ٽماهي مهراڻ جي سوانحي نمبر ۾ آيل هالا جي شخصتين جو احوال
[/b]سنڌ جو هر هڪ باشندو، عالم و فاضل خواهه چار اکر پڙهيل شخص، مرحوم مخدوم غلام حيدر صاحب جن کي بخوبي سڃاڻي ٿو: اڪثر کين ماڻهن ڏٺو هوندو، نه ته به ٻڌو ضرور هوندو. پاڻ صديقي قريشي خاندان جا فرد، ۽ حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليه الرحمته جي نمبر چوڏهين سجاده نشين، مرحُوم مخدوم ظهيرالدين عرف پروڄام صاحب، جا چوٿون نمبر فرزند هئا: ۽ نمبر پندرهين سجاده نشين، مرحُوم مخدوم غلام محمد صاحب، جا ننڍا ڀاءُ هئا. پاڻ 12ذوالحج سن 1316 هه ۾ تولد ٿيا. سندن اذان بعد نالو ”محمد سعيد“ رکيو ويو.
ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ خاص حافط ۽ عالم وٽ شروع ڪيائين: ٿوري وقت بعد هڪ ٻاهريون عالم مولانا شاهه محمد صاحب مرحُوم گھرايو ويو، جنهن وٽ به ڪجھه وقت تعليم ورتائون: آخر سندن والد بزرگوار کين ديوبند موڪليو، جتان تعليم جو مقرر ڪورس پڙهي دستار بندي ڪري موٽيا.
ان بعد، سندن والد مرحوم پنهنجو جملي ڪاروبار سندن حوالي ڪري، پاڻ آزاد ٿي ويٺا. انهيءَ وڏيءَ مشغولي هوندي به ادبي ۽ علمي صحبتن ۽ رهاڻن کي جاري رکيو آيا. پنهنجي خانداني ڪتبخاني ۾ وڏو اضافو ڪيائون. ۽ ٻاهران عالم، گھرائي، وقت بوقت وعظ ۽ نصيحت جون مجلسون منعقد ڪرائي، عوام کي مستفيض ڪندا رهيا. سنڌ جا وڏا وڏا مدرسا ۽ تعليم گاهون هميشه سندن همدرديون ۽ پيسي جي مدد حاصل ڪنديون رهيون. گھڻن تربيتگاهن ۽ مدرسن کي سالانه مقرر ٿيل وظيفا ڏيندا هئا. جي اڃا تائين قائم آهن.
جڏهن سنڌ جدا ٿي، سنڌ اسيمبلي وجود ۾ آئي، ته پاڻ سياست ۾ پڻ بهرو وٺڻ لڳا. ابتدا کان وٺي پنهنجي آخري عمر تائين، سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر رهيا ۽ اڳواڻ پڻ. هالا ميونسپالٽي ۽ هالا مسلم ليگ جا هميشه پريزيڊنٽ به رهيا، ۽ نهايت دانائيءَ سان انهيءَ قوم جي خدمت ۾ ڪامياب رهيا. ايڏين مصروفيتن جي باوجود به مطالعي ۾ هميشه مشغول رهيا.
چند ڪتاب به تصنيف ڪيائون، جي ڪجھه ڇپيل آهن ۽ ڪي اڻ ڇپيل.
حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليه الرحمة جن جي درگاهه تي هڪ عظيمالشان ورانڊ و سن 1301هه ۾ تعمير ڪرايائون، جنهن جو ڪم جمادي الاول سن 1351هه کان شروع ٿيو، ۽ 3 ذوالحج سن 1351هه تي مڪمل ٿيو.
5 جنوري 1942ع تي، هالن ۾ ”مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول“ برپا ڪرايائون، جنهن جو سنگ بنياد آنربل وزير تعليم پيرالاهي بخش رکيو. وري هاءِ اسڪول جي هاسٽل برپا ڪرايائون، ان کان بعد، هالن ۾ ”سروريه اسلاميه ڪاليج “ برپا ڪيائون، جنهن جو سنگ بنياد به آنربل پير الاهي بخش صاحب 2 مئي سن 1947ع تي رکيو. ازان سواءِ، ٻي به هر نموني ۾ علمي خدمت لا جواب ڪيائون.
دارفاني جي دستور موجب، هن جھان مان 26 رمضان سن 1372هه، مطابق 9 جون سن 1953، اڱاري جي ڏينهن، صبح جو نوين بجي، داربقا ڏي رحلت ڪيائون.
- مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“
[b]2. مولانا احمد مرحوم هالائي
[/b]مرحوم مولانا صاحب جن جي ولادت، حيدرآباد ضلعي [هاڻي مٽياري ضلعي] جي مشهور شهر هالا پراڻا ۾ تاريخ 7 جمادالثاني سن 1314 هجريءَ ۾ ٿي. سندن والد جو نالو مولوي محمد هالائي هو. مولانا صاحب جن ننڍي هوندي کان ئي طبيعت جا ذڪي، ذهين ۽ بالڪل هوشيار هوندا هئا - ايتريقدر جو صرف ارڙهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد بزرگوار وٽ قرآن شريف، فارسي جو سارو نصاب، ۽ عربيءَ جو جملي نظامي نصاب ختم ڪري دستار فضيلت ٻڌائون. سندن دستاربنديءَ جي رسم، تبرڪاً، حضرت مولانا و مرشدنا الحاج خواجه آقا حافظ محمد حسن جان صاحب مرحوم سر هندي جن کان ڪرائي ويئي هئي.
مولانا صاحب جن دستاربنديءَ بعد پنهنجي مدرسه محمديه ۾ درس ڏيڻ لڳا. سندن شاگردن مان مشهور شاگرد، مولوي محمد عرس، ڏاهري (متصل ٽنڊو آدم)، مولوي محمود سانوڻي هالائي، حڪيم شيخ حاجي عبدالواحد متعلوي، ۽ مولوي محمد هالائي (سندن فرزند) وغيره آهن.
مولانا صاحب جن پنهنجي مدرسي جي مهتمميءَ سان گڏ، تحرير نويسيءَ ۽ شرعي فيصلن جو ڪم به بلڪل گھڻي انداز ۾، باحسن الوجھه ڪندا هئا. سندن فنٖ افتاءَ ۽ تحرير نويسيءَ جي هاڪ سڄيءَ سنڌ ۾ هوندي هئي. حضرت مرحوم مولانا دين محمد صاحب ”وفائي“ (مشهور غير مقلد) به بسا اوقات کانئس فقهي تحقيقون ڪرائيندو ۽ مسئلا لکارائيندو هو - ۽ هميشه کين انهي فن ۾ داد ڏيندو هو.
مولانا صاحب جن پنهنجي سڄي عمر پنهنجي ئي ڳوٺ هالن پراڻن ۾ بسر ڪئي، تاهم سندن صحبت ان وقت جي چڱن چڱن عالمن سان هئي. انهن بزرگن مان مرحوم مولانا محمد صادق صاحب کــڏي وارو (ڪراچي)، مرحوم مولانا دين محمد ”وفائي“، مرحوم مولوي فتح محمد سيوستاني، مرحوم عبدالقيوم صاحب بختيارپوري، مرحُوم مولانا عبدالرؤف بختيارپوري، مرحوم مولانا حاجي عبدالله ڪبرائي، ۽ مرحوم مولانا محمد سليمان واعظ الاسلام ٿرڙائي جن جا نالا قابل ذڪر آهن.
مولانا مرحُوم جن حيدرآباد ۽ نوابشاهه ضلعن جا وڏا مفتي هئا. طريقو نقشبنديه هون، ۽ بيعت خواجه آقا حافظ محمد حسين صاحب سرهندي مجددي ٽکڙائيءَ سان هئن. سندن طبع بلڪل نرم، خوش اخلاق. مرنج مرنجان، بردبار ۽ ماٺيڻي هئي. موجوده قحط الرجال جي زماني ۾ سندن شخصيت اعليٰ درجي جي هئي: مطلب ته پاڻ صحيح معنيٰ ۾ بينظير عالم باعمل، نهايت پرهيزگار، مفتي، متشرع، زبردست فقيہ ۽ عالم حقاني هئا. پاڻ هميشه قومي خيال رکندڙ ۽ سياست جا ڄاڻو هئا. خلافت تحريڪ کان وٺي جيڪي به سياسي ۽ مذهبي تحريڪون وقت وقت ٿينديون رهيون. تن ۾ نه فقط همدرد ۽ معاون هئا، مگر پاڻ هڪ اعليٰ رڪن جي حيثيت سان مصروف عمل پڻ رهندا هئا.
مولانا مرحوم جن، 15محرم الحرام سن 1376 هجريءَ ۾، هالن پراڻن ۾ وفات ڪئي. سندن قبر پنهنجي والد بزرگوار جي قبر جي ڀرسان آهي. سندن ڀاءَ مولوي عبدالله صاحب، سندن تاريخ وفات هن طرح لکي آهي:
دريغار از وصالٖ مردٖ مبرور، مثال آمد تو گوئي نفخ جي الصور!
ز هجرت او چراغٖ فيض گل گشت، ز رحلتٖ او بر آمد ظلمت از تور.
ازين واقعہ جدائي جيد عالم، اهالي علم و عالم گشت رنجور.
جناب مولوي ’احمد‘ مدرس، ز دنيا رفت و علم دين شد دور.
اديب و عالم و مشفق محقق، فقيہ و فاضل و مفتي مشهور:
ز هر تلميذ عندالناس مشڪور، شد از تدريس عندالله ماجور.
بخمة عشر تاريخ محرم، شبِ خميس گشت آن ماه مهجور.
بسالٖ وصل او ”احقر“ چنين گفت: ”شده مشغولٖ حق و با خير مامور“. (1376)
- مولوي محمد هالائي
(هي مواد رسالي مهراڻ جي سوانح نمبر تان ورتو ويو آهي. جنهنجو پهريو ڇاپو 1958ع ۽ ٻيو ڇاپو ڊسمبر 1990ع ۾ ڇپيو.)