مختلف موضوع

هالا جا رنگ هزار

هي ڪتاب ”هالا جا رنگ هزار“ هالا متعلق مختلف ليکڪن جي خوبصورت لکڻين جو مجموعو آهي۔ جنهن جو سهيڙيندڙ محترم محمد حبيب سنائي آهي۔ هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ذوالفقار علي ابڙو ۽ برڪت علي شيخ ڪئي آهي۔ جڏهن ته وائس آف سنڌ پاران اِي بوڪ جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايو ويو آهي۔
هالا هڪ قديم وسندي آهي. انجي حوالي سان ڪافي مواد ڪافي ڪتابن ۾ ٽڙيو پکڙيو پيو آهي. مون ڪوشش ڪري اهم تاريخي ڪتابن مان هالا جي حوالي سان مواد هن مجموعي ۾ شامل ڪيو آهي، ته جيئن مستقبل جي مؤرخ توڙي عام پڙهندڙ کي ڪافي سارو مواد هڪ جاءِ تي ملي پوي. اميد اٿم ته هيءُ ڪتاب اڳتي هلي بنيادي ماخذ يا سورس مٽيرل طور ڪم ايندو. اوهان کي ڪن هنڌن تي ورجايل ڳالهيون به ملنديون. اصل ۾ اسان نامور ڪتابن تان مواد جيئن جو تيئن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهنڪري ڪن شخصيتن جي ذڪر ۾ ورجاءُ ٿي ويو آهي. اميد ته فاضل پڙهندڙ انهيءَ سهو کي معاف فرمائيندا.
  • 4.5/5.0
  • 6502
  • 792
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حبيب سنائي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هالا جا رنگ هزار

هالا جا اسلامي درسگاه ۽ عالم

ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر

[b]هالا جا اسلامي درسگاه ۽ عالم
[/b]
[هي مواد ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر جي پي ايڇ ڊي مقالي بعنوان سنڌ جا اسلامي درسگاه تان ورتو ويو آهي، جيڪو سنڌ ڪلاسڪس، صوبائي حڪره ڪميٽي ۽ سنڌ ثقافت کاتي پاران جون 1982 ۾ ڇپرايو ويو آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ سنڌ يونيورسٽي جي ايجوڪيشن فيڪلٽي ۾ پروفيسر رهيو آهي. ]

[b]هالڪنڊي (هالا)
[/b]هالڪنڊي يا هاله ڪنڊي (هالا پراڻا) مدت کان سنڌ جو هڪ پرڳڻو شمار پئي رهيو آهي. هن وقت به تاريخي لحاظ کان خاصي شهرت رکي ٿو. هالا پراڻا ۽ ۽ هالا نوان هڪٻئي کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهن. هاڻوڪو هالا نوان اول مرتضيٰ آباد سڏجڻ لڳو پر بعد ۾ ان کي به هالا چيو ويو.
مرزا غازي بيگ جي وقت ۾ ڄام هالي جي ذڪر ۾ اچي ٿو ته هالا قوم جي وڏي ڄام هالار جو هاله ڪنڊي شهر ٻڌايل آهي.(1)
ڄام فيروز، مرزا شاهه حسن کان شڪست کائي گجرات ڀڄي ويو. مرزا شاهه ٽن ڏينهن کان پوءِ اچي ٺٽي شهر ۾ لٿو ۽ تغلق آباد ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. ڇهن مهينن کان پوءِ هاله ڪنڊي (هالا) جي رستي 930هه ۾ سيوستان ويو.(2)
هن وقت هالا (هاله ڪنڊي) حيدرآباد ضلعي(3) جو هڪ تاريخي شهر آهي، جنهن پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي برگزيده عالمن ۽ متبرڪ هستين کي جنم ڏنو. هتي ڪيترائي عالم ۽ فاضل، عارف ۽ زاهد، بزرگ ۽ اولياءَ الله ٿي گذريا. هي شهر نه فقط علم ادب، ديني تعليم و تربيت، اسلامي درسگاهن جو ڳڙهه تي رهيو آهي. پر خدا وارن جو آرامگاه پڻ آهي. هتي جي عالمن، فاضلن ۽ بزرگن ۽ سندن قائم ڪيل درسگاهن جو جيڪو احوال معلوم ٿيو آهي. ان جو هتي ذڪر ڪجي ٿو.
[b]مخدوم عربي ڌياڻي جو درسگاهه
[/b] مخدوم عربي ڌياڻو پير آسات جو ڀاءُ وڏو عارف عالم ۽ ڪمال جو صاحب هو. سندس عبادتون ۽ رياضتون بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن. چون ٿا ته هڪ هنڌ ويهي ڪلام پاڪ جا 140 ختما ڪڍيا هئائين. سندس خانقاهه ۾ قائم ڪيل درسگاهه مان ڪيترائي طالب علم ظاهري ۽ باطني علم سان فيضياب ٿيا. مخدوم نوح رحه به کانئس ئي علم پرايو. هن سنه 980 هه ۾ وفات ڪئي ۽ هالن ۾ مدفون آهي.
مخدوم عربي ڌياڻي جو پٽ مخدوم بايزيد به وٽس ئي ديني علم پڙهيو. هي به پيءُ وانگر ظاهري توڙي باطني علوم جو صاحب هو. پنهنجي پيءَ کان پوءِ انهي مدرسي ۾ حق ۽ هدايت جي رستي تي مستقيم رهي، طالبن کي فيض ڏيندو رهيو.
مخدوم نوحؒ
مخدوم نوح رحه بن نعمت الله صديقي، اسلام جي ڏهين صدي هجري جو تمام وڏو بزرگ عالم ٿي گذريو آهي. سندس نسب هن ريت آهي: مخدوم نوح بن نعمت الله بن اسحاق بن شهاب الدين بن مخدوم سروري بن شيخ فخرالدين صغير بن عزالدين بن شيخ ابو بڪر ڪتابي (ڪوٽ ڪروڙ جو رهندڙ) بن شيخ اسماعيل بن شيخ عبدالله بن شيخ نصير الدين بن شيخ سراج الدين بن ابو نجيب ضياءِ الدين عبدالقادر سهر وردي رحه (جو سهروردي سلسلي جو منڍ آهي).
مخدوم نوح رحه پاڻ عالم، عالم عارف حافظ قرآن ۽ برگزيده هستي ٿي گذريو آهي. عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين تي دسترس حاصل هيس. قرآن شريف جو فارسي زبان ۾ ترجمو ڪيائين، جيڪو برصغير پاڪ وهند ۾ پهريون فارسي ترجمو آهي. قرآن شريف جي تعليم ۽ تلاوت مولانا مخدوم عربي ڌياڻي هالائي کان حاصل ڪيائين.
مخدوم نوح رحه کي قرآن شريف جي حقيقت ۽ اسرارن تي وڏو درڪ حاصل هو. قرآن شريف سان گڏ ٻين علمن جو درس پڻ ڏيندو هو. بهاءِالدين دلقپوش سندس خاص دوستن ۽ مريدن مان هو. ان جي دستخط قرآن پاڪ جو فارسي ٻولي ۾ ترجمو هن وقت هالن ۾ موجود آهي.
مخدوم نوح رحه، مرزا محمد باقي ترخان کان وٺي ويندي اڪبر اعظم جي سنڌ تي قبضي ٿيڻ تائين حيات هو. مغليه گورنرن مان سيد بايزيد ٺٽي جو حاڪم، مخدوم صاحب جو طالب ۽ وڏو معتقد هو. مخدوم نوح رحه وڏو عالم، فاضل زاهد ۽ پرهيزگار درويش هو. سندس نظر فيض مان ڪيترائي مريد ۽ طالب فيض حاصل ڪري ويا. مخدوم صاحب اويسي طريقي جو به بزرگ هو.
درويش قطب، مخدوم نوح رحه جو طالب ۽ مريد هو. کانئس ظاهري توڙي باطني فيض پرايائين. هڪ رات بوبڪن ۾ به ويو جتي مخدوم جعفر سان سندس شاگردن ملاقات ڪرائي هئي. شاه خيرالله عرف شاه خير الدين سکر وارو به مخدوم نوح رحه جو شاگرد ۽ معاصر هو. مخدوم نجيم ريل وارو پڻ مخدوم صاحب جو همعصر هو.
مخدوم نوح رحه رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن جي سنت ۽ اتقاءِ واري زندگي جو مڪمل آئينو هو. 82 ورهين جي ڄمار ۾ 986هه ۾ وفات ڪيائين ۽ هالن ۾ مدفون آهي.

[b]مخدوم عبدالله ڀٽي
[/b] مخدوم عبدالله ڀٽي جو اصل نالو ارجن بن وريه هو، جنهن کي حضرت مخدوم بهاءِالدين زڪريا ملتاني مشرف به اسلام ڪيو. هي بزرگ مسلمان ٿيڻ کان پوءِ جلد ئي پهريائين ڳاهوٽ جي ويجھو هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو. پر پوءِ ڳوٺ ماڙي محمد خان لڳ پراڻي سعيدآباد جي ويجھو اچي رهيو. هي هڪ نيڪ سيرت بزرگ هو. وٽس ڪيترائي طالب ۽ مريد ايندا هئا جن وٽانئس فيض پرايو. سندس آخري آرامگاهه سعيد آباد جي ويجھو آهي. جتي مهيني جي هر پهرين خميس تي سندس معتقدن جو هجوم رهندو آهي.
مخدوم اسحاق بن عبدالله ڀٽي 900 هجري ڌاري اسلام پور (هاله ڪنڊي) ۾ اچي رهيو، جيڪو 1779ع ۾ درياءَ برد ٿيو. پوءِ بزرگن جا نعش (خاڪ) اتان کڻي هاڻوڪن هالن پراڻن ۾ آندا ويا. انهي وقت حضرت مخدوم نوح رحه قريشي صديقي جي نعش مبارڪ کي پڻ اسلام پور مان هاڻوڪن هالن نون ۾ آندو ويو.
ڀٽين جي جامع مسجد جو مدرسو
مخدوم اسحاق شيخ بهاءالدين زڪريا خاندان جو مريد هو، فضيلت ۽ ڪماليت ۾ بي نظير هو. پنهنجي محلي جي ڀٽين جي جامع مسجد ۾ مدرسو قائم ڪيائين. جتي قرآن، حديث ۽ فقه جي عام تعليم ڏيندو هو. مخدوم صاحب کان سندس ٻه صاحبزادا مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد پڻ انهي ساڳئي مدرسي ۾ پڙهيا.
مخدوم محمد بن مخدوم اسحاق ڀٽي، ظاهري علمن جي تحصيل پنهنجي والد بزرگ کان پرائي ۽ پنهنجي پيءَ وانگر انهي ساڳئي مدرسي ۾ درس تدريس جو شغل قائم رکيو. مخدوم محمد باطني علمن جي صفائي ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ظاهري شرع جي مخالفت سهي ڪين سگھندوهو.
مخدوم احمد بن مخدوم اسحاق ڀٽي، وڏو ولي ۽ بزرگ عالم هميشه گوشه گمنامي ۾ گذاريندو هو. الله تعاليٰ جي ذڪر ۽ فڪر ۾ محو رهندو هو. سندس انهي مجاهدي ڪري وقت جو حاڪم ڄام نظام الدين به سندس عقيدتمند ٿي رهيو.
مخدوم احمد هميشه پنهنجي ڀاءُ مخدوم محمد کي انهي ساڳئي مدرسي ۾ قرآن، حديث ۽ فقه جي پڙهائڻ ۾ مدد ڪندو هو. اهو سلسلو سندن پوين تائين قائم رهيو. سندن بزرگن جي اولاد مان وڏا وڏا عالم ۽ عارف، عامل ، فاضل، اديب شاعر، خدا جا نيڪ ٻانها ۽ ڪرامت جا صاحب ٿي گذريا آهن. هن خاندان جو پيشو دين اسلام جي تبليغ ڪرڻ هو. جنهن ڪري هزارين مرده دليون اسلام جي روشني سان منور ٿيون.
مخدوم ساهڙ لنجار ڄام انڙ جي آباد ڪيل ڳوٺ انڙپور جو هڪ وڏو آزاد انسان ۽ وقت جي صالح بزرگن مان هو. پوري تعليم ۽ تربيت مخدوم نوح رحه کان حاصل ڪئي هئائين. هو سدائين عبادت الاهي ۾ مشغول رهندو. رات يا ڏينهن جي ڪابه گهڙي پاڪ پروردگار جي ذڪر کان واندو نه رهندو هو. سندس صحبت مان پڻ ڪيترائي عقيدتمند ۽ طالب فيض پرائي ويا. اتي ئي دفن ٿيل آهن.
مخدوم عبد الرئوف بن عمر، پنهنجي وقت جو عارف، عالم ۽ ڪامل بزرگ هو ۽ پنهنجي زماني جي مشائخن ۾ ممتاز هو. هميشه پنهنجن طالبن کي پڙهائڻ، عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهندو هو. ميان نور محمد وٽانئس علم جو اکر اکر سکيو ۽ ان جي تابعداري ۽ پيروي واسطي دل جان سان تيار رهندو هو. هالن جي قاضي زادي شيخ ابراهيم سندس وفات جو سنه 1166هه بيان ڪيو آهي.
مخدوم صدر الدين راهوٺي هالا پرڳڻي جي پسگردائي ۾ جائيه ڳوٺ ۾ رهندو هو. پنهنجي مڪتب ۽ مسجد ۾ شاگردن کي ديني تعليم سان گڏ وعظ فرمائيندو هو. جنهن ۾ ڏاڍو اثر هوندو هو. سچن جي جماعت ۾ سندس ڪمالات جي يگانگي معروف آهي.
مخدوم مراد پٽ صدر الدين راهوٺي هڪ وڏو عالم ۽ پرهيزگار شخص هوندو هو. پوري تعليم پهنجي پيءُ کان پرايائين. پاڻ به پنهنجي پيءَ وانگر پڙهائڻ ۽ وعظ جي شغل ۾ رڏل رهندو هو. حسن مقري درويش سندس همعصر هو.

[b]مولانا حاجي محمد هالائي جو مدرسو محمديه
[/b] مولوي حاجي محمد بن آخوند محمد اسماعيل بن آخوند دين محمد، ساڪن هالا پراڻا، ضلعو حيدرآباد، تاريخ 27 رمضان 1276هه ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم ۽ صرف و نحو ڪتاب مولوي خليفي حاجي عبد اللطيف ساڪن هالا نوان کان پڙهيائين. پر پاٽ (ضلعي دادو) ۾ مولانا حسن الله پاٽائي وٽ به ڪجھه وقت پڙهيو. ان کان پوِ حيدرآباد ۾ اچي مولانا محمد حسن ڪنڊوي وٽ سمورو نصاب پڙهي فارغ ٿيو ۽ اتي ئي پنهنجي استاد جي ارشاد موجب ٻه ٽي سال درس ڏيندو رهيو. ان بعد پنهنجي ڳوٺ ۾ اچي درس تدريس جو سلسلو جاري رکيائين. ربيع الاول 1309هه ۾ حج بيت الله جو سفر اختيار ڪيائين ۽ اتي مسلسل ٻارهن مهينا رهيو. انهيءَ عرصي ۾ مولانا عبد الحق الله آبادي مهاجر کان اوليات احاديث پڙهي، حديث، فقه ۽ اصول فقه جي باقاعدي سند ۽ اجازت ورتائين. سندن درسگاهه ”محمديه“ (3) اڄ تائين هالا ۾ موجود آهي.
حاجي محمد مڃيل عالم ۽ مفتي هو. حديث، فقه ۽ تصوف تي درڪ حاصل هئس. مثنوي مولانا روم ۽ مڪتوبات امام رباني تي کيس گھڻو عبور حاصل هو. تصوف جي باريڪ نڪتن تي حافظ محمد حسن سان سندس بحث مباحثو ۽ خط و ڪتابت ٿيندي رهندي هئي. مسائل فقه ۾ وري مولانا عبد الغفور همايوني سان مباحثو رهندو هو. نقشبندي طريقي ڏانهن مائل هئڻ ڪري پهريائين مولانا شيخ ولي محمد بن شيخ محمد اسحاق ملا ڪاتيار واري جو مريد ٿيو. پر ان جي وفات بعد وري مولانا حاجي عبد الرحمان سرهندي ٽکڙائي جي بيعت ڪيائين. تاريخ 2 ربيع الثاني 1336هه تي فالج جي عارضي ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار شهر هالا پراڻا ۾ آهي.
مولانا حاجي محمد جون هيٺ ڄاڻايل مشهور تصنيفون آهن: (1) الفتاويٰ الحمديه في احڪام الاحمديه (عربي ٻه جلد ) (2) فتويٰ احمديه (سنڌي) (3) خلاصة الاآثار المحمديه و الاخبار الاحمديه (عربي) (4) حقوق الزوجين (سنڌي ) (5) شرح ماه احاديث (سنڌي) (6) مسائل اربعين في سنة سيدالمرسلين (7) رموزالفرقان(سنڌي) (8) المسائل الخمسة في دفع توهمات الشيعته (سنڌي) (9) تمام العناية ترجمة بداية الهداية (سنڌي) رساله در امور طبيه (10) حل الترڪيب منطق (عربي) (11) دوايه (عربي و سنڌي ) (12) قصه بيبي بلقيس (سنڌي) (13) ڪشف الجان (سنڌي) (14) خلاصة الاصول (15) عشرين مسائل فارسي (16) رموزالفرقان (سنڌي) (17) فيض الصمد ترجمة ”ايهاالولد“ (سنڌي) (18) رساله در معرفته نبض و قاروره. (4)
مولانا جي همعصرن ۾ هيٺين بزرگن جا اسماءِ گرامي قابل ذڪر آهن: (‎1) مولانا عبدالغفور همايوني مفتون (2) مولوي جاجي لعل محمد متعلوي (3) مولوي عبدالرزاق بوبڪائي (4) مولوي مفتي محمد سعدالله خيرپوري (5) مولوي عبدالرزاق مختيارپوري (6) مولانا غلام محمد ملڪاڻي (7) قاضي سيد اسدالله شاهه ٽکرائي (8) قاضي علي محمد هالائي.(5)
سندس چند نامياري شاگردن جا نالا هي آهن: (1) مولوي حاجي عبدالرحمان سموي، نصرپور (2) مولوي جان محمد بختيارپوري (3) مولوي حڪيم قاضي معين الدين هالائي (4) مولوي خليفو حافظ محمد هالائي (5) مولوي ميان احمد هالائي ۽ (6) حڪيم مولوي عبدالله هالائي.(6)

[b]مدرسو محمديه، هالا پراڻا
[/b] هن مدرسي جو باني مولانا احمد (وفات 1376هه) هالائي آهي. سندس پيءَ جو نالو مولوي محمد هالائي آهي. 7 جمادي الثاني 1326هه ۾ شهر هالا پراڻا ۾ ڄائو. پنهنجي والد وٽ قرآن شريف، فارسي ۽ عربي جو نصاب، ارڙهن سالن جي عمر ۾ ختم ڪري دستاربندي ڪيائين. دستاربندي بعد ”مدرسه محمديه“ ۾ درس ڏيڻ لڳو. سندس شاگردن مان مشهور هي آهن: مولوي محمد عرس ڏاهري ٽنڊوآدم، مولوي محمود سانوڻي هالائي، حڪيم شيخ حاجي عبدالواحد متعلوي ۽ مولوي محمد هالائي (سندس پٽ).
مولانا احمد به پنهنجي سڄي ڄمار درس و تدريس ۾ پراڻن هالن ۾ بسر ڪئي . سندس شاگردن مان مولانا محمد صادق کڏه ڪراچي، مرحُوم دين محمد وفائي، مولوي فتح محمد سيوهائي، مرحوم عبدالقيوم بختيارپوري، مولانا عبدالرئوف بختيارپوري، مولانا حاجي عبدالله ڪٻرائي ۽ مولانا محمد سليمان ٿرڙائي جن جا نالا قابل ذڪر آهن. 15محرم 1376هه ۾ هالا پراڻا ۾ وفات ڪيائين.

[b]مدرسه عاليه دارالرشاد پير جھنڊو
[/b](ضلعو حيدرآباد (پر هاڻي ضلع مٽياري)
پير رشدالله صاحب العلم الرابع کي خيال آيو ته ناظره ۽ حفظ قرآن جو درس، جيڪو پير رشيد الدين بيعت ڌڻي جو شروع ڪرايل هو، ان جي ترويج لاءِ عربي مدرسو جاري ڪجي، انهي ڪري مولانا عبيدالله سنڌي کي امروٽ شريف مان گھرائي مدرسي بابت گفتگو ڪيائين. مولانا عبيدالله سنڌي کي خود به مسلمانن جي تعليم جو گھڻو اونو رهندو هو، تنهنڪري هن مدرسي جاري ڪرڻ ۽ ان جي سنڀال ۽ انتظام جو ڪم پاڻ تي هموار ڪيو. ماهه رجب 1319يا 1901ع ۾ مدرسي جو افتتاح ٿيو ۽ نالو عربيه اسلاميه ”دارالرشاد“ رکيو ويو. مدرسي شروع ڪرڻ لاءِ پير صاحب جي خاندان جي مستورات پنهنجا سونا زيور ڏيئي مدرسي جي امداد ڪئي. ان وقت مدرسي ۾ هيٺيان معلم رکيا ويا:
1_ مولانا عبيدالله سنڌي صدر مدرس ۽ مهتمم.
2_ مولانا محمد احمداڻي لغاري. ديري غازي خان وارو مدرس ثالث.
3_ مولانا نجم الدين ڊرياله ضلعي جھلم وارو، مدرس ثاني.
4_ مولانا عبدالله لغاري سانگھڙ وارو، مدرس رابع.
5_ حافظ امين محمد متوو ڪڇي.(7)
مولانا عبيدالله سنڌي. مدرسي ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ مولانا محمد امير کي پنجاب مان گھرايو، پر هو اٺ ڏينهن واپس هليو ويو. اٺن سالن جي جدوجھد هيٺ هي مدرسو پنهنجي تعليمي ۽ انتظامي بهتري ڪري ايترو مشهور ٿي ويو، جو وڏا وڏا عالم پري پري کان معائني لاءِ ايندا هئا. جيئن ته شيخ الهند مولانا محمودالحسن ديوبند، مولانا شرف علي ٿانوي ۽ مولانا حافظ محمد احمد مهتمم دارالعلوم ديوبند، وغيره.
ماهه شعبان 1327هه يا 12سيپٽمبر1910ع تي طالبن جي دستاربندي لاءِ هڪ جلسو سڏايو ويو، جنهن جي صدارت ڀوپال جي قاضي مولانا الشيخ حسين بن محسن الانصار اليماني ڪئي، جيڪو نواب سيد صديق حسن خان قنوجي ڀوپالي جو استاد هو ۽ علامه قاضي شوڪاني اليماني جو شاگرد هو. هن کي فتح الباري شرح الصحيح البخاري جا چوڏهن ئي جلد برزبان ياد هئا. انهيءَ جلسي ۾ (1) پير ضياءُ الدين شاهه ولد سيد رشدالله شاهه (2) مولانا محمد اڪرم انصاري هالاڻي (3) مولانا محمد الياس جمالي کتيرو تعلقو هالا (4) مولانا احمد علي لاهوري (5) مولوي ابوالحسن درس هوٿي مشائخ، ٽنڊو آدم (6) مولوي جان محمد درس هوٿي مشائخ ٽنڊو آدم دستار بندي ڪئي.
1327هه / 1910 ع کان پوءِ مدرسي ۾ هيٺيان مدرس مقر ڪيا ويا: (1) مولانا عبيدالله سنڌي مهتمم مدرسه دارالرشاد (2) مولانا محمد صدر مدرس (3) مولوي خدابخش، منصف ارشاد الصرف (4) مولي محمد اڪرم (5) مولانا حاجي احمدي علي لاهوري (6) مولوي محمد الياس جمالي (7) حافظ امين محمد متوو ڪڇي (8) ڊاڪٽر مولوي محمد علي شاهه.
مدرسي ۾ شاگردن جي پڙهڻ لاِءِ عربي جا ابتدائي ڪتاب مولانا قاضي فتح محمد کان سنڌي ۾ ترجمو ڪرايا ويا، مثلن ارشاد الصرف، علم الصيغة، شافيه، نحومير، هداية النحو، ڪافيه مالابدمنه، اصول الشاشي.
مدرسي ۾ تبليغ ۽ اشاعت جو سلسلو به جاري هو. ننڍا ننڍا ديني ڪتاب ڇاپائي عام ماڻهن ۾ مفت ورهايا ويندا هئا ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ جمع ڏينهن وعظ ۽ تبليغ لاءِ عالم موڪليا ويندا هئا. اهڙن ڪتابن مان ڪن جا نالا هي آهن: توحيدنامون، الاسماءِالحسنيٰ (سنڌي ترجمي سان)، ارشاد المربيدين، الفارقة بين اهل الله و اهل للمارفة، التنقيد المعقول في رد تسويد المجھول، زالن جو بيعت نامون ۽ مردن لاءِ بيعت نامون.
تبليغ ۽ اشاعت جي ڪم سان گڏ مدرسي ۾ فتويٰ جو شعبو پڻ کوليو ويو، جنهن جو نالو السواد الاعظيم رکيو ويو. ان جا ميمبر هئا مولانا رشدالله شاهه، مولانا قاضي فتح محمد نظاماڻي ۽ مولانا پير ضياءالدين. ان کان سواءِ مولانا محمد صادق کڏه ڪراچي ۽ مولوي محمد صديق (کڏه) ، مولوي عبدالڪريم درس ڪراچي ۽ مولوي محمد عثمان نورنگزاد (مصنف تفسير تنوير الايمان) پڻ انهيءَ جا ميمبر هئا. اهي فتوائون هڪ مجموعي جي صورت ۾ محفوظ ڪيون ويون آهن. شايد اهڙو ڪتاب اڃا تائين مدرسه مظهرالعلوم کڏه ڪراچي جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.
مدرسي ۾ تعليم جو طريقو ٽائيم ٽيبل مطابق هلندو هو ۽ جدا جدا ڪلاسن لاء الڳ الڳ استاد هوندا هئا. شاگردن جي حاضري ورتي ويندي هئي. امتحان جو طريقو ماهي آزمائشن ۽ ششماهي ۽ سالياني امتحان جي نموني ٿيندو هو. استادن ۽ شاگردن کي شعبان مهيني ۾ سالياني موڪل ٿيندي هئي. سنه 1330هه ۾ وري هيٺيان مدرس مقرر ٿيا: (1) مولانا محمد احمداڻي لغاري صدر مدرس ۽ مهتمم (2) مولانا خدا بخش پنجابي مصنف ارشادالصرف (3) مولانا محمد اڪرم انصاري محشي ارشاد الصرف (4) حافظ امين محمد متوو ڪڇي معلم القرآن. مولانا عبيدالله لغاري فارغ التحصيل ٿي سيد رشدالله صاحب کان قادريه طريقي جي بيعت به ڪئي هئي ۽ باقاعدي اذڪار به پورا ڪيا ۽ دستاربندي سان گڏ کيس خلافت به عنايت ٿي هئي. هي مرد مجاهد ظاهري ۽ باطني علم سان معمور ٿي پنهنجي وطن روانو ٿيو. مولانا محمد اسماعيل هن مدرسي جو فارغ التحصيل هو. جنهن کي پير رشدالله شاهه حيدرآباد دکن ڏي ڪتابن نقل ڪرڻ لاء موڪليو هو. مولانا محمد اسماعيل موٽي اچي مدرسي ۾ تعليم ڏيڻ لڳو ۽ ساڳيا معلم مولانا محمد، مولوي محمد اڪرم، مولوي ولي محمد ۽ حافظ امين محمد به تعليم ڏيندا رهيا.

[b]حوالا[/b]
1. مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفة الڪرام، سنڌي ادبي بورڊ، ص 205.
2. ايضن، ص 198.
3. افسوس ته چند سال اڳ مدرسه محمديه نالي وارو پرائمري اسڪول جيڪو ان قديم جاءِ تي هلندڙ سو بند ٿي ويو آهي.
4. سماهي مهراڻ، نمبر 4-2، ص 84.
5. ايضن.
6. سماهي مهراڻ، شماره 4-3، ص 88.
مولانا مفتي عبدالقادر لغاري، مدرسه دارالرشاد پير جھنڊو، الرحيم، ص 82.