هالا ڪنڊي- سادات متعلوي جو ابتدائي مسڪن
هالا ڪنڊي- سادات متعلوي جو ابتدائي مسڪن
متعلوي ساداتن جا ابا ڏاڏ اصل هرات جا ويٺل هئا. اهي سنڌ ۾ ڪيئن ۽ ڪڏهن آيا، تنهنجي حقيقت هن ريت آهي(1): جڏهن امير تيمور صاحبقران ايران ۽ توران هٿ ڪري، 2 لک 62 هزار ۽ 3 سؤ لشڪر سان هرات(2) ۾ آيو، تڏهن حضرت غفران پناه رضوان آرامگاه سيد مير علي رحه، جو انهيءَ ولايت جي صحيح النسب ساداتن ۽ شريفن مان هو، امير تيمور جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ لشڪر جي تعداد موجب رپيا مهمانيءَ طور نذرانو رکيائين. امير تيمور ڏاڍو راضي ٿيو ۽ سيد ميرعلي جي اصالت ۽ نجابت کان واقف ٿي ۽ سندس فرزندن جي فضيلت ۽ اهليت ڏسي، هرهڪ کي قدر آهر عزت واريون جايون عطا ڪيائين. مير عبدالباقي کي اجمير ۾، مير عبدالواحد کي ملتان ۾، مير عبدالرزاق کي بکر ۾، ۽ مير ابوبڪر کي سيوستان ۾ مقرر ڪيو ويو(3). باقي مير شرف الدين پنهنجي وطن هرات ۾ پنهجي قبيلي سان رهڻ اختيار ڪيو. مير سيد حيدر ڪابه منصب قبول نه ڪئي، ۽ پنهنجي والد بزرگوار سان گڏجي امير تيمور جي رڪاب ۾ هندوستان ۾ آيو. پوءِ ستت ئي امير تيمور ۽ پنهنجي پيءُ کان رخصت وٺي گھمندو ڦرندو سنڌ ۾ آيو.(1) الغرض جڏهن هاله ڪنڊيءَ (هاڻي هالا) جي شهر ۾ پهتو، تڏهن شاهه محمد هالي پٽ دريا خان هالي جي حويليءَ سامهون گھر ڪري ويٺو.
ان وقت هالن جي حاڪم ميران محمد نالي، هالا ذات جي ماڻهن تي ڪنهن قصور جي ڪري 525 رپيا ڏنڊ وڌو هو، جنهن ڪري هو تمام موڙهل ۽ ڏکويل هئا. سيد حيدر وٽ ناڻو جام هو، سو في الحال ميران محمد کي پاڻ وٽ گھرائي، اها ساري رقم پنهنجي هڙان ڀري ڏنائين ۽ هالن جي جند آزاد ڪرايائين. اهڙي ڀال ڀَلائڻ ڪري هالا سندس نهايت احسانمند ٿيا ۽ ٿوري لاهڻ جي مِنۡهُن سان سڱ آڇ به ڪيائونس. آخرڪار انهن جي رضا خاطر شاهه محمد هالي جي سيلوان نياڻي بيبي فاطمہ سان سنديس شادي ٿي. جيئن ته سيد حيدر جي والده سڳوريءَ جو نالو پڻ فاطمہ هو، تنهن ڪري سندس نالو مٽائي ’بيبي صاحب سلطان‘ رکيائون.
سيد حيدر هالا ڪنڊيءَ ۾ هڪ سال ۽ پنج مهينا رهيو. تنهن کان پوءِ پنهنجي والد بزرگوار سيد مير علي جي وصال جو ٻڌي هرات ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيائين. اُسهڻ وقت خبر پيس ته سندس گھر اميدواري آهي، تنهنڪري پنهنجي حرم کي هڪ ٽڪ واري منڊي، هڪ جڙادار خنجر ۽ هڪ قديم خانداني ٻانهي خدمت لاءِ ڏيئي، وصيت ڪيائين ته جي پٽ ڄمي ته نالو مير علي رکجوس ۽ جي نياڻي ڄمي تي ڏاڏيس وارو نالو ڌرجوس. اهو بندوبست ڪري پاڻ هرات ڏي روانو ٿيو. اتي پهچڻ کان پوءِ 3 سال ۽ 27 ڏينهن جيئرو رهيو. هرات ۾ اڳيئي ٻه وڏا پٽ سيد محمد ۽ سيد حسين نالي هئس، جن کي پيءُ جو بيشمار ورثو ترڪو هٿ آيو.
سيد حيدر جي وفات جي خبر سنڌ وارن کان مخفي رهي. هالا ڪنڊي ۾ پڻ سيد حيدر کي فرزند پيدا ٿيو، جنهن جو نالو فرمودي موجب ميرعلي رکيائون. جڏهن بلوغت کي رسيو ۽ قابل ٿيو، تڏهن پنهنجي والد صاحب جي حقيقت کان واقف ٿي، منڊي، خنجر ۽ ٻانهي ساڻ ڪري، هرات جي واٽ ورتائين. اتي پهچڻ شرط معلوم ٿيس ته سيد حيدر گذاري ويو آهي. ڀائرن کان ميراث جو پلؤ ڇڪيائين ۽ شڪ دور ڪرڻ لاءِ پيءُ واريون ٽيئي نشانيون پيش ڪيائين. ڀائرنس کي تنهن هوندي به تسلي نه ٿي ۽ چيائون ته جيڪڏهن غفران پناه مماتيءَ جي حالت ۾ ڪرامت ڪري اسان کي يقين ڏياريندو ته پوءِ تنهنجي ڀائپيءَ جو پورو ڀروسو ٿيندوسون. آخر ٽيئي ڀائر، قبيلي جي ٻين ساداتن ۽ بزرگن سان گڏجي ميڙ ڪري سيد حيدر جي مقبري تي پهتا ۽ مقصد لاءِ دعا پنيائون. سيد حيدر مزار مان منهن ڪڍي سڀني جي روبرو اعلان ڪيو ته ”سيد مير علي برابر مهنجو فرزند آهي ۽ منهنجي ميراث جي ٽئين حصي جو حقدار آهي. الله تعاليٰ جي حڪم پرماڻي ٽيئي ڀائر پوريون پنيون ورهاست ڪن.“ هاڻي سڀني کي پڪ ٿي. ڀائرن، عزيزن ۽ ٻين شريفن ۽ اڪابرن سيد ميرعليءَ جي مرحبا ڪئي ۽ سندس مهمانداريءَ ۽ ضيافت جا حق بجا آندا.
ڪجھه وقت هرات ۾ رهي، مال متاع جو ٽيون حصو وٺي، سيد مير علي سنڌ ڏي موٽيو. سندس چاچو مير شرف الدين پڻ ساڻس گڏجي آيو. هالا ڪنڊي پهچڻ شرط پنهنجي ملڪيت جا ٽي حصا ڪري ٻه ڀائرن ڏانهن موڪليائين، ۽ مير شرف الدين کي پاڻ سان رهايائين. جنهن ٿوري مدت بعد رحلت ڪئي. سيد مير علي کي ٻه پٽ ٿيا: هڪڙو سيد شرف الدين جو ’هالن‘ جو ڏهٽاڻ هو ۽ ٻيو سيد احمد، جو ترڪياڻيءَ مان هو. سيد شرف الدين شادي ڪري جدا حويلي ٺاهي ويٺو. سندس اولاد مٽارين جي شهر ۾ ”شرف پوٽا“ جي نالي سڏيو وڃي ٿو ۽ شاه ڪريم به سنديس چوٿين پيڙهيءَ مان هو. سيد احمد پرڻي بعد پنهنجي پيءُ جي خدمت ۾ رهيو ۽ ان جو پونير ”ميرڻ پوٽا“ جي نالي سان مشهور آهي.
(هيءُ مواد ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽا جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“، جي ٻي ڇاپي تان کنيو ويو آهي.)