۽ سندن ڌنڌو بند ٿي ويو. کوڙي ان ڪري ويندا ئي ڪونه هئا، جو اتان سرڪاري ماڻهو جنهن جو اٺ ڏسندا هئا ته بيگر هڻي ويندا هئا. ميرجت ويچارا چوندا هئا ته ادا ڇا ڪريون، اٺن ۾ ڪاميٽي پئي آهي. اسان مسڪينن سان ويل وهي ويا آهن. اٺن جي اڻاٺ سبب اسٽيشن تي ويٺل ميرجت جي پنهنجا ٽانگا انوقت رڳو اڏيري لعل اسٽيشن کان اڏيري لعل وليج تائين هلائيندا هئا، سي هن اُٺن جي ڏڪار ۾ هالن تائين ٽانگا هلائڻ لڳا هئا، جنهنڪري ڪجھ ڀرم ڀريو ۽ مسافرن جي رهجي آئي. وري جڏهن موٽرون نڪتيون ۽ هالن جا ماڻهو شهدادپور کان موٽرن ۾ سواري ڪرڻ لڳا، تڏهن به ويچارن مير جتن جي روزيءَ تي لت اچڻ لڳي ۽ جڏهن کانئن پڇيو هو ته : ”جت فقير ڀاڙا ٻاڙا ملن ٿا يا نه؟“ ته هٿ کڻي موٽرن کي پِٽيندا هئا ۽ جنگ عظيم وارو زمانو ياد ڪري چوندا هئا ته: ”الله موٽرن ۾ ڪا ڪاميٽي وجھي اسان جو روزگار ئي بند ٿي ويو آهي.“
پئسينجر ريلوي گاڏيءَ کي ماڻهو”مڪس گاڏي“ چوندا هئا..... اسڪولن جا شاگرد اهڙو ڪم ڪندا هئا، جو ڄڻ ته گاڏي سندن خانگي ملڪيت هجي، سڀني تختن (برٿن) تي ڊگھا ٿي سمهي رهندا هئا. ڪنهن کي به نه گاڏي ۾ چڙهڻ ڏيندا هئا ۽ نه ويهڻ. گارڊ ۽ ٻيا ريلوي اختياريءَ وارا عاجز لاچار هوندا هئا. ۽ چوندا هئا: ”ڇوراڻي پوتي کٽيءَ نه ڌوتي.“
نولراءِ هيرانند ائڪيڊمي جي اولهه طرف ڪافي ميدان ڇڏيل هو، جتي صبح جو اسيمبلي ٿيندي هئي. هارمونيم تي هندو عامل شاگرد بيهي مٺڙن آوازن ۾ پرارٿنا ڳائيندا هئا. سڀ شاگرد ادب سان ٻانهون ٻڌي بيهندا هئا. پرارنٿا پوري ٿيڻ تي هرهڪ ڪلاس جي قطار پنهنجي ڪلاس ڏي هلي ويندي هئي ۽ استاد صاحبان جي مٿي ورانڊي جي ٿلهي تي قطار ۾ بيهندا هئا، سي پنهنجن پنهنجن ڪلاسن ۾ پهچي ويندا هئا. ڪن استادن جي عادت هوندي هئي، ته شاگردن جي حاضري وٺڻ مهل سنسڪرت جا ڪي جملا چوندا هئا، ۽ پوءِ سنڌيءَ ۾ دعا گهرندو هو. مسٽر پرتابراءِ دعا گھررندو هو: ”اي پرڀو تو پيريءَ ۾ بت سان گذارجانءِ، جيوت سکي ڪجانءِ. اي ايشور سڀ جيو جنتر جيت جڻيا تنهنجي گنج مان پلجن ٿا. تون پنهنجي دامن تي سک جو سمون آڻج، اي جڳ جا رکپال، اسان پاپين جي رکشا ڪر..... اها دعا پنج منٽ هلندي هئي ۽ پوءِ حاضري وٺبي هئي...... اسڪولن ۾ پڙهندڙ اڪثرت ٻار عاملن، ديوانن ۽ واپارين جا اولاد هوندا هئا، انهن جي گھرن ۾ به انگريزيءَ جو واهيو گھڻو هوندو هو. تنهن هوندي به ٽيوشنون وٺندا هئا ۽ گھڻو هوشيار هوندا هئا. دُعا: (1) ديا سا اي ديالو تون ڪرم ڪر مهر سان ڀرپو، (2) ٻاجھ ڪر ٻاجھارا سائين ٻاجھ ڪرين ٻاجھارا.
تڏهن پوهو کياڻي بلڊنگ ۾ اڪيڊميءَ جو بورڊنگ هائوس هوندو هو، جتي شهر کان ٻاهران آيل شاگردن کي رهائيندا هئا. بورڊنگ هائوس ۾ ڪي اهڙا به شاگرد هوندا هئا، جيڪي پنهنجا نوڪر به پاڻ سان گڏ رکندا هئا، جيڪي سندن ماني ٽڪي ٺاهيندا هئا.
ورنيوڪيولر فائينل امتحان جا فارم ڀرائڻ لاءِ استاد شاگردن کي همٿائيندا هئا. فارم جي في ٻه روپيا هوندي هئي.... ايليمينٽري ڊرائنگ امتحان جي فارم في به ٻه روپيا هوندي هئي. جيڪي شاگرد ڊرائنگ ڪلاسن ۾ هوندا هئا، تن کي شام جو ڊرائنگ ڪلاسن ۾ اچڻو پوندو هو. ڪي اهڙا به پرنسپال ۽ استاد هوندا هئا، جيڪي ڪنهن شاگردن وٽ فيءَ امتحان جا پئسا نه هئڻ تي پاڻ اُهي في جا پئسا ڀري ڇڏيندا هئا. تڏهن پيپر بمبئي مان ايندا هئا ۽ ڪجھ مهينن کان پوءِ نتيجو نروار ٿيندو هو.... ڊرائنگ جي امتحان ۾ جيترا به شاگرد پاس ٿيندا هئا، تن جي انگ تي اسڪول کي ڪجھ گرانٽ ملندي هئي. نولراءِ هيرانند اڪيڊمي ۾ عربي نه پڙهائي ويندي هئي، تنهنڪري ثانوي زبان پارسي هئي. ڪي استادن جا ٻٽوئان وار هوندا ۽ ترڪي ٽوپي پائيندا هئا. پارسي پڙهندڙ شاگردن کي چوٿين درجي ۾ مزاحيه حڪايتن جو ڪتاب حڪايات لطيف، پنجين درجي ۾ اخلاقي آکاڻين جو صد حڪايات جو ڪتاب پڙهايو ويندو هو.
اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن - مسلمان توڙي هندو - ۾ دوستيون ٿينديون هيون. مذهبي متڀيد نه هو. شاگرد هڪٻئي جي گھرن ۾ ايندا هئا. مونکي جڏهن سندن مائرون ڏسنديون هيون، ته هيءُ سندن پُٽن جو دوست آهي، ته مونکي پٽن جيترو گھُرنديون هيون ۽ ڪيترائي ٽول ۽ ٻيون شيون کارائينديون هيون، پنجين درجي ۾ منهنجا پيارا دوست - حشو حشمت راءِ ڪيول راماڻي، موتي مير چنداڻي، ڀون گدواڻي، هوتو مهتاڻي، ڪشن ناگراڻي – هئا، تڏهن مسلمان شاگرد اٽي ۾ لوڻ برابر هوندا هئا.
حيدرآباد ۾ جتي اڄ ريڊيو پاڪستان جي جاءِ ٺهيل آهي، اُتي هڪ ڪرسچن جي ريڊنگ روم ۽ لئبرري قائم هُئي، جنهن ۾ ديوان پرمانند ميوارام حيدرآبادي عامل، جنهن عيسائيت اختيار ڪئي هئي، سو هن لئبرريءَ جو سرواڻ هو. هو هڪ اخبار انگريزيءَ ۾ لائيٽ نالي، سنڌيءَ ۾ جوت نالي ٻه هفتيوار اخبارون ڪڍندو هو. روزانو ”هندو“ اخبار به هوندي هئي.... عام شاگرد توڙي شهري هن لئبرري مان ڪتاب اشو ڪرائي پڙهندا هئا.... هيرانند اڪيڊمي ۾ به لائبرري هوندي هئي.
مسلمانن شاگردن جي في معاف ڪرائڻ ۽ ڪتابن ۽ نوٽبڪن خريد ڪرڻ لاءِ هڪ ايسوسئيشن ٺاهي وئي. جنهن جي پهرين گڏجاڻي اولهندي ڪچي ۾ حافظ شفيع محمد سپروائيزر تپيدار جي جاءِ ۾ ٿي، جيڪا جاءِ مٽيارين جي قاضي عبدالرئوف مرحوم جي اصل جاءِ هئي. گڏجاڻيءَ ۾ مولوي امام بخش صاحب، جيڪو فارسي جو استاد هو، کي صدر چونڊيو، محمد اسماعيل عرساڻي جنرل سيڪريٽري ۽ واجد علي خزانچي ٿيو. هرهڪ شاگرد تي چار آنا ماهوار چندو مقرر ڪيو ويو..... شاگردن فيصلو ڪيو ته اُهي امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ سندن سيڪنڊ هئنڊ ڪتاب وڪڻڻ جي ڀيٽ ۾ ايسوسئيشن کي ڏيندا، ته جيئن اُهي ٻين غريب شاگردن کي مفت ۾ ڏنا وڃن. گڏجاڻي ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته هر آچر تي اُهي مسجدون، جيڪي هندن جي پاڙن ۾ اچي ويون هيون ۽ جتي ٻانگ صلوات ڪانه ٿيندي هئي، تن جي واري واري سان ڪنهن آچر تي هڪ پاڙي ۾ ته ٻئي آچر تي ٻئي پاڙي ۾ هلجي ۽ ٻهاري ڏيئي صفائي ڪري اچجي. مسجدون سڄيون مٽيءَ جي حالت ۾ هندو پاڙن جي وچ ۾ اچي ويون هيون ۽ چوداري هندن جون ماڙيون هيون، جتان ٻارن جي گندگي اُگھي اڳڙيون به مسجدن ۾ اُڇلايون ٿي ويون، پاڻيءَ جا مٽ ۽ ڪونرا سُڪل ٺوٺ ٿيل، تڏا ڦاٽل پرزا پرزا ٿيل، مٽي ۽ ڪچري جا ڍير لڳل، مسجد جي دروازي کي رڳو تالو به لڳل نه هوندو هو. اسان پاڙي وارن کي هدايت ڪئي سين، ته هيءَ مسجد آهي. جيڪا مسلمانن جي پاڪ جاءِ آهي، مهرباني ڪري گھر وارن کي روڪين ته هن ۾ گند نه اُڇلائين.
شاگرد جڏهن ڪنهن وٽ پئسن جي وصولي لاءِ ويندا هئا، ته اُهي کين پنهنجي استاد کان رسيد لکرائي اچڻ جو چوندا هئا. رسيد بوڪ ڇپايا ويندا هئا، جيڪي پئسن ڏيندڙن کي رسيد ڏبي هئي. ڪي اهڙا به ماڻهو هوندا هئا، جيڪي جيتوڻيڪ پئسا ڏيندا هئا، پر پنهنجو نالو لکرائڻ نه چاهيندا هئا...... پوءِ هندو شاگردن توڙي استادن به چيو ته: سندن مدد جي گھُرج هجي ته اُهي به حاضر آهن. پوءِ مسلمان شاگردن جون ڪن جون سڄيون ته ڪن جون اڌ معاف ڪيون ويون..... ڇهين درجي ۾ حاجب شاهي، منتخاب فارسي جو مجموعو هو، پڙهايو ويندو هو. هن مجموعي ۾ گلستان بوستان، انوار سهيلي نثر جي حصي ۾ ڪريما، پندنامه فريد الدين عطار، محمود نامه جا ڪجھ غزل ۽ ڪجھ جديد فارسيءَ جا منظومات پڙهايا ويندا هئا. جيڪو ديوان ڏيارام پڙهائيندو هو. ديوان ڏيارام پڙهائڻ وقت مست ٿي ويندو هو، ۽ ڪنڌ پيو ڌوڻيندو هو.
فارسي گرامر ڇهين درجي کان شروع ڪرايو ويندو هو، هڪ گرامر جو ڪتاب ” ڪانگا جو گرامر“ پڙهايو ويندو هو. مٿيون ڪورس ٻن سالن جو هو، يعني ڇهين ۽ ستين ٻن درجن ۾ پورو ڪرڻو پوندو هو ۽ مئٽرڪ ۾ امتحان انهن مان ئي ٿيندو هو.… 1924-25ع ڌاري اسان جي مئٽرڪ واري ڪلاس ۾ 143 شاگرد هئا، جن ۾ مسلمان رڳو يارنهن هئا. مئٽرڪ ۾ سنڌي ۽ جاگرافي جا مضمون نه هوندا هئا. مئٽرڪ جو امتحان رڳو هيٺين ڪمن ۾ ٿيندو هو. انگلش جنرل هڪ پيپر، انگلش ٽيڪسٽ هڪ پيپر، انڊين هسٽري ۽ انگلستاني هڪ پيپر، پرشن هڪ پيپر، رياضي، ارٿميٽڪ آلجبرا ۽ جاميٽري هڪ پيپر. 1924_25ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان مارچ مهيني ۾ ٿيندو هو. سنڌ مدرسته السلام جي مٿين هال ۽ خالقڏنو هال ۾ امتحان هلندو هو.
1925ع ۾ پهرين سال، حيدرآباد کي به مئٽرڪ جو سينٽر بڻايو ويو، اهو هندو صاحبان جي ڪوشش جو نتيجو هو. جنهن لاءِ پهريون سينٽر هومسٽيڊ هال ۾ ڪيو.
امتحان ٽي ڏينهن هلندو هو. روزانو ٻه پيپر ٿيندا هئا. سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جا شاگرد به هتي امتحان ڏيندا هئا. .... تڏهن سنڌ بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ڳنڍيل هئي، ۽ امتحان سڀ بمبئي يونيوريسٽيءَ وسيلي ٿيندا هئا. مارچ اپريل ٻه مهينا انتظام جا هوندا هئا ۽ مئي جي پڇاڙيء ۾ نتيجو نڪرندو هو. تعليم جو وسيلو انگريزي زبان هو ۽ امتحان جو رعب گھڻو هوندو هو. ڪاپيءَ جي ته ڪنهن کي سوچ ئي نه هئي ۽ نه وري امتحان ۾ ڪو اثر رسوخ هلائڻ جو امڪان هو. سوالي پيپرن تي ممتحن جا نالا ۽ ائڊريسون لکيل هونديون هيون. پر تڏهن جا ممتحن اثر يا سفارش کان آجا هئا ۽ اها ڳالهه ڏکي هئي جو وٽن ڪنهن بابت رسائي يا پهچ ٿي سگھي. رزلٽ هميشه بمبئيءَ ۾ رات جو ٻارهين وڳي نڪرندي هئي. ٽيليگراف رستي سڀني پريسن کي نمبر ڏنا ويندا هئا. جي راتوواهه سپليمينٽريءَ وسيلي شايع ڪري صبح سويري ٻه ٻه آني قيمت وصول ڪري هر هڪ شاگرد کي نهايت سولائي سان ملي سگھندي هئي. اها رات شاگردن کي ننڊ ئي نه ايندي هئي سنڌ جي رزلٽ وڌ ۾ وڌ چاليهه کان پنجيتاليهه سيڪڙو ٿيندي هئي. ڊويزنون ڪونه هيون. رڳو پاس يا فيل هوندو هو. سپليمينٽ ۾ رڳو پاس نمبر ظاهر ڪيا ويندا هئا. جيڪي نمبر نه هوندا هئا. سي فيل قرار ڏنا ويندا هئا. 1925ع ڌاري رزلٽ ۾ نول راءِ هيرانند اڪيڊميءَ مان اسان يارهن مسلمان شاگردن مان رڳو هڪ پاس ٿيو.
1925ع ۾ مرحوم نورمحمد وڪيل مسلم ايڊيوڪيشن سوسائٽيءَ جو بنياد رکيو. ان لاءِ سر ابراهيم رحمت الله کي صدارت لاءِ گھرايو ويو. شاگردن ڏينهن رات محنتون ڪري قومي جذبي سان سرشار ٿي، هومسٽيڊ هال کي ڪانفرنس لاءِ ڪنوار جيان سينگاريو. ڪانفرنس ۾ ڪافي ولولي انگيز تقريون ٿيون. مخير حضراتن وڏن وڏن چندن ۽ عطين جا اعلان ڪيا. اسان خوب نعرا هنيا. تاڙيون وڄايون، پر ڪانفرنس جي ڪاروائيءَ کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه پسند آئي سو هو مشاعرو. مشاعرا به ٿيندا هئا.
هڪڙي ڀيري اردو ۽ سنڌي مشاعرو ٿيو. جنهن مشاعري ۾ مصرع اردوءَ ۾ هئي ”چشم موسي ڪو بهي حسرت ره گئي ديدار ڪي“. سنڌي ۾ ان جو ترجمو هو ”چشم موسي کي به حسرت رهجي وئي ديدار جي“. اردو مشاعري جي صدارت مير ايوب خان ڪئي ۽ سنڌي مشاعري جي صدارت مرحوم مرزا قليچ بيگ ڪئي.
تڏهن مئٽرڪ پاس ڪرڻ وڏي ڳالهه سمجھي ويندي هئي. وري جيڪڏهن هالن جهڙن ننڍن شهرن مان ڪو شاگرد مئٽرڪ پاس ڪندو هو، جتي ان کان اڳ ڪنهن به مئٽرڪ جي امتحان جو خواب ئي نه ڏٺو هوندو هو، ته اهم ڳالهه ليکبي هئي. جڏهن آءٌ پاس ٿيس ته منهنجا والد ۽ ٻيا مٽ مائٽ مئٽرڪ ۾ ڪاميابيء تي نهايت خوشيون ملهائڻ لڳا. آءٌ هالا شهر جي هندن، سکن ۽ مسلمانن سڀني مان پهريون شخص هوس، جنهن مٽرڪ پاس ڪئي هئي. تنهنڪري منهنجي والد کي گھڻيون مبارڪون مليون. جناب حضرت مخدوم ظهير الدين (پرو ڄام) سائين مونکي ويهه رپيا خرچي ڏنا ۽ دعا ڪئي. منهنجي امڙ مونکي ڀاڪر ۾ وجھي چميون ڏنيون.
مئٽرڪ ڏيئي ڪنهن ڪاليج ۾ داخلا وٺڻي پوندي هئي. داخلا لاءِ هڪ معمولي فارم ڀرڻو پوندو هو، جيڪو ڪاليج مان مفت ۾ ملندو هو. فارم سان گڏ رڳو ڏهه روپيا ڪاشن مني ٿڏي تي ڏيڻي پوندي هئي. ڪلارڪ، نالو ۽ مئٽرڪ جو سيٽ نمبر بمبئي مان آيل ڇاپي رزلٽ تان ڏسي تصديق ڪندو هو ۽ ٻئي ڏينهن نوٽيس بورڊ تي لسٽ لڳائي ويندي هئي، ته هيٺين شاگردن کي داخلا ڏني ويئي آهي. ان کان وڌيڪ ڪا به پٽاڙ يا اينگھ ڪانه هوندي هئي. تڏهن بي.اي جي پهرئن سال کي ايف. واءِ. اي فرسٽ ايئر آرٽس شايد چوندا هئا. ٻئي سال کي انٽر آرٽس. ٽئين سال کي جونيئر بي.اي ۽ چوٿين سال کي سينئر بي.اي سڏيندا هئا. ڪاليج اسڪالرشپ لاءِ درخواست پرنسپال جي معرفت ڏبي هئي ۽ ٽيهه روپيا ماهوار اسڪالرشپ نهايت سولائيءَ سان پاڻهي ملي ويندي هئي..... تڏهن سلاميءَ واري ڇت ٺڪر جي نرن سان ڍڪيل هوندي هئي. سنڌ نيشنل (گدومل) ڪاليج جو هاسٽل پڻ هوندو هو. هاسٽل ۾ رڳو ڏهه ٻارهن ڪوٺيون هيون، جيڪي پراڻي وقت جون ٺهيل هيون، پر ٻاهرين شاگردن لاءِ غنيمت هئي.
مُلان اسڪول به هوندا هئا.... پوليس ۾ ڀرتي لاءِ ناسڪ پڙهڻ لاءِ به ڪڪي ماڻهو ويندا هئا. تڏهن انڪمبرڊ اسٽيشن آفيس به هوندي هئي.... شاگرد پنهنجا بورچي به رکندا هئا..... ۽ ڪلب ٺاهيندا هئا، تنهنڪري مانيءَ ٽڪيءَ جا سهنجا ٿي پوندا هئا. سڀ پروفيسر شاگردن کي عزت ۽ پيار جي نگاهه سان ڏسندا هئا. عملو سهڻو ورتاءُ ڪندو هو. تڏهن مدراسي ۽ گجراتي پروفيسر به پڙهائيندا هئا.
ڪاليج جو پهرين نالو سنڌ نيشنل ڪاليج هوندو هو، پوءِ اين.اي.ڊي نيشنل ڪاليج رکيو ويو ۽ هينئر گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جي نالي سان سڏجي ٿو.....فارسيءَ ۾ نثر ۾ بهارستان جامي ۽ نظم ۾ طيبات سعدي پڙهايا ويندا هئا. شاگرد ڪاليجي چوائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. ڪاليج ۾ ٽرگنامينٽري پڙهايو ويندو هو. هر هڪ پيرئڊ (فر جي) جي حاضري ڀربي هئي، تنهنڪري پيرئڊ ۾ گسائڻ قطعا ناگوار لڳندو هو ۽ نهايت تاڪيد سان هر هڪ فرجي ۾ حاضر رهبو هو. ثانوي اسڪول به راندين، ڊرامن، ڊبيٽن، ايڪسڪرشنن ۽ ٻين سوشل دلچسپين کان خالي نه هوندا هئا. پر ڪاليج ۾ فضا ئي ٻي هئي.
پروفيسر ايم.ايم گدواڻي پرنسپال ٿي اچڻ سان ڪاليج ۾ زندگي پيدا ڪئي. هڪ ڀيري ڪاليج لان تي هڪ ”انڊين مجلس“ ڪرايائين، جنهن لاءِ ڪوبه چندو وغيره رکيل ڪونه هو. ڳائڻ وڄائڻ سميت هڪ فينسي شو به هن مجلس جي پروگرام ۾ شامل هو. کاڌي لاءِ سڀ ڪنهن کي حڪم هو، ته پنهنجي گھران سڀڪو ڪجھ نه ڪجھ سنڌي ڍنگ جو کاڌو رڌائي پاڻ سان کڻي اچي. عجيب غريب قسم جا کاڌا گڏ ٿي ويا. ڪنهن ٻاجھريءَ جا ڍوڍا ۽ چٽڻي آندي. ڪن ڪڻڪ جو رڌل ڏارو، جنهن کي ٻاٽ چوندا هئا، سو آندو ته ڪنهن لپئي آندي، ڪنهن ڪڻاهو پرشاد يعني چڻن جي ڪهرن جي چٽڻي آميز پليٽ آندي. جنهن کي ڇولا چيو وڃي ٿو. ڪنهن سيگو چانورن جي رٻ آندي، ڪنهن سوجيءَ جوسيرو، ڪنهن کيرڻي ڪنهن پٽاٽن جون ٽڪيون، ڪنهن کچڻي ۽ ڪڙهي، ڪنهن ڌونري ۾ ٺهيل رائتو، ڪنهن ڀاڄي پلاءُ، ڪنهن مڱن ۽ چونرن جا ڪُهر، ڪنهن ڪچونبر، ڪنهن ٽماٽي جي چٽڻي، ڪنهن سلان ڪنهن ڦُلڪا، ڪنهن موڻيون ڪنهن چوکا، ڪنهن بسريون ڪنهن منا چانور (رنگ بنا چاشني) ڪنهن وڙيون ڪنهن اچار، ڪن مُربا ڪن ڏهي، ڪن لسيءَ جا لوٽا، ڪن پڪوڙا، ڪن پوريون، ڪن بهن چڀڙن انب چور جون ڪچريون، ڪن پالڪ ته ڪن سرنهن جو ساڳ، ڪن موريون ته ڪن ڪريلا ڪن گاجر جو حلوو ڪن ٻيون قسمين قسمين گھر جون ٺاهيل مٺايون آڻي ڍير ڪيون. ويشنو کاڌا هئا. پاپڙن جو ته حساب ئي ڪونه هو. ڪو ٽانڊن تي سيڪيل، ڪي تريل، کائيندي حال! جڏهن ته مسلمان شاگردن تريل مڇيون، گوشت، بيضن جا ٻوڙ، سوپ ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ، ڪونئرا پراٺا، چاشني، ڪورمو ۽ ٻيون اهڙيون غذائون آنديون. پليٽ پليٽ هر هڪ جي ڌار هئي، ورڪر بيٺا هئا. چمچن سان لاهي ٿي ڏنائون، جيڪي گھُر سو حاضر، مسلمان شاگردن جي چوڻ تي چوڪيدار ماهيو کير آڻي ڏنو ۽ ان ۾ راسبيريءَ جو رنگ ۽ کنڊ گڏي کڻي ملڪ روز بڻايو ۽ هڪ وڏي ديڳ ڀري رکي سين. واهه واهه ٿي ويئي، ڇو ته شهر وارن کي ملڪ روز جو ڍُڪ ڍُڪ آڻڻ ذرا مشڪل بلڪ محال هو.
ڪجھ وقت کان پوءِ، هڪ ايڪسڪرشن جو انتظام ڪيو ويو. ڦليلي ان وقت ڦوهه جوانيءَ ۾ هئي، سندس وهڪرو سنڌو درياهه سان ڪلهو هڻي رهيو هو. هڪ ٻن ٻيڙين جو ڪرايو وغيره مير بحرن سان طئي ٿيو ۽ آرتوار صبح جو چونڪ اسان جي ڪاليج کان ڄام شوري موريءَ وٽ وڃي پي. ڊبليو. ڊي. جي بنگلي ۾ ڏينهن گذارڻو هو، تنهن ڪري ٻيڙيون اوڀاريون هليون، جي ڦليليءَ جي ڪپ سان ميربحرن رسن سان ڇڪي ٿي هلايون..... ٻيڙيءَ ۾ ڪيترائي گيت، گانا ڳائيندا، خوشيون ڪندا ڦليليءَ جي ٻنهي ڪپن تي ماڻهن جو ڌيان ڇڪائيندا خير سان منزل مقصود تي پهتاسين. بسڪوٽن جا پڙا، ڪيڪن جا ڊزنن جا ڊزن ۽ ٻيا قسمين قسمين مال ٽال وٺي ويا هئاسين، جي کائي آسپاس جو شيل ڪري شام جو وارُو ٿياسين ۽ سج اندر ٻاهر هو ته واپس ڪاليج ۾ پهچي وياسين، ۽ سڀڪو مائٽن جو انتظار دفع ڪرڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي گھر روانو ٿيو.
هڪ ڀيري ڪاليج ۾ ڊرامو منعقد ٿيو، جيڪو شيڪسپيئر جو روميو ۽ جوليٽ جو اختصار هو. ڀون گدواڻي جوليٽ جو پارٽ ادا ڪيو ۽ وڻ وڄائي ڇڏيائين. ڪاليج جا ستر سيڪڙو شاگرد ته مٿس ڄڻ عاشق ٿي پيا.... ڪاليج ۾ ڪو ايڊيوڪيشن هئي، تنهنڪري ڪيتريون ئي عامل ڇوڪريون به پڙهنديون هيون. ڇوڪرن لاءِ ڊيسڪون هونديون ۽ گئلريءَ جيان رکيل هونديون هيون ۽ ڇوڪرين لاءِ پهرينءَ صف ۾ ميزون ۽ ڪرسيون رکيل هيون. ميزون پراڻي قسم جون هيون، منجھن اڳيان ٻه ٻه خانا هوندا هئا. هونءَ ته ڇوڪرين جي نهايت عزت ڪئي ويندي هئي ۽ هرڪو شاگرد انهن کي ڀينرن جيان ڏسندو هو. جڏهن اُهي ڏاڪڻ تي چڙهنديون هيون يا لهنديون هيون، ته ڪوبه ڇوڪرو لهندو چڙهندو نه هو، جيستائين اُهي سيڙهي پار ڪري وڃن. پر ان هوندي به ڪي عامل ڇوڪرا شرير هوندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ساڻن چرچا ڪندا هئا.
ڪاليج طرفان ”ڦليلي“ ميئگزين نڪرندي هئي. جنهن ۾ اڪثر ڪري شاگردن جا مضمون ڇپجندا هئا....... حيدرآباد ۾ بزم مشاعره سنڌي ادبي سوسائٽي جُڙيل هئي، جنهن جي طرفان شهر ۾ مختلف موقعن تي مشاعره ٿيندا رهندا هئا، ۽ انهن مشاعرن ۾ نون شاعرن کي پڻ شاعري پڙهڻ جو موقعو ڏنو ويندو هو.
1932ع ۾ ٽنڊو محمد خان جو اي.وي. اسڪول، ميونسپالٽيءَ جو هو. مير حاجي حسين بخش خان ميونسپل جو پريزيڊنٽ هو. مونکان اڳ جنهن هندو هيڊ ماسٽر اسڪول تي ڪانگريس جو جھنڊو چاڙهيو. جنهن جي پاداش ۾ هن کي نوڪري ڇڏڻي پيئي، ڇاڪاڻ جو مير صاحب تي انگريز حڪومت جو دٻاءُ پيو ۽ کيس هدايتون ڏنيون ويون ته هيڊ ماستر ڪو مسلمان رکو. اهو سبب هو، جو مونکان هندو ماستر مسٽر جي. ڪرشن جيڪو سينيئر هو، تنهن کي ريٽي مونکي هيڊ ماستر بنايو ويو. ميونسپالٽيءَ ۾ هندو ميمبرن جي اڪثريت هئي، تن منهنجي تقرر تي سخت اعتراض ورتو. سول ڪورٽ تائين معاملو ويو.
هوڏانهن سنڌ جدائي جي تحريڪ هلندڙ هئي ۽ مسلمانن اهو ٺهراءُ ڪيو ۽ هڪ جمع مقرر ڪيو، ته نماز بعد جامع مسجدن ۾ دعائون گھُربيون ۽ تقريرون ڪري سنڌ جي جدائيءَ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪبا..... آئون، ميمڻ محلي ۾ جامع مسجد جي بلڪل سامهون هڪ تپيدار جي اوطاق هئي، ان ۾ رهندو هوس. جمع جي ڏينهن جماعت جي اصرار تي مون تقرير ڪئي ۽ ٺهراءُ لکي پاس ڪرايم. سي، آءِ، ڊي وارا به ڪي آيل هئا. مونتي رپورٽ ٿي، هندن وجھ وٺي ٽنڊي ڊويزن جي ڊپٽي ڪليڪٽر لالا (شڪارپوري) کي ڀڙڪايو. نتيجي ۾ مونکي حڪومت کان وارننگ آئي ته سياسي ڪمن ۾ بهرو نه وٺ، نه ته توتي سخت قدم کنيو ويندو..... پوءِ مون اڏيري لعل جي انگلش ڪلاس کي اچي وسايو.
ٽنڊي محمد خان ۾ منهنجو وقت چڱو گذريو. مير پير بخش خان، مير علي بخش خان ۽ سيد محمد عارف شاهه ۽ علي ڏنو شاهه منهنجي سُٺن تلاميذ رشيد مان هئا. هتي اي. وي اسڪول ۾ ڪوبه مسلمان ماستر نه هو. ويتر جو آئون هيڊ ماستر ٿيس ته ڏاڍا خوش ٿيا ۽ آئون به سندن هر سرپرستي ڪندو هوس. مير حاجي حسين بخش خان ميونسپالٽيءَ جوپريزيڊنٽ هو،۽ ٻين مسلمان ميمبرن مان سيٺ لقمان مرحوم سان منهنجو گھاٽو تعلق ٿي ويو. سندس ننڍو ڀاءُ سيٺ محمد جيڪو پوءِ شهيد ٿي ويو، منهنجي تمام گھڻي خوشامد ڪندو هو. سيٺ موليڏنو سندن چاچو جنهن کي عرف عام ۾ ”سيٺ مولو“ چوندا هئا، هڪ پيرسن بزرگ هو. ٽنڊي محمد خان ۾ به سندس ڪيتريون ئي جايون هيون، سو مونکي پٽن جيان پيار ڪندو هو ۽ هڪ جاءِ بنا مسواڙ جي مونکي ڏنائين ته تپيدار کي ڇڏي اتي اچي رهان.
پوءِ، آئون اڏيري لعل انگلش ڪلاس ۾ ٽيچر ٿي آيس، جتي سنڌي اسڪول جو هيڊ ماستر حاجي عبدالرؤف کيبرائي هو، جيڪو نهايت ديندار ۽ هوشيار استاد هو. مانيون سومر ڀٽي پٽيوالو تيار ڪندو هو ۽ ٻوڙ حاجي عبدالرؤف شاگردن جي مدد سان تيار ڪندو هو. اڏيرو لعل هڪ ننڍو واهڻ هو، شروعات ۾ هن ڳوٺ جي چڱي رونق هئي. پر جڏهن هندن اڏيرو لعل جي مقبري مٿان اڏيري لعل جو هڪ بُت نصب ڪيو، تڏهن وڏا تڪرار هليا ۽ گھڻا هندو لڏي ويا. گجرات جا وڏا وڏا هندو سيٺ جيڪي اڏيري لعل جا شَشَ ۽ جاٽي هئا، تن به اچڻ ڇڏي ڏنو. اسڪول جي پڪي عمارت پاڻ هڪ هندو سيٺ جي هئي، جيڪا لوڪلبورڊ ان کان مُٺ جيترن پئسن ۾ خريد ڪري ورتي ۽ اسڪول بورڊ کي سرڪاري ملڪيت بنائي ڏني وئي. اها سڀ ڪوشش محمد صالح شاهه صاحب جي هئي، جنهن کي عام طرح سائين ٻُڍل شاهه سڏائيندا هئا. هن ڪوششون ڪري سڀني شاگردن جون فيون معاف ڪرايون ۽ ڪيترن کي ٽي- ٽي روپيا ماهوار وظيفو به ڏياريائين. منهنجي وڃڻ وقت رڳو ٻه ڇوڪرا انگلش ڪلاس ۾ هئا، جيڪي اسان جي گڏيل ڪوشش سان وڌي پنجٽيهن کي وڃي پهتا ۽ هڪ ڀرپور ڪلاس منهنجي نگرانيءَ ۾ قائم ٿيو. هي سال 34_1933ع هو.
مون اڏيري لعل اسڪول ۾ هڪ ريڊنگ روم ۽ لئبرري قائم ڪئي ۽ هڪ ننڍو ميوزم به ان سان گڏ هو. ڪتابن جو ڪافي ذخيرو ڪَٺو ڪيو ويو. اخبارون ۽ رسالا گھرايا ويا ۽ ميوزم لاءِ ڪيئي نادرات جمع ڪيا ويا. صبح جو مناجات لاءِ هارمونيم ورتو ويو. راندين لاءِ فٽ بال ۽ ڪرڪيٽ جو سامان خريد ڪيو ويو ۽ ڊبيٽنگ سوسائٽي کي جنم ڏنو ويو ۽ ڊرئمينٽڪ منڊليءَ جو بنياد وڌو ويو..... هڪ پندرهن وار رسالو ڪڍيو ويو، جنهن جو نالو ”لعل“ رکيو ويو، جيڪو آئون پنهنجن هٿن سان لکندو هوس ۽ شاگردن جا ننڍا ننڍا مضمون ان ۾ شامل ڪيا ويندا هئا. محمد ڀٽي، الهه ورايو ۽ ميٺو ”ميٺارام“ شاگرد نهايت سُريلا ڳائيندا هئا ۽ ماستر ويرومل پاڻ هڪ هارمونيم ماستر به هو، ڀڳت به هو ۽ سندس آواز نهايت سُندر ۽ مٺو هو. اهو شاگردن کي راڳ جي تربيت ڏيندو هو. ڊراما اسٽيج ڪرڻ جي فن ۾ اسڪولن بورڊ جو هيڊ ڪلارڪ مسٽر ليلا رام وڏو ماهر هو. هن حيدرآباد ۾، عامل معاشري ۾ جيڪي ڏيتي ليتي بابت اوڻايون هيون، تن تي ڪيترائي سوشل ڊراما اسٽيج ڪرايا هئا، جنهن ڪري کيس خاص تجربو هو. اهڙي ماڻهوءَ جي مدد سان مون ”ڊزن ڊايالاگ“ لکيا، جيڪي پوءِ ڪتابي صورت ۾ به شايع ٿيا.
مسٽر ليلا رام کي منٿ ڪيم ته اسان کي اڏيري لعل ۾ هڪ ڊرامو ڪرڻ ۾ مدد ڏئي. هن قبول ڪيو.... اسٽيج جو سامان ونگس، پردا وغيره حيدرآباد مان گھراياسين. ڇوڪرن کي تياريءَ ۾ مصروف رکيوسين، ٽڪيٽون ڇپايونسين، جيڪي گيت ڊايالاگن ۾ هئا، تن جي هڪ جدا چوپڙي ڇپائي ويئي. تياريون مڪمل ٿيون، ڊرامو منعقد ٿيو. ماڻهن جا وات ڦاٽي ويا. جو اڏيري لعل واسين پنهنجي تاريخ ۾ اهڙو فنڪشن نه ڏٺو هو، واهه واهه ٿي...... مسٽر يوسفاڻي محمد الياس هالا جو مختيار ڪار هو، تنهن صاحب صدارت ڪئي.
مسٽر جوشي، جيڪو تڏهن حيدرآباد ضلع جو ڪليڪٽر هو، تنهن لئبرري رجسٽر ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ اسان کي سنڌ آفيشل گزيٽ، گورنمينٽ گزيٽ، ڪوآپريٽر سوسائٽين جون ۽ ايڊيوڪيشنل ڊپارٽمينٽ جون ساليانيون رپورٽون ۽ بمبئي پراوشنل اسيمبليءَ جي ڪارروائيءَ وغيره جو سڀ لٽريچر مفت ملندو هو، ۽ ٻيا رسالا به اڌ قيمت ۾ ملڻ لڳا..... هڪ ڪوآپريٽوَ اسٽور کوليو ويو، جيڪو ترقي ڪري هڪ وڏو شاپ ٿي ويو. شهر جا ماڻهو اسان کان سامان وٺڻ لاءِ ايندا هئا. اسان وٽ سستا اگھ هئا، تمام معمولي فائدي سان رڳو شاگردن لاءِ شيون مهيا ڪيون وينديون هيون. پر هاڻي سڀني کي به ساڳين اگھن سان ڏيڻ لڳاسين. برانچ پوسٽ آفيس کولائيسين، جنهن جو برانچ پوسٽ ماسٽر به مسٽر حاجي عبدالرؤف هيڊ ماستر هو. هڪ ننڍڙو بورڊنگ قائم ڪيوسين، حيدرآباد، شهدادپور، ملدسي، ٺوڙا، کدريون، هَڪڙا، گھانگھلا، اڏيرو لعل اسٽيشن، کيبر، سيکاٽ، هالا نوان ۽ نصرپور کان شاگردن داخلا ورتي.
اڏيرو لعل اُهو قديم شهر آهي، جنهن سان ديني علم جون ڪيتريون ئي ڳالهيون منسوب آهن. هي شهر ٽن چئن پاڙن ۾ ورهايل آهي. هڪ پاڙي ۾ اڏيري لعل جا شيخ ٻئي ۾ ڀٽي ۽ ٻيون ذاتيون، ٽئين ۾ هندو، چوٿين ۾ اڏيري لعل جي درٻار جا ٻاوا ۽ پنجين پاڙي ۾ اڏيري لعل جا سيد، هن پاڙي کي دائرو شريف ڪوٺيو وڃي ٿو. دائره شريف ۾ ٻين ديني علوم سان گڏ خاص اهميت جنهن ڳالهه کي هئي، سان هئي قرآن پاڪ جي قرآت، جنهن لاءِ هتي چڱا قاري هوندا هئا، جيڪي خاص قرآت سيکاريندا هئا ۽ قرآت جي فن ۾ دائرو شريف سنڌ ۾ واحد ادارو هو...... سنڌ ۾ هڪ پهاڪو مشهور آهي ته، ” ڇوڪرن اُٺ مسجد (مسسيت) تي چاڙهيو هو.“ اها مسجد شريف اها دائري واري هئي، جتي عربيءَ ۽ قرآت جي طالبن جو اهو ڪارنامو هو، جيڪو ضرب المثل بنجي ويو.
اڏيرو لعل شهر چونڪ هندن جي اڏيري لعل جي سببان هڪ تيرٿن جي جاءِ هئي، ان ڪري اُتي جي ٻائي جو تمام گھڻو اثر رسوخ ۽ عزت هوندي هئي. وڏو ٻائو فوت ٿي ويو ۽ سندس پُٽُ پريتم داس گاديءَ تي ويٺو.... اڏيري لعل جي درگاهه هڪ قلعي جيان آهي ۽ ڪن ڪتبن مان ظاهر ٿئي ٿو، ته اها اورنگزيب عالمگير جي وقت جي ٺهيل آهي.
پوءِ مخدوم غلام حيدر جي چوڻ تي مون هالا هاءِ اسڪول ۾ اچي چارج سنڀالي. اسڪول جا ٻه ماستر: هڪ مسٽر عبدالرحيم عرف محمد جمن ۽ ٻيو غلام رضا ڀٽو ته خاص مخدوم صاحب جا ماڻهو هئا. عبدالرحيم سندن ڪمدار جي حيثيت ۾ زمينن جو ڪم ڪندو هو ۽ سندس ڪلاس ٻيءَ هڪ ڊويزن سان ملائي ماستر سيرومل جي حوالي ڪيو ويو. وڻيس ته اچي، وڻيس ته نه اچي. ٽيون هڪ ماستر نارائڻ داس هو، جنهن جو صراف جو دڪان هو ۽ شاهوڪار ماڻهو هو ۽ مخدوم صاحب جو ڪارائتو نوڪر هو...... مقامي ڪامورن جي ڪلب تي هندوئن جو قبضو هو ۽ انهن مان ماستر سُندر سڀني تي حاوي هو..... هو سدائين مخدوم صاحب بابت اجايون سجايون ڪوڙيون ۽ من گھڙت گلائون ڪندو رهندو هو..... مخدوم صاحب، غلام رضا کي هڪ بندوق ۽ هڪ رائيفل جو ليسن وٺي ڏنو هو. هڪ ڪار سندس حوالي هئي ۽ سندس لاءِ مخدوم صاحب جن جي طرفان سوئرن ۽ ڦاڙهن جي شڪارن جو اهتمام ڪيو ويندو هو. جن جي شوق ۾ هو اڪثر اسڪول کان غير حاضر رهندو هو. مخدوم صاحب جن شهر جا وڏي ۾ وڏا ماڻهو هئا ۽ ميونسپل جا پريزيڊنٽ به هئا. تڏهن حيدرآباد ضلعي جو ڪليڪٽر مسٽر مير چندراڻي هو، جيڪو نهايت ڪرڙو ۽ اڙٻنگ هوندو هو...... جنهن ماستر سُندر جي مبينه ڪوڙين درخواستين تي، هڪدم انڪوائري ڪري غلام رضا جا لائسنس رد ڪري ڇڏيا...... آئون مخدوم صاحب جي هتڪ عزت برداشت ڪري نه سگھيس ۽ موقعي جي تاڙ ۾ رهيس...
هڪڙي ڏينهن مون سندرداس کي غلام رضا، جيڪو موڪل وٺي ويو هو، تنهن جو پيرڊ وٺڻ جو چيو، پر هن انڪار ڪيو، مون کيس دٻايو، پر هو نه هيسيو ۽ جواب سوال ڪرڻ لڳو..... بس مونکي کپندوئي ايترو هو، ڪرسيءَ تان اٿندي ئي ٻئي هٿ مضبوطيءَ سان وارن ۾ وجھي کڻي زمين تي سٽيومانس ۽ لتن ۽ مڪن جو وارو لائي ڏنومانس. هن آسمان ڏاريندڙ رڙيون ڪيون ته، ” خون ڙي خون“........ ۽ اُتان ڀڄي ويو.
سندرداس مٿين مامري بابت ڳوٺ ۾ هندو پئنچات گڏ ڪرائي بلڪ ڀاڀڙا جن جي پئنچات الڳ هئي، تن کي به شامل ڪيو ويو. فيصلو ٿيو ته هندو ڇوڪرا تيستائين اسڪول ۾ نه ايندا جيستائين ان مامري جي ڇنڊڇاڻ ٿئي..... ٻئي پاسي مون هڪ رپورٽ لکي هن مامري کي پريزيڊنٽ صاحب جي سامهون پيش ڪيو..... جنهن منهنجي تجويز تي عمل ڪندي سندرداس کي سسپينڊ ڪرڻ جو حڪم ڪيو ۽ اهو حڪم تعميل ٿيو..... پوءِ هندو پئنچات جي معزز شخصن - ماستر هاسومل ۽ ٻيو مهاراج واسديو وچ ۾ پيا، جن پڪ ڏياري ته سڀاڻي سڀ هندو ڇوڪرا باقاعدي اسڪول ۾ حاضر رهندا ، پوءِ پئنچات سائين غلام حيدر وٽ ويئي، جنهن اهو حڪم رد ڪيو، پر انهيءَ شرط سان ته هيڊ ماستر کان سُندر داس معافي وٺندو، جيڪا ڳالهه هنن قبول ڪئي..... نيٺ ايئن مامرو حل ٿيو.
1945ع ۾ ٻي جنگ عظيم رتو ڇاڻ ۽ غارتگريءَ بعد ختم ٿي، حڪومت طرفان حڪم جاري ٿيا ته اسڪولن ۾ خوشيءَ جا جلسا ڪيا وڃن. مٺايون ورهايون وڃن وغيره...... هڪ وڏي شاندار جلسي جو اهتمام ڪيو ويو. اسڪول کان جلوس نڪتو، درگاهه شريف مخدوم نوح جي باب بلند کان لگھندو سير بازار شاگردن جي قطار در قطار جلوس هلندو رهيو. شعر پڙهيا ويا، جنهن ۾ انگريزي حڪومت جي خوشامد ڪيل هئي. جرمني ۽ هٽلر تي سب و شتم جا ڌوڙيا هئا. اسڪول جا ٻار اهو شعر ڳائيندا، فتح جا نعرا بلند ڪندا، شهر جي مشهور بازارين ۽ گھٽين مان گھمندا ڦرندا، مارڪيٽ لتاڙيندا سرڪاري آفيسن وٽ پهتا. جتي هڪ وڏو انبوهه ماڻهن جو جمع ٿي ويو. مختيارڪار ۽ ٻيا آفيسر ٻاهر نڪري آيا، هن جلوس جو مظاهرو، نظارو ڪيائون، ڪليڪٽر حيدرآباد ۽ ڪمشنر سنڌ کي مخفي رپورٽون ويون، ڪجھ وقت کان پوءِ مونکي تحسين جو ليٽر مليو، جيڪو اڄ تائين ميونسپل رڪارڊ ۾ محفوظّ هوندو. مخدوم صاحب جن جي به تعريف ڪئي وئي.
تڏهن حيدرآباد ۾ ٻه ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر هوندا هئا، هڪ حيدرآباد ٽائون لاءِ ۽ ٻيو ضلع لاءِ. هندو حيدرآباد ٽائون تي حاوي هئا ۽ ان ڪري حيدرآباد ٽائون کي ميونسپل اسڪول بورڊ ۽ حيدرآباد ضلع کي، جيڪو ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي ماتحت هو، تنهن کي ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ سڏيو ويندو هو. اهو سرشتو پاڪستان ٿيڻ بعد به اڃا هلندو ٿي آيو..... جڏهن مان حيدرآباد آيس، ميونسپل اسڪول بورڊ ٽائون جي آفيس هاڻوڪي ميونسپل آفيس جي سامهون هئي، جتي اڄ يو.بي.ايل جي بئنڪ آهي.
پناهگيرن جي لڏپلاڻ ۽ غلبي سبب پرائمري برانچ اسڪولن جو جايون، جيڪي هندن جا مددي اسڪول هئا، سڀ بند ٿي چڪا هئا. جايون پناهگيرن والاري ڇڏيون هيون. ڪن سرڪاري اسڪولن جي احاطن بلڪ ڪن حصن ۾ به بي گھر پناهگير ويهي چڪا هئا. اسڪولن جا رڪارڊ فرنچير وغيره ڪٻاڙين جي حوالي ٿي چڪا هئا، ڪن ماسترن صاحبن کي کير جو ڊيريون هيون. ڪن کي کنڊ جي ڊيپو هئي. ڪن ماسترن ائسوسئيشن جي آفيس تي قبضو ڪري اتي جا ٽائيپ رائٽر ۽ ڊيوپليڪٽر مشينون تينوار ڪري ڇڏيون هيون. جنرل رجسٽر گم هئا، جيڪي اڇن پنن تي رکڻا پيا. ڪوڙن ۽ جعلي سرٽيفڪيٽن جي ڌم ڌمان هئي..... ماستر ته اسڪولن ۾ بنا نوڪري هليا ويندا هئا يا اخبارون ۽ رسالا ويٺا پڙهندا هئا. آمريڪن کير جو پائونڊر، گيهه جا دٻا، جيڪي شاگردن لاءِ ڪافي کان زياده ملندا هئا، سي سڀ بازار ۾ وڪيا پئي ويا، هي سال 1951ع جو هو.
1955ع ۾ سيلاب آيو، کيبرن وٽان درياءَ شاهه ٽڪرين جيڏا بند ٽوڙي رکيا، پڪو رستو (ميٽل روڊ) ٻُڏي ويو. اُتر ڏي نوح پوٽن تائي، اُڀرندي ڏي اڏيرو لعل تائين ۽ ڏکڻ ڏي حيدرآباد تائين پاڻي پهچي ويو. هن سيلاب ۾ ڪجھ ماسترن جا گھر تباهه ٿي ويا. ٿوري گھڻي جيڪا ويچارن جي ملڪيت هئي، سا درياهه شاهه ڳڙڪائي ويو. ڪيترائي خانمان برباد.... تنهن وقت تائين حيدرآباد ۽ ضلعي جا ٻه حصا ڪيا ويا هئا. هڪ هالا ڊويزن ۽ ٻيو ٽنڊو ڊويزن. ميونسپل اسڪول بورڊ ختم ٿي چڪو هو. هالا ڊويزن ۾ تعلقو هالا، ٽنڊو الهيار ۽ حيدرآباد شامل ڪيا ويا. پنهنجي شخصي نالي سان، ماسترن جي اصرار تي، ماستر برادري کي اپيل ڪئي ته اُهي سندن ڀائرن جي دل کولي مدد ڪن. ڇو ته ڪنهن به گورنمينٽ ملازم کي ڪو چندو چڙو پنهنجي عهدي جي نالي سان ڪرڻ جي قانوني منع هئي. تعلقي ماسترن کي زباني هدايتون ڏنيون ويون، ته استادن کي پگھارن ڏيڻ وقت کانئن چندو وصول ڪري موڪلين. چندا اميد کان وڌيڪ وصول ٿيا.... پوءِ پيسا جمع ڪيا ۽ سامان به خريد ڪيوسين. گڏجاڻي ڪئي سين. فيصلو ٿيو ته هر هڪ ماستر کي هڪ مڪمل بسترو، رڌڻ پچائڻ ۽ کائڻ پيئڻ جي ٿانون جو مڪمل سيٽ ۽ ڪپڙن جا ٻه وڳا ڪجھ مختصر شيون ڏنيون وڃن. جيڪو ڪم خير خوبي سان پورو ٿيو.
مون ٻين ڪتابن کان سواءِ ”سنڌي سٻاجھڙا“ ڪتاب به لکيو، هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ بعد مونکي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مبارڪون مليون..... هي ڪتاب به تعليم کاتي جي ٽيڪسٽ بوڪ ڪميٽيءَ منظور ڪيو ۽ سڀني اسڪولن جي لئبررين لاءِ خريد ڪيو ويو. انعام طور به شاگردن ۾ تقسيم ڪيو ويندو هو. هن ننڍڙي ڪتاب ۾ سنڌي سٻاجھڙي جي تهذيب، ريتون رسمون، رهڻي ڪهڻي، بهادري ۽ مهمان نوازيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ڪونه هيو..... پر ڪجھ ناانديشن ان ڪتاب جي مخالفت ڪئي.... جيئن ته سنڌي استادن جي ”ٽيچرس ايسوسئيشن“ اڳيئي قائم ٿيل هئي، تيئن اردو ماسترن جدا کچڻي رڌي الڳ ديڳڙي چاڙهي. (شايد 1958ع ۾) هڪ جماعت کي وجود ڏنائون، جنهن جو نالو ”جميعت المدرسين“ رکيو ويو. ان جو سربراهه هڪ حاذق نالي مقرر ٿيو..... پوءِ ”سنڌي سٻاجھڙا“ ڪتاب جي مخالفت شروع ڪئي وئي، ته هن ۾ پناهگير، پنجابين کي گھٽ وڌ ڳالهايو ويو آهي. فوج خلاف ڳالهايو ويو آهي. تنهنڪري ڪتاب کي ضبط ۽ مونکي گرفتار ڪرڻ جا مطالبا ٿيڻ لڳا..... حيدرآباد جو ڊپٽي ڪمشنر تڏهن نصرت حسين هو، ان وٽ وفد ويا. سڄي شهر ۾ پوسٽر لڳا. منهنجي ڪتاب جي ڪن ٽُڪرن جاترجما اردوءَ ۾ ڏنا ويا. ماتمي جلوس ڪڍي نصرت وٽ ويا، ”نذير“ ڪمشنر وٽ ويا...... جن وٽ پيش ٿي مون کين ڪتاب ۾ ڄاڻايل مواد جو صحيح مطلب سمجھايو، ته اهي خاموش ٿي ويا..... هاڻي حڪومت جي سطح تان ڳالهه مٿي کاتي جي چڱن مڙسن جي حوالي ڪئي ويئي ۽ ڊاڪٽر جهانگير ان وقت ڊي. پي. آءِ ويسٽ پاڪستان هو ۽ ميجر رفيق ان جو اسسٽنٽ اسٽبلشمينٽ برانچ ۾ هو. تنهن انڪوائري شروع ڪئي...... نيٺ ڊي. او (ڊيمي آفيشل ليٽر) لکيائون ته سنڌي سٻاجھڙا تي گورمينٽ کي اعتراض آهي، تنهنڪري ان جون سڀ ڪاپيون، جيڪي اسڪولن جي لئبررين ۾ آهن، سي واپس گھرائي، ڊئريڪٽوريٽ ۾ جمع ڪري رکو، ان حڪم جي تعميل ڪئي ويئي، پر ”سنڌي سٻاجھڙا“ ڪتاب کي هن هنگامي سبب جيڪا اهميت ملي، تنهنڪري جن اهو ڪتاب نه پڙهيو هو، تن به خريد ڪري پڙهيو..... ڪتاب جي قيمت رڳو ٻارهن آنا هئي، پر ٽن روپين ۾ ڪتاب خريد ڪيا ويا.
ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر غلام حسين جعفري انسپيڪٽر آف ٽريننگ انسٽيٽيوشن (تربيتي ادارن) جو نگران ٿي آيو هو. هن صاحب حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ نون نون سڌارن آڻڻ جي سرٽوڙ ڪوشش ڪئي. ”اخبار تعليم“ کي خاص ڪنهن اعليٰ مقام تي پهچائڻ جون ڪوششون ورتيون، جيڪا ذري گھٽ مري چڪي هئي. ان ۾ نئين زندگي ۽ نئون روح ڦوڪيو ويو..... هڪ ساليانو ميڙاڪو (مشاعرو) ڪرايائين، جنهن ۾ مون ٽريننگ ڪاليج تي هڪ شعر پڙهيو. محفل مشاعره جو صدر محترم ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل هو. مولانا غلام محمد گرامي تڏهن ٽريننگ ڪاليج ۾ معلم هو..... ٽريننگ ڪاليج مان ۾ ”ملا مخزن“ به هڪ رسالي جي صورت ۾ شايع ٿيندي هئي، ان جو ڪم مولانا گراميءَ جي سپرد هو.

[b](هي مواد محمد اسماعيل عرساڻي جي آتم ڪهاڻي ”سکر سيئي ڏينهن“ (ڪتابي دنيا، حيدرآباد، 1985.) تان کڻي حيدرآباد جي تاريخ نامي ڪتاب ۾ ڇپيوويو آهي. جتان هتي نقل ڪيو ويو آهي.)
[/b]