مختلف موضوع

هالا جا رنگ هزار

هي ڪتاب ”هالا جا رنگ هزار“ هالا متعلق مختلف ليکڪن جي خوبصورت لکڻين جو مجموعو آهي۔ جنهن جو سهيڙيندڙ محترم محمد حبيب سنائي آهي۔ هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ذوالفقار علي ابڙو ۽ برڪت علي شيخ ڪئي آهي۔ جڏهن ته وائس آف سنڌ پاران اِي بوڪ جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايو ويو آهي۔
هالا هڪ قديم وسندي آهي. انجي حوالي سان ڪافي مواد ڪافي ڪتابن ۾ ٽڙيو پکڙيو پيو آهي. مون ڪوشش ڪري اهم تاريخي ڪتابن مان هالا جي حوالي سان مواد هن مجموعي ۾ شامل ڪيو آهي، ته جيئن مستقبل جي مؤرخ توڙي عام پڙهندڙ کي ڪافي سارو مواد هڪ جاءِ تي ملي پوي. اميد اٿم ته هيءُ ڪتاب اڳتي هلي بنيادي ماخذ يا سورس مٽيرل طور ڪم ايندو. اوهان کي ڪن هنڌن تي ورجايل ڳالهيون به ملنديون. اصل ۾ اسان نامور ڪتابن تان مواد جيئن جو تيئن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهنڪري ڪن شخصيتن جي ذڪر ۾ ورجاءُ ٿي ويو آهي. اميد ته فاضل پڙهندڙ انهيءَ سهو کي معاف فرمائيندا.
  • 4.5/5.0
  • 6502
  • 792
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حبيب سنائي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هالا جا رنگ هزار

هالا جو سيرُ

ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي

هالا جو سيرُ

[محترم ڀيرومل مهرچنداڻي صاحب سنڌ جو سيلاني نالي ڪتاب لکيو هو. جنهن مان هالا جو ذڪر هيٺ پيش ڪجي ٿو. ياد رهي ته هي مواد حسين بادشاه جي سهيڙيل ڪتاب ”حيدرآباد جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن تان ڪوريو ويو آهي.]

[b]هالا[/b]
مسلمانن جي هڪ ذات جو نالو ”هالا“ آهي، جنهن تان هالن جي شهر تي نالو پيو آهي. هالن جا شهر ٻه آهن: هڪ هالا پراڻا، ٻيو هالا نوان، جن جي وچ ۾ مفاصلو رڳو ڪوهه کن جو آهي. پراڻن هالن جو شهر سمن جي صاحبيءَ ۾ 1422ع ڌاري ٻَڌو، پر پوءِ درياهه شاهه جي دڙڪن ماڻهن کي مُنجھايو ۽ ڪيترن پنهنجا اصلوڪا ڇنا ڇڏي وڃي نوان پَٽَ وسايا. نون هالن جي شهر جو اصلوڪو نالو مرتضيٰ آباد هو. اهو نئون شهر ارڙهين صديءَ ۾ مخدوم مير محمد ٻڌايو هو، جنهن جو مقبرو اڄ تائين اُتي آهي. نون هالن ۾ مخدوم نوح جي به درگاهه آهي. انهيءَ درگاهه ۾ جيڪي لکيتون آهن، تن مان هڪ وڏيءَ لکيت مان معلوم ٿو ٿئي ته اهو مقبرو مخدوم محمد زمان جوڙايو هو. اهو مقبرو 1790ع ۾ ٺهيو ۽ اُن جي مٿان ساڳئي سال ۾ فتح علي خان ٽالپر قُبو اَڏايو هو. مخدوم مير محمد جو مقبرو به فتح علي ٽالپر جو اڏايل آهي. ٻنهي مقبرن جي ويجھو مسجد آهي، جيڪا ڪرم علي خان ٽالپر جي جوڙايل آهي. هتي ٽالپرن ڇو هي خرچ ڪيا آهن، سو هن ڪري جو مخدوم نوح سنڌ جي هاڪارن درويشن مان هڪڙو آهي. حقيقت ڪري سنڌ ۾ ٽي مرشد ليکيندا آهن: هڪڙو مخدوم لعل شهباز قلندر سيوهاڻي، ٻيو مخدوم نوح هالن وارو، ۽ ٽيون مخدوم بلاول باغبان تعلقي دادوءَ وارو. هن شهر جو مخدومن جي ڪري مانُ مرتبو مٿي آهي ۽ ڪاريگريءَ جي ڪمن هالن کي هاڪارو ڪيو آهي، نه ته هتي ٻيو ڪجھ ڪونهي، يعني هتي ڪو اهڙو نزاڪت ڀريو نظارو ڪونهي، جنهن جو ذڪر ڪجي: باقي درياهه جي ڀر آهي، جنهن ڪري وڏا وڻ واٽن تي آهن. سڄي هالن تعلقي ۾ پڪي زمين ٿوري آهي: باقي دسڙ، وارياسي ۽ ڪلراٺي گھڻي آهي.
هالن جو شهر ڪاشيءَ جي سامان ۽ جنڊيءَ جي ڪم ڪري گھڻو هاڪارو آهي. حقيقت ۾ عاليشان هندورا ۽ پلنگ ۽ سهڻا گنج، جن تي مينا ڪاري ٿيل هوندي آهي، سي کاڻوٽ تعلقي هالا ۾ ٺهندا آهن؛ پر اهو سڀ هالن جو سامان سڏبو آهي. هالن جو ڪاشيءَ جو سامان يوروپي ماڻهو دل ڪري وٺندا آهن؛ پر سنڌي ماڻهن ۾ اُن جو اهڙو قدر ڪونهي، جهڙو هئڻ گھرجي.
هالن ۾ سوسيون ۽ چيڪ به ٺهندا آهن. هالن جي چيڪن جو ذڪر هڪ ڪافيءَ ۾ آهي، تنهنڪري اُها هتي ڏجي ٿي:
ڪافي طرز: پاڻ ڏاڍن سان نِينهن نه لائجي.
ملڪ جي مان وڌائڻ لاءِ، ڪپڙو پايو سڀ ديس جو
نٽ شٽ کي سڀ ڏيو نيڪالي، ساديءَ هِلت هلائڻ لاءِ
هنر هزارين مُئل جياريو، هنرن زور وٺائڻ لاءِ
ساڌو هيرانند ۽ نولراءِ، پاتا ٿي چيڪ چتائڻ لاءِ
چيڪ هالن جا ساڌُن پاتا، هنرن کي همٿائڻ لاءِ
جھڙي اسان ڪي ڪونه ڪري ڪو، ديس مان بُک مٽائڻ لاءِ
سوال ڀارت جو سُڻو سنڌواسي، ديس سان ڀال ڀلائڻ لاءِ
ڪپڙو پايو سڀ ديس جو.
هالن ڏي وڃڻ لاءِ ٽنڊي آدم يا شهدادپور اسٽيشن تي لهبو آهي. ٽنڊي آدم کان وڃبو ته واٽ تي شاهه جي ڀِٽ ايندي، جنهن جو ذڪر ڪيترن ڪتابن ۾ آهي، جو اُهو ڳوٺ سهڻي لطيف ٻڌايو هو، جنهنڪري هو عام طرح ڀٽائي گھوٽ سڏجي ٿو. شهدادپور کان هالن ڏي وڃبو ته اُڏيري لال جو درشن سولائيءَ سان ڪري سگھبو. جيڪڏهن ڪنهن کي دادوءَ پاسي کان هالن ڏي وڃڻو هجي ته گوپانگ اسٽيشن تي لهي پوي، جو اُتان پنڌ رڳو چار ڪوهه آهي؛ پر کَتڻ لانگھائو پنڌ آهي. خشڪيءَ جي رستي هالن وڃڻ لاءِ حيدرآباد جي ڪاري ڦڙدي وٽان مياڻي ۽ مٽياري وارورستو وٺي وڃبو آهي. هن پاسي حيدرآباد ضلعو، نواب شاهه سان اچي ملي ٿو ۽ ٻئي ضلعا هن پاسي اُڏيري لعل جي در جا دربان ٿي بيٺا آهن.

[b]خدا آباد (نئين)
[/b] خداآباد جو شهر نون هالن کان ڏيڊ ميل پنڌ تي آهي ۽ ٽنڊي آدم جي اسٽيشن کان ساڍا اٺ ڪوهه کن پري آهي. هي شهر ميان سرفراز خان ڪلهوڙي 1774ع ڌاري ٻڌايو آهي. انهيءَ کان اڳي ڪلهوڙن جو تختگاهه اُهو خداآباد جو شهر هو، جيڪو دادوءَ پاسي آهي؛ پر کوسن انهيءَ شهر کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو، جنهنڪري ميان غلام شاهه ڪلهوڙي نيرن ڪوٽ (حيدرآباد) وسائڻ جي ڪوشش ڪئي. جيستائين حيدرآباد جو قلعو ۽ ٻيون جُڙيون، تيستائين ڪلهوڙا ڪجھ وقت شاهپور ۾ رهيا ۽ پوءِ هي خدا آباد جو شهر اچي وسايائون، جو 1789ع تائين سندن گاديءَ جو هنڌ هو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙو حيدرآباد کي پنهنجي تختگاهه بنائڻ کان اڳ پاڻ حياتيءَ جي تخت تان لهي پيو. مير فتح علي خان پوءِ حيدرآباد کي پنهنجو تختگاهه ڪيو، پر تڏهن به هي خدا آباد جو شهر چڱو وسيل هو. 1814ع تائين هي نئون شهر اهڙو وسيل هو، جھڙو حيدرآباد جو شهر اُنهيءَ سال وسيل هو؛ پر ٽيهن ورهين کانپوءِ يعني 1844ع ڌاري هن خدا آباد جو اهڙو حال ٿيو، جو منجھس نالي کي هڪ گھر به ڪونه بچيو. ڪيترا پير مرد چون ٿا ته هن شهر کي درياهه پائي ويو، جنهنڪري ماڻهو هتان لڏي ويا. تواريخن مان ايترو معلوم ٿئي ٿو ته هي شهر ڦٽڻ کان اڳ ڪيتري قدر ڌڪاڻجي به ويو هو.
هن وقت خدا آباد جو شهر ماٺيڻن جو پاڙو (قبرستان) آهي. هتي هڪ ڪوٽ ٺهيل آهي، جنهن جي اندر مير فتح علي جو قُبو آهي، جيڪو اندران سڄو پٿر جو آهي ۽ مٿس عمدو نقش اُڪريل آهي. قُبي ۾ ٻين ميرن جون به قبرون آهن، جيڪي سڀ پٿر جون آهن ۽ مٿس قرآن شريف جون آيتون خوشخط لکيل آهن. اُنهيءَ قُبي جي صحن جي اُڀرندي پاسي پٿر جون چار چوکنڊون آهن، جن جي اُتر طرف هڪ تجر ۾ به تربتون آهن، جن مان هڪ تُربت مائي خيريءَ جي آهي، جيڪا مير فتح علي خان جي ماءُ هئي. مائي خيريءَ جي مسجد حيدرآباد ۾ ميان فقير جي پِڙ ۾ آهي ۽ پاڻ هتي پنهنجي پُٽ جي ڀر ۾ دفن ٿيل آهي.
خدا آباد واري ڪوٽ جي ٻاهران مسجد آهي، جنهن جي اُتر طرف چوديواريءَ اندر پٿرايون چوکنڊون آهن، جن تي اُڪر جو ڪم نهايت عمدو ٿيل آهي. هتي اُلهندي پاسي هڪ اُٺ جيڏي قبر سرن جي ٺهيل آهي! هي سڄو مقام آهي ۽ اُن جي اُتر ڏي ڪلهوڙن جو قلعو آهي، جنهن ۾ مير بهرام ۽ مير صوبيدار سان غضب ٿيو هو. مير بهرام، مير شهداد جو پُٽ هو ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي وٽ برک هو. ميان سرور خان به پهريائين ڏاڍي عزت ڏيندو هوس، پر پوءِ هڪ حرڪتي سردار راڄو ليکي، جيڪو موري تعلقي ۾ دفن ٿيل آهي، تنهن ميان سرفراز خان کي چوريو، جنهنڪري ميان جي مير بهرام ۽ سندس پُٽن ۾ بدگماني پيدا ٿي. مير بهرام کي ٻه پُٽ هئا: هڪ مير بجر، ٻيو مير صوبيدار. هڪڙي ڏينهن مير بهرام، ميان سرفراز خان جي سلام تي ويو ته ميان چيس ته پنهنجي پُٽ مير بجر جا حال ڏس. اُجھو هي خط پڙهي ڏس ته منجھس ڇا لکيو اٿس. مير بهرام وائڙو ٿي ويو ۽ عينڪ پائي اڃا خط ٿي پڙهيائين ته ميان سرفراز خان پنهنجي ڪنهن ماڻهوءَ کي اشارو ڪيو، جنهن اُمالڪ ترار هڻي سِسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيس! هي ويچارو خط پڙهي خون ٿي ويو!! ميان سرفراز جي ماڻهن پوءِ مير بهرام جي پُٽ مير صوبيدار کي وڃي ماريو، پر هن مرڻ کان اڳ راڄي ليکيءَ جي پُٽ الله بخش ۽ ٻين ٿورن کي عدم جي راهه ٻڌائي. هي هولناڪ حادثو 1774ع ۾ ٿيو.
مير بحر کي پڻس اڳيئي چيو هو ته ميان سرفراز مان خوف سمجھجھانءِ، سو ته هڪدم هليو ويو حج تي! هڪ پير مرد مسلمان چيم ته مير بجر ڪاڻو هو ۽ ڏاڍو سياڻو هو. هو ساهه بچائڻ سانگي حج ڏي هليو ويو، پر اُتي به سنڌ جي وڻن کي پيو سنڀاريندو هو. مير بجر جي ڏاڙهي ڊگھي هئي، تنهن سان درگاهه جو در پيو ڇنڊيندو هو ۽ دم دم اها دعا پيو پنِندو هو ته شل سگھو سنڌ ۾ وڃي موجون ماڻيان. پير مرد چيو ته ڪنهن وقت درگاهه مان مير بحر کي آواز آيو ته، ”بجر ڪاڻا، وڃي گھماءِ سنڌ ۾ گھاڻا.“ مير بجر پوءِ سنڌ ۾ آيو ۽ گھاڻن گھُمائڻ کان اڳ سندس سر تي تلوار گھمايائون، جا ڳالهه عالم آشڪار آهي. ”ڪَنَ جي ڳالهين مير بجر کي مارايو!“ اِهو پهاڪو اڄ تائين مشهور آهي. هن خدا آباد واري قبرستان ۾ مير بهرام ۽ پٽس مير صوبيدار جون قبرون جدا چوکنڊين ۾ آهن ۽ مير بجر جي چوکنڊي اُنهن جي چوکنڊين جي ويجھو آهي.

[b]اڏيرو لعل
[/b]ڳوٺ اُڏيرو لعل، هالن تعلقي [هاڻي مٽياري تعلقي] ۾ اُڏيرو لعل اسٽيشن کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي آهي. اهو اصل جهيجن جو ڳوٺ سڏبو هو، جو جهيجا ذات جا مسلمان اُتي رهندا هئا. هتي پوءِ اُڏيري لعل جو مندر ٺهيو، تنهنڪري لعل صاحب جو مٿس نالو پيو. لعل صاحب پنهنجي مندر لاءِ هي پَٽَ ممڻ نالي هڪ ميمڻ کان سنبت 1019 ڌاري ورتو هو. هن پهريائين پٽ جا پئسا ٿي گھريا. چون ٿا ته اڏيري لعل امالڪ زمين ۾ نيزو کوڙيو ته ميمڻ کي اڪيچار ڌن ڌرتيءَ ۾ پوريل ڏسڻ ۾ آيو. تڏهن سمجھيائين ته ڪنهن ڪامل سان ڪم پيو اٿم. هو پوءِ پنهنجي زال سان صلاح ڪرڻ ويو ته هن کان پٽ لاءِ پئسا وٺجن يا نه. اڏيري لعل سان ان وقت پڳر ٺڪر ساڻ هو، جيسين ميمڻ جوءِ سان صلاح ڪرڻ ويو، تيسين هنن ٻنهي ڄڻن (لعل صاحب ۽ پڳر ٺڪر) کي اس گهڻو ستايو. لعل صاحب پوءِ پنهنجي قدرت سان هڪ کٻڙ جو وڻ پيدا ڪيو هي ٻئي ڄڻا ان جي ڇانو ۾ ٿي بيٺا. ميمڻ پوءِ زال سوڌو آيو، هي قدرتي وڻ ڏسي هيڪاري وائڙو ٿيو. هن پوءِ لعل صاحب کي چيو ته زمين جا پئسا اسان کي ڪونه کپن؛ باقي ايتري مهرباني ڪريو، جو جيڪا درگاهه هتي ٺاهيو، تنهن ۾ اسان کي مجاور ڪري رکجو. لعل صاحب اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ پڳر ٺڪر، جيڪو سندس سؤٽ به هو ۽ شش به هو، تنهن کي مندر جوڙائڻ جي پارت ڪري پاڻ گھوڙيءَ تي سوار ٿيو ۽ گھوڙيءَ سوڌو اُنهي هنڌ سڀني جي ڏسندي زمين ۾ الُوپ ٿي ويو!
جنهن هنڌ اڏيري لعل نيزو کوڙيو تنهن هنڌان قدرتي پاڻي نڪتو. پڳر ٺڪر پوءِ انهي هنڌ کوهه کڻايو، جنهن کي ”ٻالنڀو“ ڪري سڏيندا آهن. لعل جا جاٽي انهي کوهه ۾ بجراڻا ۽ ديڳيون وجھندا هئا. کٻڙ جو وڻ جيڪو لعل صاحب پنهنجي قدرت سان پيدا ڪيو هو. سو به اڄ تائين آهي، ان جي ڀر ۾ ٻيا به کٻڙ ڄارا آهن.
اڏيري لعل جو هاڻوڪو مندر جڏهن ٺهيو ٿي، تڏهن مسلمان چوڻ لڳا ته اسين هتي تجرون جوڙائينداسون ۽ قبو اڏائينداسون۽ توهين جيڪڏهن مندر جوڙيندا ته پوءِ اسان کي پير پائڻ به ڪونه ڏيندا؛ پر جنهن صورت ۾ هو شيخ طاهر هو ۽ اسان جو وڏو پير هو، تنهن صورت ۾ سندس قبر جوڙائڻ اسان تي حق آهي. هندو چوڻ لڳا ته هو شري امر اُڏيرو لعل صاحب هو ۽ اسان جو اوتار هو، تنهنڪري اسين مندر جوڙائينداسون ۽ اکنڊ جوت ٻارينداسون. اهڙيءَ طرح هندن ۽ مسلمانن پهريائين پاڻ ۾ ردبدل ڪئي؛ پر پوءِ چڱي مت آين، جو پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيائون ته سڄي رات جاڳي امر لعل کي ارداس ٿا پايون، من اهو پنهنجي درگاهه جو فيصلو پاڻ ڪري. چون ٿا ته نيٺ اڌ رات جو آواز آين ته ذات تي ڏات ڪانهي، هتي جيڪو ڪمائي ڪندو، شيءِ آهي تنهن جي. مسجد ۽ مندر هڪ ڳالهه آهي، رڳو دل مان دئيت ڪڍڻ گھرجي. توهين هاڻ هيئن ڪريو، جو مسلمان قبو اڏائين ۽ هندو جوت جا آسٿان جوڙائين ۽ ٻئي ڀائرن جيان گڏجي ميٺ محبت ۾ مندر جي خدمت ڪن. انهيءَ فيصلي پٽاندر هندن ۽ مسلمانن گڏجي ڪم ڪيو ۽ ڪيترا سال سلوڪ ۾ گذاريائون، پر ٽن سالن کان منجهن اچي ناسازي پيدا ٿي آهي، جنهن ڪري حيدرآباد جي ڪليڪٽر صلح سانت قائم ڪرڻ لاءِ اڏيري لعل جو ميلو بند ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ نصرپور ۾ ميلو لڳندو آهي. اڳي هتي چيٽي چنڊ جي ميلي تي تمام چڱو واپار هلندو هو. ميلي تي اٺ به وڪامڻ ايندا هئا.