گلان جو ڪوٽ ۽ خدا آباد (ثاني)
گلان جو ڪوٽ ۽ خدا آباد (ثاني)
گلان ڪوٽ جا آثار خدا آباد ثاني ۾ هئڻ ڪري اسان ان شهر جي باري ۾ مختلف محققن جي قلمي ڪاوشن جو ذڪر ڪنداسين، ته خدا آباد جو باني ڪير هو. ان شهر جو بنياد ڪهڙي سال ۾ پيو. ان کانسواءِ ان جي تباهيءَ جا ڪارڻ معلوم ڪنداسين، آخر ۾ باقي بچيل آثارن جي هاڻوڪي صورتحال تي نظر وجهنداسين. ڪافي تاريخدان خدا آباد ثاني شهر جو پايو وجهڻ جي پڳ ميان سرفراز ڪلهوڙي تي رکن ٿا. ڪجهه محقق وري ان راءِ سان متفق نه آهن. انهن جو خيال آهي ته ان شهر جو بنياد نور محمد ڪلهوڙي رکيو. ڪن هنڌن تي خدا آباد جو باني ميان مراد ياب کي بڻايو ويو آهي. ڪي ڄاڻو هن شهر کي خدا آباد ثالث لکن ٿا.
تاريخ جي اڪثر ماهرن جو رايو آهي ته ميان سرفراز 1188هه ڊسمبر 1774ع ۾ هن شهر کي پنهنجو تختگاهه بڻايو. ميان سرفراز جي ڏينهن ۾ ڪلهوڙا حڪومت سٺو نالو ڪمايو. ساڳئي وقت هن جي ڏينهن ۾ ئي ڪلهوڙا خاندان جي وچ ۾ ويڙهه شروع ٿي. نتيجي ۾ ڪلهوڙن پنهنجو تخت وڃايو. سنڌ جا حاڪم ٽالپر ٿيا. هوڏانهن ڪافي محقق ميان سرفراز کي خدا آباد جو باني نٿا مڃين.
مرحوم دين محمد وفائي جو خيال آهي، ته خدا آباد جو بنياد ميان نور محمد ڪلهوڙي وڌو هو. جيئن هن ”لطف اللطيف“ جي اٺين باب بعنوان ”وقت جي ڪن ماڻهن جون مخالفتون“ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته: ميان نور محمد ڪلهوڙي هالن لڳ نئين خدا آباد وسائي. ڊاڪٽر گربخشاڻي به هڪ خدا آباد جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، ته خدا آباد ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙو حڪومت ڪندو هو. پر هن ڪٿي به ان خدا آباد جي جاگرافيائي هنڌ جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي. هو لکي ٿو: شاهه جو ٽيون دشمن ميان نور محمد ڪلهوڙو (1718ع – 1753ع) هو، جيڪو سنڌ جو حاڪم ۽ ڪلهوڙن جو مهندار هو. ڪلهوڙا تن ڏينهن ۾ وڏي اؤج تي رسيل هئا. منجهن پيري مريدي ٻئي هيون. سندن گاديءَ جو هنڌ خدا آباد هو، جيڪو تڏهن وڏو عاليشان شهر ليکيو هو.
ڀيرومل مهرچند ان شهر کي خدا آباد نئين سڏيندي لکيو آهي: خدا آباد جو شهر نون هالن کان ڏيڍ ميل پنڌ تي آهي ۽ ٽنڊي آدم جي اسٽيشن کان ساڍا اٺ ڪوهه کن پري آهي. هيءُ شهرميان سرفراز خان ڪلهوڙي 1774ع ڌاري ٻڌايو هو. انهيءَ کان اڳ ڪلهوڙن جو تختگاهه اهو خدا آباد جو شهر هو، جيڪو دادو پاسي آهي. علي محمد سيال، عطر خان ولد ميان نور محمد جي ڪتاب ”نگيران سنڌ“ ۾ ذڪر ڪيو آهي: چون پدرم بزرگوار خيال کرد که يکي ميانوالي نزده موريا (موره) تعمير کنند، شيخ نجيب کبير و افرمود که برو ولنڳ خداآباد نزديکه مخدومان ما هاله کنده تعمير کنند که آن بهتر باشده. انهيءَ مان هي مطلب نڪري ٿو ته: شيخ نجيب الدين ڪبير منهنجي والد بزرگوار کي حڪم ڏنو ته هالا ڪنڊي جي ڀرسان نئون خدا آباد وڃي اڏ.
مختلف ڪتابن جو اڀياس ڪندي ۽ تاريخي حوالا جانچيندي اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته: خدا آباد کي تختگاهه بنائيندڙ سرفراز ڪلهوڙو ئي هو. تاريخي اڀياس ۽ مڪاني شاهديون ووڙيندي اهو ثبوت به ملي ٿو، ته هن خدا آباد شهر وٽ ميان سرفراز ڪلهوڙي جي تختگاهه بنائڻ کان پهريائين به ڪا وسندي آباد هئي، ڇو ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾ به هن شهر جو ذڪر مائي گلان جي حوالي سان ملي ٿو. ميان نور محمد جي وفات 1753ع ۾ ٿي آهي. جيئن ته ميان غلام شاهه ڪلهوڙو، نور محمد ڪلهوڙي ۽ مائي گلان جو پٽ هو. ميان غلام شاهه 1153هه/1740ع ۾ يرغمال ٿي پنهنجن ڀائرن سميت نادر شاهه سان ايران ويو، جتي اٺ سال گذاري 1163هه/1749ع ۾ واپس وريو. ميان نور محمد جي وفات بعد ميان غلام شاهه 1762ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽ 1772ع ۾ وفات ڪيائين. اهڙيءَ طرح رڳو غلام شاهه جو ايران وڃڻ ۽ مرڻ وارو عرصو ٻٽيهه سال بيهي ٿو.
جيئن ته خدا آباد شهر جو بنياد غلام شاهه جي مرڻ کان ٻه سال پوءِ 1774ع ۾ رکيو ويو، جنهن ڪري غلام شاهه جو ايران وڃڻ ۽ خدا آباد جو تختگاهه بنجڻ وارو عرصو چوٽيهه سال بيهي ٿو. ان مهل تائين مائي گلان جيڪڏهن جيئري هجي ها ته اها پيريءَ ۾ پير پائي چڪي هجي ها. گلان کي ايتري وڏي عمر ۾ خدا آباد تخت بنجڻ يعني 1774ع کان پوءِ اتي ڪوٽ ٺهرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. ان مان لڳي ٿو ته هتي اڳ ئي ڪو شهر آباد هو. مائي گلان ان کي سرفراز ڪلهوڙي جي تختگاهه بنائڻ کان اڳيئي ڪوٽ جوڙايو ويٺي هئي.
هونئن به ارضيات جا ماهر هن علائقي کي سترهين صديءَ جي شروعات کان وٺي زرخيز ۽ آباديءَ وارو سڏين ٿا. ارضيات جا ماهر 1550ع کان وٺي 1700ع کي ٿڌ وارو زمانو چون ٿا. ان دور ۾ هماليه جبل تي برف ڳرڻ ۾ رڳو پندرهن کان ٽيهه ڏينهن دير ٿي وئي. تنهنڪري دريائن ۾ پاڻي گهٽجي ويو. انهيءَ صديءَ بعد ايندڙ صدين 1701 عيسويءَ کان وٺي 1758عيسويءَ جو ذڪر ڪندي ايم.ايڇ پنهور لکي ٿو ته: ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ تبديلي آئي. ڪجهه گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙن تائين پهچائي ۽ ماڻهن جي آبادي چوڏهن لکن مان وڌي وڃي ٽيهن لکن کي رسي. نوان شهر اسريا، جن ۾ شهدادڪوٽ، قنبر، وارهه، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه، ميرپورخاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)، شهدادپور، نوشهروفيروز، خانڳڙهه (جيڪب آباد)، فتح ڳڙهه، جوهي، دوست علي، رتن ديرو(رتو ديرو) ۽ وڳڻ شامل آهي. ارضيات جي ڄاڻوئن جي ان راءِ مان ظاهر آهي ته ان دؤر ۾ درياء سنڌ ۾ گهڻي پاڻي جي موجودگيءَ جي ڪري سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ اناج ٻيڻو ٿي ويو. ساڳئي وقت ان عرصي دوران سنڌ جي آدم شماري به ٻيڻي ٿي ويئي، جنهن ڪري ڪلهوڙن کي نوان شهر آباد ڪرڻا پيا. جنهن ۾ خدا آباد نئين به شامل آهي. هاڻوڪي وقت ۾ به هالن جي ڀرسان خدا آباد ثاني شهر جا ڦٽوڙا ڪوٽ جا آثار ۽ قبرون خدا آباد جون تاريخي اهميت ٻڌائين ٿيون. ان تاريخي شهر جي باقي بچيل آثارن جي باري ۾ مختلف محققن پنهنجو اظهار هن ريت ڪيو آهي.
[b]خدا آباد جا کنڊر
[/b] هي کنڊر ڪيپٽن ووڊ 36- 1835ع ڌاري ڏٺا هئا. هو ٻڌائي ٿو ته: خدا آباد جا کنڊر هالا کان اتر- اولهه طرف اٽڪل ٽن ميلن جي پنڌ تي آهن. جيڪي ٻن ميلن ۾ پکڙيل آهن. هي جڳهه ٽالپرن جي دلپسند رهائشگاهه هئي. ۽ منجهس ڪيترن ئي ٽالپري سردارن جون قبرون آهن. انهن مان هڪ ٽالپري حڪمراني جو پايو وجهندڙ فتح خان ۽ سندس ڀاءُ غلام علي دفن آهن. ڀر واري مزار ۾ بهرام، بجار ۽ صوبدار ٽالپر گهراڻي جا مک دفن آهن، جن ڪلهوڙن جي پوئين حڪمران جا بي انتها انتقامي ظلم سَٺا. مير فتح علي جو مقبرو ننڍو پر صاف آهي ۽ ڳاڙهي رنگ جي پٿر سان جوڙيل آهي. سنگ مرمر جو ڪم دعا واري جاءِ تي قبر جي سامهون ٿيل آهي. ٻيا مقبرا هن کان وڌيڪ سادا آهن. ٽي سردار هڪ ساڳئي قلعي تي دفن ٿيل آهن. سندن قبرن کي ٺُلهن تي ٺهيل رانئڪن سان ڍڪيو ويو آهي. خدا آباد ۾ مٿي ڄاڻايل رانئڪون ئي بچي ويون آهن، باقي ٻي اهڙي ڪا به جاءِ نه آهي، جيڪا سڄي ساري سلامت تهجي وئي هجي. ٽيهارو سال کن کان به وڌيڪ عرصو گذريو آهي، (هاڻي هڪ سؤ پنجويهه سال) جو هي آدم شماري ۽ پکيڙ جي لحاظ سان حيدرآباد جي مقابلي جو شهر سمجهڻ گهرجي. سنڌ جون عمارتون ڏاڍيون جلد ۾ تباهه ٿيندڙ آهن.
اليگزينڊر برنس، ليفٽيننٽ ليچ، ڊاڪٽر لو ۽ ليفٽيننٽ ووڊ 1835ع کان 1837ع تائين هندستان جي باري ۾ برٽش انڊيا کي رپوٽون پيش ڪيون هيون. انهن رپورٽن کي نظر ۾ رکي ايڊورڊ ٿارنٽن هڪ گزيٽيئر 1844ع ۾ شايع ڪرايو، جنهن ۾ خدا آباد جو احوال هن انداز سان ڪيو آهي: حيدرآباد کان ٽيهه ميل اتر ۽ سنڌوءَ کان ڏهه ميل اوڀر ۾ هڪ اجڙيل شهر آهي. ٽيهن سالن کان ٿورو اڳ هن شهر پکيڙ ۽ آدم شماري ۾ حيدرآباد سان ڪلهو ٿي هنيو. هاڻي هڪ به وسندڙ آباد گهر ڪونهي. کنڊر ٻن چورس ميلن ۾ پکڙيل آهن.“ ٿارنٽن اڳتي لکي ٿو ته: ”1844ع ۾ ڪا به عمارت رهڻ لائق ڪا نه رهي هئي. مير فتح علي خان جو مقبرو ڪنهن به طرح ننڍڙو ڪو نه آهي. اهو حيدرآباد ۾ مير ڪرم علي خان جي مقبري جيترو ۽ ڪاشيءَ جي خوبصورت سرن سان سينگاريل آهي.“
ڀيرومل مهر چند آڏواڻي 1923ع کان اڳ خدا آباد جو حال ٻڌائي ٿو ته: ”1814ع تائين هيءُ نئون شهر اهڙو وسيل هو، جهڙو حيدرآباد جو شهر انهيءَ سال هو. پر 1844ع ڌاري هن خدا آباد جو اهڙو حال ٿيو جو منجهس نالي لاءِ هڪ گهر به نه بچيو. هن وقت (1923ع کان اڳ) خدا آباد جو شهر ماٺيڻن جو قبرستان آهي.“ مولائي شيدائي به خدا آباد ثاني جي تختگاهه ٿيڻ ۽ کنڊرن ۾ تبديل ٿيڻ جو ذڪر ڪيو آهي: ”هالن کان ڏهن ميلن جي مفاصلي تي خدا آباد جو شهر هو، جيڪو ميان سرفراز خان اباڻي تخت گاهه جي يادگار طور تعمير ڪرايو هو. مير بجار خان جڏهن مڪي کان موٽيو هو ته ان زماني ۾ ٽالپر هن شهر ۾ رهندا هئا.“ ٿارنٽن جو بيان آهي ته: ”خدا آباد وڏو شهر هو، جيڪو 1814ع ۾ ويران ٿي ويو. سندس نشان ٻن چورس ميلن ۾ اڃا تائين بيٺل آهن.“ اسان کي برطانيا سرڪار جي مختلف رپورٽن مان خبر پئي ٿي ته انگريز جڏهن سنڌ ۾ آيا، ان وقت خدا آباد شهر ۾ رڳو هڪ سئو گهر آباد هئا. ٽالپر امير به لڏي اچي هن شهر ۾ رهڻ لڳا هئا.
پروفيسر محبوب علي چنا خداآباد ثالث جي قبرستان جو احوال ڪندي پڇاڙيءَ ۾ ڪوٽ لاءِ ٻڌايو آهي، ته هن قديم مقام جي اتر اولهه ۾ سڏ جي پنڌ تي گلان جو ڪوٽ جا نشان بيٺل آهن، جنهن ۾ سنڌ جي ٻن روحل راڻي وڏي ناز ۽ انداز سان پنهنجا شاهاڻا ڏينهن گهاريندي هئي. ”معلوم ٿيو ته پڇاڙيءَ جو مقبري توڙي ڪوٽ جي سنڀال لاءِ پوين مير صاحبن پنهنجي هڪ جهوني وفادار شيدياڻي مائي زهرا کي مقرر ڪيو هو، جيڪا پنهنجن پوين پساهن تائين اتي رهي وفاداري ۽ صداقت جو ثبوت پڻ ڏنو. مرزا عباس علي بيگ به خدا آباد نئين جو احوال هن ريت ڪيو آهي: ميان سرفراز خان ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي اتر طرف خدا آباد جو نئون شهر ٻڌائي ان کي پنهنجو تختگاهه مقرر ڪيو هو. هي شهر ستن ميلن جي ايراضي ۾ هو ۽ ان وقت ٺٽي کان پوءِ هي ٻيو نمبر شهر هو. ٽالپر امير به لڏي اچي هن شهر ۾ رهڻ لڳا. هيءُ شهر 1772ع ۾ تعمير ٿيو ۽ 1814ع ۾ ويران ٿيو. سندس کنڊر ٻن چورس ميلن ۾ آهن.
ايتري ٿوري عرصي ۾ خدا آباد شهر جي تباهه ٿيڻ جا ڪارڻ جتي گهرو لڙايون ۽ ٻاهرين جا حملا هئا، اتي اقتصادي ۽ قدرتي عنصرن به ان شهر کي ويران ڪرڻ ۾ حصو ورتو. اقتصاديات جي ڄاڻوئن جو خيال آهي، ته سنڌ جا گهڻا شهر درياء جي وهڪرن جي تبديلي جي ڪري برباد ٿيا. ان ڦيرڦار جي ڪري درياء جي پاڻيءَ ۾ لٽ جمع ٿيڻ شروع ٿي. درياء وسندين کان پاسيرو وهڻ لڳو، جنهن ڪري اهڙيون وسنديون آهستي آهستي دنيا جي نقشي تان مٽجڻ لڳيون. جيڪڏهن اتفاق سان ڪي اهڙا شهر گهڻو عرصو درياء جي لٽ ۾ دٻجڻ کان بچيل رهيا، ته به آبپاشي ۽ زراعت لاءِ مناسب پاڻي نه هئڻ ڪري پوکي ٿي نه سگهي. ساڳئي وقت جانورن جي لاءِ گاهه پٺو نه هئڻ ڪري ماڻهن جون معاشي حالتون خراب ٿي وڃن ٿيون. نيٺ اهڙين ڀريل تريل آبادين ۾ به بربادي پنهنجا پير کوڙڻ شروع ڪري ٿي.
جيئن ته سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري سنڌوءَ پنهنجو هالن جي ويجهو پراڻو رخ تبديل ڪرڻ شروع ڪيو هو، جنهن رستي تي اهو پنج سئو سال وهيو هو. ان تبديليءَ ڪري هالن جي آسپاس لکين ايڪڙ زمين غير آباد ٿيڻ شروع ٿي. ايم.ايڇ.پنهور ان لاءِ لکي ٿو ته: ”1758ع ۾ درياء پنهنجو وهڪرو بدلايو ته ڏهه لک ايڪڙ زمين غير آباد ٿي. گهرو ويڙهه شروع ٿي وئي، جيڪا پنجويهن سالن تائين جاري رهي. ڪلهوڙن کان ٽالپرن حڪومت کسي ورتي، پر وري ٿڌ وڌڻ ڪري درياء ۾ پاڻي گهٽ رهيو ۽ رڳو ٿورا نوان واهه ٺهيا ۽ نئين زمين جي آبادي ۾ معمولي اضافو ٿيو. اهڙي طرح خدا آباد نئين جي آسپاس به زمينون ويران ٿيڻ ڪري ماڻهن لڏپلاڻ شروع ڪئي ۽ آهستي آهستي هڪ وسيل شهر ڀڙڀانگ ٿي ويو.“
اسان جڏهن خدا آباد ثانيءَ جي باري ۾ مختلف تاريخي ورق ورائڻ کان پوءِ نقشا ساڻ ڪري سرزمين تي پهچون ٿا، ته اتي شهر جا ڪي به آثار سڏ وراڻي نٿا ڏين. ماڻهن ڪلهوڙن جي ان تخت گاهه کي ڀڃي ڀوري پوکي شروع ڪئي آهي. ان پراڻي خداآباد شهر جي ڀرسان هڪ نئون ڳوٺ ساڳئي نالي سان آباد ٿي ويو آهي. خدا آباد جي اوائلي ڳوٺ هاڻوڪي وستيءَ کان ڪجهه قدر اوڀر طرف آهي. هاڻوڪو واهڻ ڪافي بعد ۾ آباد ڪيو ويو آهي. مڪاني ماڻهو خدا آباد شهر جو آثارن جي باري ۾ احوال ڪن ٿا ته اتي ڪافي انگ ۾ جايون جڙيل هيون. اڄ کان پنجاهه سال کن اڳ به انهن جاين جي اهڃاڻن جو وجود هو. بعد ۾ ڳوٺاڻن باقي بچيل آثارن کي به ڊاهي اتي پوکي راهي شروع ڪئي. ڪافي مڪاني بزرگن پنهنجو ننڍپڻ ياد ڪندي ٻڌايو ته: اتي گهڻيون جايون ڪچيون ۽ اوڏڪيون هيون. جتي اسان ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ لڪ لڪوٽي ڪندا هئاسين. اتان جي جهونن کان اها به ڄاڻ ملي ته هاڻوڪي ڳوٺ جي اوڀر ڏکڻ پاسي تي ميان سرفراز ڪلهوڙي ۽ مائي گلان جون وڏيون ماڙيون پڻ هيون، جيڪي سندس (مڪاني بزرگ) سانڀر ۾ تباهه ٿي ويون.
خدا آباد شهر ۾ انهن ماڙين، مڪانن ۽ بازارن وغيره جا کنڊر ته زمين تان غائب ٿي ويا آهن. البت شهر خموشان جي مقبرن، تجرن ۽ چوکنڊين جي سينن اندر اڄ به ان جا پراڻا رهاڪو ستا پيا آهن. گورستان سان گڏ ئي هڪ ڪچي ڪوٽ جو لاوارث هڏائون پڃرو پيو آهي، جنهن جو ماس زماني جون ڳجهون روڙي ويون آهن. ڪوٽ جي ظاهري صورت ايتري موهيندڙ نه آهي، تنهن هوندي به اهو خدا آباد شهر جي عظمت جو چٽو اهڃاڻ آهي. هن ڪوٽ کي مڪاني ماڻهو ”گلان جو ڪوٽ“ چون، ڪي هن کي ’ڪلهوڙا ڪوٽ‘ ڪوٺين. هڪ مني صدي کان مٿي ڄمار واري پوڙهي احوال ڏيندي چيو ته: اهو ڪوٽ ڪلهوڙن ٺهرايو هو. اسان ننڍپڻ کان وٺي وڏڙن کان ڪلهوڙا ڪوٽ ٻڌو آهي. مائي گُلي اسان هاڻي ٻُڌي آهي.
ڪافي دوستن جو اهو خيال آهي ته هي ساڳيو خدا آباد جو قديم ڪوٽ آهي، جنهن جو تاريخ ۾ ڪيترا ڀيرا ذڪر اچي ٿو. ان ڪوٽ تي ئي افغانن ۽ ٻروچن ڪاهون ڪيون هيون. تاريخ جا ڄاڻو ۽ ڪوٽ جا پاڙيسري، ڪلهوڙا دؤر جي ان ڪوٽ کي مائي گلان جي نالي سان منسوب ڪن ٿا. اسان کي تاريخ ۾ گلان جو ذڪر شاهه عبداللطيف جي حوالي سان ملي ٿو. سنڌ جي تاريخ جي مختلف پانڌيئڙن مائي گلان جي سونهن، فن ۽ نرت جو ذڪر ڪيو آهي.
مرزا قليچ بيگ، شاهه ڀٽائيءَ جو گلان کي دعا ڪرڻ ۽ کيس پٽ ميان غلام شاهه جي ڄمڻ جو احوال ڪيو آهي، چون ٿا ته ميان نورمحمد ڪلهوڙي کي جو غلام شاهه پٽ ڄائو، سو شاهه صاحب جي دعا سان ڄائو. هڪڙي ڀيري ”گلان“ نالي ڪڃري، شاهه صاحب جي زيارت ڪرڻ لاءِ آئي هئي ۽ دعا پنڻ جو ارادو هئس. پوءِ پنهنجي ڳائڻ وڄائڻ سان فقيرن کي اهڙو خوش ڪيائين جو راڳ جي اثر کان روئڻ ۽ حال ۾ اچڻ لڳا. انهيءَ حالت ۾ ”گلان“، شاهه صاحب کي عرض ڪيو ته: اي حضرت، مون کي دعا ڪر ته آءٌ پنهنجي واري ٿيان. سکيو ستابو گذارن ڪريان ۽ عاقبت خير جي گذريم. پوءِ شاهه صاحب، الله جي درگاهه ۾ هٿ کڻي دعا ڪئي: اي گلان! تون سنڌ جي حاڪم جي راڻي ٿيندين ۽ توکي پٽ ڄمندو، جيڪو سنڌ ۾ سڀني عباسين جو سردار ٿيندو. نالي ناموس ۾ پيءُ کان وڌيڪ ٿيندو. دعا جو اثر جلدي ٿيندو. دير ڪا نه ٿيڻي آهي.
ڀٽ تي اهو واقعو ٿيو، ته شاهه جي دشمنن منجهان ڪنهن ماڻهو ڊوڙي وڃي ميان نور محمد کي ٻڌايو ته شاهه عبدالطيف کي سندس مريد پيا ٻُڌائين ته ههڙو الله جو عبادتي آهي، پر سندس حال هي آهي جو ڪڃريون سڏايو پيو راڳ ٻڌي ۽ انهن جو ناچ پيو ڏسي. ميان نور محمد پنهنجا ماڻهو ڊوڙايا ته وڃي سماءُ لهي اچو ته اها ڳالهه سچي آهي يا ڪوڙي؟ جي ڪا سچ پچ ڪڃري هجي ته انهيءَ کي به وٺيو اچو ته روبرو شاهه صاحب جي خبر چار وٺون.
اهي ماڻهو اڃا ڀٽ تي ڪين پهتا هئا ته گلان، شاهه صاحب کان موڪلائي اٿي، شاهه صاحب چيس: گلان! تڪڙ نه ڪر، ترس ته ڀلي موتين جا خريدار اچن. ائين ڪندي ميان نورمحمد جا ماڻهو اندر گهڙي آيا. کنڀڙين کان وٺي گلان کي ٻاهر وٺي ويا ۽ هڪدم ميان نور محمد وٽ آندائونس. ميان هن جي سونهن ۽ جواني ڏسي عاشق ٿي پيو ۽ ڀانيائين ته ساڻس صحبت ڪري، پر گلان هٿ لائڻ نه ڏنس ۽ چيائينس: ميان، جي شرع موجب نڪاح وجهندين ته آءٌ سڄي ساري تنهنجي ملڪ آهيان. ائين مون کان هرگز ڪو نه ٿيندو.
ميان کي عشق جي باهه تپائي ڏنو. اهڙو لاچار ٿيو جو ان وقت ئي قاضي گهرائي، کڻي نڪاح وجهايائين. پوءِ ان مان غلام شاهه ڄايس، جو ان کان پوءِ سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو. اهو شاهه صاحب جو مريد هو ۽ انهيءَ جي حڪومت سنه 1754ع ۾ شاهه ڀٽائي گهوٽ جو قبو جڙيو. هن جو شاهه صاحب ڏي ايترو ارادو هو جو هزارين رپين جا انهيءَ قبي تي لڳايائين. تنهن جو تمام پڪو بنياد وجهايائين. قبو ۽ نيلون ايترو مٿي جوڙايائين جو صبح سانجهي پنهنجي شهر خدا آباد کان انهن کي پيو ڏسندو هو ۽ پاڻ ڪڏهن ڪڏهن شاهه صاحب جي زيارت لاءِ ايندا هئا.
گلان جي باري ۾ اسان کي تمام گهٽ مواد ملي ٿو. ڪن مؤرخن رڳو گلان جي باري ۾ اشارا ڏنا آهن، جيڪي به تقريبن بيان جي خيال کان هڪ ٻئي جو نقل آهن. گلان جي باري ۾ مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو: هڪ ڀيري گلان نالي هڪ نوجوان سونهن سوڀيا واري ڳائيندڙ عورت، شاهه صاحب جي خدمت ۾ دعا پنڻ لاءِ آئي ته هن جي پڇاڙي خير سان گذري. چون ٿا ته هڪ مجلس ۾ هن اهڙي دردناڪ انداز ۾ ڳاتو جو شاهه صاحب ۽ فقيرن جي جماعت ۾ روڄ ۽ بيخودي طاري ٿي وئي. ان موقعي تي گلان عرض ڪيو ته هن ڌنڌي کان بچي پوان، حلال جي روزي کاوان ۽ باقي عمر آسودگيءَ ۽ آرام ۾ گذاريان. شاهه صاحب فرمايو ته: تنهنجي سنڌ جي بادشاهه سان شادي ٿيندي ۽ تنهنجي پيٽان به بادشاهه ڄمندو جو پنهنجي والد کان وڌيڪ نامور ۽ نيڪ هوندو. ڪن چغلن وڃي ميان نور محمد کي ٻڌايو ته هي ڏسو جو شاهه عبداللطيف پاڻ کي درويش ٿو سڏائي، هوڏانهن ڪڃرين جا راڳ ٿو ٻڌي. ڀلا، ڀلارن صوفين ۽ فيض واري فقيرن جا اهڙا پرڪار ٿيندا آهن؟ ميان نور محمد حڪم ڏنو ته هڪدم وڃي حالتون معلوم ڪريو. هڪ پاسي کان ميان صاحب جا ماڻهو روانا ٿيا ۽ ٻئي طرف گلان، حضرت شاهه صاحب کي موڪل وٺي موٽڻ جي ڪري رهي هئي. شاهه صاحب فرمايس ته ڪجهه ڌيرج ۽ دير ڪر، پوءِ ڀلي هلي وڃ. ائين گفتگو ٿي رهي هئي، ته ميان صاحب جا ماڻهو پهچي ويا. گلان کي گهلي وڃي نور محمد جي ڪچهريءَ ۾ کڙو ڪيائون. ٿيو ڇا جو ميان صاحب پهرينءَ نظر جو شڪار ٿي ويو. هن گلفام نازڪ اندام جي ڪارن ڪاڪلن جي ڪاريهرن کيس ڪهي رکيو. آخر گلان کي راضي ڪري انهيءَ رات نڪاح پڙهائي پنهنجين راڄ راڻين ۾ شامل ڪيائين. انهيءَ گلان جي پيٽ مان ميان غلام شاهه ڪلهوڙو پيدا ٿيو. جنهن جهڙو عادل ۽ سخي ۽ خوش بخت بادشاهه سنڌ کي ڪڏهن به نصيب نه ٿيو آهي، ان ڪري هن ڀٽ جي ويجهو ئي پنهنجي رهائش لاءِ اهو ڪوٽ جوڙايو هو، جيڪو اڄ به سندس نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
[b]مائي گلان جي قبر
[/b] مائي گلان جي قبر ڪلهوڙا دؤر جي پراڻي تختگاهه محمدآباد وٽ آهي. ميان نور محمد ڪلهوڙو جڏهن سنڌ جو والي هو، تڏهن هن ايراني حملن کان بچاءَ جي خيال کان ميان جان محمد ڏاهريءَ کان هڪ هزار ايڪڙ زمين خريد ڪري محمود آباد جو شهر ٻڌايو. ميان نور محمد پنجٽيهه سال حڪومت ڪئي، جنهن مان هن تختگاهه ۾ ويهي چار سال سنڌ جي قسمت جا فيصلا ڪيا. هن جڏهن جيسلمير ۾ وفات ڪئي ته سندس وصيت موجب کيس محمود آباد ۾ آڻي دفن ڪيو ويو. ان بعد هي شهر تختگاهه مان ڦري مدفن گاهه بڻجي ويو. هن چوهٺ ايڪڙن ۾ ڦهليل قبرستان ۾ ميان نور محمد ۽ سندس گهرواريءَ بيگم گلان جي مقبري سميت سندس اميرن، وزيرن ۽ سپهه سالارن جا مقبرا آهن.
گلان جي قبر ميان نور محمد جي مقبري جي اتر اولهه ڪنڊ تي ٽي سئو فٽن جي فاصلي تي هڪ تجر اندر آهي. تجر جي ڊيگهه سورهن فوٽ، ويڪر ويهه فٽ ۽ اوچائي تيرهن فوٽ کن ٿيندي. تجر کي اوڀر پاسي محرابي در ٺهيل آهي ۽ سندس اتر ۽ ڏکڻ ۾ پڻ محرابي دريون آهن. تجر جي ڀتين جي ٿولهه ٽي فوٽ آهي. مزار جي بناوٽ ۾ سنهيون خوبصورت سِرون استعمال ڪيل آهن، جن تي پلستر مٿان چن جو رنگ ڏنل آهي. تجر مٿان چئن ڪنڊن تي ۽ تجر جي ڇت جي وچينءَ ڪنڊ تي به ٻه نيليون بيهاريون ويون آهن.
تجر جون ڀتيون اندران توڙي ٻاهران پينلن ۾ ورهايل آهن، جن تي رنگن سان سهڻا گل ۽ گلدان نقش ٿيل آهن. ان گلڪاري ۾ ڳاڙهو رنگ گهڻو استعمال ٿيل آهي. تجر جي اندر وچ تي فرش کان ڏيڍ فوٽ کن مٿي بيگم گلان جي اڪيلي قبر آهي. اها سادي قبر ڏيڍ فوٽ ويڪري ۽ ساڍا پنج فوٽ ڊگهي ٿيندي. جنهن تي لسو پلستر ٿيل آهي.
[b]ڪوٽ گلان
[/b] گلان جو ڪوٽ 23 ء 68 اوڀر ۽ 49 ء 25 اُتر حيدرآباد (هاڻي مٽياري) ضلعي جي تعلقي هالا ۾ آهي. هيءُ ڪوٽ هالا شهر کان ٽي ڪلو ميٽر اتر پاسي آهي. ڪوٽ جا آثار درياء سنڌ جي کاٻي ڪپر تي ٻاهرين بچاءَ بند وٽ ديهه ڪيريا ۾ ڦهليل آهن. کنڊر اٺ ڏهه ايڪڙن جيتري جاءِ والارين ٿا.
گلان جو ڪوٽ ڪچي مٽيءَ سان ٺهيل آهي. ان اوڏڪي چورس اڏاوت ۾ ڪٿي ڪچيون سرون به لڳل آهن. ڪجهه اهم ۽ نازڪ حصن ۾ پڪين سرن جو استعمال به نظر اچي ٿو. پڪيون سرون گهڻو ڪري برجن وٽ ڪتب آنديون ويون آهن. ڪوٽ ۾ اندر ڪن هنڌن تي عمارتن جا اهڃاڻ ملن ٿا. ڪوٽ جي اندرين سطح آسپاس جي زميني سطح کان ڪجهه فوٽ بلند آهي. خاص اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڪوٽ ڪنهن ننڍڙي دڙي تي جوڙيو ويو آهي يا اڏاوت وقت هٿرادو ڀراءُ ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڳالهه جو به امڪان آهي، ته ڪوٽ اندر ٺهيل ماڙين ۽ محلاتن جو ڀنجو ڪوٽ جو پيٽ اڀارڻ ۾ ڪارائتو ٿيو هجي.
[b]ڪوٽ تي حملا
[/b] اسان کي تاريخ جي پردي تي ڪلهوڙن جي هن تختگاهه جي ڪوٽ تي ڪيترائي حملا ٿيل نظر اچن ٿا. جن مان ظاهر آهي ته هي ڪلهوڙن جو ڪوٽ پنهنجي دؤر ۾ دفاعي اهميت جي خيال کان سنڌ ۾ اهم مقام والاريندو هو. ان لاءِ ڀيرومل مهرچند لکي ٿو: ”ان جي اتر ڏي ڪلهوڙن جو قلعو آهي، جنهن ۾ مير بهرام ۽ مير صوبدار سان غضب ٿيو.“
ڪلهوڙن جي حڪومتي دور ۾ ٽالپرن کي وڏي اهميت هئي. غلام رسول مهر ٽالپرن جي حيثيت هن ريت بيان ڪئي آهي: محمد سرفراز جي حڪومت جو سلسلو خوشگوار نموني هلندڙ هو. مير بهرام ٽالپر پنهنجي تدبر، جوانمردي، وفاداري ۽ عزيزن ۽ ملازمن جي گهڻائي ڪري غلام شاهه جي وقت کان وٺي ممتاز حيثيت رکندڙ هو. ميان سرفراز خان جو به مخلص صلاحڪار هو. ”راجا ليکي“ ميان صاحب تي وڌيڪ حاوي هو. هن کي ٽالپرن جو اقتدار پسند نه هو ۽ ڪوڙيون ڳالهيون جوڙي ميربهرام جي خلاف ميان جي دل ۾ بدگمانيون پيدا ڪرڻ لڳو. نيٺ انهيءَ بدگماني رنگ لاٿو. ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جا سالن جا تعلقات دشمنيءَ جو روپ وٺڻ لڳا، جيڪي اڳتي هلي جنگاڻ جو سبب بڻيا، جنهن ۾ مير بهرام ۽ ٻيان سردار مارجي ويا.
بهرحال، سرفراز خان، راجا ليکي جي چرچ تي مير بهرام ۽ سندس پٽ کي قتل ڪرائڻ جو ارادو ڪيو. فتحنامي جو بيان آهي: مير بهرام خان خاص ڪچهري ۾ آيو... فريب خورده سرفراز ريشم جي ڪپڙي ۾ ويڙهيل هڪ خط ڪڍي مير بهرام جي هٿ ۾ ڏنو ۽ چيو ته هي بجار جو خط آهي. بهرام خط هٿ ۾ وٺي عينڪ لڳائي پڙهڻ لڳو ته حسين هرڙاڻي نالي هڪ شخص اچي کيس تلوار هنئي ۽ هن سياسي ميدان جي بهادر جو ڪنڌ ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيائين.
مير بجار جو پٽ مير صوبدار خان ان وقت بيمار هو. اهو به درٻار ۾ پهچي ويو ۽ اتي وڙهندي شهيد ٿيو. مير بهرام جي شهادت ربيع الاول 1189هه (مئي 1775ع) ۾ ٿي. مير کي خدا آباد نئين ۾ دفن ڪيو ويو. اڄ به ان مٿان ٺهيل چوڪنڊي جي چٽسالي ڏسڻ جوڳي آهي.
مير بهرام جي قتل واري واقعي تي هر ماڻهوءَ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. مير جا گهڻگهرا توڙي مائٽ هر طرف کان سرفراز ڪلهوڙي تي ڪاهي آيا. انهن جي اڳواڻي مير بهرام جي چاچي جو پٽ مير فتح علي ڪري رهيو هو. هن ويڙهاڪن جي هڪ جميعت ساڻ ڪري خدا آباد جي قلعي تي ڇاپو هنيو ۽ چوڪيدار کي قتل ڪري قلعي ۾ داخل ٿي ويو ..... سرفراز خان ميدان تي وڙهڻ وارو مڙس نه هو، سو بهادرن جي حملي ڪندي ئي ڀڄي نڪتو ۽ دريءَ جي رستي قلعي کان ٻاهر هليو ويو. ساڻس ڇهه خدمتگار گڏ هئا، مٿو ۽ پير اگهاڙا، رڳو جان سلامت کڻي ٻاهر نڪري سگهيو. جهنگل مان ٿيندو درياء جو رخ ڪيائين ۽ مهاڻن جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي حيدرآباد جو رستو ورتائين ...........
[b]افغانن جو حملو
[/b] ميان سرفراز جڏهن خدآباد جو قلعو ڇڏي ڀڳو ته راجا ليکي ۽ سندس ساٿي غداري ڪري مير فتح سان وڃي مليا. سرفراز پنهنجي ننڍي ڀاءُ محمود خان کي خدا آباد جي تخت تي ويهاري پاڻ حيدرآباد طرف روانو ٿيو. حيدرآباد ۾ جنگي سامان جي موجودگي هوندي به سرفراز خان مقابلو نه ڪيو. ستن ڏينهن ۾ قلعو فتح ٿي ويو. پاڻ قيد ٿيو. سرفراز جي معزولي تي سنڌ ۾ گهرو ويڙهه جي باهه ڀڙڪي، عزت يار خان پنهنجي لاءِ حڪومت جي پرواني وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. سنڌ ۾ بدامني جي ڪري افغان درٻار کي مقرر خراج ادا ٿي نه سگهيو هو. ان ڪري تيمور شاهه عزت يار خان کي سنڌ حڪومت جو پروانو ڏنو. مير بجار ۽ عبدالنبي ارڙهن هزار فوج وٺي افغانن کي روڪڻ لاءِ خدا آباد نئين کان روانا ٿيا. منزلون ڪندا روهڙي پهچي، اتي ٻه سئو ٻيڙين جي پل تيار ڪرايائون. لکيءَ شڪارپور جي وچ ۾ جنگ لڳي. افغانن شڪست کاڌي، ٽيهه هزار افغاني فوج جو ارڙهن هزار سنڌين سان مقابلي ۾ شڪست کائڻ معمولي ڳالهه نه هئي..........
[b]رهائش [/b]
ڪلهوڙا خدا آباد نئين جي ان ڪوٽ کي ئي پنهنجي درٻار سان گڏ رهائش طور به ڪتب آڻيندا هئا، باقي ٻيو راڄ ڀاڳ ڪوٽ کان ٻاهر رهندو هو. اهو ئي سبب آهي جو اسان کي ڪوٽ جي اندر مختلف هنڌن تي ڪيترن ئي رهائشي جاين جا اهڃاڻ ملن ٿا. ڪوٽ اندر اوڀر ڏکڻ ڪنڊ وٽ اڄ به هڪ وڏو دڙو ڦهليل آهي. ان هنڌ تي ويهه فوٽ کن اونهي کوٽائي ڪري ٽيوب ويل لڳايو ويو آهي. جيڪو ڪوٽ اندر پوک کي پاڻي ڏئي ٿو.
اسان جڏهن ان کوٽيل کوهه ۾ جهاتي پايون ٿا، ته کوهه جي ڪنارن کان ٽي فوٽ هيٺ ڪچي مٽيءَ جي تهه ملي ٿو. ان جي هيٺان ڇهه فوٽ کن پڪين سرن جي ڀرائي آهي. جنهن ۾ ڪجهه فوٽ ڊٺل جاين جو ڀنجو به شامل آهي. بهرحال، سرن جو اهو انگ ڪنهن عاليشان عمارت جي نشاندهي ڪري ٿو. مڪاني ماڻهو ان ٿلهي کي ”ڪلهوڙن جي ڪچهري“ چون ٿا. ان هنڌ تي ڪلهوڙا حڪمران درٻار هڻندا هيا. ان درٻار ۾ ئي مير بهرام ۽ مير صوبدار خان قتل ٿيا هئا، جنهن جو ذڪر ڀيرومل مهر چند ڪيو آهي، ته ان جي اتر ڏي ڪلهوڙن جو قلعو آهي، جنهن ۾ مير بهرام ۽ مير صوبدار سان غضب ٿيو. مير بهرام ۽ مير صوبدار خان جي قتل ٿيڻ بعد ٽالپرن جي لشڪر انتقام وٺڻ لاءِ مير فتح علي جي مهنداريءَ ۾ خدا آباد نئين تي ڪاهه ڪئي. ان وقت ميان سرفراز ان ڪوٽ اندر ترسيل هو. ٽالپرن جي خبر ٻڌي هو گهيرو ٽوڙي قلعي مان فرار ٿيو. هو پيرين ۽ مٿين اگهاڙي درياء تي پهچي ٻيڙي رستي حيدرآباد پهتو هو.
ڪوٽ جي اولهه ڏکڻ پاسي تي هڪ وسيع رهائشي حصو ملي ٿو، جنهن کي تازو ٽريڪٽر جي بليڊ سان سڌو ڪيو ويو آهي. ان رهائشي حصي جو ڊگهو پاسو اولهائين ڀت سان پور وڇوٽ ٺاهي ٿو. ان ٽڪريءَ تي ڪافي گهرائيءَ تائين سرن جا ٽوٽا پوريل آهن. ڪوششون ڪندي به ان حصي کي پوکي لائق نه بڻائجي سگهيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان جي ڪجهه گهري کوٽائيءَ سان ڪنهن عمارت جا واضح اهڃاڻ ملن.
هالا جي پسگردائيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن جي خيال مطابق ڪوٽ جو اهو حصو ڪلهوڙن اميرن جي رهائش طور ڪم ايندو هو. ان محل مان ئي ميان سرفراز فرار ٿي ڪوٽ جي ديوار ٽپي پنهنجي ڇهن خدمتگارن سان حيدرآباد پهتو هو. گڏو گڏ ڪوٽ جي ڏکڻ ديوار جي وچ وٽ ڀت سان گڏ سرن ۽ سروٽن جو وڏو انگ اها چغلي پيو هڻي ته ان هنڌ تي به ڪا وڏي ماڙي هوندي، ڪوٽ جي چؤڦير وسندڙ بزرگ ٻڌائين ٿا ته قديم زماني کان وٺي سڄي ڪوٽ اندر ننڍڙا ننڍڙا دڙا هئا. دڙا مٽي، سرن ۽ ٺڪراٽي سان ڍڪيل هئا. بعد ۾ هتان جي ماڻهن ان ٺڪراٽي ۽ ٽوٽن مان جان ڇڏائي ڪوٽ کي زراعت لائق بڻايو. هڪ اسي سالن جي جهوني ٻڌايو ته: ڪوٽ جي چؤڦير ديوار سان اندرين پاسي کان ننڍيون ڪوٺيون پڻ ٺهيل هيون، جن مان ڳوٺاڻن سرون وغيره ڪڍي پنهنجا گهرڙا جوڙيا آهن.
[b]قبرستان
[/b] گلان ڪوٽ جي اوڀر ڏکڻ ڪنڊ کان سڏ پنڌ تي هڪ وڏو قبرستان آهي. خدا آباد جي ان قبرستان ۾ مير فتح علي خان جي مقبري سميت ڪجهه تجر ۽ چوکنڊي ڍنگ جون قبرون ۽ ڇٽيون آهن.
[b]مير فتح علي خان جو مقبرو
[/b] فتح علي خان جو مقبرو پري کان ئي ڪَرُ کنيو قبرستان جو ڏس ڏئي ٿو. ڪنهن زماني ۾ اهو مقبرو ڪچي ڪوٽ جي ديوارن سان گهيريل هو، پر هاڻي ڪوٽ جا آثار نٿا لڀن. مير فتح علي خان جي چوڪور مقبري مٿان چئن ڪنڊن تي چار گنبذيون ۽ وچ تي هڪ ڳورو گول گنبذ رکيل آهي. جن مٿان ڪاشيءَ جون نيليون نظر اچن ٿيون. ان مقبري تي ڪاشيءَ جي تمام گهڻو ڪم ٿيل هو، پر هينئر ڪاشيءَ جي ڪاريگري جا باقي وڃي نشان بچيا آهن.........
اسان دروازي مان جيئن ئي اندر داخل ٿيون ٿا ته سامهون هڪ ٿلهي تي پٿر جون پنج گهاڙيون آهن. سڀ کان پهرين قبر مير غلام علي خان ولد مير صوبدار خان جي آهي، جنهن جي وفات جي تاريخ 6 جمادي الثاني 1227هه آهي. انهيءَ قبر سان لڳ ٻي قبر مير فتح علي ولد مير غلام علي جي آهي، جيڪو 10 محرم الحرام 1217هه تي لاڏاڻو ڪري ويو. ٽين گهاڙي مير صوبدار خان ولد مير فتح علي جي آهي. جنهن 14 رجب 1262هه تي چالاڻو ڪيو. چوٿين قبر تي ڪنهن جو به نالو لکيل نه آهي. پر ان جي پيراندي تي 1264هه لکيل آهي. چيو وڃي ٿو ته اها قبر ڪنهن عورت جي آهي. پنجين قبر مير محمد علي ولد مير صوبدار خان جي آهي، جيڪو رجب 1278هه ۾ گذاري ويو.
[b]تجر[/b]
مير فتح علي خان جي مقبري ۽ ٽنهي چوکنڊين جي اتر ۾ هڪ تجر ٺهيل آهي، جنهن ۾ مائي خيري پوريل آهي. مائي خيري، مير فتح علي خان جي ماءُ هئي. هيءَ مائي وڏي عاقل ۽ سخي ٿي گذري آهي. حيدرآباد جي فقير جي پڙ ۾ هڪ مسجد ”مائي خيري“ جي نالي سان منسوب آهي.
[b]چوکنڊيون[/b]
مير فتح علي خان جي مقبري جي سامهون ٿورڙو اوڀر طرف هڪ ٻئي سان گڏ ٽي چوکنڊيون ٺهيل آهن، پهرين چوکنڊي ۾ ڪنهن ڪتبي بنا ٻه قبرون جڙيل آهن. ٻي چوکنڊي ۾ به ٻه قبرون آهن، جن مان هڪ قبر بنا نالي آهي. جڏهن ته ٻي قبر مير بهرام ولد مير عبدالله خان جي آهي، جيڪو 29 محرم 1242هه تي لاڏاڻو ڪري ويو. ٽين چوکنڊي ۾ ٻه قبرون آهن، جن مان هڪ اڻڄاتل آهي. ٻي قبر مير بجار ولد مير غلام حسين جي آهي، جيڪو 1220هه ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
هوڏانهن مير فتح علي خان جي وڏي قبي پويان ڪجهه قدمن تي اولهه پاسي ٽي چوکنڊيون/ ڇتيون ٺهيل آهن. اوڀر پاسي واري چوکنڊي هيٺان ٻه گهاڙيون آهن. منجهانئن هڪ قبر مير صوبدار فقير ٽالپر جي آهي، جنهن جي شهادت 15 جمادالثاني 1189هه ۾ ٿي. جڏهن ته انهيءَ قبر جي اولهه ۾ ٻي قبر مير بهرام فقير ٽالپر جي آهي. جنهن جي شهادت 15 جمادالاثاني 1189هه تي ٿي. ان چوکنڊي جي اولهه ۾ هڪ ٻي چوکنڊي قبر مير بجار فقير ٽالپر جي آهي. جنهن جي شهادت واري تاريخ ذي القعده 1194هه ڄاڻايل آهي. گڏوگڏ قبرستان ۾ مٿين قبرن، چوکنڊين ۽ ڇٽين سميت هڪ مسجد ۽ ڪجهه ڪتبي بنا گهاڙيون ٽٽل ڦٽل حالت ۾ آهي.
(هيءُ مواد حسين بادشاهه جي سهيڙيل ڪتاب ’حيدرآباد جي تاريخ‘ (صفحا 109- 99) تان کنيو ويو آهي، جيڪو اصل ۾ اسلم عباسي جي سهيڙيل ڪتاب ’ميان غلام شاه ڪلهوڙو (سنڌ جو شاهجان)‘ تان ورتل آهي.)