مختلف موضوع

هالا جا رنگ هزار

هي ڪتاب ”هالا جا رنگ هزار“ هالا متعلق مختلف ليکڪن جي خوبصورت لکڻين جو مجموعو آهي۔ جنهن جو سهيڙيندڙ محترم محمد حبيب سنائي آهي۔ هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ذوالفقار علي ابڙو ۽ برڪت علي شيخ ڪئي آهي۔ جڏهن ته وائس آف سنڌ پاران اِي بوڪ جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايو ويو آهي۔
هالا هڪ قديم وسندي آهي. انجي حوالي سان ڪافي مواد ڪافي ڪتابن ۾ ٽڙيو پکڙيو پيو آهي. مون ڪوشش ڪري اهم تاريخي ڪتابن مان هالا جي حوالي سان مواد هن مجموعي ۾ شامل ڪيو آهي، ته جيئن مستقبل جي مؤرخ توڙي عام پڙهندڙ کي ڪافي سارو مواد هڪ جاءِ تي ملي پوي. اميد اٿم ته هيءُ ڪتاب اڳتي هلي بنيادي ماخذ يا سورس مٽيرل طور ڪم ايندو. اوهان کي ڪن هنڌن تي ورجايل ڳالهيون به ملنديون. اصل ۾ اسان نامور ڪتابن تان مواد جيئن جو تيئن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهنڪري ڪن شخصيتن جي ذڪر ۾ ورجاءُ ٿي ويو آهي. اميد ته فاضل پڙهندڙ انهيءَ سهو کي معاف فرمائيندا.
  • 4.5/5.0
  • 6502
  • 792
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حبيب سنائي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هالا جا رنگ هزار

سنڌي مرثيا نويسي ۾ هالا جو حصو

ڊاڪٽر سيد مخمور بخاري

[b]سنڌي مرثيا نويسي ۾ هالا جو حصو
[/b]
ارڙهين صدي عيسوي جي اڌ کان پوء سنڌي مؤزون مرثيي جو بنياد پيو جنهن جو مؤجد سيد ثابت علي شاه هو. پاڻ ان بابت چئي ٿو:
مرثيو سنڌي اڳهين هو ڪونه اصلي سنڌ ۾،
جي ڪو هو تا پڻ نه هو مشهور هن پر ڪجا،
مون کي چئين ثابت علي هي شعر سنڌي دردنـــــــــــــــاڪ،
تون به سنڌي شعر ۾ ڪي چئج ماتم مرثيا.(1)
مرثيي جي ارتقائي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته هي فن اول ايران ۾ اسريو. ايران جو بادشاه شاھ طهما سڀ صفوي شاعرن کان فرمائش تي مرثيه لکرائيندو هو، اهڙي ريت مرثيو ايران مان دکن، دهلي ۽ لکنؤ ۾ پهچڻ بعد پنهنجي عروج تي پهتو. ڪن عالمن جو رايو آهي ته مرثيو برصغير ۾ پهچڻ کان پوء سنڌي، ملتاني ۽ گجراتي زبانن ۾ چيو ويو ۽ پوء ئي اردو ۾ مروج ٿيو. سنـــــــــڌي ۾ شاھ عبـــــــــــداللطيف ڀٽائي جي ”سر ڪيڏاري“ کي غير مؤزون مرثيو چيو وڃي ٿو. ابتدائي غيرمؤزون مرثيو چوندڙن ۾ احسان فقير لانگاهه، مخدوم عبد الله ٺٽوي، سيد خير شاھ، مولوي احمد، جئيندل فقير ۽ ٻيا شامل آهن.
لفظ مرثيو عربي اکر ”رثا“ مان نڪتل آهي جنهن جي لغوي معنى آهي ”مرڻ واري تي روئڻ“ شاعري جي اصطلاح ۾ مرثيو ان ڪلام کي سڏجي ٿو جنهن ۾ مري ويندڙ جون خوبيون ۽ فضيلتون، درد ۽ غم سان بيان ٿيل هجن. خان بهادر محمد صديق ميمڻ مرثيي بابت لکي ٿو:
”مرثيــــــــــــــــــه لفظ جي معنى آهي، اهو شعر جنهن ۾ ڪنهـــــن به دردناڪ حادثـي جو ڏک ڀريل لفظن ۾ بيان ٿيل هجي. جهــڙوڪ: بغداد جي قتــــــــــــــــل عام ۽ ان وقت جـــــي ٻين دلسوز واقعن تي شيخ سعــــــدي جا ٺاهيــــــــــــل عربي مرثيا. پر اڄڪلهه عالمگيــــــــر اصطلاح موجب ”مرثيه“ جي معنى اهو رزميه ڪلام آهي جنهــــن ۾ خاص طرح ڪربلا جي واقعي بابت دلسوز بيان هجي(2)
ڪربلا جي انهي دل ڏکوئيندڙ سانحي کي شاعري جي هيٺ مختلف صنفن ۾ ظاهر ڪيو وڃي ٿو. جنهن کي مرثيو چئجي ٿو:
زاري: ڪافي جي تتبع تي چيل مرثيو.
اوسارو: لوڪ گيت جي ترتيب ۾ چيل. هي مرثيو فقط عورتون پڙهنديون آهن
سلام: غزل جي انداز ۾ چيل ڪربلا جي شهيدن جي بهادري ۽ شجاعت کي سلام پيش ڪيو ويندو آهي.
لوڙائو: هن جي لغوي معنى آهي سرسان بيت چوڻ، هن جي هر بند ۾ ٽي سٽون هونديون آهن. هر بند جا پنهنجا وزن قافيه ۽ رديف ٿين ٿا.
بند: چئن سٽن جي مرثيي کي چئجي ٿو.
اولاڻو: حضرت علي اصغر عـ جو 9 محرم الحرام جي شام پينگهو ڪڍيو ويندو آهي. ان مناسبت سان لولي/لوري جي انداز ۾ مرثيو چيو ويندو آهي. جنهن کي اولاڻو چئجي ٿو.
ڏوهيڙو: ڏور، قصيدو، نوحه
ميندي: حضرت امام قاسم ابن الحسنؑ جي 8 محرم الحرام جي شام جو ميندي ڪڍي ويندي آهي. ان موقعي ۽ مهل جي مناسبت سان چيل مرثيي کي ميندي جو نالو ڏنو ويو آهي.
مرثيو، شاعري جي جيتوڻيڪ الڳ صنف ته ناهي پر جنهن به صنف ۾ ڪربلا جو واقعو پيش ڪيو وڃي ٿو، اهو مرثيو چورائي ٿو. مطلب ته مرثيو هڪ موضوع آهي. جيڪو محرم الحرام جي ڏينهن ۾ خاص طرح پڙهيو وڃي ٿو. هنن صفحن ۾ اسان سنڌ جي قديم، تاريخي، ثقافتي شهر ۽ علم ادب جي گهواري هالا جي مرثيه نويسن جو ذڪر ڪنداسين.

احسان فقير لانگاه:
احسان فقير ذات جو لانگاه هو ۽ قادري طريقي جي مرشد سيد عبداللطيف قادري جو مريد هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاھ جو رسالو (جلد ڏهون) ۾ لکي ٿو:
”سيد عبداللطيف قادري، شاھ عبداللطيف ڀٽائي جـــــــــــي ولادت (1102ھ/1690ع) کان ستاويهه سال کن اڳ (1664ع) 1075ھ ۾ وفات ڪئي“(3)
ان حوالي جي روشني ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته احسان فقير جو جنم 1050ھ کان گهڻو اڳ ٿيو هوندو، جو هي صاحب سيد عبداللطيف قادري جو وڏو خلفيو به ليکجي ٿو. هن کان وڌيڪ احسان فقير جي زندگي بابت ڪا معلومات هٿ نه ٿي اچي.
احسان فقير بابت علمي دنيا ۾ اهو نقطو زير بحث آهي ته شاھ جو رسالو ۾ شامل ”سر ڪيڏارو“ سندس چيل آهي. هي هڪ سخت اختلافي مسئلو آهي. تنهن هوندي به سُر ڪيڏاري جا گهڻا بيت احسان فقير جا مڃيا وڃن ٿا. جن ۾ ڪربلا جو قضيو بيان ڪيو ويو آهي. نموني طور احسان فقير جا ڪجهه بيت پيش ڪجن ٿا.
ڪٽڪ ڪوفين جا، چڙهيا مٿــي ميرن،
پاڻي پليتن بنديو، طعام نه ملـــــــــي تن،
اڃ بک ارزان هئي، مٿي امامـــــــــــــــــن،
شوقون شهزادن، ڪوزا پيتا ڪوثـــر جا.

ڪويا ڪلي ڪوڏيا، جنگي سڀ جـــــــــــوان،
اڪبر اصغر جهاد جا، ساڻن وٽ سامــــــــــان،
محبوب مطلوب مرغوب، ساراهيان سبحان،
تون ڪر تعريف تن جي، اداڙي احســــــــــان،
سي ڪيئن مڃين آڻ، ظالم تنهن يزيـد جي.

جهيڙو ناهه يزيد، عليؑ جي اولاد سيـــــن،
ڪانه پسندين عيد، حسن مير حسين ريءُ.(4)

[b]جيئندل فقير
[/b] سيد جيئندل فقير، سيد عبدللطيف قادري حسيني جي سلسلي جو فقير هو. گمان غالب آهي ته هو احسان فقير جي دور ۾ موجود هو. هن پڻ ڪيڏاري جا بيت چيا آهن، جن مان يارنهن بيت ۽ ٻه زاريون (وايون) محفوظ آهن. هن جي زندگي بابت اسان کي هن کان وڌيڪ معلومات ناهي، پر پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هو سيد عبد اللطيف قادري جي شروع ڪيل سرڪيڏارو ڳائڻ واري سلسلي ۾ ڪيڏاري جا بيت پڙهندو هو. هت سندس ڪجهه بيت نموني خاطر درج ڪجن ٿا:
مانجهي مل ميدان ۾، آيـو قاسم شاھ ڪاهي،
هليو حضرت حسيــــــــــــن کان، مير موڪلائي،
هاتڪ هڪــــــــــــــــــــــل سان وڌي، ڌرتي ڌٻائي،
ڪـــــــــــــوريو ڪنڌ ڪلهن تان، لعنتــــــن لاهي،
جونجهار سو جيئندل چوي، ڪوفي ڪنبائي،
مائـــــٽ مــــــــــــــــــــرڪائي، شير شهادت رسيو.

ڳجهون ٻڌن نه ڳاهه، سڃاڻن ساٿ ڌڻي،
آهي امام عالم جو، سونهــــــــــارو شاھ،
سونهارا صاحب جا، خلقـــــيا خاص خدا،
جيهين جيئندل چـــــــــــوي، قادر ڪوڏيا،
مڃي هڪ الله، رضا ورتائون رب جي.(5)

[b]اسماعيل فقير لانگاه:
[/b] فقير محمد اسماعيل لانگاه جي زندگي بابت به اسان کي ڪابه خبر نٿي پوي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي تصنيف ”شاھ جو رسالو“ (جلد ڏهون) جي مقدمي جي حاشيي ۾ اسماعيل فقير کي احسان فقير لانگاه جو پٽ ڄاڻايو آهي.
مخدوم صالح ڀٽي پنهنجي ترتيب ڏنل ”سرڪيڏارو“ ۾ اسماعيل فقير جا پنج بيت درج ڪيا آهن. جن کي غير مؤزون مرثيو چئي سگهجي ٿو. اسماعيل فقير جو ڪيڏاري بابت هڪ بيت ”تذڪره شعراء هالا“ ۾ پڻ آندل آهي. ان کان وڌيڪ سندس ٻي شاعري هٿ نه ٿي اچي. هت اسماعيل فقير لانگاهه جو بيت نموني طور پيش ڪجي ٿو.
ڀـــــــــــــــــــائر ڀـــــــاڻيجا ڀائٽيا، وٽان وياس يار،
هيڏانهن امام هيڪڙو، هوڏانهن هئا هــــــزار،
چوڏس چڙهي آئيا، ڪٽڪ ڪارونڀــــــــــــــــــــار،
شامي، شومي ڪوفي، ڪوڙا بي حيا بدڪار،
بدوسي بدعتــــــــــي، خــــــــــــــار جي سـي خوار،
آئل اسماعيل چوي، هلي هنيائين هــــــــــاڪار،
لرزايو لعينن کي، مانجهي مير مڻيــــــــــــادار،
ويهون وڍي ويرن جا، ڌڙ ڪيائيـــــــــــــــــن ڌار،
سيد سائو سردار، ڪامل ڪلو جهليــــــــــــــــــو. (6)

[b]مخدوم عبدالرؤف ڀٽي
[/b] هالا جو هي بزرگ شاغر ۽ عالم مشهور ڀٽي خاندان ۾ 1682ع ۾ جنم ورتو. وڏي ڪماليت جو صاحب ٿي گذريو آهي. وقت جو بادشاهه ميان نورمحمد ڪلهوڙو سندس معتقد هو. سنڌي ۾ مولود جو مؤجد مخدوم صاحب کي چيو وڃي ٿو. هن جا ستهتر (77) مولود شايع ٿي چڪا آهن. هن صاحب ان کان سواء ڪيتريون ئي مداحون الف اشباع نظم ۾ لکيون آهن. جن مان ڪن ۾ شهادت حضرت امام حسين عليه السلام جو به ذڪر ڪيو اٿس. مخدوم صاحب ”عاصي“ تخلص ڪندو هو. سنه 1752ع ۾ مديني پاڪ ۾ وفات ڪيائين ۽ اتي ئي دفن ٿيو.
هت اسين سندس هڪ بند غير مؤزون مرثي جو نموني طور پيش ڪريون ٿا:

من اندر ماتام يارو تن يتيمــــــــــــــــــــن جو،
ڪربلا جي پڙ ۾، ميان الا اصل هو انجام،
ڪســـڻ قريبن جو.
شـــهزادن شهادت جو، جال پيتو جـــــــــــــــام،
مرڻ معصومن جو. (7)

[b]خليفو گل هالائي
[/b] آخوند خليفو گل محمد ”گل“ هالائي، هالا پراڻا جي سانوڻي ملن مان هو. هن جو جنم 1784ع ۾ ٿيو. ابتدا کان آخر تائين سموري تعليم ان زماني جي رواج موجب مدرسه ۽ مڪتب مان حاصل ڪرڻ کان پوء سنڌي، عربي ۽ فارسي ۾ مهارت حاصل ڪيائين.
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ خليفي گل جو نالو ان لاء به اهميت رکي ٿو جو هن پهريون ڀيرو الف-ب جي ترتيب تي غزلن جو ديوان جوڙيو. سندس ديوان پهريون ڀيرو 1275ھ/1855ع ۾ بمبئي مان ليٿو تي شايع ٿيو. جيڪو هن پاڻ شايع ڪرايو. ان کان پوء اهو ديوان مختلف وقتن تي 1915ع، 1919ع 1923ع ۽ 1933ع ۾ شايع ٿيو. جيڪي سمورا ڇاپا هن وقت بنهه اڻ لڀ آهن. خليفو گل هالائي 1858ع ۾ مديني شريف ۾ وفات ڪئي جتـي پاڻ حج مبارڪ جي سعادت حاصل ڪرڻ ويل هو.
خليفي گل سنڌي ۾ غزل کان سواء ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي انهن ۾ مرثيو به شامل آهي. هت سندس مرثيي جو هڪ بند نموني طور ڏجي ٿو:

اي ڪبوتر ڪربلا جي ڪر خبـــــــــــــر،
ڪيترا ڏينهن ٿيا ابي کي منجهه سفر،
آ ابي لاء ٿي ڪريـــــــــــــــان رويـو حشر،
۽ ابي منهنجي لڌي ڪــــــــــــــانهي خبر.
اي پکي ڪو ڪر ابي جو مون سين حال،
تـــــــــــــاڪ جيئرو آهي يا ڪيـــائين وصال. (8)

[b]مخدوم محمد امين پکن ڌڻي
[/b] مخدوم محمد امين پکن ڌڻي، مخدوم محمد زمان رابع جي گهر 9 نومبر 1840ع تي جنم ورتو. پاڻ درگاه حضرت مخدوم نوحؒ جن جا 13 سجاده نشين هئا. مڪمل ديني تعليم حاصل ڪرڻ بعد فارسي تي مهارت حاصل ڪيائين. سندن شاعري سنڌي، سرائڪي ۽ اردو زبانن ۾ مولود، مرثيي، سه حرفي، ڏوهيڙن، بيت ۽ ڪافي جي صورت ۾ ”ڪليات امين“ جي سري هيٺ 66 شايع ٿيل آهي.
مخدوم صاحب جن 47 ورهين جي ڄمار ۾ 29 جون 1886ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. سندن مرثيي جا ڪجهه بند هن ريت آهن:

جڏهن حسين ابن علي پيدا ڪيو پروردگــــــــــار،
حڪم ٿيو ان وقت جبرائيل کي ازڪردگــــــــــار،
ڏي مبارڪ مصطفى کي وڃ مديني جي ديــــــــار،
لوڏ ان پياري جو پينگهو نير نيڻ واهي نــــــــــــار،
”في الجنان نهر لبَنَ“ هي لال کي لولي ڏجـــــــــــان،
هي حسينا هي حسينا هيئن چئي ڪورنش ڪجان.

اصل کئون ب، اقطاب هو شاھ، شهيدان ڪربـــــــلا،
”انت مني من مُدعا“ چوندو هو جنهن کي مصطفى،
نورچشم و ماهرو خوش وقت چيو خيرالنســـــــــــــاء،
مرحـــــــــــــــــــــــبا ”من رّوح روحي“ الرضاؤ مصطفى،
هو رسول الله جو جنهن کي چون پيــــــــــــــارو پسر،
سو حسين ابن علي شاھ شهيـــــــــــــــــدان بحر و بر.(9)

[b]حاجي پريل خان ”پريل“
[/b] حاجي محمد وپريل خان مگسي تخلص ”پريل“ اصل ڀاڳناڙي جو ويٺل هو، بعد ۾ اچي هالا نوان ۾ سڪونت پذير ٿيو. پوليس کاتي ۾ ملازم هو، پر بعد ۾ نوڪري ڇڏي مخدوم محمد امين پکن ڌڻي جو خاص خدمتگار بڻيو. “پريل” مرثيه گو شاعر هو. سندس ڪلام ضايع ٿي چڪو آهي، سواء هڪ ٻه مرثيو ۽ ڪجهه بيت محفوظ رهي سگهيا آهن.
حاجي پريل مگسي 1852ع ۾ ڄائو ۽ هالا ۾ 1911ع ۾ وفات ڪيائين، کيس مخدومن جي خدمتگارن جي مقام ۾ دفن ڪيو ويو، سندس مرثيي جو نمونو هن ريت آهي.
چاليهن ڏينهن آيا حرم قتـــــــــــــــــــل گاه ۾،
تڏهن آسمان زمين هئـــــــــــي ماتم نگاه ۾،
ڪعبي ڪئي شڪل غرق لباس سياهه ۾،
ماتم ۾ ماهه سج ٿــــــــــــــي سريـو بارگاه ۾.
آلِ رسولؐ آه کؤن منهن تي نقاب هو،
پطرس ۽ جبريل جگـــر دل ڪباب هو. (10)

[b]غلام محمد ”مغموم“
[/b] مخدوم غلام محمد ”مغموم“، درگاه حضرت مخدوم نوحؒ جي پندرنهن سجاده نشين مخدوم ظهيرالدين عرف پروڄام جن جي گهر 14 فيبروري 1986ع تي جنم ورتو. پاڻ پنهنجي والد کان پوء درگاه حضرت نوحؒ جا سورنهن سجاده نشين بڻيا. پنهنجي وقت جا عربي، فارسي جا ڄاڻو هئا. اڪثر اوقات “ديوان حافظ” جومطالعو ڪندا هئا. مولانا عبيدالله سنڌي کان پير جهنڊي واري مدرسي ۾ پڻ تحصيل ڪيائون(11).
مخدوم غلام محمد اعلى اوصاف جا مالڪ هئا. گهڻو تڻو خاموش رهندا هئا ۽ دشمنن سان به خلوص ۽ سخاوت سندن اعلى ڪردار جي ساک ڀري ٿي (12). دور جديد جي نامياري شاعر، عالم ۽ اديب مخدوم محمد زمان طالب المولى سندن فرزند هئا. مغموم سائين به شاعراڻو ذوق شوق رکندڙ هئا. سندن گهڻو ڪلام اڃان تائين شايع نه ٿيو آهي. سندن ڇپيل مختصر ڪلام مان اطهار اهليبت سان عقيدت ۽ سڪ ظاهر آهي.
مخدوم غلام محمد ”مغموم“ 15 ڊسمبر 1944ع تي هي جهان ڇڏيو(13) هت چيل سندن هڪ سه حرفي جا ڪجهه بند نموني طور ڏجن ٿا.

اعلى آهه افضل اڪمل و اڪبر علــــــــــــي،
آن امام است اتقيا را اول و آخر علــــــــي،

بهادريت شڪن بدر الدجى بوذر جو پيــــر،
باعمل بي مثل بهتر بعد پيغمبر علــــــــــي.

غالب ڪل غالب تي غلام محمد جو پير،
غرق در بحر فنا از غايت اظهر علــــــــــــي.

يدالله فوق ايديهم ثنا ساجد جو شــــــــــــان،
ينفقوني في سبيل الله، تون ياور علــــي.(14)

[b]مخدوم احمد علي
[/b] مخدوم احمد علي عرف غلام رسول 1886ع ۾ مخدوم غلام نبي عرف ميان پنيلڌو جي گهر هالا ۾ جنم ورتو. پاڻ حضرت مخدوم نوحؒ جي اولاد مان هو. ديني تعليم مدرسن مان حاصل ڪيائين. سنڌي کان سواء عربي ۽ فارسي جي چڱي ڄاڻ رکندڙ هو. پر ان جي باوجود شاعري فقط سنڌي ۾ ڪئي اٿس، غزل، ڪافي ۽ مرثيو اڪثر لکيو اٿس. سندس سارو ڪلام اڃا تائين شايع نه ٿيو آهي.
مخدوم صاحب 29 ڊسمبر 1938ع تي وفات ڪئي. کيس وصيعت مطابق ڪربلا معلى ۾ دفن ڪيو ويو. هت مخدوم احمد علي جي مرثيي جو نمونو پيش ڪجي ٿو:
يارو ٻڌو ته خالق اڪبر جي واسطـــــــــــــــي،
انصاف سان جواب ڏيو حيدر جي واسطي،
جا بوسگاهه ٿي هئي پيمبر جي واسطـــــــي،
يا ظالمن جي برش خنجر جي واسطـــــــــــي. (15)

[b]زوار مولابخش
[/b] زوار مولابخش 5 جنوري 1887ع تي محمد اسماعيل ميمڻ جي گهر هالا ۾ جنم ورتو. تعليم فقط ابتدا ۾ خٿابن مان حاصل ڪيائين. 1908ع کان شاعري ڏانهن توجهه وڌيس ۽ مرثيو، غزل ۽ قصيدو لکڻ شروع ڪيائين. خاص طرح مرثيو گهڻو لکيو اٿس جيڪو سندس سڃاڻپ آهي.
زوار مولابخش جي مرثين جو تعداد 80 کن آهي ۽ هر مرثيي ۾ ويهه کان پنجويهه بند آهن. چوڻ ۾ اچي ٿو ته زوار مولابخش لکي پڙهي نه سگهندو هو، ان ڪري هميشه پاڻ مرثيو چوندو ويندو هو ۽ ٻئي کان لکرائيندو هو. هالا جي هن مرثيه نويس 27 جولاء 1977ع تي وفات ڪئي. سندس مرثيي جو نمونو هن ريت آهي:
جڏهن ڪوفي جي مسجد ۾ ويو الله جو پيـــــــــــــــــــــــــــارو،
نبي جو لحمڪ ولعي علي المرتضى يـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــارو،
مبارڪ مـــــــــــــــــــــــــــــــــاهه ۾ غازي وڄائي ويو هليـــو وارو،
ڦِريو ملجم جو پٽ ملحد خدا ڪيو جنهن جو منهن ڪارو،
کڻي خنجر هنيو خارج محمد جي برادر کـــــــــــــي،
ڪيو سجدي ۾ زخمي ان خليفي خاص دوار کي.

ٿيو زخمي عبادت ۾ جناب حيــــــــــــــــــــــــــــــــــدار ڪـرار،
خدا جي پاڪ سجدي ۾ ڀريو رت سان ســــو روزي دار،
ڀريو منهن پاڪ سڀ سارو سڄي پيشاني ٿي خونبـــــار،
حقيقت هي وڃي پهتي جڏهن ڪوفي جي منجهه بازار،
اچي مسجد مبارڪ ۾ مڙيو انبوهه عالــــــــــــم جو،
نهاريئون ٿي گهڻو بيحد پتو پيو ڪونه ظالم جو. (16)

[b]مخدوم محمد صالح ڀٽي
[/b] مخدوم محمد صالح ڀٽي، مخدوم ابراهيم ڀٽي ”صوفي“ جي گهر هالا پراڻـــــــــــــا ۾ 8 مئي 1889ع تي پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم هالا مان حاصل ڪري سنڌ مدرسة الاسلام مان باقي تعليم مڪمل ڪئي ۽ اتي ئي استاد مقرر ٿيو، ان بعد ڀَٽِي صاحب تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي رهندي 1944ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي.
مخدوم صالح ڀٽي پنهنجي وقت جو بهترين اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي هن شاعري جي مڙني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هن جا سر ڪيڏارو ۾ چيل بيت ڇپيل آهن جن ۾ سانحه ڪربلا جو پُر اثر ذڪر ٿيل آهي. مخدوم صاحب جو والد پڻ پنهنجي وقت جو اعلى شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جو ڪلام محفوظ آهي پر اڃان تائين شايع نه ٿيو آهي. مخدوم صالح ڀٽي 27 ڊسمبر 1953ع تي وفات ڪئي. سندس ڪيڏاري جو هڪ بيت نموني طور هن ريت آهي:

ذڪر شهادت شاهه جو آ بحر بي پايــــــــــــــــــــــــــــــان،
ڪري سگهندو ڪونه ڪو موزا او ميـــــــــــــــــــــزان،
مٿي وسايائون مينگهه جيئن تيرن جو بــــــــــــــــاران،
ڪهي ڪافر ڪيترا ڪيائون حملي سان حيـــــــــران،
نو سونو لڳـــــا جسم ۾ ته به ساراهيئون سبحـــــــان،
هو خون جاري زخمن مان ۽ ذڪر حق زبــــــــــــــــــــان،
تڏهن خنجر کڻي خارجي هليو جلد ڪري بـــــــــــولان،
قبله رُو منهن ڪري ويٺو سيد شاهه سبحـــــــــــــــــــــان،
نيت ڪر نماز جي رڪن ڪيائين ارڪــــــــــــــــــــــــــان،
تيرها طلـــــــب تمام ڪري ڪيو نامـــــــــــــــــــــور نـڌان،
سِر سجـــدي ۾ سلطان، ڏيئي مرڪيو محشر ماڳ ۾.(17)

[b]عيسى عاجز هالائي
[/b] محمد عيسى عاجز هالائي، قاضي محمد يوسف لاکو جي گهر ڳوٺ سليم راهو ۾ 1902ع ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم خٿابن ۽ مدرسن مان حاصل ڪيائين. 1934ع کان شاعري ڪرڻ لڳو. شاعري ۾ حاجي اسحاق نانوائي ۽ اختر هالائي کان اصلاح وٺندو رهيو.
عاجز جو ڪلام سلام، نوحه، مرثيو، تضمين، نظم، غزل، مثنوي، رباعي، مستزاد، فرد، ڪافي، مسدس ۽ مخمس جي صورت ۾ اڃا تائين ٽريل پکڙيل حالت ۾ اڻڇپيل آهي. هن ٿوري وقت اندر هالا ۾ سٺا مرثيه جوڙيندڙن ۾ پنهنجي الڳ حيثيت ٺاهي. سندس وفات هالا ۾ 1985ع ۾ ٿي. هت سندس مرثيي جا ٻه بند نموني خاطر ڏجن ٿا.
اڄ روزه شهادت آ غريب الغربا جـــــــــــــــــــو،
اڄ روزه شهادت آ راضيءِ رضا جـــــــــــــــــــــو،
اڄ روزه شهادت آ بس وطنِ جدا جـــــــــــــــــو،
ڪاظم جي جگر بند جو يعني ڪ. رضا جو،
اڄ روزه شهادت آ مهمان خراســــــــــــــــــــــــــان،
جو خواهرِ بيڪس وئو ڇڏي گهر ۾ هراسان.

اي يارو هي غم ناهي ڪي ڪم از غم شبير،
حضرت جي هُئي ٻاس دم ذبح ته همشيـــــــــــــــر،
پر هاءِ رضا کان ٿي جدا خواهر دلگيـــــــــــــــــــــر،
ايران ۾ مسافر ڪيو ان کي نيئي تقديــــــــــــر،
تقدير خراسان ۾ رکيو ڀاءُ کي قبــــر ۾،
پر ڀيڻ جو مدفن به بنيو قم جي شهر ۾.(18)

[b]مخدوم طالب المولى
[/b] مخدوم محمد زمان طالب المولى مخدوم غلام محمد ”مغموم“ جي گهر 4 آڪٽوبر 1919ع تي جنم ورتو ۽ 11 جنوري 1993ع تائين پاڻ درگاه حضرت مخدوم نوحؒ جا سترنهن سجاده نشين هئا.
مخدوم صاحب شاعري ۾ غزل، نظم، بيت، ڪافي، بيت، فرد، رباعي، چؤسٽو ۽ مرثيو پڻ چيو آهي، ان کان سواء نثر نويسي ۾ به پنهنجو پاڻ موکيو اٿن. سندن شايع ٿيل ڪتابن جو تعداد ٻاويهه کن ٿيندو. مخدوم صاحب هالا جي ڪيترن ئي ادبي تنظيمن ۽ تعليمي ادارن جا روح روان ۽ سنڌي ادبي بورڊ جا ٻه ڀيرا چيئرمين رهي چڪا آهن. سندن علمي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ حڪومت پاڪستان طرفان کين 1965ع ۾ تمغه پاڪستان ۽ 1992ع ۾ هلال امتياز جا اعزاز ڏنا ويا.
مخدوم طالب المولى هڪ روحاني رهنماء، شاعر، اديب سان گڏوگڏ هڪ مدبر سياستدان پڻ هئا. پاڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جا باني ميمبر ۽ ان ئي پليٽ فارم تان پاڪستان قومي اسيمبلي جا چونڊيل عوامي نمائنده پڻ رهيا. هت سندن مرثيي جا ٻه بند نموني طور ڏجن ٿا:

عزيزو مَرهم زخم جگر نه ٿيندو ڪـــــــڏهــن،
ڪنهين کان چَاره داغ پِسر نه ٿيندو ڪــــــڏهن،
هي درد اهڙو آ جو بي اثر نه ٿيندو ڪــــــڏهن،
هزار صبر ڪري ڪوئي پر نه ٿيندو ڪڏهن،
امامؑ دين کان چشم و چراغ ٿئي ٿو جــــــدا،
جواني علي اڪبرؑ جي باع ٿئــي ٿو جــــــــدا.

تلف جڏھ ٿي شهه خُوش خِصال جي دولت،
لُٽي عَدوُ يا بُدرِ ڪمال جي دولــــــــــــــــــــــت،
تباهه ٿي نبئيؐ ذوالجلال جي دولــــــــــــــــــت،
ملي آ خاڪ ۾ زهراؑ جي لال جـــي دولــــــت،
نه جـــــــــــان تَنَ ۾ نه بينائي چشـــــم تر ۾ رهي،
نه سا خوشي شهه دنيا و دينءَ جي گهر ۾ رهي.(19)

[b]نور علي:
[/b] نور علي نالي هڪ شاعر جو هڪ مرثيو هٿ اچي سگهيو آهي، البته ان جي زندگي بابت پڪ سان ڪجهه به چئي نٿو سگهجي. گمان غالب آهي ته نور علي جو مڪمل نالو سيد نور محمد شاھ آهي نور علي تخلص ڪندو هو. ويجهڙائي واري دور ۾ وفات ڪري ويو آهي. جيئن ته هي هالا جو مرثيه گو شاعر هو، ان خيال سان اسان هت هٿ آيل هڪ مرثيي جا ٽي بند نموني طور ڏيون ٿا.

شال ڪنهنجو نا مري پٽ نوجـــــــــــــوان،
شاھ جو پٽ جهڙو اڪبر پهلـــــــــــــــــــوان،
موت اهڙي پٽ جو آهي ڪُک جو ڪان،
داغ اهڙو آهي ڪنهن کئون الامــــــــــــــان،
پٽ مري ۽ پير پيءُ جيئـــــــرو رهي،
ناهي ممڪن داغ اهڙو ڪـــــو سهي.
ٿو ڪري راوي هي احوال خليــــــــل،
راھِ حق ڪيائين ٿي قربان اسمٰعيـل،
تڏ اکيون ڪيئن بند باحال عليــــــــل،
پر ڏسو هيءُ شاھ جو صبر جميــــــل،
ٿيـــــــو ڪُسي جڏ راه حق فرزند خدا،
ســـــــــــر بسجده شاھ ڪيو شڪر خدا.
ٿيو جدا يوسف جڏھ يعقوب کــــــــان،
ٿي رنو يعقوب با آھ و فغــــــــــــــــــان،
هئا اگر يعقوب کي فرزند گهڻـــــــان،
۽ نه يوسف ٿيو قتل اکين اڳيــــــــان،
پــــــــر ٿيو سامهون شاھ جي دلبر قتل،
ڇا ڪري بلبل ڏسي ڪرندو وڃي گل.(20)

[b]سيد مڱيل شاھ
[/b] سيد مڱيل شاھ سبزواري تخلص “مڱيل” 1952ع ۾ هالا پراڻا ۾ جنم ورتو. سندس وڏو ڏاڏو سيد مير ڪلان شاھ، حضرت قلندر شهباز سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو. سندس شجرو حضرت امام موسى ڪاظم سان ملي ٿو.
مڱيل شاھ سٺو شاعر هجڻ سان گڏوگڏ بهترين خوشخط پڻ هو. هو علم حڪمت، رمل، نجوم، قيافه، روحانيت ۽ جعفر ۾ ڄاڻ رکندڙ هو. هن شاعري جي مڙني ضنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي پر خاص ڌيان مرثيي تي ڏنو اٿس. پاڻ ڪجهه عرصو اڳ وفات ڪري ويو. سندس سمورو ڪلام اڻڇپيل آهي. سندس مرثيا، نوحه ۽ سلام هالا ۾ پڙهيا ويندا آهن. هن وقت هت سندس مرثيي جو هڪ بند نموني طور ڏجي ٿو:
اول بسم الله سان ڪريان شروع ٿو هي حقيقت آھ،
سڀ.ئي تعريف رب جي جنهن بنائي ساري خلقت آھ،
از بعدِ خدا حضرت محمدؐ جي رسالـــــــــــــــــــــــــــــــت آھ،
رسالت جو اجر آلِ محمدؐ سان مــــــــــــــــــــــــــــــــــودت آھ،
مگر امت رسالت جو ڏنو اهڙو اجــــــــــــــــــورو هئي،
شجر ڪاٽي ڪيئون باغ نبيؑ ويـــران سمورو هئي.(21)
اسان پنهنجي هن مختصر مطالعي ۾ هالا جي مرثيه نويس شاعرن جو تذڪرو ڪيو آهي. سنڌي ادب ۾ ڪن ٻين موضوعن وانگر هن موضوع متعلق ڪو گهڻو ڪم نه ٿيو آهي. ڪيترا اهڙا مرثيه نويس شاعر آهن جن جي مرثين جا بياضَ قلمي حالت ۾ موجود آهن ته ڪن جا مرثيه ڏاڍي شوق سان پڙهيا ۽ ٻڌا وڃن ٿا، پر اهڙو ذخيرو ٿوري تعداد ۾ ڪنهن هنڌ يڪجاءِ ٿيل آهي ۽ بلڪل ئي نه شايع ٿيل آهي.
هــــــالا جي ذڪر ڪيل هنن مرثيه نويسن کان سواء محمد رمضان اولياء، حسيـــــن بخش ميمڻ، فتح محمد شيخ، محد اسماعيل ميمڻ، انور هالائي، سوز هالائي، حميد شهيد سيف بخاري ”تنها“، نور علي سمون، اياز احمد اياز، جاويد سوز هالائي، خان محمد ميمڻ پڻ سانحه ڪربلا جي ڏکوئيندڙ واقعي بابت نوحه، قصيدا، سلام چيا آهن.
*****

[b]حوالا[/b]
1. خان بهادر محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ، ص134، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 2000ع.
2. سنڌ جي ادبي تاريخ، ص136،
3. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاھ جو رسالو- رسالي جو ڪلام(جلد ڏهون) ص29، علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد، سنڌ 1996ع
4. مخدوم صالح ڀٽي، ڪيڏارو، ص12-10، ناشر: محمد امين ۽ محمد اشرف ڀٽي، بار دوم؟
5. ڪيڏارو، ص43-42
6. ڪيڏارو ص48
7. مرزا عباس علي بيگ (ترتيب)، ڪليات ثابت علي شاھ، ص15، اسلامڪ ڪلچر انيڊ ريسرچ سينٽر ڪراچي.
8. مرزا امام علي بيگ، سنڌ ۾ مرثيا نويسي جو تحقيقي جائزو، ص263، Ph.D لاء تحقيقي مقالو (اڻڇپيل) 1995ع
9. پروفيسر محبوب علي چنه (مرتب)، ڪليات امين، ص8-207، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1990
10. مخدوم طالب المولى، درناياب عرف يادرفتگان، ص43، سنڌي ادبي بورڊ 1994ع
11. در ناياب عرف ياد رفتگان، ص145
12. مخدوم جميل الزمان، تذڪره مخدومان هالا، ص287، طالب المولى اڪيڊمي هالا، 2001ع
13. تذڪره مخدومان هالا، ص304
14. تذڪره مخدومان هالا، ص7-6-295
15. ڪليات ثابت علي شاھ، ص34
16. بياض مولابخش، قلمي، مخمور بخاري
17. ڪيڏارو، ص140-139
18. بياض عيسى عاجز هالائي، قلمي: مخمور بخاري
19. مخدوم طالب المولى، شان حسين ص8-116، اشاعت زير سرپرستي، مخدوم خليق الزمان، مرتب: جليس جعفري، 2005ع
20. سنڌي مرثيا نويسي جو تحقيقي جائزو، ص359
21. سنڌي مرثيا نويسي جو تحقيقي جائزو، ص379