هالا جا دوست : جي ايم سيد
[b]هالا جا دوست
[/b][سائين جي ڪتاب جنم گذاريم جن سين، ۾ هالا جي جن شخصن جو احوال آهي، سو هيٺ ڏجي ٿو.]
[b] مخدوم غلام محمد صاحب، مخدوم ظهير الدين صاحب(هالا)
[/b] حضرت مخدوم نوح عليه رحمت جو هي پندرهون نمبر سجاده نشين، 12جمادي الاول 1303هه مطابق 21 فيبروي 1886ع تي ڄائو هو. هن سنڌي، فارسي، عربي ۽ انگريزيءَ جي تعليم ورتي. پاڻ پنهنجي والد جي 6 رجب 1335هه مطابق 11جنوري 1927ع تي وفاتيءَ بعد سجاده نشين ٿيو. سندس حياتيءَ تي مختصر روشني وجھڻ کان اڳ بهتر آهي ته سندس خاندان ۽ چند تازه سجاده نشينن جي زندگيءَ بابت ڪجھه لکان. هي خاندان سنڌ ۾ ”نو لکي گودڙي“ ڪري سڏبو آهي، يعني انهيءَ جي تسلط ۽ اثر ۾ پير صاحب پاڳاري کان پوءِ، يا ڪن جي نظر ۾ ان کان به وڌ، هيءَ گادي شمار ڪئي ويندي آهي. اڳين جو احوال بيان ڪرڻ هن ڪتاب جي دائري کان ٻاهر ٿيندو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته منجھن، واري سان، هڪ سجاده نشين فقيريءَ ۽ درويشيءَ طرف راغب ٿيندو آهي، ۽ هڪ دنياوي اقتدار ۽ ناموس طرف لاڙو ڪندو آهي.
[b]مخدوم ميان امين محمد
[/b]سندس ڏاڏو، مخدوم ميان امين محمد صاحب، 7 شعبان 1254هه مطابق 27 آڪٽوبر 1838ع تي ڄائو هو. اول ۾، دنياوي گادي نشينن وانگر، شڪار ۽ راڳ وغيره ڳالهين طرف دلچسپي رکندڙ هو. آخر عمر ۾ هن کي ويراڳ واسو ڏنو ۽ هالن جي ڀر ۾ ”راهونڊ“ نالي مڪان ۾ ڄارن ۽ کٻڙن ۾ کڏ ڪڍي، چله ڪشيءَ ۾ مشغول ٿيو. سگھو ئي فقيريءَ ۽ شاعريءَ ۾ درڪ حاصل ڪيائين. 26 رمضان 1303هه مطابق 29 جون 1886ع تي سندس وفات ٿي. سندس وڏو فرزند ميان محمد زمان سجاده نشين ٿيو.
[b]مخدوم ميان محمد زمان
[/b]هي مخدوم صاحب سنڌ جي عام سجاده نشينن وانگر، ظاهري رعب ۽ طاقت، نالي ۽ ناموس ۾ وک وڌائڻ لڳو. سندس نالو، انهيءَ ڪري، سرڪار پئجي ويو. هن ۾ فقيري يا درويشي نه هئي، پر مڙسيءَ جا گھڻا اکر هئس. هو پورالو راجا ڪري ليکبو هو. سندس راضي ٿيڻ ۽ رنج ٿيڻ جو پتو نه پوندو هو. جي ڪنهن تي راضي ٿيندو هو ته ڍئي ڇڏيندو هوس، جي ناراض ٿيندو هو ته خدا ڏئي پناهه. هو سنڌ جي انهن مخصوص خاندانن مان هو، جن ڪامورن جي ڏاڍ اڳيان سر نه نمايو، جنهنڪري هن کي گھڻيون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيئون. مثلاً کيس هڪ زال جي قتل ۾، ڪوڙي ڪيس هيٺ رجوع ڪري، گھڻيءَ تڪليف ۽ خرچ ۾ آندو ويو هو. سندس ڏينهن جا ٻه قصا عام ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، جنهن مان سندس جوشيلي ۽ باغيرت طبيعت جو پتو پئجي سگھي ٿو.
چون ٿا ته ڪنهن ڪليڪٽر کي دعوت ڏنائين، ۽ انهيءَ زماني جي دستور مطابق، سندس تفريح طبعيءَ لاءِ ملهه ۽ گھيٽن جي ويڙهه جو انتظام ڪرايائين. گھيٽن جي ويڙهه وقت ڪليڪٽر اعتراض ورتو. چي هي جانورن تي بيرحميءَ جو دستور آهي، اهو هو ڏسڻ نٿو گھري. انهيءَ تي ڪاوڙجي، مخدوم صاحب ساري مجلس درهم برهم ڪرائي ڇڏي. ۽ اها پرواهه نه ڪيائين ته ڪليڪٽر ناراض ٿيندو. چي: جيڪڏهن مهمان جي پسند جو لحاظ رکڻ ضروري آهي، ته ميزبان جي پسندي به ڪي حق رکي ٿي. دعوت دوستانه طور ڏنل هئي، نه حاڪم کي محڪوم طرفان. مجلس ۾ جي مهمان ميزبان جي جذبات کي مجروح ڪري سگھي ٿو، ته ميزبان به اهڙو حق رکي ٿو. جي کيس ڳالهه پسند نه هئي، ته مجلس پوري ڪرڻ بعد ان جو اظهار ڪري ها. مجلس ۾ اظهار ڪرڻ، سندس بيعزتي ڪرڻ جي برابر هو.
ٻيو مثال اهو ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته ڪنهن واهه جي کوٽائيءَ لاءِ انجنيري کاتي وارن طرفان هڪ ڇيڙ جي مخدوم صاحب کان گھر ڪئي ويئي. مخدوم صاحب ڪيئي سو ماڻهن جا ان طرف موڪليا، ۽ پاڻ به وڃِي اتي نڪتو. ڪم ڪرڻ بعد، ماڻهن کي ماني کارائي، انهن جي وندر لاءِ مخدوم صاحب ملاکڙو لڳارايو. ان وقت جي انجنير کي اها ڳالهه پسند نه آئي. هن منع ڪئي، جنهن تي مخدوم صاحب ان جي بيعزتي ڪئي، ۽ ڇيڙ واپس وٺي ويو. سندس طبيعت جي جولانيءَ جا ڪيئي اهڙا مثال زبان زد عام ٿي ويا.
پاڻ 28 رمضان 1321هه مطابق 2 سيپٽمبر 1913ع تي وفات ڪيائين. هو دنيوي ماڻهو، سخت ۽ پورالو هو. ليڪن سندس وفاتيءَ ڪري عام ماڻهن ۾ غم جي لهر ڇانئجي ويئي. جنهن جي معني اها ڪڍي سگھجي ٿي ته هو عام ۾ مقبول هو. هن مخدوم صاحب لاولد ٿي وفات ڪئي. کانس پوءِ سندس ننڍو ڀاءُ، ظهيرالدين عرف ميان پرو ڄام، گاديءَ تي ويٺو.
[b]مخدوم ميان ظهرالدين
[/b]هي وڏي ڀاءُ جي برعڪس هو. عالم، فاضل، عابد، درويش صفت ۽ تصوف جو ماهر هو. ديندار، نماز روزي جو پابند هو. مخدومن جي ملڪيت ۽ پيدائش تمام گهڻي آهي، ليڪن وڏي مخدوم جي ڪشاده دستيءَ ۽ ڪيسن وغيره ڪري خزاني ۾ پئسو نه رهيو هو. هي مخدوم صاحب نهايت سٺو منتظم ثابت ٿيو. سوين ايڪڙن ۾ باغ رکايائين. هالن جي ساريءَ بازار ۾ دڪان ٺهرايائين. ڪفايت شعاريءَ سان، چڱو پيسو گڏ ڪيائين. ان جي اها معنيٰ نه سمجھڻ گھرجي ته هو بخل طرف مائل هو، بلڪ هڪ وڏو سخي ٿي گذريو آهي. سوين بيواهن يتيمن، ۽ مسڪينن جا ماهيانا ٻڌي ڇڏيائين جن کي بنا ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي ڄاڻ جي گھر ويٺي اهي پيسا پيا ملندا هئا. حڪومت ۽ ڪامورن سان سٺا تعلقات هئس. گاديءَ جو اهو شان رکيائين جھڙو ڪنهن سجاده نشين ڇٽو رکيو هوندو. سڀ کيس ملڻ ويندا هئا، پاڻ ڪنهن وٽ نه ويندو هو. هو بلند اخلاق، سخي، دشمن نواز، وڏي تحمل ۽ بردباريءَ جو صاحب هو. سيدن پيرن جي اصلاح، انهن ذريعي خدمت خلق ڪرڻ ۽ ماڻهن جي اخلاقي زندگي ٺيڪ ڪرڻ جو شوق کيس جنون تائين پهتل هو. مون جڏهن مٽياري سيدن جي ڪانفرنس سڏائي، ته مون کي گهرائي ان جا مقصد پڇيائين. مون کيس ٻڌايو ته ان مان منهنجو مقصد هن طبقي جي اخلاقي اصلاح آڻي، کين خلق خدا جي خدمت ۽ سندن بزرگن وانگر هدايت ۽ صحيح تعليم ڏيارڻ طرف راغب ڪرڻ آهي. جنهن تي صلاح بيٺي ته مٽياري سيدن جي انجمن ٺاهڻ بعد، لڪيارين جي انجمن ٺاهي، ساريءَ سنڌ جي سيدن پيرن جي ڪانفرنس سڏائجي. کيس ان ڳالهه جو اهڙو اونو هو جو وقت بوقت لکي پڇندو هو ته انهيءَ ڳالهه ڪيتريقدر واڌارو ڪيو آهي. منهنجي والد سان سندس دوستي هئي. هو مون کي پڌرانه شفقت ۽ محبت جي نگاهه سان ڏسندو هو بدقسمتي اها ٿي جو آخر عمر ۾ بيمار گذارڻ لڳو، ۽ سگھوئي، 6 رجب 1345هه مطابق 11 جنوري 1926ع تي انتقال ڪيائين.
[b] مخدوم ميان غلام محمد
[/b]والد جي حياتيءَ ۾ ئي هن جو لاڙو فقيريءَ ۽ درويشيءَ طرف هو. ابڙيچن جي نزديڪ، ڄارن ۾ چله ڪشيءَ ۽ غور فڪر ۾ مشغول رهندو هو. خوش قسمتي سان سگھو ئي سندس محمد فقير کٽياڻ سان واقفيت ٿي، جنهن همه اوست جي نقطه نگاهه کان کيس نه صرف واقف ڪيو، پر کيس خودي کانئڻ جي اهڙي تعليم ڏني، جنهن هن مان وڏ ماڻهپيءَ ۽ معتبريءَ جا سڀ اثر ختم ڪري ڇڏيا. اهو سندس خودي کانئڻ جو معراج هو، جو هالن جي بازار مان فقيرن سان گڏ ڳائيندو لنگھيو؛ نه ته عام طرح مخدوم صاحب بازار ۾ اچڻ کي عيب سمجھندا آهن. سندن جاءِ جي ٻاهران ڪيئي دربان ويٺا هوندا آهن. سندن ملاقات به مشڪل مسئلو هوندو آهي. فقير جي صحبت مان، همه اوست سان گڏ کيس صوفياڻي راڳ ٻڌڻ ۽ ميءِ نوشيءَ جو ورثو به مليو.
مخدوم صاحب نياز ۽ حلم جو مجسمو هو. ڳالهائيندو ٿورو هو. سدائين سڪوت ۾ رهندو هو. جيڪڏهن ڪو ساڻس ڳالهائيندو هو ته ٻن ٽن چونڊيل لفظن ۾ اهڙو جواب ڏيندو هو، جنهن تي وڏن جيد عالمن ۽ فيلسوفن کي به رشڪ اچي.
منهنجي ساڻس رئيس فقير بخش خان ڪاڇيءَ جي معرفت واقفيت ٿي: ليڪن بدقسمتيءَ سان انهيءَ وقت سياسي ڳالهين ۾ مشغول رهڻ ڪري، سندس مجلس ۽ ملاقات مان گھڻو لطف حاصل ڪري ڪو نه سگھيس. دنيوي ڪارخاني جو ڪاروبار سندس ننڍو ڀاءُ مولوي ميان غلام حيدر صاحب هلائيندو هو. جنهن جو احوال جدا ايندو. کيس ميان محمد زمان فرزند ٿيو، جو ”طالب المولا“ جي تخلص سان سنڌي ادب جي بينطير خدمت ڪري رهيو آهي.
مخدوم ميان غلام محمد صاحب 1 محرم 1363هه مطابق 28 ڊسمبر 1943ع تي وفات ڪئي.
[b]2. مخدوم ميان غلام حيدر ولد مخدوم ميان ظهير الدين قريشي
[/b]هي صاحب هالن جي صديقي قريشي گھراڻي مان هو، جي عام طرح مخدوم سڏجن ٿا. هي مخدوم نوح رح جي اولاد مان، سندس چوڏهين نمبر سجاده نشين مخدوم ميان ظهير الدين عرف ميان پريل ڄام جو چوٿون نمبر فرزند هو. پاڻ 12 ذوالحج 1316هه مطابق 24 اپريل 1899ع تي هالن نون جي شهر ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم هالن ۾ هڪ مڪاني عالم وٽ حاصل ڪيائين. پوءِ مولوي شاهه محمد وٽ پڙهيائين. ان کان پوءِ هي ديوبند ۾ويو، جتان مولويءَ جو ڪورس پورو ڪري، دستاربندي ڪري آيو. واپس اچڻ تي سندس والد مرحوم سمورو ڪاروبار سندس حوالي ڪيو. انهيءَ ساري مشغوليت هوندي به، هي ادبي ۽ علمي صحبتن کي جاري رکيو ۽ ڪتابي مطالعو ڪندو آيو، جنهنڪري سندن خانداني ڪتب خاني ۾ ڪتابن ۾ ڪافي اضافو ٿيو. هي تعليم جي معاملي ۾ گھڻي دلچسپي وٺندو هو ۽ هٿ کولي پيسو خرچ ڪندو هو.
سياست ۾ دلچسپي وٺڻ جي شروعات هالا ميونسپالٽيءَ جي پريزيدنٽ چوندجڻ سان ڪيائين. منهنجي ساڻس واقفيت 1922ع کان ٿي. ان جو خاص وجھ اهو هو ته سندن والد موحوم مون کي پڌرانه شفقت سان ڏسندو هو. انهن جي ملاقات لاءَ جڏهين ويندو هئس، ته ميان غلام حيدر صاحب سان به ملڻ ٿيندو هو. ان وقت ميان غلام حيدر صاحب سان اڪثر علمي ۽ ادبي گفتگو ٿيندي هئي. آهستي آهستي ٿي اسان جو دوستاڻو رستو ٿي ويو. اهو آخر تائين هلندو اچي ها، جيڪڏهين سياسي ڳالهيون انهيءَ ۾ رخنو نه وجھن ها.
1938ع ۾ ميران محمد شاهه بمبئي ڪائونسل ۾، سر غلام حسين جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبر چونڊجڻ بعد خالي ٿيل جاءِ تي اميدوار بيٺو. ميان غلام حيدر مهرباني ڪري منهنجي چوڻ تي هن کي مدد ڪئي، ۽ هو ڪائونسل تي ميمبر چونڊجي ويو. ان کان پوءِ 1930ع ۾ وري بمبئي ڪائونسل جي چونڊ ٿي. ان ۾ ساڳئي ڪم لاءِ وٽس ويس، ان وقت مخدوم ميان غلام محمد صاحب تي هر طرف کان اثر پوڻ لڳا هئا. ميان غلام حيدر تي ڪن دوستن طرفان ميان نور محمد جي فائدي ۾ مدد ڪرڻ لاءِ اثر پيا هئا. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”اڻ هيريا م هير متان هرني، هيريا نه ڦير متان ڦرني“، ان وانگر مون ساڳيءَ مدد جي توقع رکي. ليڪن هن کي مصلحتن جي بناءِ تي ٻنهي طرف رس رهائڻ جو خيال هو. اهڙي ڳالهه لڪي نٿي سگھي. هن وقت تائين مدد کي خاص مهرباني سمجھي پئي ويئي. هاڻ آسپاس ڪم ڪرڻ بعد معلوم ٿيو هو ته انهيءَ حد ۾ منهنجو شخصي به ٿورو گھڻو اثر هو. هالن پراڻن ۾ عزازت ۽ تعلقات هئا. خانوٺ ۽ ڀٽ وارن سيدن پيرن سان به لاڳاپا هئا. زير پير، جھنڊي جي پيرن جي هڪ گروهه، ڀاڻوٺ مٽياري وغيره طرف ازخود اثر هلي سگھيو ٿي. پهرين خيرات سمجھي مدد ورتي پئي ويئي. هاڻ حجت ۽ حق سان مدد گھري ويئي. نتيجي ۾ آهستي آهستي ٿي شڪررنجي پيدا ٿي. جوانيءَ ڪري رت گرم ۽ تجربو ٿورو هو. سياست ۽ شخصي تعلقات کي جدا ڪري هلائڻ جو شعور ۽ جذبو پيدا ڪونه ٿيو هو. اهي اختلاف وڌي وڻ ٿيا.
سنڌ جدا ٿيڻ بعد جڏهين سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، ته اسان پير بقادار شاهه کي سندس سامهون اميدوار بيهاري، ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. پر مخدوم صاحب وڏي پير ميان الهيار شاهه، بقادار شاهه جي ڀاءُ، سان سڌي گفتگو ڪري، بقادار شاهه کي هٿ کڻائي ڇڏيو. چونڊن کان پوءِ اسان کي اميد هئي ته گڏجي ڪم ڪري سگھنداسون. پر اسان مخالفت ۾ ويٺاسون. ميان غلام حيدر مصلحتن کي نظر ۾ رکي، سر غلام حسين جي وزارت جو ساٿ ڏنو. جڏهين سر غلام حسين کي شڪست ملي ۽ الهه بخش جي وزارت وجود ۾ آئي، تڏهن ميان غلام حيدر، پير الاهي بخش صاحب جي ڪري، وزارت جو ساٿ ڏنو. جڏهين ڍلن جي سوال تي الهه بخش وزارت سان اسان جو اختلاف ٿيو، ۽ اسان وري مخالفت ۾ هليا وياسون، ته هي وزارت سان گڏ رهيو. اهڙيءَ طرح غلط فهميون ويئون وڌنديون. ساڳيءَ طرح سياست ۾ برادرم ميران محمد شاهه سان به منهنجا اختلاف پيدا ٿيا هئا، پر هن باوجود منهنجي سخت ڪوشيءَ ۽ بي محابائيءَ جي تعلقات نه ٽوڙيا ۽ منهنجون ڪافر ماجرايون برداشت ڪندو آيو؛ ليڪن مخدوم صاحب جي حالت جدا گانه هئي. هيءُ وڏي گادي نشين جو ڀاءُ ۽ پنهنجي ڳالهه کي مٿي ڪرڻ ۽ ڏسڻ وارو هو. سياست ۾ هر ڪو آزاد هو. جيڪڏهين اسان ڪن ڳالهين خاطر، جن کي اصول ٿي سڏيو سون، حڪومتن جي مخالفت کي پسند ڪيو ٿي، ته هن کي هر ڪو حق هو ته وقتي مصلحتن ۽ شخصي سهوليتن خاطر هو جدا رويو اختيار ڪري. تجربي ۽ سمجھ گھٽ هئڻ ڪري، رواداريءَ جي خبر ڪانه پيل هيم. هاڻ معلوم ٿيڻ لڳو آهي ته اڪثر سياستدان ننڍن ٻارن وانگر رسڻ پرچڻ لڳن ٿا. هنن لاءِ دنيا ۽ مافيها سياست رهي ٿي. ڪاش، اها سمجھ ان وقت اچي ها، ته هن علم دوست، اديب، پراڻي شفيق، مهربان دوست سان قديم نيازمندانه تعلقات آخر تائين قائم رهندا اچن ها؛ پر هاڻ ڪجھ ٿي نٿو سگھي. صرف ميان الهيار شاه مرحوم جا هي اکر ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن، جيڪي هن پنهنجي ڀاءُ پير بقادار شاهه ۽ مخدوم صاحب جي اليڪشن چٽاڀيٽيءَ ۾ پير بقادار شاه کي هٿ کڻائي، مون کي چيا هئا: چي: ”ميان ميمبريون ايترو لهن ئي ڪونه، جيترو لحاظ لهي!“ هن وقت مخدوم ميان غلام حيدر مرحوم جو ڀائٽيو مخدوم صاحب به سياست ۾ آهي. سندس سياسي پاليسي به ساڳي، مصلحتن جي لحاظ کان حڪومت جي طرفداري آهي پر اميد ته ماضي کان سبق پرائي اهڙي گستاخي نه ڪبي، جو سياست کي شخصي، ثقافتي ۽ خانداني تعلقات ۾ دخل انداز ٿيڻ ڏبو.
ميان غلام حيدر مرحوم سنڌ اسيمبليءَ تي 1946ع تائين ميمبر رهيو. سال 1946ع جي شروعات جي چونڊن ۾ هن پير بقادار شاهه کي اسيمبليءَ تي چونڊائڻ ۾ مدد ڪئي. وري سال جي آخر ۾ جڏهن اسيمبليءَ ختم ڪري نيون چونڊون ڪرايون ويئون، ته ان ۾ هي ميمبر چونڊجي آيو، ۽ آخر عمر تائين ميمبر رهندو آيو، هي هالا ميونسپالٽيءَ ۽ هالا مسلم ليگ جو پريزيڊنٽ به پڇاڙيء تائين رهندو آيو.
مرحوم ڪي ڪتاب به تصنيف ڪيا آهن، جن مان ڪي ڇپيل ۽ ڪي اڻ ڇپيل آهن. سندس ڪوشش سان مخدوم نوح عليه الرحمت جي درگاهه ۽ مسجد جي سامهون هڪ وڏو ورانڊو جمعي نماز پڙهڻ لاءِ تعمير ٿي، 1351هه ۾ مڪمل ٿيو. هن جو مکيه ڪارنامو 5 جنوري 1942ع تي هالن جي شهر ۾ مخدوم حيدر هاءِ اسڪول جو برپا ڪرائڻ آهي، جنهن جي ساري بلڊنگ سندس خرچ ۽ ڪوشش سان تعمير ڪرايل آهي. ان هاءِ اسڪول ۾ 20 فيبروري 1944ع تي بورڊنگ هائوس ٺهرايائين. ان کان پوءِ ان هاءِ اسڪول کي وڌائي ۽ ان سان گڏ سروريه اسلاميه ڪاليج پڻ 27 مئي 1947ع تي قائم ڪرايائين.
آخر عمر ۾ ذيابيطس جي بيماريءَ ڪري، سندن طبيعت ٺيڪ نه رهندي هئي. کين ڪو اولاد نه ٿيو. پاڻ 26 رمضان 1372هه مطابق 9 جون 1953ع تي صبح جو نوين بجي اڱاري ڏينهن وفات ڪري ويو. نورالله مرقده.
(صفحو 397 کان 400)
[b]3. مخدوم ميان محمد زمان صاحب، مخدوم ميان غلام محمد صاحب قريشي (هالا نوان)
[/b]هي صاحب مخدوم نوح عليه الرحمت جو 16 نمبر سجاده نشين آهي. سندس جنم جي تاريخ 9 محرم سنه 1338هه مطابق 16سيپٽبر 1919ع آهي. پاڻ اول ۾ قرآن شريف درگاه جي مجاور حافظ ولي محمد وٽ پڙهيائين ۽ ان کان پوءِ سنڌي حاجي عبدالغفور وڪيلاڻيءَ ۽ آخوند عبدالرحمان وٽ، ۽ فارسيءَ جي تعليم مولوي عبدالحئي ٺيڙهيءَ واري ۽ مولوي محمد عالم وٽ ورتائين.
ننڍي هوندي سندس چاچي مولوي ميان غلام حيدر صاحب جي تربيت هيٺ رهيو، جو سندن جد امجد ۽ والد مرحوُم جي ڏينهن ۾ سمورو ڪاروبار سنڀاليندو هو. سندن ڏاڏي مرحوم مخدوم ميان ظهيرالدين صاحب سنه 1927ع ۾ وفات ڪئي ۽ ان کان پوءِ سندن والد درگاهه سروريءَ جو سجاده نشين ٿيو.
هي پنهنجي والد کي اڪيلو فرزند هو. سنه 1937ع ۾ جڏهين ارڙهن سالن جي عمر کي رسيو ته سندس پهرين شادي ٽنڊي باگي جي پيرن وٽان ٿي، جي به مخدوم نوح عليه الرحمت جي اولاد مان قريشي پير آهن، ٽن سالن بعد سندن اهليه وفات ڪئي. ان مان کيس هڪ فرزند، ميان محمد امين صاحب ٿيو. ان کان پوءِ مولوي فضل احمد غزنويءَ جي نياڻيءَ سان ڊسمبر سنه 1942ع ۾ شادي ڪيائين.
سندن والد ميان غلام محمد صاحب 30 ذوالحج سنه 1363هه مطابق 16ڊسمبر 1944ع تي وفات ڪئي. هي سنه 1945ع جي شروعات ۾ سجاده نشين ٿيو. ان وقت سندس عمر پنجويهه سال هئي. ٻيو سندس ڪاروبار ساڳيءَ طرح هن جو چاچو ميان غلام حيدر سنڀاليندو رهيو. مخدوم ميان غلام حيدر 27 رمضان سنه 1372ه مطابق 9جون 1953ع تي وفات ڪئي. ان کان پوءِ سمورو ڪاروبار کيس سنڀالڻو پيو.
مخدوم صاحب کي شاعريءَ ۽ راڳ سان ننڍي هوندي کان شوق هو. پهريائين تخلص ”بيوس“، پوءِ ”فراقي“، بعد ۾ ”زمان شاهه“ ۽ آخر ۾ سنه 1949ع کان ”طالب الموليٰ“ اختيار ڪيائين.
پاڻ سنه 1936ع ۾ هالن جي شهر ۾ ”انجمن علم و ادب“ جو پايو وڌائين، جنهن جي سهاري هيٺ ڪيتريون ادبي ڪانفرنسون سڏايون ويون. سنه 1937ع ۾ سنڌي خان گويي جي اثر ڪري راڳ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. ادبي ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ ڪري هالن ۾ هڪ پريس الزمان نالي سان کولرايائين، جنهن مان ڪو وقت هفتيوار اخبارون ”الزام“ ۽ ”پاسبان“ نالي سان نڪرنديون هيون. 1950ع ۾ هالن مان هڪ ماهوار رسالو ” فردوس“ سندس سرپرستيءَ هيٺ جاري ٿيو. 1952ع ۾، ماستر جمع خان ”غريب“ سيتان شهر مان، ماهوار رسالو ”طالب الموليٰ“ سندس سرپرستيءَ هيٺ ڪڍيو. 1952ع کان سندس سرپرستيءَ هيٺ حيدرآباد مان ”شاعر“ رسالو نڪرڻ لڳو.
1946ع ۾ سنڌي شاعرن جي جماعت ”جمعيت الشعراءِ“ نالي سان قائم ٿي. ان ۾ هي دلچسپي وٺڻ لڳو، جنهن جو 1952ع تي جيڪب آباد واري اجلاس ۾ سرپرست چونڊيو ويو. 1957ع ۾ کيس گھوٽڪي ڪانفرنس جي موقعي تي جماعت جو صدر چونڊيو ويو. جنهن حيثيت سان پاڻ اڃا تائين انهيءَ جماعت سان وابسته رهندو اچي.
تعليم سان خاص دلچسپي اٿن. ”طالب الموليٰ هاسٽل، هالا“ ۽ ”طالب الموليٰ هاءِ اسڪول، دادو“ سندس ان دلچسپيءَ جا زنده مثال آهن.
1954ع ۾ اداره ”روح ادب سنڌ“ جو بنياد رکيائين، جنهن جي سهاري هيٺ هالن ۾ راڳ ڪانفرنس 1955ع ۾ سڏايائين، ۽ ماهوار رسالو ”روح ادب“ جاري ڪرايائين. نومبر 1955ع ۾، بزم طالب الموليٰ جو پايو وڌائين، جنهن جون سنڌ ۾ ڪيتريون ئي شاخون کلي ويئون آهن. جنوري 1956ع ۾ ميرپور بٺوري ۾ لاڙ ادبي ڪانفرنس سندن صدارت هيٺ ڪٺي ٿي. سنڌي ادبي بورڊ جو 1955ع کان ميمبر رهندو آيو. مارشل لا کان پوءِ بورڊ جي نئين سر تشڪيل ۾ هن کي چيئرمين نامزد ڪيو ويو. نومبر 1955ع کان شاهه لطيف يادگار ڪميٽيءَ ۽ ڪلچرل مرڪز جو ميمبر نامزد ٿيو، ۽ ان کان پوءِ به انهن تي ميمبر هلندو اچي. حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جي مشاورتي ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي. سنڌ جي اڪثر ادبي مجلسن ۾ سندس شرڪت ضروري ڄاڻي، کين دعوت ڏيئي گھرايو ويندو آهي. پاڻ هن وقت تائين 18_17 ڪتاب تصنيف ڪري چڪو آهي، جنهن جي لسٽ رسالي ”مهراڻ“ جي يادگار نمبر 1957ع ۾ ڄاڻايل آهي، جنهن تان ڪجھ بيان هن احوال لاءِ ورتل آهي.
مخدوم صاحب 1953ع جي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبريءَ تي بنا مقابلي جي چونڊجي آيو. مسلم ليگ وزارتي پارٽيءَ جو ميمبر رهيو. مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ نه بيٺو. مارشل لا کان پوءِ نئين آئين جي چونڊن ۾ هي مرڪزي اسمبليءَ تي ميمبر چونڊ جي آيو. مرڪزي اسيبليءَ جي تازين چونڊن ۾ پڻ مخدوم صاحب ڪامياب ٿي ان نشست تي فائز رهيو. سندس طبيعت جو اصل لاڙو ادب ۽ ثقافت طرف زياده آهي: پر مڪاني ضرورتن ۽ وقتي مصلحتن جي بناءِ تي هي مجبوراً سياست ۾ حصو وٺي ٿو. بدقسمتي سان سنڌ جي اڪثر خاندانن، سياست عمل جي مدنظر، اقتدار ۾ آيل پارٽيءَ سان ساٿ پئي ڏنو آهي، جا ڳالهه مخلص قومي ڪارڪنن جي نقطه نگاهه کان ملڪ ۽ قوم جي مفاد عام لاءِ مضر پئي رهي آهي. مخدوم صاحب به جڳ جھڙو ئي پئي رهيو آهي. ان ڪري مٿس ميار رکڻ يا نڪته چيني ڪرڻ ٺيڪ نظر نٿو اچي. هن وقت حالت ان ڪڙيي تي وڃي بيٺي آهي ته سنڌي من حيث القوم سياسي ميدان ۾ شڪست کائي چڪا آهن. وڪاڻن گھوڙن جا ملهه ئي ڪونه ٿيندا آهن. ان ڪري مخدوم صاحب جي زندگيءَ جي سياسي پهلو کي ڇڏي، صرف ان جي ادبي ۽ ثقافتي پهلوءَ جو ذڪر ڪيو اٿم.
دنيا جي تاريخ ۾ ڪيترا مثال ملن ٿا، جڏهين ڪن قومن کي سياسي ميدان تي شڪست ملڻ جي باوجود، اهي قومون ختم ٿيڻ جي عيوض، ڌڪ جھلي، وري زنده ٿي ويئون آهن، بشرطيڪ شڪسته خورده قومن سندن ادب ۽ ثقافت کي مرڻ نه ڏنو. روم جي حاڪمن جو يونان تي قبضو ٿيو. پهرين سمجھڻ ۾ ائين پئي آيو ته يونان ختم ٿي ويندو: ليڪن يونانين جو ڪلچر ۽ ادب سلامت هئڻ ڪري، خود رومن لوڪ يونان جي تهذيب جا پوئلڳ ٿي پيا. يونانين جي سياسي شڪست ثقافتي ڪاميابيءَ ۾ بدلجي ويئي. ساڳي حالت منگولن جي ايران ۽ چين جي فتح ڪرڻ وقت بني. ايراني ۽ چيني ڪلچر ۽ زبان زنده رهڻ ڪري، منگول انهن جي رنگ ۾ رڱجي ويا. اسان به جيڪڏهين هن محاذ ثانيءَ کي محڪم جھلي پنهنجي ڪلچر ۽ زبان کي قائم رکيو اچون، ته عين ممڪن آهي ته ٿوري وقت کان پوءِ، اسان جي سياسي شڪست ڪلچرل ڪاميابيءَ ۾ بدلجي وڃي.
انهيءَ نقطه نگاهه کان مخدوم صاحب جي سنڌي ادب ۽ ثقافت کي زنده رکڻ جي ڪوشش اهم درجو رکي ٿي.
سنڌي ڪلچر، اتحاد انساني ۽ امن عالم جو پيغام بر آهي. سنڌ جا درويش ۽ بزرگ انهيءَ پيغام جا حامل هئا.
سنڌ جي اديبن کي گھرجي ته مخدوم صاحب جي سياسي مجبورين کي در گذر ڪري، سندس ادبي ڪوششن جي پٺڀرائي ڪن. خدا، کيس عمر دراز بخشي ۽ کانئس سنڌي ادب ۽ ثقافت جي خدمت ڪرائيندو رهي.
مخدوم صاحب کي پنج فرزند آهن: مخدوم زاده ميان محمد امين صاحب، 2. ميان غلام محمد صاحب، 3.ميان الهبچايو 4. ميان عبدالحسين، 5. ميان غلام حيدر.
[b]4. سيد ميان جمال شاهه ولد حاجي نور شاهه (ڀاڻوٺ ، هالا)
[/b] هي شاهه صاحب ڀاڻوٺي سيدن مان هو، جي مٽياري سيدن جي سنائي شاخ، شاهه جرار عليه رحمت جي اولاد مان هئا. اصل ۾ سن جي ڳوٺ ۾ ويٺل هئا، جتان سهولت ۽ گذرمعاش جي خاطر لڏي، ميرن جي صاحبيءَ ۾، ڀاڻوٺ جي ڳوٺ ۾ اچي ويٺا.
ميان جمال شاهه وڏي کي ڇهه فرزند هئا: 1. سيد حاجي احمد شاهه، 2. سيد حاجي نور شاهه، 3. سيد بلند شاهه، 4. سيد فيض علي شاهه، 5. سيد علي محمد شاهه ۽ 6. سيد فضل علي شاهه.
ان ڳوٺ ۾ ڳاهوٺين جو زور هو، جن سان شاهن جو تڪرار ٿي پيو. تڪرار ۾ ميان احمد شاهه اتي جي ڳاهوٺي زميندار کي قتل ڪري وڌو، جنهن ۾ هن کي جنم ٽيپ اچي ويئي، جتان آزاد ٿيڻ بعد حج تي ويو.
ٻيو نمبر فرزند سيد نور شاه هو، جنهن همت ۽ محنت ڪري زمينون هٿ ڪيون، ۽ آباد ڪرائي چڱي ملڪيت ڪٺي ڪئي. ڀاڻوٺي سيدن جي ملڪيت ۽ طاقت ان کان پوءِ زياده ٿي. هن کي به ڇهه فرزند ٿيا. ٻه شاديون ڪيون هئائين: هڪ سيدن مان، جنهن مان جمال شاهه ۽ جيئندل شاهه پيدا ٿيا، ۽ ٻي شادي وڏيرن گولاڙن مان ڪيائين، جن مان چار فرزند: نبي بخش شاهه، پير بخش شاهه، مير حسن شاهه ۽ شير محمد شاه پيدا ٿيا. ميان نور شاه حج تي ويو ۽ اتي وفات ڪيائين. منشي ميان محمد رحيم ولد حمل خان لغاري سندس ڪاروبار سنڀاليندو هو. پڳ سندس فرزند ميان جمال شاهه تي آئي، جنهن جي حياتيءَ جي ذڪر ۾ هي مضمون لکي رهيو آهيان.
ميان جمال شاهه مهماننواز، سادهه مزاج، سرڪاري عملدارن وٽ اثر رسوخ رکندڙ هو. کيس گزيٽ، بندوقن جا پروانا ۽ ڪمشنر صاحب جي دربار جي ڪرسي مليل هئي. شڪار جو تمام شوقين هو؛ عملدارن کي به شڪار ڪرائيندو هو. عام مسافرن جي کارائڻ لاءِ ديڳيون رڌرائيندو هو. کيس چار فرزند ٿيا: ميان ڌڻي بخش، ميان دين محمد شاهه، شمس الدين شاهه ۽ حسن علي شاهه. انهن مان پوين ٽن جو اولاد ڪو نه ٿيو. پهرئين نمبر کي ٽي پٽ آهن: جمال شاهه، جيئندل شاهه، ۽ نورشاهه. ميان ڌڻي بخش باهمت، مهماننواز، شڪار جو شوقين، عملدارن ۽ دوستن کي شڪار ڪرائڻ ڪوڏيو آهي. باوجود عملدارن جي خوشامد ڪرڻ جي، وقت بوقت عملدار طبقي جي دشمنيءَ ڪري تڪليفن هيٺ پئي آيو آهي. رئيس فقير بخش خان سان دوستي هيس، مٽياري سيدن سان به سٺا تعلقات اٿس.
ميان جمال شاهه جو هڪ ڀاءُ، ميان شير محمد شاهه، پوليس ۾ سب انسپيڪٽر هو. باهمت ۽ سرڪش هو. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جڏهن نوڪريءَ ۾ هو ته کيس ڀٽن جي ماڻهن خون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن جي ڌڪن کان هو بچي ويو. پوءِ نوڪري ڇڏي، اچي ڳوٺ ويٺو. سندس ٻيو ڀاءُ سيد مير حسن شاه هو، جنهن جي گهران مون شادي ڪئي آهي. ان کي هڪ فرزند حاجي غلام شاهه هو، جو تاريخ 13 نومبر 1960ع تي، موٽر جي حادثي ۾، لاولد، 80 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.
سيد ميان جمال شاه تاريخ 22 ربيع الاول 1336 هه مطابق 7 جنوري 1918ع تي وفات ڪئي. مخدوم بلاولي جي قبرستان ۾، ڀاڻوٺ لڳ مدفون آهي. سندن خاندان جي مکيه ماڻهن جي وفاتيءَ جون تاريخون هيٺيون آهن:
(1) سيد حاجي نور شاهه ولد سيد جمال شاهه وڏو: 30 رجب 1290 هه، مطابق 24 سيپٽمبر 1872ع .
(2) سيد مير حسن شاهه ولد حاجي نور شاهه: 12 ربيع الاول 1330هه مطابق 9 مارچ 1911ع.
(3) سيد حاجي شير محمد شاهه ولد حاجي نورشاهه: 15 محرم 1337هه، مطابق 22 آڪٽوبر 1918ع.
(4) سيد محمد حسين شاهه ولد حاجي فضل علي شاه: 5 جمادي الآخر 1346هه، مطابق 27 نومبر 1927ع.
(5) سيد حاجي محمد شاهه ولد سيد قمبر علي شاهه: 20 جمادالثاني 1349هه، مطابق 15 نومبر 1930ع. اهي سڀ، سواءِ حاجي نور شاهه جي ، بلاوليءَ جي مقام ۾ مدفون آهن.
[b]5. پير علي بخش شاهه، پير لطف علي شاهه ڀٽائي (ڀٽ شاهه)
[/b] سندس ٻيو نالو ”علڻ سائين“ هو. تخلص ”علڻ“ هوس. پاڻ 1871ع ڌاري ڄائو هو. سنڌي ۽ فارسي تعليم ميان محمد ڀٽيءَ وٽ حاصل ڪيائين. مٽياري سيدن جي جرارپوٽا خاندان مان، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي اولاد مان، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ستون نمبر سجاده نشين هو. سندن والد 1317هه، مطابق 1899ع ۾ وفات ڪئي، ۽ وڏي فرزند هئڻ ڪري هي سجاده نشين ٿيو. هي فقير طبع ۽ شاهه جي ڪلام جو سوز سان ڳائيندڙ هو. اڪثر جمعي رات جي راڳ وقت پاڻ به فقيرن سان گڏ ڳائيندو هو. شاعر به هو، ليڪن سندس ڪلام گڏ ٿي نه سگھيو آهي. نماز روزي جو پابند هو. انهيءَ وقت جي سجاده نشين وانگر، هي به راڳ ۽ ملاکڙي ۾ دلچسپي وٺندڙ هو. خاندانن سان لاڳاپن وڌائڻ ۾ چڱو بهرو ورتائين. راڳ جي ڄاڻ هوندي هيس. سنڌ جا اڪثر مکيه ڳائڻا ۽ طوائفون راڳ ڳائڻ لاءِ وٽس ايندا هئا. جنهنڪري کيس مختلف راڳڻين، وڄت ۽ تال جو پورو پتو هوندو هو. درگاهه ۽ مسجد جي اڪثر تعمير سندس دؤر ۾ ٿي. ملاکڙي ۾ ڪافي دلچسپي ورتائين. ڪيترا ناميارا ملهه سندس دسترخوان ۽ پيسي مان مستفيد ٿيندا هئا. ڄام مٺا خان جوڻيجو، درگاه جي خاص معتقدن مان هو. هو ملهن کي انعام ڏيڻ ۾ خاص شهرت حاصل ڪري چڪو هو. ڀٽ شاه جي ميلي تي پير صاحب ۽ ڄام صاحب جي ڪوششن سان ملاکڙو زور وٺي ويو، جنهنڪري ماڻهن جي آمد ۾ به اضافو ٿيو ۽ ميلو وڌي ويو.
پير صاحب کي عمدن گھوڙن ڌارڻ جو خاص شوق هوندو هو. هزار رپيا خرچ ڪري گھوڙا وٺندو هو. هن صاحب جو اهل تشيعت طرف گھڻو لاڙو هو، ان ڪري شاهه صاحب جي ڪلام ۾ صوفيانه پهلوءَ کان وڌيڪ، سرفروشي، قرباني ۽ سوز گداز جي نقطي کي اهميت ڏنائين ٿي. شاه جي ڪلام کي اهڙي نقطي کان ڏسڻ وارن جي خيال موجب، هر مذهب ۾ قربانيءَ کي بنيادي اهميت حاصل آهي: حضرت ابراهيم خدا ڪارڻ پٽ جي قرباني ڪرڻ گھري ته سندس اولاد مان سوين نبي پيدا ٿي سگھيا؛ حضرت عيسيٰ پنهنجي قرباني ڏني ته دنيا ۾ هر طرف سندس تعليم پکڙجي ويئي. اهريءَ طرح اسلامي تعليم کي نئين سر زنده ڪرڻ لاءِ امام حسين عليه السلام پنهنجي ڪٽنب سميت قربان ڪيو.
سختي شهادت جي نسوروئي ناز،
ڪي رند پروڙين راز، قضيو ڪربلا جو. (شاهه)
دوست ڪهائي دادلا، محب مارائي،
انهيءَ ۾ آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي. (شاهه)
ٻي ڳالهه جا هنن شاهه جي ڪلام مان چونڊي، سا هئي لياقت جي، جنهن تي اهل تشيعت جو مدار آهي، جنهنڪري هو حضرت علي عليه السلام کي فضيلت ڏين ٿا. ”انا مدينته العلم و علي بابها“ ان جي دليل ۾ پيش ڪن ٿا. شاهه جي ڪلام مان به ڪيئي بيت دليل ۾ ڏين ٿا._
” جو ملن کي ميهڻو، سوئي مون سردار. “
حيدر جي هٿان ، وڙهه ته ويري مارئين.“
امام حسين عليه السلام لاءِ هيٺيون بيت حجت طور پيش ڪن ٿا:
چار تراريون چيلهه سان، ٻڌائين ٻه پاڳون،
اڳين جون آڳون، ڪانڌ قلعي ۾ موکيون. “(شاه )
هنن درد ۽ فراق کي روحاني ترقيءَ لاءِ ضروري ٿي سمجھيو:
جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي،
اچي اوطاقان، مون کي پرين پري ڪيو. (شاهه)
ماتم کي سوز ۽ گداز وڌائيندڙ سمجھي، هنن ماتمٖ حسين کي روحاني ترقيءَ لاءِ ضروري ڄاتو ٿي.
شاهه عبد الڪريم بلڙي ۽ شاهه لطيف جي خليفن، انهيءَ ڪري سندن دستار جو رنگ ڪارو ڪيو هو. محرم جي ڏينهن ۾ هو ماتم ڪندا هئا.
اهو شاهه صاحب جي فلسفه حيات جو هڪ پهلو هو: ٻيا نقطه نگاهه به نڪري سگھيا ٿي. جيئن قرآن شريف جي مختلف تشريحن ڪري مسلمانن ۾ ڪيترا فرقا پيدا ٿي پيا، تيئن شاهه صاحب جي به مختلف نقطه نگاهن سان تشريح ٿيڻ لڳي هئي. هڪڙن رسالن ۾ خدا ۽ رسول (صلي الله عليه وآله وسلم) جي ساراهه کان سواءِ ٻيا بيت نه هئا، ته ٻين ۾ وري شاهه صاحب کي سني ثابت ڪرڻ لاءِ چئن صحابن جي تعريف جا بيت شامل ڪيا ويا آهن، ۽ سر ڪيڏاري کي رسالي مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. انهيءَ فرقيبنديءَ جي اختلافي سيلاب ۾ شاهه صاحب جھڙي ڪثرت ۾ وحدت ڏسڻ واري بزرگ جا گادي نشين به لڙهي ويا، ۽ انهيءَ جي زد کان علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي جھڙا عالم به بچي نه سگھيا.
منهنجي ساڻس اوائلي واقفيت قاضي محمد ڪامل، هالن پراڻن واري جي معرفت ٿي هئي. هو صاحب به اهل تشيعت هو. وڌيڪ لاڳاپا، سن ۾ مٽياري سيدن جي ڪانفرنس لاءِ دعوت ڏيڻ وقت پيدا ٿيا. جڏهن آءٌ ڀٽ شاهه ۾ ان ڪم لاءِ وٽس ويس ته هن صاحب چيو ته ’بابا، آءٌ ڪانفرنس ۾ اچڻ لاءِ تيار آهيان پر شرط اهو آهي ته ان جو صدر ڪو عالم ۽ خادم ملڪ ڪيو وڃي ۽ سجاده نشين يا وڏو خاندان سيد نه ٿئي. تنهنجا انهيءَ ڪانفرنس سڏائڻ لاءِ ڪهڙا به اوچا مقصد ڇو نه هجن، پر اڄڪلهه جا اڪثري سادات ۽ پير ذاتي اقتدار، عزت ۽ بزرگيءَ جي مرضن ۾ ڦاٿا پيا آهن. اسان سڀني کي نفس آهي. هڪ گاديءَ وارو اهو نه گھرندو ته ٻئي گادي نشين جي اڳواڻيءَ هيٺ رهي.‘ مون ان ڳالهه کي واجبي ڄاڻي کيس يقين ڏياريو ته آءُ حتي الامڪان انهيءَ اصول مطابق ڪانفرنس جي رهبري ڪندس. پر جڏهين جملي سيد اچي ڪانفرنس ۾ ڪٺا ٿيا، ته باوجود منهنجي ڪوشش جي، مٽياري سيدن ووٽن جي زور تي سخي هاشم شاهه جي سجاده نشين پير الهيار شاهه کي ڪانفرنس ۽ انجمن جو پريزيڊنٽ چونڊي ڇڏيو. هي صاحب ان وقت پنهنجن همدردن ۽ عزيزن سميت مجلس مان احتجاج طور اٿي ويو. گھڻيءَ منت سماجت بعد پٽ ۽ ڀائرن کي مجلس ۾ اچڻ جي اجازت ڏنائين، ليڪن پاڻ نه آيو. هي اهل تشيعت هو. مٽارين وارا سيد سني هئا.
ڪجھ وقت کان پوءِ جڏهين منهنجي ساڻس گفتگو ٿي، ته چيائين ته ابا مسلمانن ۾ اصل کان لياقت ۽ تعداد جي فوقيت تي اختلاف رهندا پئي آيا آهن. رسول ڪريم جي وفاتيءَ بعد مسلمان فطري لاڙن ڪري ورهائجي ويا. هن وقت اهل طريقت جا مرڪز پنهنجي بنيادي روحاني مقصد کان هٽي، دينوي شان شوڪت ۽ بزرگيءَ جا اڏا بنجي پيا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ تون ڪهڙي طرح سان اقتدار جي جنگ کي ختم ڪرائي، اعليٰ معيارن تي جماعت قائم ڪرائي سگھندين. هن جي ڳالهه صحيح ثابت ٿي. جيڪڏهين اسين قاضي اسدالله شاهه مرحُوم جھڙي خادم خلق ۽ عالم فاضل کي صدر بنايون ها ته ”انجمن سادات مٽياري“ جي مقصدن حاصل ڪرڻ ۾ شايد ڪاميابي ٿي وڃي ها. اهي مقصد سيدن جي اخلاقي اصلاح، روحاني ترقي ۽ معاشرتي سڌاري ۽ کين خدمت خلق طرف رجوع ڪرڻ جا هئا. ليڪن انهيءَ بنيادي غلطيءَ ڪري هيءَ سوشل جماعت، ذاتي اقتدار حاصل ڪرڻ جي اختلافن سبب، ڪامياب ٿي نه سگھي.
پير ميان علڻ سائين ٽي شاديون ڪيون هيون: پهرين شادي شڪارپور جي سيدن مان ڪيل هئي، جنهن مان علي اڪبر شاهه، ڏنل شاه، بچل شاهه ۽ يار محمد شاهه پيدا ٿيا؛ ٻي کوکرن جي سيد بقادار شاهه ميرڻ پوٽي جي نياڻيءَ سان ڪيل هيس، جنهن مان وڏو فرزند شاهه ڏنو شاه ۽ امام علي شاهه پيدا ٿيا؛ ٽين شادي، سالاري جي سيدن مان ڪئي هئائين، جنهن مان غلام شاه ٿيو. سندس ننڍو ڀاءُ جڙيل شاهه عرف گھوٽ سائين اڃان تائين زنده آهي، جنهن کي اولاد نه آهي. پير علڻ سائينءَ 18مئي 1933ع مطابق 14 محرم 1352هه تي وفات ڪئي. هن کان پوءِ سندس جاءِ تي ان جو وڏو فرزند ميان شاهه ڏنو شاهه گادي نشين ٿيو آهي.
ميان شاهه ڏنو 1894ع ۾ ڄائو هو. خدا کيس وڏي حياتي ڏئي. محبتي، روزي نماز جو پابند، طبع جو حليم آهي . ان کي ٽي فرزند آهن، جن مان وڏي جو نالو ميان غلام شبير شاه عرف الهه بخش شاه آهي. ميان شاه ڏني شاهه کي ”شاهن سائين“ به ڪري سڏيندا آهن. ان ٻه شاديون ڪيون آهن، هڪ بيچانجي جي پٺاڻن وٽان، جنهن مان ميان غلام شبير شاهه آهي. ۽ ٻي شادي ميرزا غلام حسين حيدرآباد واري وٽان ڪيل اٿس، جنهن مان 1. الطاف حسين شاهه، ۽ 2. غلام مهدي شاه آهن.
[b]6. خانبهادر عظيم خان عنايت علي خان دراني پٺاڻ (هالا پراڻه)
[/b] خانبهادر عظيم خان جو والد، عنايت علي خان دراني پٺاڻن مان هو. سندس ڏاڏي جو نالو به عظيم خان هو. ميان عنايت علي خان پوليس ۾ نوڪريءَ خاطر سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته جڏهن هو ماتليءَ ضلعي حيدرآباد، ۾ سب انسپيڪٽر پوليس هو. ان وقت هالن جو قاضي ميان عبدالواحد اتي مختيارڪار هو. ٻنهي جو پاڻ ۾ دوستيءَ جو رستو ٿي ويو. انهيءَ رستي ڪري هن پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ قاضي عبدالواحد کي ڏنو. انهيءَ لحاظ ڪري پوءِ هن جي رهائش به هالن پراڻن ۾ ٿي. ميان عظيم خان 1882ع ۾ هوسڙيءَ منجھه ڄائو. هي ساڍن چئن ورهين جو هو ته سگھوئي 1886ع ۾ سندس پيءُ وفات ڪري ويو. هن جي ۽ هن جي ڀائرن ڀينرن جي پرورش پوءِ قاضي عبدالواحد جي هٿ هيٺ ٿي.
ميان عظيم خان سنڌي پڙهي، انگريزي پڙهڻ ويٺو. مئٽرڪ تائين پڙهي، ريوينيو کاتي جي نوڪريءَ ۾ 1 آڪٽوبر 1900ع تي گھڙيو. پهرين نوابشاهه ضلعي ۾ شايد ڪلارڪ هو، پوِ آهستي آهستي چڙهي 1914ع ۾ مختيار ڪار ٿيو. ان کان پوءِ کيس بمبئي ۾ 1917ع ۾ ڪوآپريٽو ٽريننگ لاءِ گھرايو ويو، جتي ٽريننگ ڏيڻ کان پوءِ 1918ع ۾ کيس ڪو آپريٽو سوسائٽين جو اسسٽنٽ رجسٽرار ڪري سنڌ ۾ رکيو ويو. 1921ع ۾ سٺي ڪم ڪار ڪري سرڪار طرفان کيس خانصاحبيءَ جو لقب مليو. 1923ع ۾ کيس خانبهادريءَ جو لقب مليو. انهيءَ کان پوءِ کيس سوسائٽين جو ڊيپوٽي رجسٽرار ڪيو ويو، جنهن عهدي تي هو 22 جنوري 1921ع کان 31 مئي 1930ع تائين رهيو. پوءِ 1934 ع ۾ وري ريوينيو کاتي ۾ ميرپورخاص جو ڪليڪٽر ڪري کيس رکيو ويو. ان کان پوءِ هو مئنيجر انڪمبرڊ اسٽيٽس ٿي رهيو. ڪجھه وقت سرڪار طرفان بمبئي ڪائونسل تي نامزد ميمبر به ٿي رهيو. نيٺ 1937ع ۾ پينشن تي لٿو. پر سرڪار کيس وري ڳوٺ سڌار هلچل جي پروپيگنڊا لاءِ 1938ع ۾ عملدار ڪري مقرر ڪيو، جنهن ڪم جي سلسلي ۾ هي سڪرنڊ تعلقي ۾ شورا ڳوٺ (کنياريون) ۾ گشت ڪندي دل جي بيهڻ ڪري 19 ڊسمبر 1938 تي وفات ڪري ويو.
خانبهادر عظيم خان زونئرن مان شادي ڪئي هئي، جتي سندس ٻه ڀينرون به شادي ڪري ڏنل هيون. کيس هڪ فرزند عنايت علي خان نالي هو، جو 1 ڊسمبر 1921ع تي، لاولد وفات ڪري ويو.
قاضي ميان عبدالواحد کي خانبهادر جي همشيره مان هڪ فرزند قاضي محمد افضل هو، جنهن کي خانبهادر عظيم خان نياڻي پرڻائي هئي، ان مان کيس هڪ پٽ ۽ ٽي نياڻيون ٿيون. هن وقت سندس ملڪيت جا اهي وارث آهن.
سنڌ جي اڪثر مصيبتن جا ڪارڻ پير، زميندار ۽ جاگيردار ۽ ڪاموري ڪلاس جا ماڻهو رهيا آهن. پيرن مان اڪثر بداخلاق، خود مطلب، غريبن جو رت چوسڻ واريون ڄرون ٿي ڪم ڪن ٿا. زميندار طبقو زياده تر بزدل، خود مطلب، ظالم ۽ هر حاڪم جو موچڙي ڪٽ غلام ٿي رهيو آهي. سنڌي ڪامورن جي ته ڳالهه ئي نه ڪجي. هو اڪثر رشوتي، طاقت جا سلامي، خود غرض، ملڪ ۽ عوام جا دشمن ۽ وڏا طوطي چشم پئي رهيا آهن – ايتري قدر جو سنڌي ۾ هيءَ عام چوڻي ٿي ويئي آهي ته ”ڪامورو نه دوست، اوجھري نه گوشت“. پر ان صحرا ۾ ڪيئي ناياب ۽ قداور درخت پيدا ٿيا، جن نه صرف ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ آسائش جو ڪم ڏنو، پر رشوت کان پري، محبتي، اديب، صاحب اخلاق ۽ مهذب ٿي گذريا آهن. اڳئين وقت جي ڪامورن ديوان ڏيارام، ديوان ڪوڙومل، قادر داد خان، سردار محمد ابرهيم، سردار محمد يعقوب، ميرزا قليچ بيگ صاحب وغيره کي ڇڏي، تازي دور جي عملدارن تي اچبو، ته خانبهادر عظيم خان جو درجو منجھن وڏو ليکجڻ ۾ ايندو. هو رشوت کان پري عوام جو خادم، ڪو آپريٽو تحريڪ جو مشنري، ملڪ جو خير خواهه، مدبر، دوستي جو سچو، ڪم آزار، مهل سر ڪم ايندڙ ۽ ملڪ جي اڪثر ڀلي جي ڪمن ۾ اندروني مدد ڪندڙ هو. موجوده دور جي اڪثر سياستدان سان هن جا دوستانا تعلقات هئا. ڪو ڪانگريسي هو يا مسلم ليگي، شهري هو يا ٻاهر وارو - هر هڪ جي واتان سندس تعريف ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. جڏهن به ڪاموري ڪلاس جي ڪافر ماجراين تي نظر پوندي آهي ته دل تي ايڏو غصو ايندو آهي، جو ڀانئجي ته انهن ڏي منهن کڻي نه نهارجي، پر خانبهادر جھڙا ماڻهو جڏهن ياد اچن ٿا ته اهو غصو گھڻو گھٽجي ويندو آهي.
مون سان سندس واقفيت 1922ع ڌاري سن ۾ ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ جي غرض سان اچڻ وقت ٿي. جڏهن آءُ 1925ع ۾ ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيس ۽ ملڪ جي سياسي سماجي ۽ تعليمي ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳس، ته هن زور ڪري اچي مون سان دوستانا تعلقات قائم ڪيا، ۽ اصرار ڪري، هن مون کي سنڌ پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ (انهن ڏينهن ۾ سنڌ سينٽرل ڪوآپريٽو بئنڪ) جو ڊائريڪٽر چونڊايو، نه صرف ايترو، پر انهيءَ بئنڪ تي ٻيا ڊائريڪٽر به منهنجي صلاح سان چونڊايائين. ان سان گڏ ملير ڪوآپريٽو سوسائٽي، حيدرآباد زمينداري بئنڪ ۽ ٻين اڪيچار ڪو آپريٽو ادارن ۽ جماعتن ۾ حصي وٺڻ لاءِ مون کي رضامند ڪيائين. اسان جي ايتري دوستي ٿي ويئي، ۽ هن جي اثر مون کي ايترو راغب ڪيو، جو ساڻس گڏ آءٌ به ڪو آپريٽو تحريڪ جو مکيه ڪارڪن ٿي پيس.
سنڌ جي جدائيءَ واري تحريڪ، مسلمان جي آدمشماريءَ کي پوري لکائڻ جي ڪوشش، مسلمانن جي انگريزي اخبار جاري ڪرڻ جي تجويز، ڳوٺ سڌار تحريڪ، سڀ ۾ خانبهادر جو مخفي هٿ ڪم ڪندو هو. سنڌ جي اڪثر ڪامورن ۽ زميندارن سان سٺا تعلقات هئڻ سبب، انهن جي ذريعي ماڻهن جا اڪيچار ڪم ڪرائيندو هو. مون لاءِ محبت ۽ عزت هوندي هيس ۽ مون کي به سندس لاءِ ساڳي محبت ۽ عزت هوندي هئي. هن جا سوين خط مون وٽ محفوظ آهن، جن مان پتو پئجي سگھندو ته هو ڪهڙيءَ طرح منهنجي همت افزائي ڪندڙ هو.
اڄ خانبهادر نه آهي، نه سندس اولاد مان ڪو آهي. سواءِ سندس ڀاڻيجي منور حسين جي، جو 15 سالن عمر جو ڪاليج ۾ سائنس پڙهي رهيو آهي. ليڪن سندس نالو، ناموس ۽ دوستانا لاڳاپا قائم آهن. هو کنيارين وارن بزرگن جو، قاضين جي لاڳاپي ڪري، مريد هو. مخدوم صاحب هالا، ۽ سنڌ جي جملي مکيه خاندانن سان سندس گھرا تعلقات هئا.
[b]7. ميان عبداللطيف ولد ميان دين محمد ڀٽي (هالا پراڻه)
[/b]هن جا وڏا اصل راجپوت گھراڻي جا، جيسلمير جا ويٺل هئا. هن خاندان جو وڏو شيخ مخدوم عبدالله صاحب حضرت غوث بهاءالدين ذڪريا ملتانيءَ جي نظر عنايت ڪري، مسلمان ٿيو، ۽ رياضتون ڪري، ولايت جي درجي تي پهچي، خلافت جو خرقو حاصل ڪري، سنڌ ۾ هالا جي نزديڪ ڳوٺ ڳاهوٺ (لڳ ڀاڻوٺ) ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو، ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس مقبرو جھنگل ۾ آهي، جتي ماڻهو ماهه پهرينءَ خميس تي زيارت لاءِ ايندا آهن. ان تائين شجرو نسب ميان عبداللطيف جو هيٺينءَ طرح آهي: ميان عبداللطيف بن ميان دين محمد بن ميان محمود بن ميان عبدالعليم بن ميان نعمت لله بن ميان عبدالحميد دوم بن ميان فتح محمد بن ميان محمد ابراهيم بن ميان محمد عمر بن مخدوم عبدالحميد بن ميان احمد دوم بن ميان فتح الله بن مخدوم احمد اول بن ميان اسحاق بن ميان محمد عمر بن ميان محمد اسماعيل بن مخدوم شيخ عبدالله.
مخدوم احمد اول پنهنجي ڀاءُ مخدوم محمد ۽ ٻئي سموري ڪٽنب سميت لڏي اچي هال ڪنڊيءَ ۾ ويٺو. ۽ 934 هه ۾ وفات ڪيائين. جڏهن هال ڪنڊيءَ کي دريا پائڻ لڳو ته سندس اولاد مان ميان نعمت الله اڳين بزرگن جا لاش لڏائي، مسجدن ۽ گھرن جو سامان کڻائي، 25 ربيع الثاني 1178هه ۾ اچي، موجوده جاين تي هالن پراڻن ۾ ويٺو، جتي سندن اولاد اڃان تائين رهندو اچي.
چوڻ ۾ اچي ٿو ته ميان دين محمد کي اولاد ڪونه ٿي ٿيو، ان ڪري شاه عبداللطيف ڀٽائي عليه الرحمت جي مقبري تي اچي مراقبو ڪيائين. اتان کيس اشاري ۾ چيو ويو ته توکي فرزند ٿيندو، ان تي اسان جو نالو رکج. 1274هه ۾ ميان عبداللطيف تولد ٿيو، ان ئي سال ميان دين محمد وفات ڪئي. ان کان پوءِ سندس پرورش ۽ تربيت ميان محمد صالح جي ذمي رهي، جنهن کيس پارسي ۽ عربي پڙهائي.
ميان عبداللطيف طب ۽ علم جفر ۾ ڪافي دسترس رکندو هو. اڳين جي دستور موجب پساريءَ ڏي نسخو لکي ڏيندو هو. معاوضو نه وٺندو هو وٽس مريضن جا ميلا لڳا پيا هوندا هئا. دعا به ڪندو هو ۽ دوا به. نماز روزي جو پابند هو. سدائين ذڪر فڪر ۽ وضوءَ ۾ رهندو هو. هن 9 جمادالثاني بروز اربع 1337هه مطابق 8 مارچ 1919ع تي وفات ڪئي.
هن ٽي شاديون ڪيون هيون. جن مان کيس چار فرزند ٿيا. سندس وڏي فرزند جو نالو ميان دين محمد هو، جنهن کي ٻه فرزند آهن: 1 ميان محمود ، ۽ 2 ميان عبداللطيف عرف نواز احمد. ٻئي گھر مان ميان عبداللطيف کي ميان محمد فرزند ٿيو ۽ ٽئين گھر مان ميان رحمت الله ۽ ميان لطف الله ٻه فرزند ٿيس.
ميان محمد ابراهيم سندس سوٽاري سوٽ هو. ان کي ٻه فرزند ٿيا. 1. ميان محمد صالح، جواسڪولن جو ڊيپوٽي انسپيڪٽر ٿي رهيو ۽ ڪيترا ڪتاب تصنيف ڪيا هئائين، جو ٿورا سال ٿيا ته وفات ڪري ويو آهي، ۽ 2. ميان نور محمد صاحب، جيڪو حيات آهي.
ميان عبداللطيف جي وڏي فرزند، ميان دين محمد، 3جمادي الثاني 1340هه مطابق 1 فيبروري 1922ع تي وفات ڪئي.