هالا جا فارسي گو شاعر
محمد حبيب سنائي
[b]هالا جا فارسي گو شاعر
[/b]
ڊاڪٽر ايڇ آءِ سدا رنگاڻي صاحب جي ڪتاب Persion Poets of Sindh جو ٻيو ڇاپو 1987 ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايو ويو آهي. اهو ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز تي مبني آهي، جيڪا هن بمبئي يونيورسٽي کي پيش ڪري، سال 1946ع ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ورتي. هن ڪتاب ۾ هالا جي ٽن فارسي شاعرن جوخصوصي احوال ڏنل آهي. انهي احوال جو آزادانه ۽ اختصاري ترجمو پيش ڪجي ٿو.
[b]1. آخوند محمد قاسم
[/b]آخوند محمد قاسم ولد محمود، هالاپراڻا (جنهن کي ان وقت هالاڪنڊي ڪوٺيو ٿي ويو) جو رهواسي هو. هو ارڙهين عيسوي صدي جي آخر ۽ اوڻهين صدي جي شروع ۾ شاعريءَ جي افق تي اڀريو. هو مير ڪرم علي خان ٽالپر جو همعصر هو. هن جي ديوان جي مسودي جي ڪاپي تي نائين شوال، 1240 هه / 1825ع سال لکيل آهي، جنهن مان اندازو ڪجي ٿو ته شاعر پنهنجي لکت ان تاريخ کان اڳ پوري ڪئي هوندي. هن جي زندگي جي باري ۾ وڌيڪ گھڻو معلوم نه آهي. هيٺيون احوال هن جي ديوان مان ڪوريل آهي.
هو سني مسلڪ وارو هو، پر ساڳئي وقت هن وٽ پنج تن پاڪن واسطي اڻ ميو پيار پاٻوه هو.
هيٺين شعر مان سندس فرزند محمود جي ڄمڻ جي سال 1222هه / 1808ع جي خبر پوي ٿي.
تاريخٖ تولدش خرد گفت
”محمود زهي ببخت محمود!“
شاعر کي محمد حيات نالي هڪ ٻيو پٽ به هو، جنهن لاءِ هن ڪجھ شعر لکيا آهن. هڪ ملاحظه ٿئي:
به ”محمد حيات“ يا ربي
دولتِ بيڪران ڪني ارزان!
هن مخدوم نوح، جيڪو سال 1505ع ۾ ڄائو ۽ 1590ع ۾ وفات ٿيو، جي ساراه ۾ هيٺيان بيت چيا آهن:
سرٖ سروران شاهٖ مخدوم نوح
به از خلد درگاهٖ مخدوم نوح
شههٖ روم و ايران و توران و هند
بود هر يکي داهٖ مخدوم نوح
****
نهد بر سر و چشمٖ خود هر ولي
بصد آرزو پاي مخدوم نوح
قمر وار روشن همه ملڪٖ سند
ز خورشيد سيماي مخدوم نوح
هن پنهن جي شاعري ۾ محي الدين عبدالقادر جيلاني کي پنهنجو مرشد ڪري ساراهيو آهي:
شاهٖ ما غوثٖ اعظم و اڪبر
هست محبوبٖ حضرت رحمان
يا الهي بيمنٖ محي الدين
ختم عاصي ڪني مع الايمان!
ڪجھ شعرن مان پتو پوي ٿو ته هو ڪنهن وقت بيحد غريب هو. چند مصرع ملاحظه ٿين:
از قرض دارم دل غمين، هستم ز جرم اندوهگين
بر حالٖ زار بنده بين، بشنو دعا فريادرس!
برادرم از افتادگي، در فرح بخش استادگي
از قرض ده آزادگي، اي متڪا فريادرس!
هن پنهنجي جنم ڀومي هالاڪنڊي کي ٻن غزلن ۾ ڀرپور نموني ساراهيو آهي. چند شعر ڏجن ٿا
يا رب شگفته بادا گلزار هاله ڪندي
سر سبز سايه گستر اشجار هاله ڪندي!
* * *
شيرين و خوشگواره هست آبٖ هاله ڪندي
يادم دهد ز ڪوثر ڪولابٖ هاله ڪندي!
*
يارب دعاي ”قاسم“ ڪن مستجاب هردم
باشند خوش هميشه اصحابٖ هاله ڪندي!
هو حافظ ۽ سعدي جي شاعري جو وڏو ساراهيندڙ هو. هن انهن جي ساراهه ۾ به شعر چيا آهن:
بهرٖ خدا چشانم ساقي مي حقيقت
گاهي ز جامٖ حافظ گاهي ز جامٖ سعدي1
* * *
”قاسم“ تمام گيرد هر روز فيضٖ معني
گاه از ڪلام حافظ گاه از ڪلامٖ سعدي!
ڪن شعرن ۾ هن صاحب اهڙن عالمن ۽ استادن جي نندا ڪئي آهي، جيڪي پنهن جي شاگرد سان سچا نه هوندا آهن، کين پورو علم نه سيکاريندا آهن :
قلبٖ استاد هر ڪهه رنجاند
خانه خود خراب گرداند
* * *
”ابن محمود“ خدمت استاد
بسعادت قرين گرداند
هيٺين مصرع ۾ شاعر پنهنجي محبوب جي چهري کي سج قراري ٿو، جنهن جي مدد سان هو ڏسڻ لائق ٿئي ٿو، ۽ محبوب جي چهري تي ويڙهيل پردي کي هڪ ڪڪر مثل ڀانئي ٿو، جيڪو سج کي لڪايو ويٺو آهي:
برقع از رخ بڪشا چشم جهان روشن ڪن
مهر درميغ، مها! چند نهان خواهد بود
[b]2. آخوند محمد قاسم ولد نعمت الله قريشي
[/b](وفات 1298 هه بمطابق 1881ع)
هي شاعر هالا پراڻا جي ملان سانوڻي قبيلي سان تعلق رکندو هو. جواني ۾ هو پائونڊ منشي ٿي رهيو، پوءِ هو تپيدار به ٿي رهيو. هو شاعري جو شوقين هو. هي حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو، ۽ انهن محفلن ۾ هو پنهنجي کليل ۽ ظريف شعرن سان رنگيني وجھندو هو. فارسي کان علاوه هو عربي، اردو ۽ سنڌي ۾ به شاعري ڪندو هو. ان وقت جي رسالي مفرح القلوب ۾ مستقل سندس شعر ڇپبا هئا. تنهن ڪري کيس ملڪ جي مختلف جڳهين تان داد پيو ملندو هو.
پنهنجي نوڪري مان ملندڙ پگهار کيس پورو نه پوندو هو، جيئين هن شعر ۾ لکيو اٿس:
بسڪهه ڪم شعلم و ضرورت بيش
زيرٖ ڪوهٖ حوائجم چون ڪاه
ان ڪري هن پنهنجي علمي صلاحيتن کي ڪم آڻيندي روزگار جا ٻيا ذريعا به ڳوليا. هو اڪثر مهاراجائن، مير ن۽ ٻين اميرن جي شان ۾ قصيدا لکندو هو، ۽ عيوض ۾ مالي مدد جو متقاضي هوندو هو. هن کي هزهائينيس مير علي مراد خان خيرپورواري طرفان ٻه سو روپيه ساليانو اجورو ملندو هو، جنهن لاءِ هن مفرح القلوب ۾ ان جو شڪريو بجا آندو هو. ان کان علاوه کيس حيدرآباد جي مير محمد حسن علي خان طرفان سٺ روپين جو انعام به مليو هو. ان جي شڪريه ادائي ۾ هيٺيون شعر لکيائين:
وه ڪهه هر ماه پنج روپيه فقد
مير صاحب مقررم فرمود
بڙودا جي مهاراجا جي شان ۾ لکيل قصيدي جا ڪجھ بند هيٺ ڏجن ٿا:
منڪهه بي برگ و نوايم چون درخت بي ثمر
سر زدم بر بارگاهش بر اميدٖ برگ و بار
* * *
حلقه موجٖ تردد چون محيط آمد مرا
ميخورم صد غوطه در درياي ناپيدا ڪنار
[b]3. سيد غلام محمد شاه گدا (وفات 1322هه / 1904ع)
[/b]هن جي والد جو نالو سيد حسن علي شاه هو. هو هالا جي پسگردائي ۾ ڄائو هو. هن جا وڏا خراسان جا هئا، جتان هو قندار آيا ۽ پوءِ هو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ هالا ۾ اچي ورسيا. هن صاحب هالا جي آخوند احمد ولد عبدالعليم ۽ حيدرآباد جي محمد روشن وٽ مذهبي، دنيوي ۽ فني تعليم ورتي. پويون صاحب مير صوبدار خان جو شاگرد هو ۽ ان جي وفات جي تاريخ گدا پنهنجي هن شعر ۾ ياد ڪئي آهي
چو استاد ”روشن“ بجنت روان شد
بگفت اي ”گدا“: ’آه شيرين سخن‘ رفت
گدا جا مير حسين علي ٽالپر سان گهرا لاڳاپا هئا، جيڪو کيس سندس ادبي ڪوششن تي انعام به ڏيندو هو. ٻڌايو وڃي ٿو ته مذڪوره مير صاحب جي ڪلڪتي مان واپسي تي، جتي هو رياستي قيدي بنجي ويو هو، محمد حسين شيرازي (جنهن سان هو جلاوطني واري وقت ۾ شناسان ٿيو هو) وٽس ملاقات لاءِ آيو. هن ان ملاقات ۾ هيٺين شعري ڳجھارت کي سلي ڏيڻ جي گذارش ڪئي.
در عدد چيزي ڪهه باشد پانصد و سهه در حساب
خواهم از ميرٖ معظم داور مالڪ رڪاب
*
گر بتصحيفش درآري سبز باشد در رخش
قلبٖ او مر مير را هر لحظه در زيرٖ رڪاب
*
پانصدٖ آن را سپارم بر عدوي ملڪ تو
سهه مرا بفرست تا از عمر باشم ڪامياب
*
گدا صاحب به ان محفل ۾ موجود هو. هن جھٽ ۾ ئي ان جو جواب ”شراب“ ٻڌائي آقائي شيرازي کي حيران ۽ خوش ڪري وڌو. ان چار اکري لفظ جو عددي جوڙ 503 هو.
سيد گدا نه صرف فارسي ۽ اردو ۾ شاعري ڪئي، بلڪ هو سنڌي زبان جو به شاعر هو ۽ ان ۾ هن جو ديوان مرتب ٿيل آهي. سندس فارسي شاعري مفرح القلوب ۾ ڇپجندي هئي.
نبي سڳورن جي شان ۾ ڪيل شاعري جا ڪجھ شعر ڏجن ٿا:
يا رسول خدا عليڪ صلواة
خاتمٖ انبيا عليڪ صلواة
*
بجنابٖ تو ملتجي هستند
جمله شاه و گدا عليڪ صلواة
*
هن جي شاعري ۾ روحاني رمزن کان وٺي محبوب جي ادائن جو احوال آهي. معشوق جي منهن واري تر جو ذڪر ڪجھ هن طرح ڪيو اٿس:
خال را بر رخ چو ديدم دل پريشان شد مرا
ڪافري بر صدرٖ جنت پادشاهي ميڪند
گدا هڪ شعر ۾ چهري ۽ تر کي هندو ۽ مسلم جي استعاري سان استعمال ڪيو آهي.
ببين بڪعبه رويش تو خال هندو را
ز اتفاق عجب اجتماعٖ ضدين است