گلابن جو شهر هالا : انيس ابن اختر هالائي
(اختر هالائي)
هالا گلابن جو شهر آهي
هالا خوابن جو شهر آهي
هالا خوشبوئن جو شهر آهي
هالا آرزوئن جو شهر آهي.
هي شهر ڪاشيگرن جو شهر آهي
هي شهر ڪاريگرن جو شهر آهي.
هي ته سندر سپنن جو شهر آهي
هي ته پُرجوش جذبن جو شهر آهي.
هتي ته هر وقت گلاب ٽڙن ٿا
هتي ته هر مهيني محبتي مڙن ٿا.
هِتي ته هر سِرَ تي سَرور جو سايو آهي
اهوئي ته حاصلِ زندگي ۽ سرمايو آهي.
هِتي عالي به آهن ته موالي به آهن
سخي به آهن ته سوالي به آهن.
هالا جي هوائن ۾ قرب جا ڪبوتر اڏامن ٿا
هالا جي پولار ۾ پيار جا پاريل پرواز ڪن ٿا.
هالا ۾ نه رڳو درويشن جون درگاهون آهن
پر هالا ۾ ڪي جي کان ڪاليج تائين درسگاهون به آهن.
هن شهر ۾ وحدت جا ورق به آهن
ته هن شهر ۾ فڪر ۽ فرحي جا فرق به آهن.
مولائي به هتي ته موالي به هِتي
سائل به هتي ته سوالي به هِتي.
هيءُ نوح جي نگري آهي
هِتي ته زندگي ئي زندگي آهي
هِتي ته روشني ئي روشني آهي
هِتي ته آشتي ئي آشتي آهي.
هالا، هنر ۽ حرفت جو شهر آهي
هالا، علم ۽ ادب جو شهر آهي
هالا، سونهن ۽ صداقت جو شهر آهي
هالا، رمز ۽ رياضت جو شهر آهي.
هالا، جتي سچائيءَ جي سُوسي به آهي
ته محبت جو موٺڙو به آهي
قرب جي ڪاشي به آهي
ته جذبن جي جنڊي به آهي.
هالا، جتي موج به آهي ته مهراڻ به آهي
جتي سونهن به آهي ته سرهاڻ به آهي
جتي چنڊ به آهي ته چانڊاڻ به آهي
جتي دامن به آهي ته پهراڻ به آهي.
هالا جو هِندورو، جنهن تي چاهه جا چِٽَ چٽيل هجن. هالا جي ڇپر کٽ، جيڪا وصل جي واڻ سان واڻيل هجي، جنهن جي پيار جي پاوَن تي نينهن جا نقش هجن، اهي سڀ هالا جي هر گهر جي زينت آهن.
سائين! اجرڪ الفت جو آواز آهي
اجرڪ سچ جو ساز آهي
اجرڪ نياز به آهي ته ناز به آهي
اجرڪ رمز به آهي ته راز به آهي.
اڇي ڪوري لَٺي کي ويهاروکن ڪيميائي عملن سان گذارڻ بعد جڏهن کٽي کڻي اچي ٿو ته کٿوري جي خوشبو به وسريو وڃي- قرب جي ڪَڪِرائين اجرڪ، جنهن تي چاهت جا چِٽَ چڙهن ٿا ۽ الفت جي آسمان تي اجرڪ جون ڦلڙيون ستارن جيان جهرڪن ٿيون ته دل چوي ٿي ته ڪي مڙس مٿير هجن، مهمير هجن، مانجهي مڻيادار هجن، سونهن جا سردار هجن. جن جي ڪلهن تي هالا جو ستارن سان سينگاريل آسمان هجي.
سائين! هتي چاهتن جا چور به آهن ته دلين جا ڌاڙيل به آهن. هن شهر ۾ شفيقن جون شفقتون به ملن ٿيون، رفيقن جون رفاقتون به ملن ٿيون. هن شهر ۾ سچ ۽ سوڀ جا سعيد به آهن ته نوح جي نياز جا نويد به آهن. هن شهر پراون کي پنهنجو ڪيو، هن شهر اهنجن کي سنهنجو ڪيو.
ويڪرو، وڏو، ڪشادو، سرسبز، سائيه دار بڙ جي وڻ جيڏي هن شهر جي آغوش ۾ جو آيو، سو اگهيو. جنهن هڪ دفعو هتي پيرُ پاتو، اهو هميشه لاءِ هِتي جو ٿي ويو. ويڪرا وڏا بڙ جا وڻ وڍجي ويا، پر هالا جي دل ڄڻ درياه، سايُن ساين نِمن جا ڪنڌ ڪپجي ويا، پر هالا جي من ۾ ساڳي ممتا جي محبت.
آدم وڌندو ويو- پاڇا ڊگها ٿيندا ويا، ميدان ڍڪبا ويا، ڪالونيون ٺهنديون ويون، نوان محلا آباد ٿيندا ويا، وڏا وڏا اڱڻ سوڙها ٿيندا ويا، پر هالا جي دل سوڙهي نه ٿي. ويڪريون وڏيون گهٽيون گهرن ۾ گُم ٿينديون ويون، پر هالا ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي، ڀلا ڪنهن کي چئجي سڀ پنهن جا ئي ته آهن....... چون ٿا ته صديون اڳ ڪو مانجهي مڻيادار پنهنجي حجري مان نڪتو، سندس هٿ ۾ هڪ سِرَ هئي.
علم جي سِرَ، آگهَي آگهَي جي سِرَ
بندگي جي سِرَ، زندگي جي سِرَ
امن جي سِرَ، آشِتي جي سِرَ
سوجهري جي سِرَ، روشني جي سِرَ.
هِتي رکيائين هن جاءِ تي- انهيءَ اميد تي ته منهنجي هالا جا ماڻهو منهنجي رکيل سِرَ کي سِرَ کان به مٿي کڻي ويندا. ڄڻ چوندو هجي ته:
هڪڙي ڏيئي منجهان ٻرن ٿا هزار ڏيئا،
هڪڙو ڏيئو ٻاريو ڏيو ٿو وڃان.