هالا جو ادبي ماحول : ڊاڪٽر سليمان شيخ
ان وقت هالا مان ماهوار ”فردوس“ نڪرندو هو. جميعت الشعراءِ سنڌ جو هڪ وڏو مشاعرو سروري اسلاميه ڪاليج جي ”بيت الحڪمت“ ۾ منعقد ٿيو هو. ان ئي دور (1956) ۾ دريا بادشاهه مستيءَ ۾ آيو هو ۽ هراس ڦهليل هو ته هالا کي وڏو خطرو آهي. مٿان سانوڻ جي برسات ڳوٺ جي گھٽين ۽ رستن کي ننڍا درياءَ ڪري ڇڏيو.
آخر هڪ رات جناب مخدوم طالب الموليٰ جن جي اڳواڻيءَ ۾ ڳوٺ جي سڀني پاڙن جي پَرين مڙسن جي گڏجاڻي ٿي ۽ هالا کي الوداع چوڻ جو فيصلو ٿيو. آئون انگريزي پنجين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس. اونداهي رات ۽ مٿان وڏڦڙو پيو وسي! هرڪو لالٽين جي ٽمڪندڙ روشنيءَ ۾ پنهنجي زندگيءَ جي سانڍيل سامان کي سنڀالڻ ۾ لڳو پيو هو. ان رات جي يادگيري اڄ به ڏاڍي خوفائتي ٿي لڳي. اسان جي گھر ۾ اهو فيصلو ٿيو ته منهنجو بابا گھر جي سنڀال لاءِ پٺتي رهندو ۽ اسان سڀ ٻار ۽ عورتون منهنجن ٽن چاچن سان گھر ڇڏينداسين. جڏهن صورتحال سڌري ته ڪيترن ئي مهينن کان پوءِ هالا جو سڄو ڳوٺ درگاهه مخدوم نوح تي گڏ ٿيو. جتي هنن جناب مخدوم طالب الموليٰ جا ٿورا مڃڻ لاءِ تقريب جو بندوبست ڪيو، جو مخدوم صاحب سڄي سنڌ ۾ ڦهليل پنهنجي مريدن کي گھرايو هو، جن رات ڏينهن هڪ ڪري هالن واري بند جي نگراني ڪئي هئي. هالن کي همت سان بچائڻ جي جدوجهد ۾ شهر واسين جي گڏيل ڪوشش ۽ حوصلو هڪ بيمثال داستان آهي. ان رات مشاعرو به ٿيو هو ۽ اختر هالائيءِ جو نظم ”ستارن ۾ ٿي سرگوشي ته آ هالن جو دم پويون“ بيحد مشهور ٿيو. اهو زمانو هالن جي ادبي ماحول جي عروج جو وقت هو. هر مهيني ننڍا وڏا مشاعرا ٿيندا هئا. استاد اختر هالائيءَ جي ”ميخانه ڪوثر“ (هوميو پيٿي ڪلينڪ) تي سيکڙاٽ شاعر قافين ۽ رديفن جي لسٽ لکيو قطار ۾ ويٺا هوندا هئا. هر مهيني جناب طالب الموليٰ طرحي مشاعري جو انتظام ڪندا هئا. اهي مشاعرا ”بزمٖ طالب الموليٰ“، ”بزمٖ رفيق“ ۽ پوءِ 1960ع کان پوءِ ”انجمن فروغ ادب“ جي انتظام هيٺ الڳ الڳ يا وري گڏيل طور ٿيندا هئا. عيدن جي موقعن تي وڏا مشاعرا ڪاليج ۾ ٿيندا هئا. مائڪروفون بيٽريءَ تي هلندو هو ۽ ٽنڊي آدم مان گهرايو ويندو هو. مشاعرو سومهڻي نماز کان پوءِ شروع ٿي، فجر ٻانگ تائين هلندو هو. هنن مشاعرن ۾ مون محترم غلام محمد گرامي کي ڏٺو ۽ ٻڌو. ان وقت ”مهراڻ“ رسالو جاري ٿي چڪو هو ۽ گرامي صاحب تاريخي ادبي ۽ علمي مخزن جو ايڊيٽر هو.
هاءِ اسڪول جي آخري سالن ۾ ”مهراڻ“ پڙهڻ جو شوق جاڳيو. گرامي صاحب جا ايڊيٽوريل پڙهڻ جي ڪوشش ڪبي هئي. اسان جي سمجھ کان گھڻو مٿي هئا. پر وري به جن دوستن جي عربي، فارسي ڄاڻ بهتر هوندي هئي ته اهي وري ان ايڊيٽوريل جي سمجھاڻي ڏيندا هئا. مهراڻ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ادبي اصول مرتب ڪرڻ ۽ معيار جي سڃاڻپ آهي. ان وقت ان ۾ مواد جو ڇپجڻ ”مستند اديب“ ٿيڻ جو پروانو هوندو هو (۽ شايد اڄ به). هالن جي ڪيترن ئي مشاعرن ۾ هڪ ”رضاڪار“ جي حيثيت ۾ انتظام سنڀالڻ جا مون کي موقعا مليا ۽ ”انجمن فروغ ادب“ پاران 1960ع ۾ ڌاري استاد اختر هالائيءَ جي پهرين ورسي جي موقعي تي مون کي مشاعري هلائڻ جو جڏهن موقعو مليو هو ته ڪيترن ئي ڏينهن تائين پنهنجي ان اعزاز جي خوشيءَ کي دل ۾ ياد ڪري گد گد ٿيندو رهيو هوس. جناب مخدوم صاحب جن مشاعري جي صدارت ڪئي ۽ سڀ وڏا شآعر مولانا گرامي، محمد خان ”غني“، مخدوم امين فهيم، عبدالله ”خواب“، امداد حسيني، اسدالله بيخود حسيني، محوب سروري، عارف الموليٰ، شبير هاتف، سوز ٽکڙائي، بلاول پرديسي، راز بلڙائي ۽ اسان جي شهر جا ناميارا شاعر انجم هالائي، سليم هالائي، انور هالائي، عبداللطيف ساقي، شهنشاه هالائي، حميد ”شهيد“، غلام هالائي، منصور ويراڳي، عبدالرحيم بيدل، منور هالائي، عبدالقيوم ”زخمي“ ۽ ٻيا وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا هئا. هن مشاعري کان پوءِ انجمن پاران هر مشاعري جي ميزبانيءَ جو شرف مونکي حاصل ٿيو.
هالا ۾ پنجاه ۽ سٺ ڏهاڪن وارو زمانو مشاعرن، موسيقيءَ جي محفلن ۽ محبتن جي سڳنڌ جو ڀرپور سمو هو. مون علڻ فقير کي پڻ انهن گڏجاڻين ۾ گھڻو ڏٺو. تڏهن هو علڻ فقير آزاد جي نالي سان سڏبو هو ۽ محفل شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ لاءِ لائوڊ علڻ جي حوالي ڪبو هو ته جيئن هو پنهنجي خوش مزاجيءَ جي گفتن ۽ وڻندر ٻولن سان ماڻهن ۾ مشاعري لاءِ چاهه پيدا ڪري سگھي، جيئن اسان جو مانڊو (پنڊال) ڀرجي ته ڪاروائي شروع ڪجي. 1963ع ۾ هالا ۾ بجلي اچي ويئي ۽ ننڊاکڙو ڳوٺ جاڳي، هڪ ترقي پذير ننڍڙو شهر بنجي پيو ۽ ائين محبتن، مشاعرن ۽ شغلن جو سڄو ماحول ڪنهن ٻئي رنگ ۾ رڱجي ويو.
(هيءُ مضمون ٽماهي مهراڻ جي گولڊن جوبلي 2006ع ۾ ڪنهن ٻئي عنوان سان شايع ٿيو آهي.)