هالن جي بربادي
هالن جي بربادي
ميرڪ يوسف لکي ٿو ته مظفر خان معموريءَ جي دور ۾ هالن جو پرڳڻو يارنهن هزار خرار ان سرڪاري جمع بنديءَ ۾ ڏيندو هو. ۽ منجهائنس ويهه لک دام ڍل اڳڙندي هئي. ليڪن ميرزا حسام الدين مرتضيٰ خان جي ڏينهن ۾ انهيءَ پرڳڻي جي سخت بربادي ٿي ۽ سميجا انڙ، جن جو مٿي بار بار ذڪر ٿي چڪو آهي، انهن جي لٽ ڦر آبادگار رعيت کي تباهه ڪري ڇڏيو هو، امن و امان جي نه هجڻ سبب، ڪڙمي ڪاري، راڄ ۽ رعيت لڏي پلاڻي، پنهنجا وٿاڻ ڇڏي، ٻين صوبن ۾ هليا ويا، جنهنڪري زمينون ويران ۽ ڳوٺ ڀڙڀانگ لڳا پيا هئا ۽ آمدنيءَ جو انگ لهي اچي صفر تائين پهتو هو.
مرتضيٰ خان تنگ ٿي هڪ دفعو پنهنجي پٽ صمصام الدوله کي سندن سرزنش لاءِ چاڙهي موڪليو، ليڪن اهو به ڪامياب ٿي نه سگهيو، بلڪ مار کائي موٽي آيو. صمصام الدوله لشڪر وٺي هالن کان اڌ ميل تي ”ٺٺي ڳوٺ“ ۾ اچي منزل انداز ٿيو ۽ چوڌاري خندق هڻائي، خاربندي(لوڙهو) ڪري ويهي رهيو. هالن جي ٿاڻيدار، موسيٰ خان، افعان کي ڪجهه لشڪر ڏيئي، هن انڙن تي موڪليو. انڙن کي جاسوسن ذريعي سڄي قصي جي خبر پئجي ويئي هئي، جنهن ڪري هو پنهنجا ڳوٺ خالي ڪري، پاڻ لشڪر جي رستي تي لڪي ويهي رهيا، لشڪر جيئن بيخبريءَ م سميجن جي ڳوٺن ۾ پهتو، تيئن سميجن جهنگ مان نڪري اچي لشڪر جي پٺيان گهيرو ڪيو ۽ سرڪاري سپاهين کي ڏڏري رکيائون. جيڪي سپاهي جان بچائي سگهيا سي ڀڄي اچي صمصام الدوله جي ڪئمپ ۾ پهتا.
يوسف سميجو کيبر پرڳڻي جو ارباب هو. ڪنهن ڳالهه تان سرڪاري شقه دار سان اختلاف ٿيس. ڳوٺ مان نڪري اچي انڙن جو لشڪر تيار ڪري کيبر ڳوٺ تي ڏينهن ڏٺي جو حملي آور ٿيو. اهو ڳوٺ هالن کان چئن ڪوهن جي پنڌ تي هو. حاجي محمد شقه دار پنهنجي زال کي ماري پاڻ اچي يوسف جي مقابلي ۾ بيٺو ۽ وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويو. ارباب يوسف سميجو جيئن وڻيس تيئن شهر کي برباد ڪري هليو ويو. اهو واقعو به صمصام الدوله جي ويٺي ٿيو. صمصام الدوله ٻيو ته ڪجهه ڪري ڪونه سگهيو، ليڪن هالن ۽ سماواتي پرڳڻي جي سڀني اربابن کي قيد ڪري، پيءُ وٽ ٺٽي وٺي آيو.
مرتضيٰ خان انهن اربابن تي تمام ڳرا ڏنڊ وڌا، جيڪي هو بروقت ڀري نه سگهيا ۽ شرعي قبالا لکي سردست پنهنجي جان ڇڏيائون. صمصام الدوله جڏهن ٺٺيءَ مان ڪوچ ڪري ٺٽي ويو. ان وقت سميجن انهيءَ ڳوٺ کي به اچي کيبر ڳوٺ وانگر ويران ڪري ڇڏيو. ڳوٺ مان جيڪي ماڻهو بچي نڪتا، سي اچي هالن ۾ پناهه گزين ٿيا. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته اهو ڳوٺ، جنهن وقت مير ابوالبقا ٺٽي آيو، ان وقت به ويران هو ۽ پوءِ به ڪيترو وقت (1044هه) ويران رهيو، خالي جايون برباد ٿيل ڀاڻ، ڦٽل وٿاڻ ڏسي، حيرت ۽ حسرت وٺيو ٿي ويئي!
مير ابوالبقا جنهن وقت ٺٽي پهتو، ان وقت انهيءَ ملڪ جي اها حالت هئي. هالن جي آمدني گهٽجي وڃي نالي ماتر رهي هئي، جن اربابن تي مرتضيٰ خان ڏنڊ وڌا هئا، سي وصول نه ٿي سگهيا هئا، ۽ جڏهن اربابن تي زور پيو ٿي، ته انهن پاڻ ڀرڻ بجاءِ غريب رعيت کان وصول ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو هو، جو رهيو کهيو راڄ به لڏ پڏاڻ ۾ هو.
مير ابوالبقا ٺٽي پهچڻ شرط انهن افسوسناڪ حالتن جو معائنو ڪيو ۽ضروري ڪمن مان فراغت حاصل ڪري، سڀ کان پهريائين انهيءَ علائقي طرف توجهه ڏنو، پهرين لشڪر ڪشيءَ ۾ هن ڪيترن سميجن سردارن کي قتل ڪيو ۽ وينجهڙي(؟) ڳوٺ ۾ وڏو قلعو ٺهرائي، ان کي پنهنجو مرڪز بڻائي، وڌيڪ معرڪن لاءِ تيار ٿي ويهي رهيو. پنهنجي پٽ مير ضياالدين يوسف کي فوجي دستو ڏيئي، هن درٻيلي پرڳڻي ڏانهن اماڻيو. جيتوڻيڪ اهو پرڳڻو بکر جي حد جو هو، ليڪن جيئن ته سميجا اتي وڃي لڪا هئا، تنهڪري ضياءالدين لاءِ اوڏانهن وڃڻ ضروري ٿيو. درٻيلي جا ڪيترا سميجا قتل ٿيا ۽ ڪيترا سميجا گرفتار ٿيا، جن کي هن حڪيم محمد صالح(1). ڏانهن بکرموڪلي ڏنو.
مير ابوالبقا ٻيو دستو پنهنجي وچين پٽ مير ابوالقاسم کي ڏيئي، هاله ڪنڊيءَ جي سميجن تي موڪليو، جنهن پڻ وڃي ساڻس خوب معرڪا ڪيا، آخر ايترو کين پريشان ڪيائين جو هنن مجبور ٿي، سيوهڻ جي صوبيدار، سيد ديندار خان، کي وچ ۾ آڻي شفاعت حاصل ڪئي.
[b]شير خان افعان
[/b]مغل دور ۾، سيويءَ جي ولايت گهڻو ڪري بکر جي صوبيدار جي ماتحت رهندي هئي. جنهن وقت ميرزا حسيني (1038هه جي آخر يا 1039هه جي شروع ۾) بکر آيو، ان وقت به گندا واهه ۽ سيوي سندس ماتحت هئا.
شير خان ترين، جيڪو پشنگ جو رهاڪو هو(2) انهيءَ زماني ۾ اتان هلي اچي سيويءَ ۾ گنجابي(گندا واهه) تي نازل ٿيو ۽ خوب ڦر ڪرڻ لڳو. سيويءَ جو ڇاڪاڻ ته انتظام قابل اطمينان نه هو، تنهنڪري شاهي دربار مان فرمان پهتو ته بکر جو حاڪم، سيوهڻ ۽ ٺٽي جي صوبيدارن کان مدد وٺي، سيويءَ جو بچاءُ ڪري.
اهو حڪم ان وقت پهتو، جڏهن مير ابوالبقا وينجهڙي ڳوٺ ۾ مرڪز ڪيو ويٺو هو ۽ چوڌاري سميجن تي ترڪتازن ۾ مشغول هو. حڪم پهچڻ تي، مير ابوالبقا ٽي سو سوار ۽ ڏيڍ سو برق انداز ۾ تيزانداز وينجهري جي قلعي ۾ ڇڏيا، جن سميجن جي سرڪوبيءَ واري مهم جاري رکي ۽ پاڻ فورن اچي ٺٽي پهتو. شاهي حڪم جي بجا آوريءَ مير صاحب پنهنجي ڀاءُ کي ڪافي فوج ڏيئي، ديندار خان ڏانهن موڪليو، جتان ديندار خان جي لشڪر کي ساڻ ڪري، سيويءَ جي بچاءَ خاطر بکر ويا.
اهي واقعا 1039هه جي وچ ۽ 1040هه جي شروع جا آهن. ديندار خان انهيءَ زماني ۾ سيوهڻ ۾ هو. شير خان 1040هه ۾ اهو حملو سيويءَ تي ڪيو ۽ ميرزا حسين 1040هه ۾ بکر ڇڏي، دربار ڏانهن ويو.(3)
[b]هالن جي قريب ابڙيجن وارو واقعو
[/b]وينجهڙي ڳوٺ واري قلعي کان سواءِ مير صاحب هالن جي قريب ابڙيجن جي ڳوٺ ۾ ٻيو به هڪ قلعو ٺهرايو، جنهن جي ٺهڻ ۽ ان ۾ قليعدار مقرر ٿيڻ بعد، سميجن جو گهڻو زور گهٽجي ويو. ميرڪ يوسف”مظهر شاهه جهانيءَ“ ۾ ملڪي انتطام کي درست ڪرڻ لاءِ بادشاهه اڳيان جيڪي تجويزون پيش ڪيون آهن، انهن مان هڪ اها به تجويز آهي ته سنڌ جي فسادن کي منهن ڏيڻ لاءِ ۽ خطري جي وقت بروقت مقابلي ڪرڻ لاءِ، سنڌ ۾ فلاڻن فلاڻن هنڌن تي ٿاڻا قائم هجن ۽ انهيءَ ۾ ايتري فوج مقرر ڪجي. انهيءَ سلسلي ۾، هو ابڙيجن جي قلعي جو ذڪر ڪندي، لکي ٿو ته پرڳڻي هالا ڪنڊيءَ ۾، جيڪا نصرپور سرڪار ۾ آهي، فساد هميشه مٿي جو سور ٿي پوندا آهن، تنهنڪري ابڙيجن جي ڳوٺ ۾ مير ابوالبقا جيڪو قلعو ٺهرايو آهي، ان ۾ ٻه سؤ سوار ۽ هڪ سؤ برق انداز مستقل طرح مقرر ڪيا وڃن، تاڪه فسادن کي اڀرڻ جو موقعو نه ملي.(4)
[b]شڪار[/b]
انهيءَ قلعي جي چؤگرد شڪار به انهيءَ زماني ۾ گهڻو هو- ڦاڙها، تتر ۽ بدڪون بڪثرت هيون. مير صاحب کي به شڪار جو تمام گهڻو شوق هو: چنانچه ميرڪ يوسف لکي ٿو ته هڪ دفعي مير صاحب خسائي شوري جي ڳوٺ تي حملو ڪيو، ان تان موٽي اچي سن جي گهيڙ کان درياءُ اڪري، وينجهڙي جي قلعي ۾ اچي مقيم ٿيو، قلعي جي مرمت به ڪرائيندو رهيو ۽ روزانو شڪار به ڪندو رهيو، چنانچه خريف جي ختم ٿيڻ تائين مير صاحب اهو مشغلو جاري رکيو ۽ بيحد و حساب شڪار ڪيائين. خريف جي ختم ٿيڻ بعد، مير ڪامل کي قلعي ۾ رهائي، پاڻ وري پرڳڻي جوڻيجي ڏانهن هليو ويو.(5)
(هيءُ مواد تذڪره اميرخاني از پير حسام الدين راشدي جي ڪتاب تان ورتو ويو آهي. صفحا 78 کان 82 تائين.)