مختلف موضوع

هالا جا رنگ هزار

هي ڪتاب ”هالا جا رنگ هزار“ هالا متعلق مختلف ليکڪن جي خوبصورت لکڻين جو مجموعو آهي۔ جنهن جو سهيڙيندڙ محترم محمد حبيب سنائي آهي۔ هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ذوالفقار علي ابڙو ۽ برڪت علي شيخ ڪئي آهي۔ جڏهن ته وائس آف سنڌ پاران اِي بوڪ جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايو ويو آهي۔
هالا هڪ قديم وسندي آهي. انجي حوالي سان ڪافي مواد ڪافي ڪتابن ۾ ٽڙيو پکڙيو پيو آهي. مون ڪوشش ڪري اهم تاريخي ڪتابن مان هالا جي حوالي سان مواد هن مجموعي ۾ شامل ڪيو آهي، ته جيئن مستقبل جي مؤرخ توڙي عام پڙهندڙ کي ڪافي سارو مواد هڪ جاءِ تي ملي پوي. اميد اٿم ته هيءُ ڪتاب اڳتي هلي بنيادي ماخذ يا سورس مٽيرل طور ڪم ايندو. اوهان کي ڪن هنڌن تي ورجايل ڳالهيون به ملنديون. اصل ۾ اسان نامور ڪتابن تان مواد جيئن جو تيئن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهنڪري ڪن شخصيتن جي ذڪر ۾ ورجاءُ ٿي ويو آهي. اميد ته فاضل پڙهندڙ انهيءَ سهو کي معاف فرمائيندا.
  • 4.5/5.0
  • 6502
  • 792
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حبيب سنائي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هالا جا رنگ هزار

هالا جا مخدوم صاحب ۽ شاهه ڀٽائي

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

هالا جا مخدوم صاحب ۽ شاهه ڀٽائي

سن 1951ع ۾ جڏهن ميران محمد شاهه پهريون ڀيرو
شاهه ڀٽائيؒ جي ميلي ۾ ئي ڀٽائي جي ورسي ڀٽ تي ملهائي، اُن ورسيءَ ۾ توڙي اُن کان پوءِ شاهه جي سڀني ورسين ۾ قلمي، قدمي ۽ درمي خدمتون خاص ڪري منهنجون نمايان رهيون. منهنجي اُنهن خدمتن جو سلسلو اُن وقت تائين جاري رهيو، جيستائين اُهو بار حڪومت پاڻ تي نه کنيو هو. ٻي ورسي جي موقعي تي منهنجي ڪن دوستن ۽ ٻين خاص اديبن مون کان پڇيو ته ”هالن جي مخدوم صاحبن ۽ شاهه ڀٽائي جو ته پاڻ ۾ اختلاف هو ۽ تنهنجون وري هي خدمتون ڪيئن ٿي رهيون آهن؟“ جيئن ته اُن ڳالهه بابت مون کي اڳ ۾ ڪابه خبر ڪانه هئي، شاهه ڀٽائيؒ جي فقيرن توڙي ڀٽائي پيرن سان خانداني قديم ۽ سٺا لاڳاپا هئا ۽ آهن، تنهنڪري مٿئين ڳالهه بابت مون بيخبري ظاهر ڪئي. تنهن تي اُنهن دوستن ۽ اديبن ڪتاب ”لطف الطيف“ جو نالو کنيو. اُن وقت مون کي ماٺ ڪرڻي پئي ۽ شاهه جي ورسي ختم ٿيڻ بعد پنهنجي ڪتبخاني مان مٿيون ڪتاب ڳولي اُن جو مطالعو ڪيم ته، نه رڳو اُها غلط روايت ڏٺم پر ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون اعتبار ۾ نه اچڻ جهڙيون نڪتيون. مٿئين ڪتاب جي اٺين فصل جو عنوان آهي ”وقت جي ڪن ماڻهن جون مخالفتون“ خيال ڪيم ته اُها ڳالهه تاريخ جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ گهرجي. ويتر جو پنهنجي چاچي مخدوم مولوي غلام حيدر صاحب مرحوم جن جو حاشيه ۾ هيءُ نوٽ پڙهيم ته:
”مخدوم صاحب هالن واري جو شاههؒ صاحب سان اختلاف جو ذڪر ڪن ڪتابن ۾ ڏٺو ويو آهي. پر اسان وٽ خانداني روايت ۾ اهڙو احوال مطلق ٻڌل نه آهي. سروري خاندان ۾ هميشه اهلبيت جو ادب اُتم درجي تي رهندو آيو آهي. سيد اجن شاهه جي اختلاف بابت به ڪا خانداني روايت ڪانهي.“
- غلام حيدر

تاريخ جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن ڪوبه شخص تحقيق ڪندو ته آسانيءَ سان اُن کي معلوم ٿيندو ته سرور شاهه (مخدوم نوحؒ ) ۽ سندن اولاد سنڌ ۾ ادبي سُڪون ۽ لافاني محبت جو پيغام پهچائي خدا جي خلق جي خوب خدمت ڪئي آهي. حضرت غوث الحق مخدوم نوحؒ جا حالات لکندي محترم جي.ايم.سيد پنهنجي تصنيف ”پيغامِ لطيف“ جي ص 58 تي ڄاڻايو آهي ته:
”پاڻ (مخدوم نوحؒ ) وقت جي سياست کان جدا رهي خلق الله کي روحاني فيض ڏيندا هئا.“
ساڳيءَ طرح حضرت غوث الحق جا پويان به ۽ خاص طرح سجاده نشين بزرگ ساڳيو پيغام ڏيندا، دين جي تبليغ ۽ خلق جي خدمت ڪندا رهيا آهن. 15 يا 17 ص تي آهي ته: 1130هه (7- جنوري 1718ع) ۾ صوفي شاهه عنايت جهوڪ شريف واري جي شهادت جو واقعو ٿيو، تڏهن حضرت غوث الحق مخدوم نوحؒ جي گاديءَ تي مخدوم مير محمد (مخدوم مير پير، 1099هه- 1149هه) رونق افروز هو. وقت جي حڪومت پنهنجي جبر ۽ استبداد جي وسيلي سنڌ جي سربرآورده گادين ۽ عالمن کان صوفي صاحب جي برخلاف فتويٰ ورتي. جڏهن حڪومت جو گماشتو هالن ۾ مخدوم صاحب کان به فتويٰ تي دستخط وٺڻ آيو، تڏهن مخدوم صاحب هنن لفظن ۾ دستخط ڪرڻ کان اِنڪار ڪيو ته:
”صوفي صاحب جي پاران ته سر اڏيءَ تي رکڻ گهرجي، پر جيڪڏهن موجوده حڪومت جي ماحول مطابق ائين ٿي نٿو سگهي ته به اسان هن فتويٰ تي (دستخط) ڪري الله اڪبر جو ناراضپو سر تي نه کڻنداسون.“
شاهه شهيد جي گادي نشين صوفي حاجي عبدالستار (صاحب ڪريم) جي لکڻ موجب مخدوم مير محمد صاحب هي لفظ فرمايا هئا ته:
”فقير جي پاران ته فقير کي سر ڏيڻ کپي، سو فتويٰ تي وري دستخط ڪيئن ڪندو.“ لفظ بهرحال ڪهڙا به هجن، پر اُنهن جو مطلب ۽ مفهوم ساڳيوئي آهي. اهڙي سرفروش ۽ اهلِ دل شخصيت لاءِ ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته هو شاهه ڀٽائي جي خلاف هو! مولانا دين محمد وفائي مرحوم ”لطف اللطيف“ ۾ لکيو آهي ته:
”تاريخن جي ڪتابن ۾ شاهه صاحب سان جيڪي مخالفت جون آکاڻيون اچن ٿيون، سي گهڻو ڪري مخدوم مير محمد جي زماني جون آهن. اهو بزرگ حضرت پير مخدوم نوحؒ جو چوٿون گاديءَ وارو هو.“
مولانا مرحوم لفظ ”آکاڻيون“ ڪم آڻي اُن روايت کي خودبخود غلط ثابت ڪري ڇڏيو آهي، تاهم مخدوم مير مرحوم جونالو به لکيو اٿس. ان مان مطلب هيءُ ٿو نڪري ته مولانا صاحب جو به رايو هو ته شاهه جي مخالف هڪ اها ڌر به هئي.
تاريخ جي ڪن ٻين لکندڙن مخدوم مير محمد کي ”پنج پاڳو پير“ به ڪري ڄاڻايو آهي. هوڏانهن پنجون پڳدار مخدوم محمد زمان (اول) هو ۽ مخدوم مير محمد ڇهون پڳدار هو. خبر نه آهي ته مولوي صاحب مرحوم ۾ اهو احوال تاريخ جي ڪهڙن ڪتابن تان ورتو آهي جو سراسر غلط آهي.
سن 1882ع ۾ ديوان ڏيارام گدومل ”سگما“ پنهنجي ننڍڙي انگريزي تاليف ”سنڌ بابت ٿورو ذڪر“ ۾ مخدوم صاحبن ۾ شاهه جو ذڪر آندو آهي. پر اُن صاحب ته مخدوم محمد زمان ستين پڳدار کي پنجون پڳدار ڪري لکيو آهي، جنهن جي مخالفت ۾ ديوان ليلارام وطڻ مل لعلواڻي پنهنجي انگريزي تصنيف ”شاهه لطيف جي حياتي، مذهب ۽ شعر“ ۾ صاف لفظن ۾ بيان ڪندي لکيو آهي:
”اُنهن صاحبن کي، جي شاهه ڪريم ۽ مخدوم نوحؒ جي حياتين مان واقف آهن، بخوبي معلوم هوندو ته مخدوم نوحؒ ۽ شاهه ڪريم جو ڪيترو نه پاڻ ۾ گهاٽو تعلق رهيو آهي.“
سگما حقيقت تي مبني نه آهي.
اُن کان پوءِ ديوان صاحب پنهنجي رنگ ۾ ثبوت ڏئي ۽ پراڻن هالن جي قديم نسخن تان جانچ جونچ ڪري اُهو ڄاڻايو آهي ته مخدوم محمد زمان صاحب، شاهه ڀٽائي جو پورو همعصر نه آهي، مگر مخدوم مير محمد اُن جو پورو پورو همعصر آهي.
مخدوم محمد زمان سن 1117هه ۾ وفات ڪئي، يعني شاهه ڀٽائي جي عمر اُن وقت پندرنهن سال هئي.
وري مرزا قليچ بيگ مرحوم پنهنجي تصنيف ”احوالِ شاهه عبداللطيف“ ۾ شاهه جي مخالفت بيان ڪندي لکي ٿو ته:
”شاهه صاحب جا ٽي مخالف هئا، جن ۾ مرزا صاحب اسان جي خاندان ڏي به اشارو ڪيو آهي.“ عجب ٿو لڳي ته اهڙا بزرگ به اهڙين غلط روايتن تي هلن ٿا ۽ بنا سوچڻ، سمجهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جي پنهنجي تصنيفن ۾ اهڙيون روايتون داخل ڪريو ڇڏين.
آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي به هن ذڪر کي مرزا صاحب جي لفظن ۾ ٿوري ئي ڦيرگهير سان پنهنجي ڪتاب ”مقدمه لطيفي“ ۾ آندو آهي. اُنهن سوانح نگارن کان سواءِ ٻي ڪنهن هنڌ به اهڙن عنوانن جو پتو ڪونه ٿو پوي. حقيقت ۾ اُنهن لکندڙن تحقيق ڪانه ڪئي ۽ فقط روايتون لکي خلق کي منجهائي ڇڏيو آهي. اُهوئي سبب آهي جو نه رڳو هالن جي مخدوم ۽ شاهه جي تعلقات بابت صحيح ڳالهه نه لکيل آهي، بلڪ غلط روايتن تي سنڌ جي تاريخ تي اونداهيءَ جا پردا وجهي ڇڏيا آهن.
حضرت غوث الحق مخدوم نوحؒ کان وٺي شاهه ڀٽائيءَ تائين سجاده نشينن جا دور هيٺ ڄاڻائجن ٿا:
1. حضرت غوث الحق مخدوم نوحؒ 911هه: 998هه
2. مخدوم امين محمد (اول) 952هه: 1015هه
3. مخدوم ابوالخير عرف ابوالمحمد 980هه: 1050هه
4. مخدوم عبدالخالق 1030هه: 1081هه
5. مخدوم محمد زمان (اول) 1055هه: 1117هه
6. مخدوم مير محمد عرف مخدوم مير پير 1099هه: 1149هه
7. مخدوم محمد زمان (دوم) 1119هه: 1184هه
جيئن ته شاهه ڀٽائي سال 1102هه ۾ ڄائو ۽ 1165هه ۾ وصال ڪري ويو، ته ان حساب سان مخدوم محمد زمان ”پنج پاڳئي“ (پنجون پڳدار) کان وٺي مخدوم محمد زمان ست پاڳئي تائين حيات هو. مولانا وفائي صاحب جي لکڻ موجب شاهه صاحب جا همعصر مخدوم محمد زمان (اول) (1119هه: 1183هه) ۽ مخدوم مير محمد (1095هه: 1149هه) هئا. هڪ ته مخدوم محمد زمان (دوم) کي مولانا صاحب مخدوم محمد زمان (اول) ڪري لکيو آهي ۽ ٻي وڏي غلطي هيءَ ڪيل آهي ته سن غلط لکيا ويا آهن.
ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ”مقدمه لطيفي“ ۾ هيءُ احوال به لکيل آهي ته:
”شاهه صاحب جا مريد زياده ٿيندا ويا. اها ڳالهه آسپاس جي پيرن ۽ مشائخن کي نه آئڙي ۽ سندن سينن ۾ باهه ڀڙڪي. اُنهن مان هڪڙا هالن وارا پير، مخدوم نوح جو اولاد به هئا، تن مان پير پنج پاڳئو گادي نشين هو.“
اُن جو جواب مولائي شيدائي صاحب به ڏنو آهي ته: ”مٿيون بيان ڊاڪٽر صاحب شاهه عبداللطيف جي زندگيءَ جي اُنهيءَ دور متعلق ڏنو آهي، جڏهن شاهه ڀٽائي مغلن مان شادي ڪئي هئي.“ پر اُهو بيان به غلط آهي، ڇو ته ويهن سالن جي عمر ۾ شاهه، مغل بيگ جي نياڻيءَ تي عاشق ٿئي ٿو ۽ 1124هه ۾ مغل بيگ، دل قوم جي هٿان مارجي وڃي ٿو. تنهن کان پوءِ شاهه، مغل بيگ جي نياڻيءَ سان شادي ڪري ٿو. هوڏانهن مخدوم محمد زمان پنج پاڳئو 1117هه ۾ تڏهن وفات ڪري ٿو، جڏهن شاهه صاحب جي عمر 17 سال آهي.
مولانا وفائي صاحب ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي ذڪر ۾ لکيو آهي ته: ”شاهه کي زهر ڏيڻ جي سلسلي ۾ مخدوم صاحب به شامل هو ۽ اُهو ڪم مخدوم عبدالرؤف ڀٽيءَ جي هٿان ڪرايو ويو.“
مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ جو مصنف، جيڪو شاهه ڀٽائي جو نه رڳو مدح خوان آهي، پر معتقد به آهي، اُن اِهو ڪتاب شاهه صاحب کان پوءِ سورهين سال لکي پورو ڪيو، تنهن پنهنجي ڪتاب ۾ شاهه صاحب سان ڪنهن جي به اختلاف ۾ زهر وغيره بابت ڪجهه به نه لکيو آهي ۽ مخدوم عبدالرؤف بابت سندس هي لفظ آهن:
”پنهنجي وقت جو عارف ۽ ڪامل هو. هو اڄوڪي زماني جي مشائخن ۾ ممتاز هو. سمجهدار ٿيڻ کان وٺي وفات جي وقت تائين سمورو وقت سندس اخلاق سهڻا رهيا ۽ هميشه رياضت ۽ عبادت ۾ مشغول رهندوهو. سندس ڪرامتون شمار کان ٻاهر آهن. ميان نورمحمد هن جي ڏاڍي خدمت ڪندو هو ۽ سندس اکر اکر جي تابعداريءَ واسطي دل و جان سان تيار رهندو هو. هو 1166هه ۾ وڃي خدا جي رحمت سان واصل ٿيو.“
جيڪڏهن مخدوم عبدالرؤف بابت شاهه جي خلاف ڪا ڳالهه هجي ها ته لازمي طرح مير علي شير لکي ها، ڇو ته اُنهيءَ وقت جو واقعو بلڪل تازوهجي ها. تعجب جي ڳالهه آهي ته جو اهڙي غلط روايت به مولانا مرحوم لکي ويو. ڪير چئي سگهندو ته اهڙي الله واري شخص وقت جي حاڪم جي چوڻ جي ڪري هڪ ٻئي اهل الله کي زهر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي.
پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي صاحب پنهنجي تصنيف ”شاهه“ جي
صفحي 3 تي واضح طرح ڄاڻايو آهي ته:
”شاهه حبيب پٽ جي فراق ۾ بي حال ٿي پيو هو ۽ رات ڏينهن پيو ڌڻيءَ در ٻاڏائيندو هو ته سندس پٽ وري کيس سلامت اچي ملي. مخدوم نوحؒ جي درگاهه تي به هر روز اهائي دعا پنندو هو.“
هت اعتراض وٺڻ وارو ماڻهو هيءُ اعتراض اُٿاري سگهي ٿو ته شاهه صاحب جي موٽي اچڻ بعد مخالفتون پيدا ٿيون هونديون. پر اُنهيءَ قسم جي سڀني اعتراضن جو هڪڙوئي جواب ”تحفة الڪرام“ ۾ آهي. آنجهاني ديوان ليلارام1890ع ۾ ئي اُنهن غلط روايتن جي ترديد ڪري فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، مگر افسوس آهي جو ويچاري جي تحقيق ڏي ڪنهن به مصنف يا ڪنهن ٻي اديب ڌيان ڪونه ڏنو، نه ته هيترو مغالطو پيدا ئي ڪونه ٿئي ها.
1. شاهه ڪريم بلڙائي، مخدوم نوحؒ وٽان روحاني فيض جا درجا حاصل ڪيا ۽ سندن خاص مريد هو. بلڙيءَ ۾ به پنهنجي مرشد جي ارشاد موجب وڃي دين جي تبليغ ۾ مشغول ٿيو. مخدوم نوحؒ ۽ سندن اولاد جو شاهه ڀٽائي هميشه معتقد رهيو، ڇو ته مخدوم ۽ اُن جو اولاد سندس مائٽاڻو مرشد هو ۽ شاهه صاحب به اُهو ناتو آخري وقت تائين نڀايو. هالن جي درگاهه تي هميشه شاهه صاحب رياضتون ۽ خدمتون ڪيون. نه رڳو ايترو پر ”مراة السالڪين“ جي لکڻ موجب هن درگاهه تي چِلو ڪڍي فيض به پِرايو.
2. مخدوم نوحؒ جي وقت ۾ ئي سندن نَوَ لک مريد هئا، جنهنڪري ئي مخدوم نوحؒ صاحب جن کي ”نوَ لکي گودڙي جو صاحب“ چئي ياد ڪيو ويندو آهي ۽ سروري خاندان تي اڄ به اِهو ساڳيو ”نو لکي گودڙي“ جو لقب مشهور آهي، سو اهو سوال اٿي نٿو سگهي ته شاهه صاحب جا مريد زياده ٿيندا ويا. تنهنڪري وقت جي سجاده نشين جو اختلاف ٿيو.
3. شاهه صاحب لاولد وفات ڪئي. اُن بعد شاهه جي درگاهه توڙي ڪلام جي خدمت توڙي حفاظت سندس فقيرن جي هٿ ۾ رهي، جيئن اڄ تائين به آهي. اسان جا شاهه جي فقيرن سان اصل کان وٺي اڄ تائين نهايت سٺا تعلقات آهن ۽ ساڳي طرح ابتدا کان اڄ تائين بيحد قرب جا ناتا آهن ۽ هلندا رهندا.
4. اسان جي درگاهه توڙي سروري فقراء جي خليفن جي درگاهن تي اول کان وٺي اڄ تائين ميلن جي موقعن تي راڳ ٿيندڙ آهي. ٻي وڏي ۾ وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته سڀ ڪنهن اسلامي مهيني جي سڀ ڪنهن پهرئين سومار رات ۽ سومار (سومر) ڏينهن ذڪر ۽ سماع ۾ مخدوم مير محمد جي زماني کان وٺي فقط شاهه ڀٽائيءَ جا بيت ئي ڳايا ويندا آهن، اگرچه شاهه صاحب کان اڳ جي شاعرن جو ڪلام به بهترين موجود هو. ڌارين شاعرن کي ڇڏي، رڳو مخدوم نوحؒ جي پوٽي ”لاکي لطف الله“ ولد مخدوم محمد امين اول جو ڪلام ئي ڪافي آهي، جو شاهه رسالي ۾ به ڪافي موجود آهي. مثلاً ”سر سهڻي“ جي داستان چوٿين مان هن وقت صرف ٻه بيت پيش ڪجن ٿا:

(1)
کَرِڪِنِ کجاياس، ٻيلي پاس ٻُرن جي،
ڇڻڪن جي ڇيڄ ڪيا، تن واري وَهَه وڌياس،
لاکو لطف الله چئي، اچي آب گهڙياس،
وسان ٿي وياس، پر مليس محب ميهار کي.


(2)
کَرِڪِن خوش ڪياس، محبتي ميهار جي،
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، آڌي ٿي اٿياس،
ستي جاڳاياس، سانڀر سپرين جي.

جيڪڏهن شاهه صاحب سان مخدوم مير محمد جي مخالفت هجي ها ته شاهه جو ڪلام سماع ۾ ڪونه ڳارايو وڃي ها. پويان سجاده نشين ئي شاهه جي ڪلام بدران ڪنهن پنهنجي شاعر جو ڪلام ڳارائين ها. سماع ۾ سنڌي ڪلام ته مخدوم نوحؒ جي ئي وقت ۾ ڳارايو ويندو هو، جنهن ۾ قاضي قاضن، شاهه ڪريم، خود مخدوم نوحؒ ٻين شاعرن جو ڪلام استعمال ٿيندو هو.
هيءَ ڳالهه نهايت افسوسناڪ آهي جو اسان جي ادب ۾ صحيح تنقيد ڪانه ڪئي ٿي وڃي. اُهوئي سبب آهي جو ڪتابن ۾ عظيم غلطيون رهجيو وڃن، پر جيڪڏهن ڪو شخص تنقيد ڪرڻ لاءِ قلم کڻي ويهي ٿو ته مٿس ذاتي حملا ڪيا وڃن ٿا، جنهن جو نتيجو اصلاح جي بدران اختلاف جو نڪري ٿو، ”تنقيد“ لفظ جي معنيٰ آهي: سوچ ويچار ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، پر هِت اُن جي برخلاف ٿي رهيو آهي. اڄوڪي تنقيد دل آزاري ٿئي ٿي. نقاد جو فرض آهي ته هو اهڙي سٺي ۽ مٺي نموني تنقيد ڪري جو جنهن جي تنقيد ٿئي، اهو فائدو حاصل ڪري. تنهن ڪري تنقيد ئي في الوقت اهڙي چيز آهي جا جيڪڏهن صحيح طريقي سان ڪئي وڃي ته هوند ڪافي کان زياده فائديمند ٿئي. اُن سان گڏ اسان جو عوام به روايتن کي اهڙيءَ طرح ته چنبڙي ويو آهي جو حقيقت آڏو رکجي ٿي تڏهن به پسند ڪرڻ بجاءِ خود، پر رڳو اُن تي غور به نٿو ڪري.

(هيءُ مضمون مخدوم صاحب جي ڪتاب ’مضامين طالب الموليٰ‘ تان کنيو ويو آهي. جيڪو پهريون ڀيرو ”مهراڻ“ ٽماهي نمبر1، سال 1987ع ۾ شايع ٿيو.)