هالا جا مشاهير : مولانا دين محمد وفائي
[b]هالا جا مشاهير
[/b]
[b]مخدوم احمد هالائي
[/b]احمد بن مخدوم اسحاق، بن مخدوم عمر، بن مخدوم اسماعيل، بن عبدالله نو مسلم، جنهن جو اصل نالو راجڪمار ارجن بن وريو هو. هو حضرت شيخ الاسلام بهاوالدين زڪريا ملتاني جي هٿ تي مسلمان ٿيو ۽ سندس اولاد مان مخدوم اسحاق هالائي هڪ وڏو ولي ۽ فضائل جو مالڪ هو ۽ هن جون ڪرامتون ڳاڻاٽي کان گھڻيون آهن. هالن جا بزرگ ڀٽي انهيءَ بزرگ جي اولاد مان آهن. مخدوم احمد هميشه خاموش اڪيلائي ۾ گذاريندو هو ۽ سهروردي طريقي موجب ڪڏهن ڪڏهن سماع ۽ ذڪر جي جماعت ۾ شريڪ ٿيندو هو. سماع واري حالت ۾ هن تي اهڙي ڪيفيت طاري ٿيندي هئي جنهن جو بيان نٿو ڪري سگھجي.
”تحفة الڪرام“ ۾ سندس هڪ ڪرامت جو بيان آهي ته : هن بزرگ کي هڪ رئيس اهل عيال سميت دعوت ڪئي. هوڏانهن هن جو پٽ ساڳئي ڏينهن گذاري ويو هو ۽ مخدوم صاحب جي ڪرامت سان جڏهن ڇوڪرو زنده ٿيو، تڏهن هن کاڌو کاڌو. چيو وڃي ٿو ته آخر ڄمار ۾ هو نيرون ڪوٽ ۾ آيل هو، جتي هڪ سوناري ڇوڪر سماع جي مجلس ۾ نهايت سوز گذار سان هڪ بيت پڙهيو، جنهنڪري مخدوم صاحب تي اهڙي حالت وارد ٿي جو سندس روح هن خاڪي پڃري مان پرواز ڪري هليو ويو ۽ سندس لاش کي هالا آندو ويو. چون ٿا ته، هن جي جنازي مان - لااِله اِلاالله جو ذڪر سموري راه ۾ آهستي آهستي ٻڌڻ ۾ آيو ٿي.
مخدوم احمد ظاهري علمن جو به وڏو عالم هو، جن جي تحصيل مخدوم عبدالرشيد هالائي وٽ ڪئي هئائين ۽ ڪجھ سير سلوڪ جون منزلون به وٽس طي ڪيون هئائين. سندس وفات سن 936 هه ۾ ٿي آهي.(1)
هن بزرگ جي اولاد مان ميان محمد صالح ڀٽيءَ هالن مان هڪ قطعه تاريخ موڪليو آهي، اُن مان سنه وفات 934 هه (2) نڪري ٿو، ڪهڙي صحيح آهي، ان بابت چئي نٿو سگھجي.
[b]قطع تاريخ
[/b]قدوه ارباب عرفان و يقين مقبل حق،منبع اهل کمال
آن ولي ايزدي، ابن عمر شيخ احمد صاحب رشد و جلال
برکشيده رخت هستي ناگهان خوش ز شوق وصل زين دار ملال
داد حق اندر جوار شاهدين منزل و ماواش شد شاد از وصال
خاص حق مي بودزان روح القدس خاص درگاه احمد _ خوش گفت سال
1. ڏسو قديم ڇاپو صه 148 حديقته الاولياء ۾ مفصل ذڪر آيل آهي صه 87 تا 100
2. حديقته الاولياء ۾ پڻ سال وفات 934 هه ڏنل آهي ڏسو صه 100 .
[b]مخدوم امين محمد ثاني هالائي
[/b]ولد مخدوم محمد زمان ثالث. حضرت مخدوم نوح سخي سرور جي اولاد مان سندس درگاه جو سجاده نشين بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 19 رجب 1256 هه تي ٿي. هو صاحب سهروردي طريقه جو پير ۽ اميرانه زندگي جو مالڪ هو. پنهنجي همعصر جناب پير سيد رشيدالدين صاحب العلم الثالث (جھنڊي واري) سان خصوصي اعتقاد ۽ محبت هوندي هوس. هو وڏو سخي ۽ دريا دل مرد هو، سنڌي شاعري ۾ تمام ڪمال حاصل هوس يعني ته سنڌي شاعري جي سڀني اصنافن ۾ سندس ڪلام موجود آهي، ڏوهيڙا، ڪافيون، غزل وغيره پنهنجا ڪيترائي يادگار ڇڏيا اٿس. هو توحيد جي مسئلي ۾ عام صوفين جي طرز جو تابع آهي. سندس موحدانه ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
بانگ الست ربي، چئي عشق جن تي آيو
ميدان معرفت ۾ ڪوتل تني ڪڏايو
ڏسي عشق جا اشارا، رهندا سي ڪيئن ويچارا
نيڻن وهائي نارا، هي هي جو هل مچايو
جف القلم ۾ جاني، ڪئي ڪل تي ڪامراني
لاريب لن تراني، ارني ٿي ڪنهن الايو؟
ڪربل ۾ خيمه کوڙي، ڪنڌ ڪات کان نه موڙي
تيغ و تبر سان توڙي سر بر سنان سنڀاليو
قالو! بليٰ ڪهاڻي، ساڳي صحيح سڃاڻي،
انوقت کي جي ڄاڻي، تنهنجي روح ڪيڙو رايو
لاشڪ لباس لاهي، ڪثرت ۾ پير پائي،
احمد اچو سڏائي محمد امين ٿي آيو
انسانيت جي گھڻين خوبين جو مالڪ هي بزرگ 47 سالن جي ڄمار ۾ 27 رمضان المبارڪ 1303 هه ۾ هن دنيا فاني مان رحلت فرمائي ويو. سندس وفات تي ان وقت جي ڪيترن شاعرن قطعات تاريخ ۽ مراثي لکيا آهن، جن مان مختصر طور ڪجھ هيٺ ڏجن ٿا.
از مخدوم ابراهيم نقشبندي ٺٽوي
دلا گريه را دام گير از رگ ابر که اينجا عزاي محمد امين است
بياموز از رعد ترتيب فرياد که ماتم گه سالک رشدو دين است
ز رمضان چوشش بود افزون عشرين برحلت غم افزاي روي زمين است
شب ارببعا ليلة القدر خير بوصلش حبيبش شب اولين است
حديث خواتيم عبرت آمد بخوش وضع درصف امام مبين است
بگوزان بسالش بغير از دجيٰ دل شب قدر نزد محمد امين است
1303 هه
دريغا شب قدر در ماه رمضان عيان شد عزاي محمد امين
خرد گفت تاريخ ترحيل او را بخلد است جاي محمد امين 1303 هه
از عبداللطيف ٺٽوي
ز ترحيل مخدوم جان جهان جهان شد گرفتار رنج و تعب
ازان رو شب قدر گفتم بجان محمد امين گشته واصل برب
1303هه
از مفتي سعدالله هالائي
شه ما ز دنيا چو تشريف برد بعقبي شده مسند نشين
سرو بي سر دير گفت اين نويد: شهنشاه جنت محمد امين
1303 هه
از آخوند عبدالحميد سائق متعلوي
محمد امين پير والا نسب سر سروران و ولي اله
چو از شهر رمضان شب قدر بود نمود بخلد برين جلوه گاه
پي سال وصلش به پير خرد چو در بحث شائق شده صبحگاه
سروشي بگفتا: بلي! بود وي عجب وارث صدر صاحب کلام(1)
1303 هه
[b]مولوي الحاج محمد هالائي
[/b]سندن آباء و اجداد اصل بوبڪ ضلع دادو جا باشندا ۽ بوبڪائي آخوند سڏبا هئا. ڳچ وقت کان هجرت ڪري اچي هالن ۾ رهيا هئا. مولانا مرحوم جي ولادت هالن پراڻن ۾ تاريخ 27- رمضان المبارڪ شب قدر 1276 هه ٿي. ايام طفوليت ۾ ئي کين علم جي طلب جو شوق افراط سان پيدا ٿيو، تنهن ڪري پاڻ نون هالن ۾ عربي نصاب جا ابتدائي ڪتاب حضرت خليفه حافظ عبداللطيف صاحب رحمته الله عليه جن وٽ پڙهڻ شروع ڪيائون. کين شب خيزي جي عادت 8-9 سالن جي عمر کان وٺي هئي، تنهنڪري پاڻ رات جو هميشه گھڻي قدر علم جي ياد ڪرڻ تي محنت ڪندا هئا. هالن مان سڌا غربت ۽ مسڪيني جي حالت ۾ پاڻ ضلع دادو جي مدرسي ۾ مولانا مرحوم حسن الله صاحب پاٽائي وٽ تعليم وٺڻ لاءِ روانا ٿيا، جتي ٿورو وقت تعليم وٺي، جڏهن کين معلوم ٿيو ته هالن جي نزديڪ حيدرآباد سنڌ ۾ مولانا محمد حسن صاحب قبله ڪنڊي واري وڏو مدرسو کوليو ته، هڪدم اچي ان مدرسي ۾۾ داخل ٿيا. اتي ڪمال انهماڪ سان سمورا درسي ڪتاب پڙهي نصاب ختم ڪيائون ۽ سندن دستاربندي اتي باقاعدي ٿي چڪي. ان کان بعد پنهنجي شفيق استاد جي اجازت سان حيدرآباد جي نزديڪ ٽنڊي مير نور محمد خان ۾ جدا مدرسو کولي عربي علم جي تعليم ڏيندا رهيا. 2_3 سال اتي رهي وري سندن والد جي حڪم موجب کين پنهنجي وطن ۾ اچڻو پيو ۽ اتي به نهايت همت سان مدرسو کولي عربي علم جي تعليم ڏيڻ لڳا ۽ سنڌ جي مختلف اطرافن مان ڪيترا پرديسي مسافر طالب به سندن درس علم ۾ اچي داخل ٿيا. قضا سان سندن والد ماجد جلدئي وفات ڪئي ۽ ان وقت سڄي مٽنب ۾ فقط پاڻ ئي رهيا هئا.
کين پنهنجي والد جي ملڪيت متروڪه ورثي طور ملي جا فروخت ڪري سڀ پئسا پاڻ سان کڻي حج جي ارادي سان ربيع الاول 1309 هه ۾ حجاز شريف روانا ٿيا. اتي پورو هڪ سال رهي حضرت مولانا عبدالحق صاحب بن شيخ شاهه محمد بن شيخ يار محمد مهاجر اله آبادي جي خدمت ۾ رهي، علم حديث جو مطالعو ڪيائون ۽ اوليات احاديث جا پڙهي کانئن حديث ۽ اصول حديث ۽ ٻين علمن جا اجازت حاصل ڪيائون. اهي اجازت ناما اڃا تائين سندن ڪتبخانه ۾ موجود آهن. باقي بچيل پئسن مان عربي ڪڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو مڪي مڪرمه مان خريد ڪري پاڻ سان کڻي اچي پنهنجي وطن ۾ پهتا. اتي دستور موجب وري به تعليم جي ڪم ۾ مشغول ٿي ويا.
علم فقه سان سندن شغف حد کان زياده هوندو هو. سندن اها شهرت سنڌ جي اطرافن ۾ زياده کان زياده ٿي وئي هئي، تنهن ڪري روزانه وٽن مختلف اطرافن کان شرعي سوال ايندا هئا، ۽ پاڻ انهن جا جواب لکي سائلن کي موڪليندا هئا. اهو سلسلو تا دم حيات جاري رهيو ان وچ ۾ پاڻ هڪ وڏي:
1) فتاويٰ محمدي : عربي ۽ فارسي ۾ ٻن ضخيم جلدن ۾ تيار ڪري ورتائون. ۽ هڪ فتاويٰ سنڌي زبان ۾ پنهنجي فرزند اڪبر جي نالي سان.
2) فتاويٰ احمدي : نالي به گڏ ڪيائون.
پاڻ ڏينهن جو جيڪڏهن مدرسي جي تعليم ۾ مشغول هوندا هئا ته رات جو تحرير نويسي ۽ مطالعه ڪتب جو شغل جاري هوندو هون.سندن سموري زندگي متو ڪلانه حالت ۾ گذري. پاڻ پهرين حضرت مولانا ميان ولي محمد صاحب ملاڪا تياريءَ کان بيعت ورتي هئائون. انهن جي وفات کان پوءِ وري دوباره حضرت خواجه حاجي عبدالرحمان صاحب مجددي فاروقي کان بيعت حاصل ڪيائون.
سندن تصنيفات ۾ مٿين فتاوائن کان سواءِ ڪتاب:
3) شرح احاديث، ۽
4) مسائل اربعين سنڌي، به ڪار آمد آهن. ٻيا ننڍا رسالا ته گھڻا سندن تصنيف ٿيل آهن جن مان ڪن جا نالا هي آهن:
5) حقوق الزوجين،
6) المسائل الخمسته في دفع توهمات الشيعته،
7) تمام العنايته ترجمه بدايته الهدايته،
8) حلالترڪيب منطق،
9) دووايو عربي و سنڌي،
10) ڪشف الجان سنڌي،
11) خلاصته الاصول عربي،
12) عشرين مسائل فارسي وغيره وغيره .
۽
1) مرحوم خليفو مولوي جان محمد بدينوي ،
2) مرحوم مولوي عبدالرحمان صاحب سمه قرنائي ،
3) هالن نون جا موجوده مولوي صاحب ،
4) مولوي قاضي ميان معين الدين صاحب ،
5) خليفو مولوي حاجي محمد صاحب ۽ سندن 2 فرزند ،
6) مولوي ميان احمد صاحب ،
7) مولوي ميان عبدالله صاحب ،
سندن فيض مان مستفيض ٿيل آهن جن کي پاڻ من اوله الي آخره نصاب عربي پڙهائي پنهنجي هٿن مبارڪن سان دستاربندي ڪرائي هئائون.
سندن همعصر علمائن ۾ بر گزيده بزرگ حضرت مرحوم مولانا شاه اسدالله صاحب ٽکڙائي ۽ مرحوم مولانا مولوي حاجي حافظ لعل محمد صاحب متعلوي ۽ مرحوم مغفور خليفو مولوي حاجي عبداللطيف صاحب حيدرآبادي کين وقت بوقت فقه جي تحريرن ۽ بحث مباحثن ۾ داد ڏيندا هئا.
سندن مدرسو هن وقت به بحمده تعاليٰ سندن ٻن فرزندن هر هڪ مولانا مولوي احمد صاحب ۽ مولانا مولوي عبدالله صاحب جي اهتمام ۽ انتظام هيٺ بخوبي هلي رهيو آهي. سندن ڪتبخاني ۾ قريبن 600 جلد هر هڪ فن ۾ مختلف مصنفن جا موجود آهن.
آخر ڪار بحڪم ( کل نفس ذائقة الموت) ماه ذوالقعده 1335 ه جي آخري هفتي ۾ فالج جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيا، سندن اها بيماري چئن مهينن تائين هلي ۽ پاڻ مورخه 4- ماه ربيع الاخر 1336 هه روز جمعه سحور جي وقت هن دار بي بقا مان انتقال فرمايائون. اِنا لله و اِنا اليہ راجعون.
سندن وفات تي، وقت جي علمائن ۽ شاعرن چند قطات تاريخ تصنيف ڪري موڪليا هئا جن مان هت فقط هڪڙو قطعو تاريخ مولفه حضرت علامه سيد اسد الله صاحب ٽکڙائي عليہ الرحمة جو (جو سندن مزار تي به منقوش آهي) لکيو وڃي ٿو :
تاريخ وفات حسرت آيات حضرت قبله مولانا الحاج محمد طالب الله ثراه وجعل الجنته مثواه
از رشحه قلم مرحوم مولانا الحاج شاه اسد الله صاحب ٽکڙائي المتخلص به فدا
جناب مولوي حاجي محمد محمدث مظهر
مه برج مکارم مطلع الانوار علامه
بعلم و حلم شرع و ورع تفري اوحد و اکمل
قيام دين محب ايزد غفار علامه
فضا.ل را ازو تحسين، فواضل را ازو تمکين
نجي الله سي سرور ابرار علامه
بمقولات بي بدل، بمنقرلات بي متا
بکشف معضلات علم گوهر بار علامه
درينقحط الرجال آمد و جودش مغعنم از بس
دريغا رفت از ما احسن الاطوار علامه
شنيده چون فدائي، ار جمعي! عالم غيبي
شده واصل بحق ، رحلت گزين، زين دار علامه
بفضل ايزدي بادا بهين صدر نشين جنت
به ديدار خداوندي بود سرشار علامه
بچارم مه رببيع الاخر و شب جمعه ، داخل شد
به جنت خلد تجري تحتها الانهار علامه
چو استفار رفت از بهر سال وصل آن اقدس
فدا احقر رقم زد _ مخزن الاسرار علامه(1)
1336 هه
[b]حضرت مخدوم نوح هالائي
[/b] صاحب ڪرامات و فتوح حضرت مخدوم نوح ولد مخدوم نعمت الله ولد مخدوم اسحاق ولد مخدوم شهاب الدين ولد مخدوم فخر الدين سهروردي صديق هالائي.
هالا شهر ۾ هي ئي بزرگ (فخرالدين) سڀ کان پهريان اچي مقيم ٿيو، جتي قوم هالا ۽ لاکا مان شادي ڪيائون ۽ اتي ئي آل اولاد سان حياتي گذارڻ لڳو. اصل خانداني طرح پيري مريديءَ جو سلسلو به جاري ٿيل هو ۽ مخدوم نعمت الله مخدوم نوح جي والد سڳوري جا به ڪيترائي معتقد ۽ مريد هئا ۽ هن فرزند ارجمند جي ولادت با سعادت جون پيشنگويون به ڪيترن درويشن جي واتان ٻڌي چڪو هو، خصوصاً مخدوم نوح هوتياڻي کيبرائي ۽ ٻين ولين جون بشارتون مشهور ٿيل هيون.
مخدوم نوح صاحب جو تولد سنه 911 هجري ۾ ٿيو. ستن ڏينهن جا مس ٿيا ته ٻانگ ٻڌڻ کان پوءِ صاف زبان سان ڪلمو شهادت پڙهيائون، جنهن کي سَوَنِ ماڻهن ٻڌو! چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ مخدوم عربي ديانه جي مدرسي ۾ قرآن شريف پڙهڻ واري زماني ۾ هڪ ڏينهن نديءَ تي غسل ڪري ڦرهي ميساري رهيو هو، ته اوچتو ڪشف واري حالت ۾ حضرت سيدنا محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم ۽ سيدنا حضرت علي رضه جي زيارت جو شرف حاصل ٿيس ۽ انهيءَ ڦرهي تي حضور صلعم جن ڪجھه سٽون لکي ڏنس ۽ سبق ڏنائونس، جنهن کان پوءِ سمورا علوم مٿس کلي پيا ۽ انهيءَ ڏينهن لا اله الا الله جي ذڪر جي تلقين ڏيڻ جي اجازت به ملين. انهيءَ ڏينهن حضرت سيدنا ابو بڪر صديق ظاهر فرمايو ته هي منهنجي اولاد مان آهي. ساڳيءَ طرح پيغمبر خدا صلعم به فرمايو ته اسانجي اولاد مان به آهي. (دليل الذاڪرين).
حضرت مخدوم نوح جي زندگي عشق ۽ محبت الاهي جي استغراق ۾ گذرندي هئي. اگرچه ظاهري علم جي لحاظ کان فقط قرآن شريف پڙهيل هئا، مگر هر هڪ سوال جو جواب جدا جدا اهڙي علمي نموني ۾ ڏيندا هئا، جو وڏا وڏا علماءَ حيران رهجي ويندا هئا.
هڪ دفعي ٺٽي ۾ اچي وارد ٿيا، جتي ڪيترا علماءَ ۽ طلباءَ سندن علمي لياقت جي امتحان لاءِ اچي موجود ٿيا. پاڻ هڪ آيت جون ايتريون معنائون فرمايائون، جو سڀ حيران رهجي ويا.
ٻي روايت آهي ته هڪ دفعي عالمن ۽ طالب العلمن جي وڏي جماعت حضرت مخدوم صاحب کان قرآن جي ڏکين آيتن جي معنيٰ سمجھڻ جو ارادو ڪري سندن خدمت ۾ آئي ته فقط هنن جي اچڻ کان پوءِ حضرت مخدوم صاحب فرمايو ته عالمن کي گھرجي ته علم جو بيان ڪن ته ٻين کي فائدو رسي. ان کان پوءِ پاڻ زبان فصيح سان بيان ڪرڻ لڳا. 36 تفسيرن جا نالا وٺندي فرمايائون ته فلاڻي تفسير ۾ هن ريت آهي ۽ فلاڻي ۾ هن ريت آهي. ان کان پوءِ حقيقت ۽ طريقت جون معنائون بيان فرمايائون، جن مان عالمن ڪي سمجھيون ڪي نه سمجھيون. آخر عالمن ۽ شاگردن عرض ڪيو ته اسانجي حق ۾ دعا گھرو. پاڻ فرمايائون ته آئون الحمد پڙهان ٿو. اوهان آمين چوندا وڃو. جڏهن الحمد پڙهي پورو ڪيائون ته اهي حاضر مجلس آمين چوندڙ ولايت جي درجي کي وڃي رسيا. آخر ۾ مخدوم صاحب فرمايو ته ڪي اهڙا فقير به آهن جو سموري ڄمار سورت الحمدالله جي معنيٰ ڪندا رهن ته به پوري ڪانه پوي.
وقت جي حاڪمن مان مرزا محمد باقي مشهور ظالم سندن خدمت ۾ ٻه دفعا ٺٽي ۾ حاضر ٿيو ۽ مرزا جاني به سندن زماني ۾ گاديءَ تي ويٺو. مرزا باقي جو وڏو فرزند مرزا پاينده طبع جو ديوانو هو جنهن ڪري هو گادي تي نه وهاريو ويو هو، پر سندس پٽ مرزا جاني گاديءَ تي ويٺو.
دليل الذاڪرين ۾ نقل آهي ته مرزا پاينده خان کي حضرت مخدوم صاحب جي خدمت ۾ دعا لاءِ آندو ويو ته کيس بيماريءَ کان شفا نصيب ٿئي، مگر پاڻ ڪو توجه ڪونه ڏنائون، ڇاڪاڻ جو انهيءَ شخص مخدوم لعل شهباز جي گنبذ ۾ هڪ دفعي هڪ عورت سان هٿ چراند ڪئي هئي، جنهن ڪري هن جي ديوانگي هميشه لاءِ قائم رهندي آئي.
مخدوم صاحب شريعت جا ايڏا پابند هئا، جو ڪڏهن به نماز جماعت کانسواءِ ادا نه ڪندا هئا. هڪ دفعي عشا جي نماز جماعت سان گسي وين ته شهر کان ٻاهر نڪتا ۽ هڪ غيبي جماعت اچي جمع ٿي. جنهن کي امامت ڪري نماز پڙهايائون، پر جماعت کي هٿان نه ڇڏيائون.
بهاؤالدين دلقپوش (گودڙيي) کان نقل آهي ته هڪ دفعي مخدوم صاحب ٺٽي جي جامع فرخ ۾ تشريف فرما ٿيا. جمعه نماز کان پوءِ اٽڪل هڪ هزار ماڻهن منهنجي معرفت سندن هٿ چميا، جن مان هر هڪ پنهنجي درجي آهر معرفت ۽ ولايت کي پهتو، جن مان حضرت صابر سومرو، شيخ تاجن، شيخ حبيب رحه ۽ سيد عبدالڪريم بلڙي وارو مشهور آهن، جن کي ڪشف ڪرامت سان پوري سنڌ سڃاڻي ٿي. انهن وٽان هزارين ماڻهو معرفت جو رستو سکي پنهنجي ڪماليت کي رسيا آهن.
سنڌ جي بادشاه مرزا محمد باقي تي مغل بادشاه اڪبر، ڏاڍو ڏمريل هو، سو مرزا جي گرفتار ڪرائڻ لاءِ لشڪر چاڙهي سنڌ تي موڪليائين. اڪبري فوج سنڌ ۾ قتل ۽ غارت ڪندي، اڳتي وڌي رهي هئي. ماڻهو حضرت مخدوم صاحب وٽ فريادي آيا، پاڻ فرمايائون ته الله تعاليٰ عاقبت بخير ڪندو. آخر اها فوج هالن جي ويجھي اچي پهتي، جنهنڪري شهر ۾ ڏاڍو ڏهڪاءُ ۽ شور پيدا ٿيو. حضرت مخدوم صاحب جي خدمت ۾ سمورو احوال اچي پيش ڪيائون. پاڻ ٿوري مٽيءَ چپٽي گھرائي پنهنجي تريءَ تي رکي، هيٺين دعا پڙهي فوج ڏانهن دم ڪيائون، جنهنڪري اها فوج انهيءَ وقت اتان پوئتي هٽجڻ لڳي ۽ اهڙي ڀاڄڙ پين، جو وڃي هندستان ۾ دم کنيائون.
دعا هي آهي:-
، اللٰهم لڪ الحمدُ و لڪ المجد ولڪ الشُڪر واليڪ المتڪاء وانت المُستعان و بڪ المستغاث والتڪلان و منڪ الفرحُ ولا حول ولا قوة الا بالله العليٰ العظيم وصلي الله علي خير خلقہ محمد و آلہٖ واصحٰبہ اجمعين.
بادشاه لشڪر جي ڀاڄ جو سبب معلوم ڪرڻ گھريو ته هنن چيو ته هالن لڳ طوفان ۽ دهشت طاري ٿي، جنهنڪري جانيون بچائي اچي گھران نڪتا آهيون. ڪنهن درويش، شاهي درٻار ۾ عرض ڪيو ته اهو ڪنهن وليءَ جي ڪرامت جو ڪرشمو آهي، باقي ٻيو ڪو به سبب معلوم نه ٿو ٿئي.
ان کان پوءِ اڪبر بادشاهه دوباره فوج عبدالرحيم خان خانان جي سرڪردگي هيٺ موڪلي ۽ مخدوم صاحب جي خدمت ۾ حاضري جو به حڪم ڪيو، مگر عبدالرحيم خان خانان جي هالن ۾ پهچڻ کان اڳ ۾ مخدوم صاحب وفات ڪري ويو ۽ سندس فرزند مخدوم امين محمد جي خدمت ۾ نياز حاصل ڪيائين ۽ شاهي سوکڙيون به پيش ڪيائين. ان کان پوءِ ٺٽي تي ڪاهي ويو. ان وچ ۾ مرزا محمد باقي مري چڪو هو ۽ سندس فرزند مرزا جاني گادي تي هو، جنهن کان پوءِ اڪبر سنڌ فتح ڪري ورتي.
حضرت مخدوم نوح جي ڪشف ڪرامات ۽ ڪمالات تي ڪيترائي سندس همعصر ۽ بزرگن ۽ پوءِ وارن جا ڪتاب لکيل آهن جتي تفصيل سان بيان ٿيل آهي. هت مختصر طور دليل الذاڪرين ۽ ارشاد الطالبين مان ڪجھه نقل ڪيو ويو آهي. ازانسواءِ، مخدوم صاحب جي سوانح بابت شيخ بهاءَ الدين دلقپوش جو رسالو ۽ ميان فتح محمد قريشي جو رسالو ۽ ڪيترا جدا جدا ڪتاب لکيل آهن. پوئين وقت ۾ سفينة النوح از مخدوم پير غلام حيدر صاحب هالائي ۽ راحت القلب والروح تذڪره مخدوم نوح، جامع اوراق، دين محمد وفاقي جا ڪتاب به انهيءَ باب ۾ ڏاڍا ناياب آهن.
مخدوم صاحب سهرورديه طريقي جو امام ۽ اويسي طريقي جو اولياءُ هو. ڪلمه لا اله الا الله جي توحيدي تلقين ڏيندو رهيو. سندس وقت ۾ ئي سوين ڪامل خليفا ۽ فيض جا صاحب سنڌ ۾ خدا شناسي جو رستو ڏيکاريندا رهيا، جن مان ڪن جو ذڪر هيٺ ڪيو ويندو.
مخدوم صاحب چار شاديون ڪيون هيون، جن مان ٻارهن فرزند ۽ ڪجھه نياڻيون پيدا ٿيون، فرزندن جا نالا هي آهن:
ميان امين محمد، ميان حامد، ميان نور محمد، ميان احمد، (اهي چار ئي ترڪ قوم يعني باجار قبيلي جي بي بي مان هئا) پنجون ميان دائود، ميان موسيٰ، ميان هارون، ميان يوسف، فرزند ميان آدم (اهي ٻئي گھر مان هئا) ميان ميران محمد و ميان ابراهيم ملقب بادهم ثاني ۽ ميان جلال الدين ٽئين گھر مان هئا. چوٿين بي بي سهتا قوم مان هئي جنهن مان ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو.
ارشاد الطالبين ۾ لکي ٿو ته سنڌ ۾ ڪماليت جا مالڪ سڀ کان وڏا مرشد ٻه بزرگ گذريا آهن: پهريون مخدوم بلال، ٻيو مخدوم نوح ۽ وڌيڪ لکي ٿو ته مخدوم نوح جو پنهنجي وقت ۾ سڀ کان سرس درجو هو.
ايڏي وڏي ڪماليت ۽ بزرگي واري انسان ڪامل 87 سالن جي ڄمار ۾ سواءِ ڪنهن بيماريءَ جي هن دنيا فاني مان صبح جي وقت لاڏاڻو ڪري هميشه واريءَ حويلي ۾ منتقل ٿي ويو. اهو واقعو خميس ڏينهن 27 ذوالقعد 998هه ٿي گذريو. مخدوم صاحب جي قضيه بابت ملا قاسم جي هيءَ نظم پڙهڻ جي لائق آهي:
غرق درياء شهادت محو مطلق بس بدان
پاک از آلاءِ قساوت نوح مخدوم انس وجان
بو يزيد و بو سعيد و بشرحافي و جنيد
در مراتب در مناقب کم زپس ايشان مدان
طالبان او که از احصاء و حصر آمد فزون
چون ستاره هر يکي زايشان مناره در جھان
جوق و جوق طالب او چون ملک درهفت چرخ
صف صف اندر صبح و شام از جان و دل الله خوان
هان ولايت ختم شد بر افتخار اهل فخر
چون نبوت ختم شد بر مفخر آخر زمان
آمدي گر بردر او مرد جاني غافلي
ذاکري زنده دل گشتي زفيضش آن زمان
بود آنگه نهصد و هم يازده بوده فزون
سال تاريخ ولادت آن ولايت کيش دان
مدتي عمر گرامي آن گرامي مايه را
جمله هشتاده هفت سال بود اندر جھان
سال فوت آن غوث حق پر سيد شد چون از خرد
از سر حسرت فغان برداشت آنگه گفت هان
آن سنه نهصد و هشتاد هزده وقت صبح
بيست هفتم در شب پنجشنبئه ذي قعد دان
(مختصرا از دليل الذاکرين)
(ص ص 1 کان 7)
[b]درويش عمر هالائي
[/b] حضرت مخدوم نوح جي فيض پاتل خليفن مان هڪ بزرگ آهي. جنهن سموري ڄمار رياضت ۽ مجادهن ۽ نفس ڪشي ۾ گذاري، هڪ رليءَ کانسواءِ ٻيو ڪوبه مالي اسباب وٽس جمع نه ٿيو. مخدوم صاحب جي مريد ٿيڻ کانپوءِ، ڪڏهن به بيهودو گفتگو يا اجايو ڪلام پنهنجي زبان تي نه آندائين، هميشه ڏينهن جو روزو ۽ رات جو نماز ۾ بيٺو رهندو هو. ٻن چئن ڏينهن کانپوءِ ٻن ٻن لقمن تي روزو کوليندو هو. هنجي ويهڻ يا سمهڻ جي لاءِ ڪا جاءِ مقرر ڪانه هوندي هئي، جتي به کيس ننڊ کڻي ويندي هئي، ته اتي سمهي پوندو هو. هي درويش رحمت الله عليه ڏهين صدي جي عارفن مان آهي. ( ص 22)
[b]درويش عثمان عصار هالائي
[/b] فقير عثمان چاڪي (عصار) حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت جي وڏن صحابين يا ساٿين مان آهي. هو هميشه رات ڏينهن مخدوم صاحب جي خدمت ۾ بيٺو هوندو هو. جيڪو به نئون ماڻهو حضرت مخدوم صاحب جي بارگاه ۾ خدا طلبي لاءِ ايندو هو، ته هي درويش هن جي سڃاڻپ ۽ ڏيٺ ڪرائيندو هو ۽ مخدوم صاحب جي خدمت ۾ اهڙي فصيح زبان سان حقيقت پيش ڪندو هو، جو انهي نو وارد ارادتمند ڏانهن مخدوم صاحب جو توجه ڇڪجي ويندو هو ۽ هو بهره ور ٿيندو هو.
عثمان فقير کي بدن تي ڍڪڻ لاءِ فقط هڪ ڊگھي چادر هوندي هئي جنهن جو اڌ ڳچيءَ ۾ ۽ اڌ هيٺ تي ڪندو هو.
هڪ دفعي ڪنهن ماڻهو سفيد ڪپڙو سوکڙي طور سندس خدمت ۾ پيش ڪيو، چيائينس ته چادر اٿم، پوءِ انهيءَ وڌيڪ کي ڇا ڪريان. هن عرض ڪيس ته مون کان قبول ڪريو، پوءِ کڻي ٻئي ڪنهن کي ڏي، فقير چيس ته اها ڏي وٺ به تون وڃي ڪر ۽ انهيءَ سودي جو نفعو وٺ، پر مون وٽان هڪدم کڻ، ڇو جو فقيرن کي ڏيڻ ۽ وٺڻ سان ڪو واسطو ڪونه آهي.
سندس ڍڪڻ واري چادر به جيڪڏهن ضرورت کان واڌو هوندي هئي ته انکي به ڪپي ڇڏيندو هو. ضرورت آهر ڪم آڻيندو هو. هن زندگيءَ ۾ نذرانو يا سوکڙي قبول نه ڪئي. (دليل الذاڪرين).
يارهين صدي جي درويشن مان آهي. (ص ص 22-23)
[b]شيخ محمود فخري هالائي
[/b] حافظ ولي شيخ محمود ولد صديق فخريه حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت جي عزيزن مان شيخ فخر الدين سهروردي جي اولاد مان هو. جنهنڪري هنکي فخريه ڪري سڏيندا هوا.
سندس چوڻ آهي ته آئون ننڍڙو هوس، جو هڪ دفعي بيمار ٿي پيس. ان حالت ۾ حضرت مخدوم صاحب منهنجي مٿي کان اچي بيٺا، فرمايائون ته پنهنجا پير اتر جي بجاءِ ڏکڻ ڏانهن ڪري سمهه ته چڱو ڀلو ٿي پوين. ائين ڪيم ته صحت حاصل ٿي وئي ۽ مخدوم صاحب مونکي پنهنجي خلافت جو شرف بخشيو!
فرمايائين ته ننڍي هوندي جڏهن ڳالهائڻ جھڙو ٿيس، تڏهن زبان ۾ لڪنت يعني هڪڙپائي هيم. منهنجي والده مونکي حضرت مخدوم صاحب جي خدمت ۾ وٺي وئي، عرض ڪيائين ته منهنجي ٻار کي زبان ۾ اٽڪ آهي، دعا ڪريوس. ان وقت مخدوم صاحب ماني ويٺي کاڌي، پاڻ چٻاڙيل گراهه منهنجي وات ۾ وجھي فرمايائون ته زبان جو چترو ۽ قرآن جو حافظ ۽ ولي، مرشد ۽ رياضت جو صاحب ٿيندو.
شيخ محمود کي سندس والده ننڍي هوندي ٻه نيون چادرون وٺي ڏنيون، هن ڇا ڪيو جو اهي ٻئي فقيرن کي ڏئي پاڻ چتين لڳل چادر ڪري ڍڪيائين. جنهن تي سندس والده جھيڙو ڪيو ته ائين ڇو ڪئي. شيخ محمود کي ڏاڍو خيال ٿيو ته ماءُ جي ڇو بي فرماني ڪيم! رات جو سندس والده حضور صلي الله عليه وسلم جن کي خواب ۾ ڏٺو ته محمود جي چتين لڳل چادر تي هٿ ڦيري رهيا هوا. جڏهن سجاڳ ٿي ته چيائين ته آئنده محمود جي مرضي، اسانجي مرضي کان مقدم رکي ويندي ڇو ته هو درگاهه ۾ مقبول ٿيل آهي .
درويش حمزه، جو وقت جو وڏو ڪامل هو. تنهن هڪ دفعي شيخ محمود کي چيو ته الله ذاتي نالو آهي، جنهن تي شيخ انڪار ڪندي ناراضگي جو اظهار ڪيو. آخر اهو سوال هڪ وڏي عالم جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو. جنهن چيو ته شيخ محمود ٺيڪ چوي ٿو، پوءِ درويش حمزه الله جو اسم پاڪ جي حقيقت جو شرح گھريو، جنهن تي شيخ محمود فرمايو ته الله جو اسم غير مسمي آهي، هڪ نالو آهي فقط سڃاڻپ واسطي، نه هن لاءِ جزء آهي ۽ نه ڪل!
درويش ربڏني اڍيجي جو چوڻ آهي ته مان به ڪيترا سال پهاڙن ۾ رهي رياضتون ۽ مجاهدا ڪيا، آبادي جي شڪل به ڪانه ڏٺي هئم، فقط گاهه تي روزو کوليندو هوس. مگر شيخ محمود فخريه پورا ٻارهن سال ڪوهستان ۾ رهي، آبادي جو منهن به ڪونه ڏٺو هوائين ۽ فقط هڪ دفعي روزو کوليو هو.
شيخ محمود جو بيان آهي ته آئون هڪ ڇوڪري تي عاشق هوس. پورا ٻارهن سال ننڊئي نيڻن ۾ ڪانه آئي، پر منهنجي انهيءَ حالت تي نه اهو ڇوڪرو واقف ٿيو ۽ نه وري ٻي ڪنهن کي پتو پيو! شريعت جو ايڏو پابند هو جو کانئس نقل آهي ته هڪ دفعي تپ جي بيماري سبب عشا جي نماز مڪروه وقت ۾ يعني اڌ رات کانپوءِ ادا ڪئي هئم، انکي ڪيترا سال گذري ويا آهن، مگر انجو غم اڄ تائين دل تان دور نٿو ٿئي، ته ڇو پوري مسنون وقت تي ادا نه ڪيم. (دليل الذاڪرين)
هي بزرگ يارهين صدي جي عارفن مان آهي.
[b]مخدوم صوبو کيبرائي
[/b] هي بزرگ مخدوم نوح هوتياڻي کيبرائي جي اولاد مان آهي ۽ حضرت مخدوم نوح هالائي جي مريدن مان آهي. هو ولي ڪامل، ڪشف و ڪرامت جو مالڪ هو. هو هميشه بلند آواز سان ذڪر ڪندو رهندو هو. هڪ ڏينهن کيبر جي ڳوٺ جي ٻاهران ذڪر ڪري رهيو هو ته سندس وات مان ٿوري گڦ وڃي گاهه تي ڪري انهيءَ گاهه کي هڪ ڍڳي کاڌو ته هڪدم بي آرام ٿي رنڀون ڪرڻ لڳي. آخر ان کي ذبح ڪيائون. پوءِ جنهن ماڻهو به انهيءَ ڍڳي جو گوشت کاڌو، انجو قلب ذڪر سان جاري ٿي پيو. اٿندي ويهندي الله الله جو نالو سندن زبان تي هو، اها حقيقت حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت کي بيان ڪئي وئي ته پاڻ فرمايائين ته جيڪو ماڻهو مخلص هوندو، تنهن ۾ ذڪر جو اثر رهندو، باقي ٻين تان لهي ويندو. آخر ٿيو به ائين، جو ڪيترن تان پوءِ اهو اثر زائل ٿي ويو. (ارشاد - دليل)
[b]عثمان متقي هالائي
[/b] هي پرهيزگار ۽ نيڪوڪار بزرگ حضرت مخدوم نوح جي مريدن مان آهي، جنهن سموري حياتي اتقاء ۽ پرهيز ۾ گذاري، مهينن جا مهينا روزي ۾ رهي، ياد الاهي ۾ مشغول هوندو هو.
جواني جي زماني ۾ هو ڪنهن تمام خوبصورت عورت جي عشق واري دام ۾ ڦاسي ويو، مگر صبر ۾ رهيو. آخر انهيءَ عورت جو ڪنهن ٻئي جوان سان نڪاح ڪرايو ويو، جنهن کانپوءِ هيءُ فقير ڏاڍو پريشان ۽ حيران ٿي پيو. روئندو رڙندو هڪ درويش اهل الله جي خدمت ۾ پنهنجي سموري ماجرا اچي بيان ڪيائين. فقير صاحب سندس حال زار ڏسي فرمايس ته سنڌ ۾ جيترا به نازنين ۽ خوبصورت ڇوڪريون آهن، تنجي دل آئينده تنهنجي دام ڦاٿل هوندي. پر تون ڪنهن ڏانهن به ڪونه نهاريندين، انهيءَ لفظ جو اهو اثر نڪتو جو جٿي به خوبي ۽ حسن وارو انسان هوندو ته فقير عثمان متقي جي خدمت ۾ پرواني وانگر ڊوڙندو هليو ايندو هو.
مگر هي صاحب الله تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول رهي، ڪنهن ڏانهن اک کڻي به ڪونه نهاريندو هو. بلڪ پاڻ ٻين کي ڌارين عورتن جي نظربازيءَ کان روڪيندو هو.
هڪ ڏينهن فقيرن جي مجلس ۾ ڳالهه نڪتي ته درويش عثمان متقي ٻين کي ته نظربازي کان روڪي ٿو. پر سندس خدمت ۾ هيتريون زالون اچن ٿيون، انجو وٽس ڪهڙو جواب آهي.
اتامرون الناس با البر وتنسون انفسڪم
يعني ته ماڻهن کي ته نيڪي جو حڪم ڪريو ٿا، پر پنهنجي پاڻ کي وساريو ٿا. (قرآن)
متقي صاحب جواب ۾ فرمايو ته خبردار متان اهو هوس به دل ۾ آندو اٿو. اها ڏاڍي ڏکي واٽ آهي. بڇڙي نفس سان جنگ جوٽڻي آهي، اتي سڀ ڪنهن سست راءِ جو ثابت رهڻ ڏاڍو مشڪل آهي.
انهيءَ اوڙاهه ۾ پاڻ کي اڇلائڻ کان بچائجو، ڇو ته اهو جھاد اڪبر آهي.
رجعنا من الجھاد الاصغر الي الجھاد الاڪبر
جو اشارو انهيءَ نفس جي جنگ ڏانهن آهي.
نقل آهي ته املي نالي ڏاڍي حسين عورت هڪ رات هن متقي بزرگ جي خلوت ۾ پهتي. مگر فقير هن ڏانهن ڪو توجه نه ڪيو. محبوبه نازنين کيس ڏاڍي محبت ۽ شوق سان تڪيندي تڪيندي بي تاب ٿي ويئي، غلبه شهوت کان اگھاڙي ٿي، پاڻ کي فقير جي مٿان اڇلائڻ گھريائين ٿي ته فقير هڪل ڪري چيس ته املي خبردار! فقط انهن اکرن چوڻ سان املي مان انساني شهوت جو غلبو ته هليو ويو پر هو پرهيز گاري ۽ پارسائي جي دنيا ۾ پهچي ويئي. ان کانپوءِ املي جي اهڙي حالت اچي ٿي جو ننڊ رات ڏينهن سندس اکين مان اچاٽ ٿي ويئي. چون ٿا ته برابر ڇهه مهينا املي کي ننڊ ڪانه آئي ۽ نه وري بستري تي سمهي آرام ڪيائين.
آخر املي ڪن فقيرن جي معرفت متقي صاحب کي منٿ ڪئي ۽ ڏاڍو رني ۽ زاري ڪيائين ۽ توبه ڪائين، جنهن کانپوءِ هڪ ڀتر کڻي املي کي ڏنائين ته هي اکين تي گھماءِ ته ننڊ اچي ويندي، هن ائين ڪيو ته ننڊ آرام جي ساڳي حالت مٿس طاري ٿيڻ لڳي. مگر چيائينس ته اهو پٿر ادب سان پاڻ وٽ رکج، جو ان تي حضرت رسول ڪريم جا قدم پهتل آهن.
عثمان متقي کي هڪ مينهن هوندي هئي، جنهن جو اوه ۽ ٿڻ ۽ پنهنجا هٿ ۽ برتن بار بار ڌوئي، پوءِ پاڻ ڏهندو هو. پوءِ کير کي گھڻي وقت تائين ڪاڙهيندو هو. جيستائين کير ٺري، تيستائين نفلن پڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو. ته ايتري ۾ صبح ٿي ويندو هو، پوءِ نفس کي چوندو هو ته اڄ ته روزو رکون ٿا، کير سڀاڻي پيتو ويندو. اهڙي طرح وعدا ڪندي هفتا گذري ويندا هئس. مگر ان هوندي هن جو بدن تازو توانو بيٺو هوندو هو. ۽ بک جي ڪري ڪو به فتور يا ڏوٻر هن ۾ ڪانه آئي ٿي. (دليل الذاڪرين)
عثمان متقي يارهين صدي جو عارف آهي ۽ هالن ۾ متقي قبيلي وارا شايد سندس اولاد مان آهن. والله اعلم با الصواب.
[b] مخدوم امين محمد اول هالائي
[/b]حضرت مخدوم نوح عليہ الرحمة جو فرزند ۽ سندس سجاده نشين بزرگ مخدوم امين محمد هڪ صاحب شريعت ۽ صاحب طريقت ۽ ڪرامت هو. سندس ولادت با سعادت 5 ربيع الاول سن 953 ۾ ٿي ۽ سندس والد بزرگ مخدوم صاحب جو ارشاد آهي ته مخدوم امين محمد جي ولادت وقت مونکي ڪيترن پيغمبرن جي ارواحن وٽان روحانيت جي ذريعي مبارڪباد جا تحفا حاصل ٿيا. هن ذڪر اذڪار ۽ سهروردي طريقي جون سموريون منزلون پنهنجي والد بزرگ جي خدمت ۾ طئي ڪيون. جڏهن سندس ڄمار 46 سالن کي پهتي، تڏهن پنهنجي والد جي جاءِ تي سجادگي جي مسند تي ويهي ذڪر جي تلقين ڏيڻ لڳو.
هي بزرگ ظاهر ۾ شريعت جو ايڏو پابند هو جو ڪنهن حالت ۾ شريعت جي ظاهري حڪمن جي برخلاف ڪو نه ويندو هو.
مخدوم صاحب جي حياتي ۾ مهمانن جي خدمت ۽ نگر جو سمورو ڪم سندس سنڀال ۾ هوندو هو. هڪ دفعي ذوالحج جي عيد ڏينهن ڪو بزرگ مهمان ٿي جماعت ۾ شريڪ ٿيڻ وارو هو. هن بزرگ غسل ڪرڻ لاءِ واهه جي ڪناري تي دير ڪئي. مخدوم صاحب ارشاد فرمايو ته نماز پڙهڻ ۾ جلدي نه ڪجو جو اڄ هڪ اهل الله جماعت ۾ شريڪ ٿيڻ وارو آهي. جڏهن هو اچي، جماعت ۾ چپ چاپ داخل ٿيو، تڏهن ارشاد ٿيو ته هاڻي آيو آهي. نماز شروع ڪريو. عيد نماز کان پوءِ مخدوم صاحب پڇيو ته ماڻهو ڪيڏانهن ويا؟ عرض ڪيو ويو ته گھرن وارا پنهنجن گھرن ڏانهن ويا، باقي سمورن مسافرن ۽ ٻاهرين کي صاحبزاده امين محمد گھر وٺي ويو، جتي سڀني جي مهماني ڪئي اٿس. ان تي مخدوم صاحب 3 دفعا فرمايو ته الله تعاليٰ خير ڪريس ۽ برڪت ڏئيس!
عبدالرحيم خان خانان، جڏهن مرزا جاني بيگ جي جنگ لاءِ سنڌ پهتو تڏهن کيس چيو ويو ته مخدوم نوح تازو وفات ڪري ويو آهي. جيڪڏهن تون سندس معذرت لاءِ اڳ ۾ پهچندين ته تنهنجي فتح آهي. جيڪڏهن مرزا جاني بيگ اڳ ۾ آيو ته پوءِ هو ڪامياب ٿيندو. جنهن تي خان خانان تمام جلد هالن ۾ مخدوم امين محمد جي خدمت ۾ پهچي عذر خواهي ۽ سنڌ جي فتح لاءِ دعا گھري ۽ دربار اڪبري جون تمام گھڻيون سوکڙيون پيش ڪيون ۽ سنڌ فتح کان ڪرڻ پوءِ اڪبر بادشاه پاران جاگيرن جي عطيه جون هڪ پروانو به پيش ڪيو.
مخدوم امين شريعت جو تمام گھڻو پابند هو ۽ هميشه مريدن ۽ دوستن کي حلال کاڌي جو تاڪيد فرمائيندو هو.
هڪ دفعي پنهنجي ڪنهن مريد کي شهر کان ٻاهر ڪنهن ڪم لاءِ روانو ڪندي تاڪيد ڪيائينس ته انهيءَ ڳوٺ ۾ جتي تون وڃي رهيو آهين، اتي چورن جون پاٿاريون آهن. تنهنڪري، انهن جي مهماني هر گز نه کائج ۽ نه انهن جو پاڻي پئج!
اهو فقير برابر 12 ڏينهن، انهن ماڻهن جي ڳوٺ ۾ رهيو پيو هو. مگر ڪنهنجو به نه کاڌائين ۽ نه پيتائين، جڏهن ڪم پورو ٿيس. تڏهن واپس اچي هالن ۾ روزو کوليائين!
هڪ دفعي ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪو ڪم چيائون، مگر اهو ماڻهو پنهنجي گھر جي لڏ پلاڻ ۾ مشغول هو. ۽ مخدوم صاحب جي حڪم جي تعميل ۾ سستي ڪندي چيائين ته مان لڏ پلاڻ ۾ لڳو پيو آهيان، فراغت ئي ڪانه آهي. جنهن تي پاڻ فرمايائون ته اسانجو ڪم الله جي حوالي، باقي اهو ماڻهو سو هميشه لاءِ لڏ پلاڻ ۾ رهندو. پوءِ ڏٺو ويو ته ماڻهو هميشه دربدر هوندو هو ۽ ٿورا ڏينهن به ڪنهن گھر ۾ آرام ڪري نه ويهندو هو.
نقل آهي ته هڪ بزرگ سندن خدمت ۾ آيو ۽ دل ۾ وهم گذريس ته اڄوڪي زماني ۾ ”غوث“ الائي ڪير هوندو. مخدوم صاحب فرمايو ته جنهن کي تون هٿ ڏئي رهيو آهين.
(دليل الذاڪرين مسودات ڪتب خانه مخدوم غلام حيدر صاحب)
حضرت مخدوم امين محمد 16 سال 2 مهينا سجاده نشيني تي رهي، 63 سالن جي مسنون ڄمار کي پهچي، جمعه ڏينهن ٻن پهرن جو ست شعبان المعظم سن 1015 وفات فرمائي. شرف الابرار مان سندس سال وفات حاصل ٿئي ٿو.
[b]مخدوم ابو محمد هالائي
[/b] حضرت ابو محمد ولد مخدوم امين محمد اول ولد مخدوم نوح عليه الرحمت هي بزرگ 9 محرم الحرام سن 980هه پنهنجي ڏاڏي بزرگ جي حياتي ۾ تولد ٿيو ۽ تصوف جو طريقو پنهنجي جد امجد ۽ پنهنجي والد بزرگ کان حاصل ڪيائين. پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ سجاده نشيني جا فرائض مٿس عائد ٿيا، جي بخوبي ادا ڪيائين. سندس هٿ تي ڪيترن بزرگن کي فيض ۽ ڪرامت حاصل ٿيو. جن مان شيخ هاشم ابن حماد هڪ مشهور بزرگ آهي.
مخدوم ابو محمد شريعت جو بيحد پابند هوندو هو. ڪشف جي ذريعي، ڪجھ به معلوم ٿئي، ان تي نه هلندو هو. هر حالت ۾ کيس شريعت جو لحاظ مقدم رهندو هو.
روايت آهي ته درويش ٻڍو سهتو جو حضرت مخدوم معظم نوح عليه الرحمت جي مريدن مان هو، سو ٻهراڙي ۾ وڃي ماڻهن کان ڏڌ، کير مکڻ زوري ڦري ماري فقيرن کي کارائيندو هو. جنهن تي حضرت ابو محمد کيس منع ڪئي ته ائين ڪرڻ ٺيڪ نه آهي. فقير چيو ته هڪ ڏينهن حضور رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ڪچهري جو شرف نصيب ٿيو هوم. جتي مخدوم معظم به موجود هو. مخدوم صاحب حضور جن کي عرض ڪيو ته هي فقير زوري ڪجھه کاڌو حاصل ڪري فقيرن کي کارائي ٿو. جنهن تي نبين جي سردار پنهنجو هٿ مبارڪ منهنجي هٿ ۾ ڏئي فرمايو ته جو ڪجھه ماڻهن کان وٺي فقيرن کي کارائي ٿو، ان ۾ به انهن ماڻهن جي ڀلائي آهي.
حضرت ابو محمد فرمايو ته درويش ٻڍا اگرچه ائين آهي، پر ان هوندي به توبهه ڪر. ڇو ته اسان کي ظاهر شريعت تي هلڻو آهي. جيڪي به تو ڏٺو، اها هڪ جدا شئي آهي. جنهن کانپوءِ ٻڍي سهتي توبهه ڪئي ۽ زوري وٺڻ ڇڏي ڏنائين.
حضرت مخدوم ابو محمد 35 سال ٽي مهينا سجاده نشين رهي ستر سال، 9 مهينا، 29 ڏينهن جي ڄمار ۾ 8 ذي القعد سن 1050 هه ۾ وفات فرمائي.
[b]مخدوم ابراهيم هالائي
[/b]مخدوم ابراهيم ولد حضرت مخدوم نوح ملقب به ادهم ثاني. هن بزرگ بابت تحفتة الڪرام ۾ لکي ٿو ته:
”ميان ابراهيم بزرگ زمانه و معتقد عليه طائفه عليه بوده“ يعني مخدوم معظم جي اولاد مان، ميان ابراهيم زماني جو وڏو ماڻهو ۽ سهرورديه نوحيه جماعت جو معتقد عليہ هو.
هن بزرگ شروع زندگي جو وڏو حصو اعتڪاف ۽ چلن ۾ گذاريو. هڪ قبرستان ۾ جو آبادي کان تمام پري هو، برابر چار چلا ويٺو، جتي کائڻ پيئڻ جو ڪوبه سامان ڪونه هو. جنهن ڪري پوءِ 5 مهينا کاڌي پيتي جو محتاج نه ٿيو. روزو کولڻ وقت فقط پاڻي مان آڱر آلي ڪري زبان تي رکندو هو ۽ هڪ ٻه ترن جو داڻو کائي روزي کولڻ جي سنت ادا ڪندو هو. فرمائيندو هو ته کاڌي پيتي جي نفس کي ضرورت ڪانه رهي آهي. فقط سنت جي لحاظ ڪري روزو کولجي ٿو. انهن چئن چلن ۾ عالم ارواح ۽ ملائڪ وغيره وٽس حاضر ٿيا، مگر هنن ڏانهن ڪو به توجه نه ڪيائين. الله تعاليٰ جي ذڪر کانسواءِ، سندس زبان تي ڪجھ به جاري نه رهيو.
هڪ دفعي پوئين چلي وقت، خوبصورت پري چهره عورتن جي هڪ وڏي ٽولي آئي. انهن کان پڇيائين ته اوهان ڪير آهيو؟ هنن جواب ۾ چيو ته اسان اهي زالون آهيون، جو پنهنجي مڙسن جي پوئتان ستي ٿي جيئري پاڻ کي باهه ۾ جلايو هيوسين. جڏهن ٻين جا ارواح اوهانجي ڏسڻ لاءِ اچڻ لڳا ته اسانکي به اشتياق ٿيو ته اوهانجي زيارت جو شرف حاصل ڪريون، جو حاصل ڪيوسين.
حضرت ابراهيم هميشه نماز جماعت سان ادا ڪندو هو. پوئين وقت ۾ هميشه مسجد ۾ اعتڪاف ڪندو هو ته جيئن با جماعت فوت نه ٿئي. حديث شريف ۾ آيو آهي ته جيڪو به ماڻهو چاليهه ڏينهن جماعت سان نماز ادا ڪندو ته منافقي کان پاڪ رهندو. انهي قول تي سندس عمل هوندو هو.
سادگي ۽ بي نفسي هن حد تائين منجھن هئي، جو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي خادم جعفر نالي کي، ان جي ڀري ٻڌائڻ ۽ کڻڻ ۾ مدد ڪندا هوا ۽ فرمائيندو هو ته سموري ڄمار ۾ اهو ئي دنيا جو ڪم ڪيو اٿم.
هڪ عيد جي موقعي تي گھر ۾ کاڌي لاءِ ڪجھه به ڪونه هو. جڏهن اهو پتو پيس تڏهن فرمايائين الحمدالله جو اها سنت به ادا ٿي، جو بعض وقتن حضرت رسالت پناهه جي گھر ۾ به عيد ڏينهن کاڌي لاءِ ڪجھه نه هوندو هو. (دليل الذاڪرين)
مخدوم ابراهيم جي بزرگن ۾ ڪرامت جا ٻيا به ڪيترائي چشم ديد واقعا مٿئين رساله ۾ آيل آهن. مگر هت طوالت سبب ڇڏيا وڃن ٿا. پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ اگرچه گادي نشين سندس وڏو ڀاءُ مخدوم امين محمد هو. مگر جماعت جو فيض حاصل ڪرڻ لاءِ هن برزگ ڏانهن رجوع رهندو هو. جيئن تحفةالڪرام ۾ لکيل آهي.
سندس وفات يارهين صدي جي آخر ۾ ٿي آهي. رحمت الله عليه رحمة واسعة
[b]مخدوم جلال محمد هالائي
[/b] حضرت مخدوم نوح عليہ الرحمة جي جليل القدر فرزندن مان هڪ بزرگ آهي، تحفة الڪرام ۾ لکي ٿو ته:
مخدوم جلال بايات بزرگي وسترگي محاسن کمال والا بي مهال زيستہ“
يعني ته مخدوم جلال بزرگي ۽ ساراهيل نشانين ۽ بيشمار ڪماليت جي خوبين وارو هو. دليل الذاڪرين ۾ لکي ٿو ته هڪ دفعي، هڪ ماڻهو تي ٺٽي جي گورنر شاد خان ڳورو ڏنڊ وڌو، ويچارو ڏنڊ هلڪي ڪرائڻ جي لاءِ مخدوم جلال محمد کي حاڪم ڏانهن ميڙ وٺي ويو. مگر شاد خان مخدوم صاحب کي نه مڃيو. جنهن تي مخدوم صاحب فرمايو ته هي ماڻهو، هن ملڪ جي حڪومت جو لائق نه آهي. تنهنڪري هن کي هتان بدلي ڪري سندس جاءِ تي سيد امير خان (ابوالبقا امير خان) کي گھرايو وڃي ٿو ته ٺٽي جو اهو ئي حاڪم ٿي رهي. انهن لفظن کانپوءِ ڏٺو ويو ته ستت ئي شاد خان جي بدلي ٿي ۽ ٺٽي تي امير خان مقرر ٿي آيو. وڌيڪ لکي ٿو ته:
”مخدوم جلال محمد مقبول الڪلام بودند هرچه برلسان شان جاري شد عز اجابت مي يافت“
يعني ته سندس ڪلام درگاهه الاهي ۾ قبول هوندو هو. جيڪي به سندس زبان تي جاري ٿيندو هو، سو قبول پوندو هو.
مطلب ته مخدوم صاحب جا 12 ئي پٽ شريعت جا پابند ۽ پرهيزگار هوا. جن جي قول يا فعل مان ڪوبه ڪڏهن غير شرعي فعل صادر نه ٿيو هو.
(فائده) سيوهڻ جو رهاڪو ملاقاسم نالي جو ڪنڀار ڪو ڪم ڪندو هو تنهن پنهنجي سموري ڄمار هن ريت ٺاهي هئي، جو چار مهينا حرمين شريفين جي سفر ۾ لڳائيندو هو ۽ ان کانپوءِ موٽي اچي پنهنجي ڌنڌي کي لڳندو هو. انهيءَ آمدورفت ڪري هنکي اندر جي ڏاڍي صفائي حاصل ٿي هئي. هن جو چوڻ هو ته مونکي حضور رسول الله صلي الله عليه وسلم کان حڪم ٿيل آهي ته مخدوم نوح جي اولاد جي خدمت سبب سعادت ۽ نيڪي حاصل ٿيڻ واري آهي. (دليل الذاڪرين)
[b]دوريش يحيٰ رائٽو هالائي
[/b] حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت جي مريدن ۽ خليفن مان هڪ ڪامل برزگ آهي. هيمشہ رياضتن ۽ مجادهن ۾ گذاريندو هو. هو ان سان گڏ ظاهري ورد وظيفا به پڙهندو رهندو هو. جيئن ته حذب البحر، حرز يماني، حزب محبوبي، حذب جعفري ۽ سبعات عشر ۽ اوراد فتحي ۽ ٻيا وظيفا پڙهندو هو.
هڪ دفعي شيخ محمود فخري سان ملاقات ڪندي ظاهر ڪيائين ته پنهنجي هر هڪ دم ۾ چار سئو دفعا الله جو نالو ذڪر ٿئي ٿو. مگر اهو ذڪر اڃا مون وٽ شمار ۾ آهي. ڇو ته ذڪر جا اهي درجا آهن جو.
مالا عيد رئت ولا اذن سمعت
نه اکين ڏٺا آهن ۽ نه ڪنن ٻڌا آهن.
ڏٺو ويندو ته ساڳي وقت ۾ درويش جي زبان مان ذڪر جو آواز به ٻڌڻ ۾ ايندو هو ۽ هوڏانهن قرآن شريف به ويٺو پڙهندو هو.
حضرت مخدوم صاحب جي وفات کانپوءِ هميشه سندس فرزند مخدوم ابراهيم ادهم جي خدمت ۾ رهندو آيو. جو ڪجھه به نذرانو ملندو هو. يا فتوحات ٿيندي هئي ته اهو سمورو فقيرن کي ڏئي ڇڏيندو ۽ پاڻ بکن تي گذاريندو هو ۽ سندس انهيءَ قلندرانه روش ڪري، سندس عيال به بکون پيو ڪڍندو هو. چون ٿا ته زر جواهرن جي هن وٽ ڪمي ڪانه هئي. مگر ان مان ڪجھه به خرچ ڪونه ڪندو هو. ڇو ته دنيا جي درويشن جي نظرن ۾ ڪابه عزت ڪانه ٿيندي آهي.
جڏهن هن جي وفات جو ويلو آيو تڏهن ميان ڪامل محمد ولد مخدوم ابراهيم مٿانس ويو. هن لاءِ ته سڪرات جي وقت وٽانئس تصوف يا خدا شناسي جو ڪو نڪتو ٻڌي، مگر درويش يحيٰ چپ ئي نه کوليو. جڏهن سندس روح بدن جي پڃري مان پرواز ڪري ويو، تڏهن سندس جنازه کي غسل ڪفن ڏياري رات جي وڳڙي ڪري هڪ ڪوٺي ۾ ڪري رکيائون. ميان ڪامل محمد انهيءَ ڪوٺي جا دروازا بند ڪرائي اندر وڃي ويٺو. جنهن کانپوءِ درويش يحيٰ جي روح کيس اچي چيو ته سڪرات جو وقت ڏاڍو اڻانگو ڏکيو هيو. جنهن ڪري اوهانکي ڪو جواب نه ڏيئي سگھيس ٿي، ته متان حق تعاليٰ جي ڪا حقيقت اهڙي ڪري بيان ٿي وڃي جنهن کي شريعت قبول نه ڪري. هاڻي جڏهن بدن جي لباس کان روح جدا ٿيو آهي ته اوهان سان روحاني گفتگو ڪري سگھان ٿو. ميان ڪامل محمد صبح تائين انهيءَ حجري ۾ ويٺو رهيو ۽ صبح جو درويش کي وڃي دفن ڪيائين.
دليل الذاڪرين جو مؤلف لکي ٿو ته:
”اين نقل بلا وسطه از حضرت محمد ڪامل بسمع رسيد“
يعني اها ڳالهه مون سڌي سنئين حضرت محمد ڪامل (مخدوم نوح جي پوئين) کان ٻڌي آهي.
درويش يحيٰ يارهين صدي جي ولين مان آهي.
[b] حسن ٻانگو ڀاڻوٺي
[/b] درويش حسن ٻانگو هڪ مشهور ڪرامتن جو مالڪ ۽ راهه سلوڪ جو سالڪ سيد حيدر سنائي جو خليفو ۽ مريد آهي. سيد حيدر جي وفات کانپوءِ مخدوم نوح سان به ارادتمندي رهندي آئي. دليل الذاڪرين ۾ آهي ته درويش حسن جي گھر ۾ ٻير جو وڻ هوندو هو جنهن جا ڏاڍا مٺا ٻير هوا. اتان ٻير کڻي مخدوم صاحب لاءِ آڻيندو هو ۽ ادب کان سندس فرزندن جا نالا وٺي پيش ڪندو هو. مخدوم صاحب ان مان ڪجھه به نه کائيندو هو. هڪ ڏينهن عرض ڪيائين ته اوهان ٻيرن مان الائي ڇو نه ٿا کائو. حضرت مخدوم صاحب جواب ۾ فرمايو ته اوهان ٻير ٻين جي نالي ڏيو ٿا، تنهن ڪري منهنجو حق نه ٿو رهي. جنهن کان پوءِ درويش حسن پنهنجي هٿن سان ٻير کڻي مخدوم صاحب کي پيش ڪيا، جتان پاڻ ڪجھه کاڌائون.
هن جي عادت هوندي هئي جو روزانو هڪ ماني پچرائي پاڻ وٽ رکندو هو ۽ هڪ سوا ٻڪري به وٽس بيٺي هوندي هئي. پوءِ جيڪو به مهمان وٽس هوندو هو پوِءِ کڻي هڪ سئو هجن، تڏهن به ان ماني مان ٽڪر ڀڄي ۽ کير جو چڪو ڏيندو ويندو هو، جنهن مان سمورا ڍاپي ويندا هوا. نقل آهي ته هڪ مسافر سندس خدمت ۾ آيو، جنهن جي احوال مان معلوم ٿيس ته هو مسافر قرآن مجيد جو حافظ آهي. درويش پڇيس ته ٽيهه سيپارا پوري طرح ياد اٿو. چيائين ته هائو سائين. چيائين ته قرآن پڙهندي تنهنجي دل ۾ عشق جي نشتر ڪانه ڇپي آهي. پوءِ حافظ تي توجه وڌائين، جنهن ڪري عشق الاهي جا مٿس دروازا کلي پيا ۽ وحدت جي دريا ۾ غرق ٿي ويو. مگر پوءِ ستت ئي سندس سيني واري پڃري مان روح جو پکي پرواز ڪري بهشت جي باغ ۾ وڃي پهتو. (ارشاد الطالبين)
درويش حسن ٻانگو ڏهين صدي جي رجالن مان آهي. ڀاڻوٺ تعلقه هالا ۾ مشهور ڳوٺ آهي.
[b]آخوند اميد علي سانوڻي هالائي
[/b] عالم فاضل، عامل شاعر نقشبندي طريقي جو صوفي آخوند اميد علي تخلص سها ولد حاجي عبدالله ملا سانوڻي، خواجه عبدالقيوم مجددي قندهاري جي مريدن مان هڪ ڪامل شخص ٿي گذريو آهي. گھڻو وقت حيدرآباد جي ٽالپرن وٽ گذاريندو هو. هو سندس کلي دل سان خدمتون ڪندا رهندا هوا. علم جفر ۽ عمليات ۽ علم تڪثير ۽ اعداد جو وڏو ماهر هو. ۽ انهيءَ فن ۾ سندس دستخط هڪ رسالو به نظر مان گذريو آهي. جنهن ۾ مستحصله نقش ڀرڻ جون واٽون ڏيکاريل آهن. هو فارسي جو نهايت عمدو شاعر آهي ۽ تاريخي ماده ڪڍڻ جي فن ۾ هڪ بي مثل قابليت جو مالڪ هو.
قصيده برده جو شرح فارسي نظم ۾ ٻن نمونن ۾ نهايت اعليٰ نموني ۾ ادا ڪيو اٿس. ان سان گڏ نثر ۾ به ان مان هيٺ ترجمه ڏنل آهي. ته جيئن وڌيڪ وضاحت سان قصيده جو مطلب دل نشين ٿئي. هڪ شعر جو نموني طور ترجمه هيٺ ڏجي ٿو.
فمالعينيک ان قلت اڪففا همتا - ومالقلبڪ ان قلت استفق يهم .
1. چيست اين چشمانت راگريند گر گوئي بمان
ورهمي گوئي دلت را هوش کن گردديهم (پريشان)
2. پس چيست چشم گريه کنان ترا اثر
گر گويمش که گريه مکن گريد او بهتر
باز اين دل تراچه ريد ست آفتي
گويم بهوش شو شود هوش بيخبر
سندس فارسي شعر جو نمونو هي آهي. حضرت عارف حاجي جن .........۾ مناجات ۾ فرمائي ٿو.
خدا وندا دلم را زندگي ده
بکار نيکوئي فرخندگي ده
زبانم را بذکر خويش بکشا
بکا مم شکر شکرانه بفرسا
شب نا اميديم را صبح گردان
بفيروزي چو خورشيد درزخشان
گل پرمرده از باد خزاني
بخندان از نسيم جاوداني
پنهنجي محبوبه جي نالي تي هيٺين نظم لکي اٿس.
بگوش هرکه رسد همچومن ملامت عشق
زند به تعبيه نام حسن به نو بت عشق
حقيقتي ست نهان در حقيقت صورت
خوشا حقيقت حسن است درحقيقت عشق
کبش چه لب که لب کوثر ولب حيوان است
مگر ببوسه شوم خضر در طريقت عشق
يقين که مفتئي عشاق مي دهد فتويٰ
بخون من بستم کيش در شريعت عشق
مرا بجا دوئي چشمانش رخنه درکار است
بيک نگاه دلم را ربود غيرت عشق
تبارک الله که دلبري پري پيکر
نهاد در دل ويرانه ام وديعت عشق
نوشت از سر هر بيت نام موزونش
سها بشيفتگي نا مه وثيقت عشق
هن فارسي جي خوشگو شاعر ۽ صوفي جو وصال 15 ربيع الاول سن 1298 ۾ ٿيو. سندس هڪ همعصر عزيز آخوند احمد هيٺين ريت قطعه تاريخ لکي آهي؛
فرقت ياران عذاب داغ دهله بردل
نيست کسي را گذار خواه نبي و ولي
عابد و ساجد تمام - جاهد عقبيٰ مدام
خاصه با خلاق حق باسم اميد علي
بر دل او نَقش است شاهه قيوم الست
بود زخيل ڪرام شيخ مجدد ولي
بيک اجل چون رسيد گوش دل او شنيد
فا دخلوا جنات عدن شارب جام ملي
1298
ماه ربيع لاولين پانز دهم يوم ثلث
بود هزار دو صد و نود هشت تلي (1)
سال وصالش بگوش گفت با احمد شروش
عابد و حافظ (2) وائي اميد علي
وهود خل بجنت السلام مان به سندس سال وفات ملي ٿو. (از مسودات آخوند احمد هالائي).
1 مخفف تالي،2. اتي هڪ حرف ڇڏيل آهي.
[b]آخوند احمد سانوڻي هالائي
[/b]عالم، فاضل، شاعر حافظ آخوند احمد قادريه طريقي جو فقير ۽ پير سيد علي گوهر بن پير صبغةالله بن سيد پير محمد راشد روضي ڌڻي جي مريدن مان هو. سموري زندگي تعليم ۽ تعليم ۽ شعر گوئي ۾ گذاريائين. حيدرآباد جي ٽالپرن وٽ سندس وڏي عزت ۽ مان هو. مير نور محمد ۽ مير محمد حسن علي خان ولد مير نصير خان وٽس تعليم حاصل ڪئي. ميرن جي ڪيترن صاحبزادن جي ڄمڻ جون تاريخون لکيون اٿس. ۽ ڪن جي وفات تي به قطعات آهن. هو تاريخ جي ماده ڪڍڻ واري فن ۾ بلڪل يڪتا زمانه هو. سندس هعصرن مان آخوند اميد علي سها هالائي ۽ مولوي احمد ڀٽائي سان شعرن جو تبادلو ۽ تتبع ٿيندو رهيو آهي. عربي، فارسي، سنڌي ٽنهين زبانن ۾ ڪلام موزون ڪندو هو. وڏو عابد زاهد متقي هو. جنهن ڪري ڄمار به تمام وڏي حاصل ٿي هئس يعني ته هڪ سئو سال کان به وڏي ڄمار حاصل ڪري، پوءِ وصال ڪيائين ۽ پنهنجي همعصر دوست آخوند اميد علي جي وفات جو به پاڻ مرثيو لکيو اٿس. جو اميد علي جي تذڪره ۾ درج آهي. آخوند اميد علي نقشبندي طريقي جو صوفي هو. مگر ان هوندي به بهادر نالي پنهنجي شاگرد تي نظارو رهندو هوس.
هڪ دفعي اميد علي بهادر جي شان ۾ هيٺئين رباعي ارشاد فرمائي.
بهادر چه دري ست پاکيزه
نباشد چنين گوهر در صدف
نه هر جوهري قدر او را شناخت
بهادر گران را مده با خزف
آخوند احمد مرحوم انهيءَ قطعي جي جواب ۾ فرمايو ته:
بهادر نه دري ست پاکيزه
ز خرمهر ارزان برابر خزف
چو شعراءِ تابع غوا گفته حق
تو داناي هستي مفرما قذف
انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ٻئي سان ٻنهي شاعرن جا ڊگھا سوال جواب هليا آهن. جن کي اختصار سبب هت ترڪ ڪيو وڃي ٿو.
هڪ ڊگھو منظوم عربي خط مولوي احمد ڀٽائي کي لکيو اٿس. جنهن ۾ فرمائي ٿو.
فيامن هو احرق قلبنا بنار هجرڪ
فيجمع بيننا رب الخلائق
هن عربي خط جي اخير ۾ عربي کان پهلو بدلائي فارسي ۾ خطاب ڪري ٿو.
شوق زياد گشت بسوي وصال تو
ليکن بد ست خويش ندارم زمام را
چون اختيار نيست مرا در طريق وصل
پس اختيار کردم اينک کلام را
احمد صبور باس که ناگھه صبا رسد
از بوءِ گل معطر سازم مشام را
فارسي عربي ڪلام کان پوءِ سندس سنڌي ڪلام جو نمونو هڪ قطعه تاريخ ۾ معائنه ڪري سگھجي ٿو. جو سيد خان محمد شاه سنائي جي تعمير مسجد جي سال لاءِ لکيو اٿس. فرمائي ٿو.
سيد خان محمد مسجد جوڙائي گھڻي هيج منجھاءِ
شروع مهيني رجب ۾ پوري شب قدرا
تاريخ انجي سال جي چئي ان پر هاتفا
مسجد سڳوري، گھر خدا ڀلي جو آهي.
آخوند صاحب ۾ علم، عبادت جي وصفن کان سواءِ خانداني عمليات ۽ علم جفر ۽ وظيفن ۽ مسخرات جو ڄاڻو به هو. مگر عمليات تي گھٽ ڪاربند هوندو هو. شعر شاعري ۽ ياد خدا ۾ مشغول رهندو هو ايڏي ڪماليت وارو بزرگ 1317هه ۾ وفات ڪري هالن ۾ دفن ٿيو. (بياض آخوند احمد هالائي)
(31 آگسٽ 1947 بروز يکشنبه ڪراچي ، وفائي.)
[b]مفتي محمد رفيق هالائي
[/b]هي بزرگ عالم فاضل، صاحب فتويٰ ٽالپرن جي زماني ۾ هالن ۾ ٿي گذريو آهي. درس تدريس سان گڏ، انهيءَ وقت فتويٰ نويسي جو معاملو به سندس حوالي هو. هو سڀني علومن جو ماهر ۽ فاضل عالم هو.
هن بزرگ جي وفات پهرين جمادي الثاني سن 1182 ۾ ٿي گذري آهي. سندس معتقدن مان هڪ شاعر سندس تاريخ وفات هيٺئين ريت لکي آهي.
وه چه انسان فاضل و فائق
بود اندر لطافت او لائق
عالم و عامل ديانتدار
دائما با ڪتابيان مشفق
در علوم چهارده دائي بود
لطف طبعش بهر ڪسي لا حق
علم فقہ و فرائض و تفسير
از حديث و معاني و منطق
هم ڪلام او اصول قرات و صرف
نيز بود او بماظره مسبق
قضيئه فوت شان ز هوشم برد
طعن جگر ها نمود همچو شفق
بر نماز جنازش مردم
بود الف چهار از تحقق
در شب اول، جمادي الثاني
کرد مولاءِ ما رحيل بحق
گفت هائف ز سال تاريخش
بود ازان مرشدم هدايت حق
1182 هه
(از ڪتب خانه ملا سانوڻي هالائي)
[b]آخوند محمد قاسم سانوڻي هالائي
[/b] آخوند محمد قاسم ولد آخوند محمود سانوڻي هالائي فارسي جو وڏو شاعر ۽ فاضل اديب ٿي گذريو آهي. هن سموري تعليم پنهنجو والد بزرگ وٽ حاصل ڪئي، جو نصر پور ۾ پيرن وٽ تعليم ڏيندو هو. ۽ سندس مقبرو به اتي نصرپور ۾ آهي. سندس وفات ٻارهين صدي هجري جي آخر ۾ ٿيل ڀانئجي ٿي. ڇاڪاڻ ته سندس دستخط هڪ ڪتاب ڏٺو ويو. جنهن تي 1172 لکيل آهي.
آخوند محمد قاسم پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ ڪجھه وقت نصرپور ڇڏي ۽ آخر مير ڄام خان جي ٽنڊه ۾ تدريس جو شغل جاري رکيو. کائنس فارسي زبان جي تعليم وٺي ڪيترائي فائدو پرائي ويا. هن جي سفر ۾ هڪ ”ديوان قاسم“ جمع ٿيل آهي. نموني طور سندس ڪلام مان ڪجھه هيٺ ڏجي ٿو.
رسيده در جھان بي سرو رفتار
بسنت همچنين از دور دوار
رخ خجلت ده گل اي گل اندام
تو هم با عاشقان بنماءِ اظهار
روان شو بادل افگاران بگلشن
که گل هم گردد رويت دل افگار
ربا تاج گلرو ده لاله را داغ
ز حسن خود بهريک کن خبردار
رود اندوه هجران از دل من
به بستان چون شوم با تو قدح خوار
رحيق کامراڻي نوش با دت
بقاسم هم عطا کن قدح دوچار.
ايضاله
زود آءِ که در قالب ... آيد جان باز
جان باز تو ام .. روح روان باز
زود آء ز .......غم آئينه دل
کز عکس خور رويت شود نور افشان باز
زلفت چو سب تار رخت صبح منور
روزم بشب اين .... مگر دور زمان باز
زنجير کجا که اين دل آشفته دراين شب
ديوانه شده شب از هوس زلف بتان باز
زين گو نه قاسم بدر دير نشين است
شايد که کند رحم بر او پير مغان باز
ايضاله
چهره اش خوب است رخسارش عليٰ هذا القياس
خنده اش خوش است و گفتارشّ عليٰ هذا القياس
شڪل او دلحواه و ناز جان فزايش زان قبيل
صور قرن ........کردارش عليٰ هذا القياس
جلوه اش جادوي اوصاف جمالش زين نمط
قامتش نيکو است و رفتارش عليٰ هزا القياس
ديده شوخش ستمگار و جفا کار است بس
گيسوئي خمدار و طرارش عليٰ هذا القياس
طبع قاسم دلکش و طرز بديعش دلنواز
نظم او نغز است و اشعارش عليٰ هذا القياس.
سندس ٻيو ڪلام به عليٰ هذا القياس ڏاڍو شيرين ۽ دل پسند آهي. مرحوم محمد قاسم جي وفات 13 صدي جي اوائل ۾ ٿيل آهي. اگرچه سندس مقرر تاريخ معلوم نه ٿي سگھي. (مسودات ڪتبخانه خاندان سانوڻي).
[b]آخوند نور محمد سانوڻي هالائي
[/b] نور محمد بن آخوند الهه بخش بن عارف صوفي حاجي متين الدين سانوڻي هالائي. آخوند اميد علي هالائي جي دستخط هڪ ڪتاب تي لکيل ڏٺو ويو ته ملان سانوڻي عقيلي نسب جا هاشمي آهن. مگر سلسله نسب گھڻي ڳولا سان به هٿ ڪونه اچي سگھي ٿو.
آخوند نور محمد علم تعويذات ۽ عمليات ۽ علم تڪثير جو وڏو ڄاڻو هو. فارسي زبان جو پڻ چـڱو شاعر هو. سندس مخمس ڪريما سعدي نظر مان گذري. جنهن مان هڪ بند هيٺ ڏجي ٿو.
در ايام گلزار فصل بهار
بهم مجلس مهوس گلعذار
بوقت صبا خنده لاله زار
مئي لالا در ساغر زرنگار
بود روح پرور چو لعل نگار
آخوند نور محمد 2 ذوالحج سن 1281 ۾ هن دنيا فاني مان رحلت فرمائي جاوداني جھان ڏانهن روانو ٿي ويو. قطعه تاريخ وفات سندس عزيز همعصر آخوند احمد هيٺئين ريت لکي آهي.
بسالکان هدايت طريق دين متين
بود نصيب مدارج علا بلاشک و شين
حرم ڪعبه فردوس را دخول و طواف
کسي ندارد خبر حاجيان عين يقين
زهي مهذب اخلاق، مودب علم
باسم ان لہ ذمة بفضل مبين
به بيت دوم ازماهه حج بود هجرت
هزار دو صد هشتاد و هفت سنين
گذاشت کثرت از سوق و حدت واحد
بمرغ طائر باشد قفس عذاب مهين
بگفت احمد تاريخ رحلتش از دل
مقيم نور محمد بود بخلد امين
1287هه
(از مسودات آخوند احمد هالائي)
[b]آخوند عبدالصمد سانوڻي هالائي
[/b] پخته گو شاعر ۽ عامل، رمل جعفر جو ماهر بزرگ ٿي گذريو. هو آخوند خليفه گل محمد هالائي جو عزيز ۽ همعصر هو. سندس دستخط هڪ ڪتاب نظر مان گذريو. جنهن تي 21 ربيع الاول سن 1224 لکيل هو. سندس فارسي ڪلام جو هيٺين نمونو آهي.
زمانه جي شڪايت، دوستداري ۽ ناقدري جي باب ۾ فرمائي ٿو.
نادار را عزيز نه باشد نه خويش کس
نادار عيبدار بود بوء دار بس
چون داشت درد بوديم درد حلقه عزيزان
کس يار غار خواند کسي دوست دار بس
دولت ازدست رفت زبون گشتم از چون مور
بائمال خلاق گشتم در زير بار بس
عبدالصمد خموش مکن ناله عبث
خوش دار خويش بر قلم کردگار بس
مرحوم آخوند عبدالصمد 22 محرم الحرام سن 1272 جي هن دنيا فاني مان لاڏاڻو ڪري جاءِ جاوداني کي وڃي هميشه لاءِ وسايو.
[b]حافظ نصرالله سانوڻي هالائي
[/b] قاري عالم شاعر نصر الله بن حافظ بلال بن حافظ هارون سانوڻي. ”سانوڻي“ هن ڪري هن خاندان کي سڏيو ويندو آهي. جو علم درياء هنن وٽ سانوڻي جي موسم جيان ڇوليون هڻندو رهندو هو. چيو ويو ته هن خاندان جو سلسله نسب حضرت عقيل بن ابي طالب سان وڃي ملي ٿو. والله اعلم.
آخوند حافظ نصرالله فارسي ۾ هڪ مناجات چئي آهي. جنهن جا چند شعر هيٺ ڏجن ٿا.
ز شر نفس اماره نگا هم دار يا الله
هوائي غير خود کلي زمن بردار يا الله
کريما از کرم ما را بده توفيق بر طاعت
مرا از لطف خود هر گز فرو مگزار يا الله
مرا از درد بيماري بفضل خود نگھداري
برحمت خويش کن ياري بدين بيمار يا الله
دران تنگي وتاريکي که اندر لحد من باشد
فراخي بخش روشن کن پراز انوار يا الله
ز وسو سهاري شيطاني، دگر خطرات نفساني
از ان هر يک تو مي داني منم بيزار يا الله
شکسته دل همين نالد بدر گاهه تو نصر الله
برو رحمت فراوان کن کرم بسيار يا الله
سموري زندگي درس تدريس ڏيندي هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو. اگرچه سندس وفات جي تاريخ مقرر طور معلوم نه آهي. مگر هو صاحب 13 صدي هجري رجالن مان آخوند گل محمد ”ديوان گل“ واري جي معاصرن مان آهي.
[b]خليفو حاجي لطف الله سانوڻي هالائي
[/b] لطف الله بن حاجي حافظ نصر الله سانوڻي، هڪ عالم شاعر ۽ مدرس ۽ نيڪ سيرت بزرگ ٿي گذريو آهي، سندس ڪلام سنڌي فارسي ۾ مدح ۽ مناجات ۽ مولودن جي صورت ۾ موجود آهي. هن صاحب جي شادي سنڌ جي مشهور شاعر خليفو حاجي گل محمد هالائي ”ديوان گل“ جي مصنف جي دختر نيڪ اختر سان ٿي هئي. هي سمورو خاندان پير صاحب صبغت الله پاڳاري جو مريد هو. جنهن ڪري هنن کي خليفو جي لقب سان به سڏيو ويندو آهي. آخوند لطف الله پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ هالن پراڻن جي بازار واري مسجد ۾ پنهنجي والد جي جاءِ تي درس تدرس ڏيندو رهيو. اها مسجد اڃا تائين سندس فرزند آخوند حبيب الله جي نالي سان مشهور آهي، جو 1353 ۾ وفات ڪري ويو آهي.
آخوند لطف الله 13 صديءَ جي آخر ۾ وفات ڪئي ۽ هنن سٽن لکڻ وقت سندس شاگردن ۾ هڪ بزرگ اسي 80 سالن جو هالن پراڻن ۾ اڃا زنده موجود آهي.
[b]سنڌي ڪافي آخوند لطف الله
[/b] هو وئيڙا ڪنهن ڏس ڏور عمر! ادا آئون ڏوٿي ڏسان ڪين ٿي
جيڪس جھانگي جوءِ مان، لڏي ويڙا ڪنهن زور ضرور
مدون موٽي آئيون مارو نه موٽيا مور
ملڻ ڪارڻ مارن جي، رڙي ٿيس رنجور
الاهي لاڳاپا لطف چئي، ماري ويا مهجور
عمر ادا آئون ڏوٿي ڏسان ڪينڪي.
ايضاً غزل
محب ماڻا ڪريو تون مارين ٿو
سور دل جا سدا سڌارين ٿو
تون بڇين ٿو تير برهه جا تازا
نيڻ کڻيو جڏهن نهارين ٿو
قرب وارن قريب ڪوٺايو
پرت جا جام پر پيارين ٿو
عاشقن کي اها بشارت بس
پيش پنهنجي پرين پوڪارين ٿو
آهي حيران لطف هالائي
نت نوان ناز جنهن ڏيکارين ٿو.
ايضا مناجات فارسي
غمي دارم دوايش از تو جويم تن بيمار طبعم را طبيبي
پريشان دل فتادم از وطن دور، نظر فرما برين حال غريبي
درين آوارگي بيچار گشتم به تنهائي توبا قربت قريبي
ز لطف عام تو اميد دارم دعائي مستمندان را مجيبي
قصيدو طويل آهي. چيو وڃي ٿو ته مدينه شريف ۾ حاضري واري موقعي تي روضه اطهر جي سامهون پڙهيو هوائين. والله اعلم. (ڪاغذات قلمي ڪتبخانه ملا سانوڻي هالائي)
[b]آخوند رحمت الله سانوڻي هالائي
[/b] آخوند رحمت الله ولد آخوند محمد شاڪر سانوڻي چـڱو شاعر هو. ڪجھه فارسي ڪجھه سنڌي ڪلام سندس ڪتبخانه ۾ موجود آهي. هو فارسي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري ملازمت ۾ گھڙيو. ۽ ناري جيل (حيدرآباد) تي جيلر هو. ۽ اتان ريٽائرڊ ٿي اچي هالن ۾ ياد خدا ۾ مشغول رهيو. سندس فارسي ڪلام هيٺئين ريت آهي.
از اسقام و علل رنجور گشتم، کريما بخش يک شرب شفائي
علاج خويش را جز تو ندارم، دوائي درد من اخر نمائي
درود مصطفيٰ اولاد و اصحاب، طفيل او اجابت کن دعائي
فقير رحمت الله داغدار است، شهنشاها احب واسمع دعائي
آخوند صاحب 15 جمادي الثاني 1304 هه جي هن دنيا فاني مان گذاري ويو. ۽ پنهنجي خانداني قبرستان ۾ دفن ٿيو.
[b]مخدوم با يزيد هالائي
[/b] مخدوم با يزيد بن مخدوم عربي ڌيانو هالائي. هن ظاهري ۽ باطني علم پنهنجي والد بزرگ کان حاصل ڪيو. هو سڌي رسته تي صداقت هميشه فائدي ڏيڻ ۾ مستقيم رهيو. ڪيترن طالبن کائونس فائدو پرايو. (تحفت الڪرام)
سنڌ جي فتح ڪرڻ لاءِ جڏهن مرزا عبدالرحيم خان خانان سنڌ ۾ آيو هو ته واپس ٿيڻ وقت برهانپور ۾ شيخ عيسيٰ سنڌي، مسيح الاولياءَ سان بيان ڪيائين ته صوبه ٺٽه جي فتح واري زماني ۾ آئون مخدوم با يزيد جي خانقاهه ۾ ويو هوس، اتي درويشن جي هڪ جماعت ڏٺم، جن جا هٿ ته ظاهري ڪم ڪار ۾ رڌل هوا، مگر هنن جون زبانون قرآن جي تلاوت ۽ ذڪر الاهي ۾ مشغول هيون، سندن قلب نفساني خطرات جي دور ڪرڻ ۾ رڌل هوا، مان سندن سڳوري صحبت مان گھڻون ڪجھه فائدو پرايو ۽ اندر جو سوجھرو حاصل ڪيو. (تذڪره ابرار گلزار)
مرزا عبدالرحيم خان خانان سنڌ ۾ 998 کان 999 تائين هو، جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو، هن بزرگ جي وفات يارهين 11 صدي جي اوائل ۾ ٿي هوندي.
[b]مخدوم عبدالرؤف هالائي
[/b] عبدالرئوف بن مخدوم عمر ڀٽي هالائي، سهروردي طريقي جو فقير ۽ سنڌي شاعر ۽ عالم درويش هو. سموري زندگي فقط عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريائين ۽ پنهنجي وقت جي مشائخن ۾ وڏي عزت وارو هو. هن جون ڪرامتون شمار قطار کان ٻاهر آهن. ميان نور محمد ڪلهوڙو، سندس معتقد ۽ خدمتگذار هو. جنهن ڪري مخدوم صاحب جي اخراجات جو سمورو بار ميان صاحب تي هوندو هو. سن 1166هه ۾ هن دنيا فاني مان انتقال ڪيائين. ميان ابراهيم قاضي زاده هالائي سندس تاريخ ”ڪان ولياً رئوف الخلق“ جي فقري مان ڪڍي آهي. ( تحفت الڪرام)
ميان عبدالرئوف جي کيتي تان ڍل نه وٺڻ جي باري ۾ هڪ خط ميان نور محمد (شاه قلي) جي مهر سان اڄ تائين سندس خاندان ۾ موجود آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته ميان صاحب مخدوم صاحب سان تمام رعايت سان پيش ايندو هو.
مخدوم عبدالرئوف سنڌي زبان جو بهترين شاعر هو. فارسي علم عروض جي نموني تي سڀ کان پهريان هن صاحب ئي نظمون موزون ڪيون آهن، جي مولودن جي صورت ۾ عام طرح مولود خوان ماڻهو پڙهندا آهن. هن صاحب ٻه دفعا حج ڪيو ۽ پوئين حج جي سفر ۾ وفات ڪيائين.
[b]مخدوم عبدالحميد هالائي
[/b] عبدالحميد ولد مخدوم فتح الله (متوفي 13 صفر 1124) ڀٽي خاندان جو عالم فاضل بزرگ هو ۽ مخدوم عبدالرئوف موصوف جو تربيت يافته هو. پنهنجن وڏن جي درويشانه زندگي جو بهترين نمونو هو. سندس وجود ذي جود پنهنجي زماني ۾ نج برڪت ۽ خاص غنيمت هو. مخدوم عبدالرئوف کان پوءِ اهوئي فيض ورشد جو مالڪ بڻيو ۽ خلق کي هدايت ڏيندو هو.
حج جي فريضه ادا ڪرڻ کان فارغ ٿي جڏهن مدينه طيبه ۾ پهتو تڏهن اتي ئي وفات فرمايائين. (تحفت الڪرام)
مقالات الشعراءِ ۾ آهي ته مخدوم محمد حيات سنڌي ۽ مخدوم محمد قاسم تتوي جي قبر ۾ دفن ڪيو ويو. ٻي هڪ روايت آهي ته ازواج مطهرات جي قبه لڳ (جنت البقيع) ۾ کيس دفن ڪيو ويو. اهو واقعو 1171 ۾ ٿي گذريو. هيٺئين عربي فقري مان سندس تاريخ وفات نڪري ٿي.
اد خل الله الجنت في جوار المحبين
(از بياض مير صابر علي مرحوم ٺٽوي).
[b]شيخ طاهر اڏيرو لعل
[/b] چيو وڃي ٿو ته هو شيخ بهاءالدين ذڪريا ملتاني جو مريد هو. اصل ۾ هو هندو ڇوڪر هو. هو گھور ڪري ڪجھ ڪمائيندو هو. هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو دل ۾ الله تعاليٰ جي محبت ۽ شوق جو جذبو پيدا ٿيس. الله تعاليٰ جي نالي سکڻ لاءِ شيخ بهاءُالدين جي خدمت ۾ وڃي پهتو، جڏهن شيخ جي نظر ڪيميا اثر سندس وجود تي پئي، تڏهن اتي جو اتي هن جي حالت ئي بدلجي وئي. مسجد جي منبر تي چڙهي خطبو پڙهيائين. ان کان پوءِ مرشد کان تلقين حاصل ڪري مريد ٿيو. ان کان پوءِ هو سنڌ ۾ اچي جھيجي جي ڳوٺ ۾ رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. (ارشادالطالبين)
مير علي شير قانع لکي ٿو ته هن ولي جي ذات بابرڪات دنيا جي عجائبات مان آهي. هندو کيس لال اڏيرو سڏيندا آهن ته مسلمان وري شيخ طاهر.
بهرحال معتبر ذريعه سان معلوم ٿيل آهي ته هو حقيقت جي شراب کان متوالو شروع ۾ هڪ بيابان ۾ گذاريندو هو. هڪ ڏينهن ماني ٽڪر هٿ ۾ جھلي کائڻ جو ارادو ڪري رهيو هو ته اوچتو هڪ اٺ گلي مان ڇڄي هن بزرگ جي ڀونگي تي اچي بيٺو، فقير اٺ ۾ مظهر الاهي پسي کيس چيو ته سائين منهنجا مون تي احسان ڪري جو اڄ منهجي ڀنگي ۾ آيا آهيو. اجھو جيڪي حاضر آهي، سو کائي احسان فرمايو. اٺ کي ائين چئي رهيو هو. ٽاهڙ ۽ ڀڳل سو ڪٿي ٿو قرار ڪري، سو وٺي ڀڳو. فقير به اٺ جي پوئتان ڊوڙندو رهيو. آخر انهيءَ ڊڪ ڊوڙ ۾ جتي کيس پهچڻو هو، اتي پهچي ويو! جنهن کان پوءِ سندس مشهوري جو غلغلو بلند ٿيڻ لڳو، وفات کان پوءِ ڀات ڀات جا ماڻهو سندس مقبري تي اچن ٿا.
هر سال هڪ خاص ڏينهن تي هندو زالون سموري سنڌ مان اتي اچي گڏ ٿين ٿيون. ڪنهن پردي يا شرم کان سواءِ هو عجيب عجيب حرڪتون ڪنديون آهن. لال اڏيري جو نالو وٺي، جيڪڏهن ڪي ماڻهو انهن سان گڏجي نچندا آهن. هندو زالون پنهنجي مردن وغيره جو ڪوبه خيال ڪونه ڪنديون آهن. (تحفت الڪرام)
شيخ بهاءَ الدين زڪريا جي مريد هجڻ واري حالت ۾ شيخ طاهر لال اڏيرو 7 صدي جي رجالن مان سمجھڻ گھرجي. اگرچه هن جي تاريخ وفات ميسر نه ٿي آهي.
اڳ جنهن نموني هندو زالون نهايت بي پردگي سان لال اڏيري تي پٽ حاصل ڪرڻ لاءِ حرڪتون ڪنديون هيون. جنهن جو مير علي شير ذڪر ڪيو آهي. اڄ ڪلهه سڌريل زماني ۾ اهي رسمون تمام گھٽجي ويون آهن ۽ هندن ۾ ڪافي بيداري اچي چڪي آهي.
ملا علي ٺٽوي شيخ طاهر اڏيري لال جي شان ۾ هڪ ننڍو قصيدو لکيو آهي، جو درگاهه تي هڪ پٿر مٿان اڪيرايو ويو هو. (مگر هن وقت اهو قصيدو ۽ پٿر ضايع ٿي ويا آهن) قصيده هي آهي.
آن گوهر بهر وحدت حق
پروانه نور شمع مطلق
گنجور کنوز بادشاهي
منظور عنايت الاهي
مقبول مقربان درگاهه
يعني که اڏيره بن رتن شاهه
از فيض زيارتش همه غم
واکرده ز جان جمله عالم
(مقالات شعراءَ)
هن نظم مان پڌرو آهي ته سندس والد جو نالو ”رتن شاه“ هو. والله اعلم با الصواب.
[b]شيخ نوح کيبرائي
[/b] درويش نوح قوم جو هوٿياڻي سواءِ ڪنهن نام نمود جي خاموش وقت گذاريندو رهيو. سموري زندگي ٻڪرين چارڻ ۾ گذاريائين. هو وڏو عارف ولي ڪرامتن ۽ ڪشف جو مالڪ هو.
نقل آهي ته هالن ۾ هميشه مخدوم نعمت الله مخدوم نوح جي والد بزرگ جي خدمت ۾ اچي ڪجھه نه ڪجھه نذر نياز ڏئي ويندو هو. جڏهن مخدوم نوح پنهنجي والده جي پيٽ ۾ سنجريو، تڏهن درويش نوح هوٿياڻي جو ڪجھه به هديو آڻيندو هو سو مخدوم نعمت الله جي خدمت ۾ پهچائڻ جي بجاءِ مخدوم نعمت الله جي حويلي ۾ پهچائي ڏيندو هو. مخدوم نوح جي ولادت کان پوءِ درويش مخدوم نعمت الله وٽ پهچي فرزند جي مبارڪ باد ڏئي ۽ مخدوم نوح جو ٻارڙو هو، ان کي ڏسي، سندس قدم بوسي ڪري پوءِ پنهنجي ڳوٺ کيبري (جو هالن کان ٿوري مفاصلي تي آهي) واپس هليو ويو. ان کان پوءِ ستت ئي وفات ڪري ويو.
ڄام جوڻو سمه جڏهن ٺٽي جو حاڪم ٿيو، تڏهن هن پنهنجن ٻن عزيزن ڄام صلاح الدين ۽ ڄام تماچي کي، دهلي جي بادشاهه کي چغلي ڪري اتي قيد ڪرايو هو. ٻئي دهلي ۾ (سلطان فيروز تغلق وٽ) ڪيترو ئي وقت قيدي هوا.
آخر هو پنهنجي عقلمندي سان قيد مان ڇوٽڪارو لهي سنڌ ڏانهن روانا ٿيا، جڏهن کيبرن جي ڳوٺ وٽان لانگھائو ٿيا ته هڪ درويش (نوح هوٿياڻي) کي عارفانه صورت ۾ بيٺو ڏٺائون. ٻئي ڄڻا سندس پيرن تي ڪري، بيحد نيازمندي سان پيش آيا. ۽ پنهنجي تڪليفن ۽ حڪومت کان برطرف ٿيڻ جو سمورو احوال پيش ڪيائيون. درويش کين دلجاءِ ڏيندي فرمايو ته ٻه چار ڏينهن ٿيا آهن، جو آئون پکين جي واتان ۽ وڻن جي پنن مان اهو آواز ٻڌي رهيو آهيان ته سنڌ ۾ ڄام تماچي جي حڪومت آهي ۽ ڄام جوڻي جو خاتمو ٿي چڪو آهي. جڏهن اهي ٻئي ڀائر ٺٽي ۾ پهتا، تڏهن ڄام جوڻو ستت ئي وفات ڪري ويو ۽ سنڌ جي حڪومت ڄام تماچي جي حوالي ٿي. جنهن کان پوءِ ڄام سما هميشه شيخ نوح هوٿياڻي جا معتقد ٿي رهيا. شيخ جي وفات جو سن معلوم ناهي ۾ ٿي ۽ سندس مقبرو کيبرن ۾ مشهور معروف آهي.(ارشاد الطالبين و حديقة الاولياءَ).
[b]محمود مجذوب هالائي
[/b]خواجه محمد زمان بزرگ لواري وارن جي خدمت ۾ ننڍپڻ کان رهندو آيو ۽ سندس صحبت ۾ مجذوب الحال ٿي رهيو ۽ سندس وفات کان پوءِ لواري مان لڏي اچي هالن ۾ مقيم ٿيو.
هڪ دفعي خواجه صاحب پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ ويٺو هو ته کانئس پڇيائين ته هو محمود نالي هڪ ڇوڪرو اوهان جو مريد، جو اوهان وٽ رهندو هو، سو هاڻي ڪٿي آهي؟ خواجه صاحب فرمايس ته ان کي وري ڪونه ڏٺو آهي ڇا؟ عرض ڪيائين ته ڪيترو زمانو ٿيو آهي جو ان جو پتو ئي ڪونه ٿو ملي. خواجه صاحب پنهنجن مجلسن وارن ڏانهن منهن ڦيرائي فرمايو ته سڀاڻي بهشت ۾ هنن ماڻهن کي آندو ويندو. هالن ۾ رهڻ واري زماني ۾ ماڻهو ميوا ۽ کاڌي جا قسم کڻي اچي سندس واٽ وٺي بيهندا هئا ته من ڪنهن جي شيءِ مان ڪجهه کڻي کائي، پوءِ جڏهن به ڪنهن ماڻهو جي ڪا شيءِ کڻندو هو ته اهي ماڻهو سمجهندا هوا ته ان جي دل جي مراد پوري ٿيندي.
جنهن سال فقير عبدالرحيم گروهڙي ميرن واري خداآباد ڏانهن ظاهري عالمن جي مناظري لاءِ وڃي رهيو ته ان سفر ۾ هالن مان حضرت مخدوم نوحؒ جي مقبري کان اچي لنگهيو. گهوڙي تي سواري هئس، مجاورن فقير کي منع ڪئي ته سوار ٿي نه لنگهو پر گهوڙي تان لهي پئو ته ايتري ۾ مجذوب محمود به اچي اتي پهتو. فقير صاحب مجذوب پير بائي کي ڏسي ادب کان گهوڙي تان لهڻ ٿيو ته رڪيب جو دوال ڇڄي پيو. فقير صاحب گوڏن ڀر زمين تي ڪِري پيو. مجاورن چيو ته اسان منع ڪئي سون پر نه مڃيائين، اها کيس سزا ملي آهي. فقير عبدالرحيم ته مجاورن جي گفتگو تي توجهه نه ڪيو، پر مجذوب فرمايو ته ائين نه آهي، پر عبدالرحيم گوڏا هڻي قبي کي ڊاٺو آهي. آزر ٿيو به ائين جو درياء جي پائيندڙ ۾ قبو ڊهي پيو ۽ مخدوم صاحب جي جسم کي اتان کڻائي نون هالن ۾ آڻي دفن ڪيو ويو. 13صدي جي پهرين اڌ ۾ مجذوب هالن ۾ وفات ڪئي. (مرغوب)
[b]مولانا پير محمد هالائي
[/b]هڪ وڏو عالم، درس تدريس جو مالڪ ۽ مهمانواز بزرگ هو. هالن ۾ ايندڙ درويش ۽ بزرگن جي مهمانداري ۽ خدمت گذاري ڪندو رهندو هو. هڪ دفعي خواجه محمد ذڪي ولد خواجه محمد حنيف ولد خواجه عبدالاحد ولد خواجه امام محمد سعيد ولد خواجه شيخ احمد رباني مجدد الف ثاني حج جي ارادي سان ملتان مان ٿيندو، هالن اچي پهتو. هالن جي آب و هوا جي لطافت ڪري اُتي ڪجهه وقت رهي پيو، جتي مولانا پير محمد هالائي سندس خدمت ۾ ڪمر همت ٻڌي بيهي رهيو. خواجه صاحب جي خرچ لاءِ هڪ مودي وٽان اوڌر تي سيڌو وٺي انتظام ڪندا رهيا. جڏهن خواجه محمد زڪي هالن مان ٽٺي جي ارادي سان روانو ٿيڻ لڳو. تڏهن مولانا پير محمد دعا لاءِ استدعا ڪئي. خواجه صاحب فرمايو ڪهڙي دعا ڪريون. مولانا پير محمد عرض ڪيو ته مون کي اهڙي ڪشايش رزق نصيب ٿئي، جو سواءِ ڪنهن محتاجي سڀ ڪنهن مسافر کي ماني ڀور کارائيندو رهان. خواجه صاحب فرمايو، ٻيو به ڪجهه گهرجي؟ مولانا چيو، منهنجي ته فقط اها آرزو آهي، خواجه صاحب دعا ڪئي، پوءِ ته مولانا تي ايڏي فراخي ٿي، جنهن جي ڪا حد ڪانه آهي. آخر ڄمار ۾ مولانا پير محمد حج جو سفر ڪيو ۽ مڪہ مڪرمہ ۾ ئي وفات فرمائي ويو.
اهو واقعو 12صدي جي وچ ڌاري جو آهي. خواجه محمد ذڪي جي وفات سن 1143هه ۾ ٿي آهي. جنهن کان پوءِ مولانا پير محمد جي وفات جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. (مرغوب)
(ورتل تذڪره مشاهير سنڌ، جلد 3، ص ص 154-156)
[b]مخدوم ابراهيم ڀٽي هالائي
[/b]صوفي مخدوم محمد ابراهيم تخلص مخدوم احمد ڀٽي جي اولاد مان هڪ بزرگ ٿي گذريو آهي.
سنڌي فارسي زبان جو عمدو شاعر ۽ پوئين وقت جي شاعرن ۾ هڪ نامور شاعر ٿي گذريو آهي. علم، فضل ۽ تصوف ۾ ڏاڍو ماهر ۽ وقت جو معتقد عليه بزرگ هو. نظم کان سواءِ سنڌي نثر نويس به هڪ ئي هو. اردو ۾ هڪ ”نشتر“ نالي ناول پنهنجي زبان ۾ واقعي جي صحت جي لحاظ کان عجيب شيءِ آهي، جنهن جو سنڌي ۾ مخدوم صاحب ترجمو ڪيو ۽ اُن وقت جي سنڌي دانن کيس کي داد ڏنو.
مرحوم سيد اسدالله ٽکڙائي، قاضي هدايت متعلوي، رئيس شمس الدين بلبل ۽ ٻين وقت جي فاضلن، شاعرن سان طرحي مصرعن تي سندس شاعري يا مشاعرا، رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا.
افسوس جو هي بزگ 4- ربيع الاول 1331هه جي هن هلندڙ دنيا جي حياتي کان منهن موڙي، هميشه جي لاءِ آرام واري حياتي کي وڃي حاصل ڪيو. سندس معاصرين مان جن بزرگن وفات تي قطعات تاريخ لکيا آهن، تن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:
[b]علامه فدا ٽکڙائي
[/b]جناب حضرت صوفي ابراهيم
که برد سبقت در فضل و علم از همه اقران
فصيح و فاضل و فائق فهيم در فر فن
بحسن نظم نظامي و ثاني حسان
شنيد چو از حق ارجعي اليٰ ربک
گست از همه پيوست با خدائي يگان
ببار بارش غفران رحمتش يا رب
بحق سرور عالم شفيع انس و جان
سن وصال مکرم نجيب حق مخدوم
فدا نوشت به لوح مزار اور غفران
1331هه
ايضاله
فدا سال ترحيل آن محترم
رقم کرد ”مخدوم و الاتبار“
1331هه
شمس الدين بلبل مرحوم
چهارم مه ربيع الاول از شوق
همين سر الاهي گشت مکتوم
حق وصل آن خليل حق هاتف
بگفتا مقبره مخدوم مرحوم
1331هه
مرزا قليچ بيگ مرحوم
اي دريغا محمد ابراهيم
مرد مخدوم صوفي دوران
بچهارم ربيع الاول رفت
سوء جنت ز عالم گذران
صحبتش بس که بود روح افزا
خواستم سال فوتش از هاتف
در جوابم ”بگفت او غفران“
1331هه
ايضاله
فکر کردم براي سال وفات
آمد آواز درد غم الم
1331هه
(ورتل ’تذڪره مشاهير سنڌ‘، جلد-3، ص ص 196- 198)