هاله ڪنڊي
هاله ڪنڊي
سنڌ قديم زماني کان تهذيب، ثقافت، علم ۽ ادب جي خزانن سان مالا مال رهي آهي. هن سر زمين جو هر حصو پنهنجي خصوصي اهميت رکي ٿو. سنڌ جي تاريخ ۾ هالڪنڊي جي حيثيت تي نظر ڪبي ته خبر پوندي ته راءِ گھراڻي جي سنڌ تي حڪومت (۴۵۰ع کان ۶۳۲ع) وقت لوهاڻو سنڌ جو هڪ پرڳڻو هو. جنهن جو حاڪم راءِ گھراڻي جي پوين ڏينهن ۾ اگھم راجا هو. هن پرڳڻي ۾ لاکا، سما ۽ سهتا ايراضيون شامل هيون. هن پرڳڻي جو مرڪزي شهر برهمڻ آباد هو. سانگھڙ ضلعي جا شهداد پور، ٽنڊو آدم ۽ سنجھورو تعلقا ۽ حيدرآباد ضلعي جو هالا تعلقو به هن ۾ شامل هو. ٽنڊو آدم کان اوڀر طرف ڳوٺ پيرو فقير شوري جي ڀرسان درياءَ جو پراڻو ڍورو اڃا تائين لوهاڻو ڍورو سڏجي ٿو ۽ ان ديهه جو نالو به لوهاڻو آهي، لوهاڻي پرڳڻي جو مرڪزي شهر برهمڻ آباد اسان جي آڏو دلور جي دڙن جي صورت ۾ سنجھوري تعلقي ۾ جمڙائو ڪئنال جي ڪپ تي موجود آهي. لوهاڻي پرڳڻي ۾ هالا تعلقي واري ايراضي ته شامل هئي. پر ان وقت هالڪنڊي جي آباد هجڻ جي ڪابه شاهدي ڪانه ٿي ملي، جيڪر ڪا آبادي هئي، تڏهن به ان جا آثار هينئر ملڻ ممڪن نه آهن، ڇو ته درياهه پنهنجو رخ باربار مٽائيندو رهيو آهي. سنڌ تي سومرن جي مقامي حڪومت جي دور پنجين صدي هجري کان نائين صديءَ هجري تائين ڪڇ کان وٺي هالا ڪنڊي تائين وارو سڄو ملڪ سومرن جي حڪم هيٺ هوندو هو. هالڪنڊي جو ڳوٺ سنڌ تي سمن جي صاحبي دوران اٺين صدي هجري ۽ عيسوي پنڌرهين صدي ۾ آباد ٿيو، جنهن کي ٽوڙي سڏيو ويندو هو، پر سنڌو جي بار بار رخ مٽائڻ واري عادت سبب اهو ڳوٺ به باقي نه رهيو، درياهه ان کي پائي ويو ۽ ٽوڙي جو ڪو به آثار باقي نه بچيو. مخدوم نوح عليہ رحمة جن جا بزرگ به ان ڳوٺ ٽوڙي ۾ رهندا هئا. اٺين صدي جي آخر يا نائين صدي جي پهرئين ڏهائيءَ ۾ هالڪنڊي جو ڳوٺ آباد ٿيو ۽ ٽوڙيءَ مان لڏي آيل ماڻهو هن ۾ آباد ٿيا. نائين صدي هجري ۾ هيءُ ئي هالڪنڊي جو ڳوٺ آهي، جنهن جون روايتون مختلف تاريخي ڪتابن ۾ ملن ٿيون. ۹۲۸ هه ۾ شاهه بيگ ارغون جي وفات بعد ميرزا شاهه حسن ارغون سنڌ جو حاڪم ٿيو ته ڄام فيروز هڪ دفعو وري اقتدار هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جنگ هارائي هميشه لاءِ گجرات هليو ويو. ميرزا شاهه حسن ٽي ڏينهن ميدان جنگ ۾ رهي مال غنيمت ميڙي اچي ٺٽي ۾ لٿو. ڇهه مهينا تغلق آباد ۾ رهڻ بعد هالڪنڊي مان ٿيندو سيوستان هليو ويو. ۹۴۷ هه ۾ هندستان جو مغل بادشاهه همايون جڏهن شير شاهه سوري کان شڪست کائي سنڌ ۾ آيو ته سنڌ جي ارغون حاڪم ميرزا شاهه حسن، همايون جي اميرن سان اقرار ڪيو ته هالڪنڊي کان بٺوري تائين درياهه جي هن ڀر وارا ڳوٺ حرامسراءِ جي خرچ لاءِ ڏيندو ۽ همايون بادشاهه جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪندو، پر پوءِ اهو ٺاهه ٿي نه سگھيو.
سنڌ ۾ ترخانن جي حڪومت جو دور اهو دور آهي جڏهن هاله ڪنڊي مان روشني جا ڪرڻا ۽ فيض جو درياهه سڄي سنڌ کي سيراب ڪري رهيو هو، حضرت مخدوم سرور نوح عليه رحمة جن جي بزرگي ۽ ڪرامتن جي هند سنڌ ۾ هاڪ هئي ۽ ماڻهو پري پري کان ڪهي اچي هتان پنهنجا مطلب ماڻيندا هئا ۽ دل جي دز کي صاف ڪندا هئا، نه صرف عام ماڻهو پر وقت جا حاڪم ۽ امير به چاهيندا هئا ته هن در جي حاضري ڀري پنهنجي لاءِ هن ڪرامت جي صاحب جون دعائون ۽ فتح ۽ ڪاميابي لاءِ غيبي مدد حاصل ڪريون. ۹۷۵هه ۱۵۶۷ع ۾ وقت جي حاڪم ميرزا محمد باقي ترخان جو ڀاء ميرزا جان بابا، خان زمان بيگلار جي هوشيار ڪرڻ تي پاٽ ۽ صدر جھيجي کان ٿيندو هاله ڪنڊي پهتو، پٺيان ميرزا باقي به لشڪر سوڌو اچي هاله ڪنڊي پهتو. خان زمان بيگلار ڏٺو ته هاله ڪنڊي ۾ ٻنهي لشڪرن ۾ جنگ ٿيڻي ناهي، پوءِ ڇو نه اولياءَ الله حضرت مخدوم نوح عليه رحمة جي ميرزا جان بابا لاءِ دعا حاصل ڪجي. ان خيال سان رات جو گھوڙي تي چڙهي حضرت غوث الحق جي خانقاهه جي دروازي تي ٻاهر اچي ڏاڍي چيائين ته مخدوم صاحبن جي خادمن مان ڪو جاڳندو هجي ته مخدوم صاحبن جي خدمت ۾ ميرزا جان بابا جا نياز ادب ۽ سلام پهچائي عرض ڪري ته اسان کي ظالم ميرزا باقي جي ڀاڄوڪڙ لشڪر سان جنگ ڪرڻي هئي پر هينئر قبله سائين جي واهڻ ۾ اچي ويٺا آهن، ان ڪري اسين سائين جن جي ادب ۽ لحاظ کي سامهون رکندي خونريزي نٿا ڪري سگھون، ان ڪري وڙهڻ کان پاسو ڪري هليا ٿا وڃون. اهو چئي هو هليو ويو، صبح جو مخدوم صاحبن جو خادم جان بابا وٽ ويو ۽ سائين جن جون دعائون رسائي چيائين ته اوهان کي ان ادب ۽ لحاظ لاءِ جس هجي، ميرزا جان بابا حيران ٿيو، پر پوءِ خبر پيس ته اهو ڪم خان زمان بيگلار جو آهي. جيتوڻيڪ ميرزا جان بابا کي ميرزا باقي اڳتي هلي مارائي ڇڏيو پر الله وارن جي ناراضگيءَ ۽ ميرزا باقي جي سندن عام ماڻهن تي ڪيل ظلمن جو آخر اهو اثر ٿيو ته هن قهري پاڻ پنهنجو انت آندو.
الله وارن جي راضپي ۽ ناراضگي جو اثر انداز ٿيڻ جو هڪ ٻيو مثال به اسان جي آڏو آهي. جنهن جي شاهدي ڪئين تاريخي ڪتاب به ڏين ٿا.
۹۹۹هه ۾ مغل بادشاهه جلال الدين اڪبر، عبدالرحيم خان خانان کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو ته ڪنهن الله واري کيس ٻڌايو ته ويجھڙائي ۾ جناب ڪرامت ماب مخدوم نوح عليه رحمة، تازو هاله ڪنڊي ۾ گذاري ويو آهي. جيڪڏهن ان جي فاتح خواني لاءِ توهان اڳ ۾ پهتا ته فتح اوهان جي ٿيندي، ۽ جيڪڏهن ميرزا جاني بيگ اڳ ۾ پهتو ته اهو جنگ کٽيندو. اتفاق اهو ٿيو جو جاني بيگ ويجھو هوندي به اتي حاضري نه ڀري سگھيو ۽ خان خانان ۽ جاني بيگ وچ ۾ ڪيترين جنگين کان پوءِ صلح ٿيو ۽ سنڌ هندستان جي مغل حڪومت جو هڪ صوبو بنجي وئي.
مغلن جي حڪومت واري وقت ۾ به هاله ڪنڊي هڪ اهميت واري ڳوٺ جي حيثيت سان قائم ۽ آباد نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته هي ٺٽي کان سيوهڻ وڃڻ واري رستي تي هو ۽ نصرپور سرڪار جي هڪ پرڳڻي هاله ڪنڊي جو مرڪزي هنڌ هو. سرڪار طرفان پرڳڻي جي حفاظت ۽ انتظام هلائڻ لاءِ مقرر ڪيل ماڻهون به هتي رهندا هئا. آڳاٽي زماني ۾ سفر درياءَ وسيلي يا خشڪي تي اٺن، گھوڙن ۽ گڏهن تي ڪيو ويندو هو. هاله ڪنڊي دريائي توڙي خشڪيءَ جي سفر ۾ اهم جاءِ هئي، جتي ٻيڙا يا قافلا ترسي سفر جو ٿڪ ڀڃي، ضرورت جون شيون هٿ ڪري وري اڳتي اسرندا هئا.
۱۰۰۵ هه ۾ ٺٽي جو نواب خسرو خان چرڪس مقرر ٿيو، پر هن جي وڌندڙ اثر رسوخ جي ڪري ۱۰۲۱ هه ۾ ميرزا غازي کيس هٽائي پنهنجي پاران هندو خان کي حاڪم ڪري موڪليو. خسرو خان چرڪس ٺٽي مان بيدخل ٿي جڏهن قنڌار وڃڻ لاءِ هاله ڪنڊي ۾ پهتو ته کيس ميرزا غازي بيگ جي وفات جي خبر پئي.
مغلن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ جيڪي سندن طرفان حاڪم مقرر ٿيندا هئا، انهن جو مرڪز بکر ۽ ٺٽو هوندو هو. هاله ڪنڊي پرڳڻو نصرپور جي راڄڌاني جو هڪ حصو هئي ۽ ٺٽي جو حاڪم هن علائقي جو انتظام هلائيندو هو. هاله ڪنڊي پرڳڻي جو مرڪزي ڳوٺ به هالا ڪنڊي هو، جتي سرڪاري طرح ٿاڻو هوندو هو، جتي ٺٽي جي صوبه دار طرفان چند سؤ سوار ۽ توبچي پرڳڻي جو انتظام رکڻ لاءِ مقرر ٿيل هوندا هئا. هاله ڪنڊي پرڳڻي ۾ مغلن جي هڪ امير مير ابوالبقا ابڙيجن جو ڳوٺ ۾ به هڪ قلعو ٺهرايو هو، جنهن ۾ پڻ سرڪاري فوج رهندي هئي، پر تنهن هوندي به امن امان قائم ٿي نه سگھندو هو، پرڳڻي ۾ رهندڙ چانڊيا، سميجا، ۽ انڙ ڪڏهن به مغل حڪومت جا حامي نه ٿيا. انهن هر وقت حڪومت خلاف مزاحمت جاري رکي ۽ راتاها هڻي مغلن جي فوج کي هيسائيندا رهندا هئا، ڪو به قافلو هتان حفاظت سان لنگھي نه سگھندو هو. شمشير خان اوزبڪ جي ٻيهر عملداري جي وقت ۾ ڪي سوداگر هڪ هزار کن اٺن جي وڳ سان ٺٽي کان بکر پئي ويا. اهي جڏهن هاله ڪنڊي پهتا ته کيس درياهه اڪري سميجن جي راڄ مان لنگھڻو هو، اتي پير پائڻ سان ئي هو مٿن ڪاهي آيا ۽ کيس تاراج ڪري سڀئي اٺ ڪاهي ويا. مغل عملدارن کان سواءِ جيسلمير جو راجا به انهيءَ عذاب کان بچيل نه هو، ان کي خشڪي واري رستي جي حفاظت لاءِ پنجن ڇهن سؤ مسلح سوارن جي ضرورت رهندي هئي. محافظن جي نه هجڻ جي صورت ۾ قافلا ڦورن جي نظر ٿي ويندا هئا.
واپارين جو ٻيو رستو درياهي هو پر اهو به سلامتي وارو نه هوندو هو. سوداگر سيوهڻ واري گھٽ وٽ پهچي ڪي ڏهاڙا ترسي، سيوهڻ جي جاگيردار جو محصول ڀري اتان چوڪي ساڻ ڪري سن جي تڙ تائين ايندا هئا، جتي وري محصول ڀري ٻي چوڪي ساڻ ڪري هاله ڪنڊي تائين پهچندا هئا. ان هوندي به اڪثر قافلا پنهنجي واپاري مال ۽ ٻيڙين سميت تاراج ٿي ويندا هئا، ۽ سوداگر قتل ٿي ويندا هئا. انهن واقعن کان تنگ ٿي مغل اميرن ٺٽي جي حاڪم کي لکي موڪليو ته چانڊين، سميجن ۽ ٻين باغين جي پاڙ پٽڻ لاءِ ٺٽي مان مسلح سپاهي گھرائي هاله ڪنڊي پرڳڻي جي ڳوٺ ابڙيجن ۾ ٿمائي انهن کي چئني پاسي کان گھيرو ڪجي. نصرپور راڄڌاني جي پرڳڻي هاله ڪنڊي ۾ سميجن جون پيل زمينون هاله قوم جي حوالي ڪجن، جيڪي مغل حڪومت جا وفادار هئا. هاله ڪنڊي وارو ٿاڻو جيڪو سدائين ٺٽي جي صوبدار جي واسطيداري سان سميجن جي فساد ٽارڻ لاءِ قائم ڪيو ويندو هو، اهو ٿاڻو وري ٻه سؤ سوارن ۽ هڪ سؤ توبچين سان هالا ڪنڊي پرڳڻي جي ابڙيجن واري ڳوٺ ۾ مير ابوالبقا جي ٺهرايل قلعي ۾ قا.ئم ڪرڻ کپي، اهي سپاهي ٺٽي جي حاڪم کان گھرايا وڃن. هڪ سؤ سوار ۽ پنجاهه توبچي بکر جي حاڪم کان ۽ ٽي سؤ سوار ۽ پوڻا ٻه سؤ توبچي سيوهڻ جي جاگير کان طلب ڪيا وڃن، ته جيئن هن ٿاڻي تي ساڍا ڇهه سؤ سوار ۽ سوا ٽي سؤ توبچي هر وقت موجود هجن. پر ان سموري انتظام مڪمل ڪرڻ کان پوءِ به هالا ڪنڊي جي پرڳڻي ۾ امن امان قائم رکڻ ۾ مغل امير ناڪام ٿيا، ۽ مقامي ماڻهن مٿن راتاها هڻي سندن ننڊون حرام ڪري ڇڏيون.
مرزا حسام الدين مرتضيٰ خان ثاني جي عملداري 1028هه) دوران هن پنهنجي سڪيلڌي پٽ صمصام الدوله کي سميجن مٿان مقرر ڪيو. جنهن هالا ڪنڊي پرڳڻي ۾ پهچي هالن جي ڀرسان ٽلٽيءَ جي ڳوٺ ۾ ڊاٻو ڪيو، جو هالن کان هڪ ميل جي فاصلي تي هو. هي ڳوٺ ايڏو ته وڏو هو جو خود هالن سان ٿي ڪلهو هنيائين. هو اتي اچي کڏون کوٽي مورچا ٻڌي ويهي رهيو ۽ تڪڙ ڪري هالن جي صوبيدار موسيٰ خان افغان سان هڪ جٿو گڏي سميجن تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ موڪليائين، پر هنن انهن کي ماري ڀڄائي ڪڍيو، پر پوءِ صمصام الدوله ڪنهن نموني هالن ۽ سماواتي پرڳڻي جي اربابن کي قيد ڪري پيءُ وٽ ٺٽي وٺي ويو، جنهن سميجن جي ڏوهه ۾ مٿن ڳاٽي ڀڳا ڏنڊ وڌا ۽ کانئن شرعي ضابطا لکرائي مٿن مڙهي ڇڏيا.
صمصام الدوله جي واپسيءَ کان پوءِ ساڳئي ٽلٽيءَ جي ڳوٺ تي سميجن وري راتاهو هنيو. جنهن ۾ ڪيترا مغل سپاهي مارجي ويا ۽ بچيلن ڀڄي وڃي هالن ۾ پناهه ورتي. مظهر شاه جهاني جي لکندڙ يوسف ميرڪ پڻ اهو ڳوٺ ڏٺو هو، هو چوي ٿو ته اڃا تائين انهيءَ ڳوٺ ۾ سڃ پئي واڪا ڪري، ماڻهن جي ڀينگ ڏسي هنيا پڄرڻ لڳي ٿو.
سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪومت قائم ٿيڻ بعد به هالاڪنڊي جي اهميت برقرار رهي ۽ هن پرڳڻي ۾ ئي هالن جي ڀرسان خدا آباد نئين جو بنياد وڌو ويو، جيڪو ڪلهوڙن جو مرڪز هو، جتي ڪلهوڙن حاڪمن ۽ ٽالپر اميرن جا مقبرا اڄ تائين موجود آهن.
ميان غلام نبي جي مارجي وڃڻ بعد ميان عبدالنبي کي گاديءَ تي ويهارڻ لاءِ حيدرآباد مان گھرايو ويو. عبدالنبي پنهنجي سامان سڙي ۽ لشڪر سميت هڪ ئي ڏينهن ۾ اچي هالا ڪنڊي پهتو، جو نئين خداآباد جي نزديڪ هو. ٻئي ڏينهن مير بجار خان ٽالپر ۽ ملڪ جاة امير اليان جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ حضرت مخدوم نوح عليه رحمة جن جي درگاهه ۾ مير بجار خان ٽالپر پنهنجي هٿن سان ميان عبدالنبي جي سر تي ۱۱۹۱هه ۾ حڪومت جي دستار ٻڌي، پوءِ اتان وڏي شان شوڪت سان کيس ميان سرفراز خان جي محل ۾ اچي ويهاريائون. ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ هالا ڪنڊي جي تجارتي حيثيت برقرار هئي. غلام شاهه ڪلهوڙي ۱۸ محرم ۱۱۷۲ هه (۲۲ سيپٽمبر ۱۷۵۸ع) تي لکرايل هڪ تجارتي پرواني، جنهن تي قاضي محمد يحييٰ جي صحيح ٿيل آهي، جنهن ۾ انگريزن کي تجارتي رعايتون ڏنل آهن. ان ۾ به هالا ڪنڊي جو ذڪر آهي، ٻيو پروانو ۲۲ اپريل ۱۷۶۱ع جو جاري ڪيل آهي، ان ۾ انگريزن کي واپاري رعايتون ڏيڻ جي سفارش ۽ ملڪي حدن ۾ هالا ڪنڊي جو نالو شامل آهي. هن ئي پرڳڻي ۾ هالا ڪنڊي جي ڀرسان ٽالپرن جو ديرو شاهپور هو جتي ڪلهوڙن حاڪمن جي تاجپوشي ٿيندي هئي.
ڪلهوڙن کان پوءِ جڏهن سنڌ تي ميرن جي حڪومت قائم ٿي تڏهن به هالا ڪنڊي جي حيثيت کي ڪوبه ڇيهو نه رسيو ۽ هي خطو پنهنجي جاگرافيائي اهميت جي ڪري مرڪزي حيثيت وڃائي نه سگھيو. هن دور جي تاريخي ڪتابن ۾ به هالن جو ذڪر ملي ٿو.
۱۵ فيبروري ۱۸۴۲ع ۾ جڏهن بلوچن جوش ۾ اچي ميجر آئوٽرام جي انگريزي ڇانوڻي کي جيڪا حيدرآباد کان ٽن ميلن تي سنڌو درياهه جي ڪناري تي هئي، حملو ڪري قتل و غارت گري ڪئي ته ميجر آئوٽرام جان بچائي بتيلي ۾ چڙهي وٺي ڀڳو، انگريزي فوج جو اڳواڻ نپيئر ان وقت هالن ۾ منزل انداز هو. هن جڏهن اها خبر ٻڌي ته ڪاوڙ ۾ ڪنبڻ لڳو ۽ فوج کي هڪدم درياهه جو ڪپ وٺي هالن کان حيدرآباد ڏي ڪوچ ڪرڻ جو حڪم ڏنائين ۽ حيدرآباد ۾ ميرن جي شڪار گاهه وٽ اچي منزل ڪيائين ٻئي ڏينهن سندس فوجون ميرن جي لشڪر خلاف صف آرا ٿيون. سنه ۱۲۵۵هه ۾ جڏهن مير شير محمد خان ٽالپر شڪارپور ٿي ويو ته پهرين هاله ڪنڊي ۾ اچي ترسيو هو جتان پوءِ شڪارپور روانو ٿيو.
سن ۱۱۴۰هه ۾ مخدوم نوح عليہ رحمة جي چوٿين پوٽي، صاحب سجاده ڇهين مخدوم مير پير رح نئون شهر ٻڌي ان جو نالو اسلام آباد رکيو. نئين شهر ٻڌڻ جو سبب سنڌو درياهه ۾ چاڙهه اچڻ ڪري پاڻيءَ جو اچي پراڻن هالن کي رسڻ هو. جنهن جي ڪري مقبرن جو پاڻيءَ ۾ اچي وڃڻ يقيني هو، تنهنڪري اجساد مطهره جون صندقون کڻائي نئين پٽ ۾ آنديون ويون. جتي مخدوم نوح عليه رحمة جن جي فرزند مخدوم حامد رح جن جو مقبرو اڳ ئي موجود هو. مخدوم صاحبن جي اصل ماڳ کي هالا سڏيو ويندو هو، ان ڪري اسلام آباد به هالا سڏجڻ لڳو، پوءِ ٻنهي ۾ فرق رکڻ لاءِ قديم شهر کي هالا پراڻا ۽ نئين پٽ کي هالا نوان سڏيو ويو. اهڙي طرح هالڪنڊي جي قديم ۽ تاريخي شهر مان ٻه شهر ٿي پيا. جن جي وچ ۾ ڏيڍ ميل کن جو فاصلو آهي. هي شهر هن وقت به علم، ادب ۽ هنر جا مرڪز آهن، هتي جا هنر نه صرف سنڌ ۽ پاڪستان پر پوري دنيا ۾ مشهور آهن. هالن جي جنڊي ۽ ڪاشي جو سامان ۽ هتي جو ٺهيل ڪپڙو سياحت لاءِ ايندڙ پرڏيهي وڏي چاهه سان وٺندا آهن. هالا هن وقت حيدرآباد ضلعي جي تعلقي هالا جو مرڪزي شهر آهي، جنهن جي هڪ طرف سنڌو درياهه ته ٻئي طرف قومي شاهراه آهي. هن شهر مرڪزي ۽ تجارتي شهر هجڻ جي حيثيت ۾ تمام گھڻي ترقي ڪئي آهي. هتي هر مهيني جي پهرئين سائي سومار تي ميلو ۽ پڙي لڳندي آهي، جتي وڏو واپار ٿيندو آهي. هر سال ذوالحج جي پهرئين سومار شريف تي درگاهه حضرت مخدوم نوح عليه رحمة تي ميڙو لڳندو آهي، جنهن ۾ هزارين مريد ۽ معتقد شريڪ ٿيندا آهن. سندن قبو ۱۹۷۷ع ۾ مخدوم محمد زمان سائين جن ٺهرايو هو، جنهن جو گنبذ مير فتح علي خان ٽالپر ٺهرايو ۽ قبي جي ڀر ۾ موجود مسجد مير ڪرم علي ٽالپر ٺهرائي هئي، باقي ٻيون جايون مخدوم پني لڌي سائين جون ٺهرايل آهن. انگريزن جي حڪومت ۾ انگريز سرڪار درگاهه جي مرمت پڻ ڪرائي هئي. هالا پراڻا جيڪو قديم زماني ۾ وڏي اهميت واري جاءِ هئي، هاڻي هڪ ڳوٺ آهي. هي سنڌو درياءَ جي ڪنڌيءَ تي آهي، وچ ۾ بچاءَ لاءِ مضبوط بند اٿس. هن وقت به هتي علم ۽ ادب سان دلچسپي رکندر ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا، پر هن شهر جو اڳيون شان ۽ اها عظمت باقي نه رهي آهي.
جيئن ته هالڪنڊي جي نالي پوڻ کان اڳ هتي جيڪو ڳوٺ هو اهو ٽوڙي سڏيو ويندو هو. ۽ پوءِ جڏهن نئون ڳوٺ ٻڌو ويو ته ان جو نالو هاله ڪنڊي مشهور ٿيو، پر اڃا اها ڳالهه واضح نه ٿي سگھي آهي ته اهو هالا ڪنڊي نالو ڪيئن پيو ۽ ان جا ڪهڙا سبب آهن. هن لاءِ مختلف روايتون آهن ۽ انهن سڀني جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن حقيقت معلوم ڪري سگھجي.
درگاهه مخدوم سرور نوح عليه رحمة جي موجوده سجاده نشين قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن ٻڌايو ته کيس مرحوم محمود ڀٽيءَ ٻڌايو هو ته هالن پراڻن جي ڀرسان هڪ قبرستان کڏي کٿوري جي نالي سان مشهور آهي، جيڪو ڳوٺ جي الهندي پاسي آهي. ٿي سگھي ٿو ته هالا ڪنڊي نالو هالا کڏي هجي، جيڪو پوءِ وقت سان گڏ بدلجندو هالا ڪنڊي ٿي ويو هجي. هالا ڪنڊي جي قديم رهاڪو سانوڻي ملن مان مولوي محمود صاحب جو خيال آهي ته هن علائقي ۾ ڪنڊي جا وڻ تمام گھڻا هوندا هئا، ان سبب ڪري هالا ڪنڊي نالو پئجي ويو.
هالن پراڻن جي رهاڪو قاضي غلام محمد صاحب جن جو چوڻ آهي ته ڪند قديم مشرقي ايراني ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي ڳوٺ. روسي ترڪستان ۾ تاشقند ۽ سمرقند نالن جھڙا ڪافي شهر آهن، هالا ڪنڊي جو آخري لفظ ڪنڊي اصل ڪند تان ورتل آهي. سنڌ جي مشهور محقق جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو چوڻ آهي ته هتي هالي سمي جو ڳوٺ هو، جنهن جي ڀرسان هڪ وڏو ڪنڊيءَ جو وڻ هوندو هو جنهن جي ڪري هن ڳوٺ جو نالو هالڪنڊي پئجي ويو.
منهنجي ذاتي راءِ آهي ته هيءَ آبادي سنڌو درياهه جي ڪنڌيءَ تي قائم ٿي، جڏهن ته اهو واضح آهي ته هتي هالا قوم جي زمينداري هئي ۽ انهن جو ڳوٺ به قائم هو، ان ڪري کين ڪنڌيءَ وارا هالا ڪري سڏيندا هجن ۽ اهوئي نالو هالا ڪنڌيءَ مان ڦرندو هالا ڪنڊي ٿي ويو هجي. بهرحال هن باري ۾ ڪا ڳالهه پڪ سان نٿي چئي سگھجي ته ڪهڙي راءِ صحيح آهي. البته هن تي سڀ متفق آهي ته هالا نالو هالا ذات تان پيو آهي، جن جي هتي زمينداري هوندي هئي.
هالا ڪنڊي بابت ڪنهن به قديم ڪتاب ۾ ڪا ڳالهه واضح نه آهي ته اهو نالو ڪيئن پيو. پر عام طرح ماڻهن ۾ اهو مشهور آهي ته هتي هالا قوم جي زمينداري هئي ۽ ڪنڊيءَ جا وڻ گھڻا هوندا هئا ان ڪري هن ڳوٺ تي هالا ڪنڊي نالو پيو.
هالا ڪنڊي نه صرف هڪ نالي وارو شهر آهي پر الله وارن جي آرام گاهه به آهي. قديم زماني کان هتي ڪيترا بزرگ ٿي گذريا آهن. پر هن خطي ۾ جيڪو مان ۽ مرتبو صديقي خاندان جي حضرت مخدوم نوح عليه رحمة کي حاصل ٿيو ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي.
سندن شجرو مبارڪ اميرالمومنين حضرت ابوبڪر صديق جن سان وڃيو ملي. سندن اصل خاندان عرب جو رهاڪو هو، جتان شيخ ابوالقاسم رحمة الله عليه پهريائين حجاج بن يوسف جي ظلم ڪري هجرت ڪري سنڌ ۾ آيو، جتان پوءِ سهرورد ۾ مقيم ٿيا. سندن خاندان سهرورد کان علاوه مروند ۽ شيراز ۾ پڻ پکڙي ويو. مخدوم سرور عليه رحمة پنهنجي خاندان جو شجرو پنهنجي هڪ فرزند کي هن طرح قلمبند ڪرايو.
مخدوم لطف الله عرف مخدوم نوح رح ابن مخدوم نعمت الله بن مخدوم اسحاق بن مخدوم شهاب الدين بن مخدوم فخرالدين صغير (هي بزرگ هن خاندان جو پهريون فرد هو جو هالڪنڊي ۾ سير و سياحت جي خيال سان آيو پر ماڻهن جي پر زور منٿن تي هميشه لاءِ هتي رهي پيو. سندن مقبرو هالا ڪنڊي جي ڏکڻ طرف آهي.) بن شيخ عزالدين بن شيخ فخرالدين ڪبير (پاڻ پنجاب جي شهر ڪوٽ ڪروڙ ۾ رهندا هئا اتان لڏي اچي بوبڪن ۾ رهيا، وڏا عالم ڪامل ۽ عارف هئا، بوبڪ ۾ ئي وفات ڪيائون، جتي سندن مزار مبارڪ آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته سندن قبر قلندر شهبار جي ڀر ۾ آهي. ڪوٽ ڪروڙ ديري غازي خان جو مشهور شهر آهي، جيڪو قديم زماني ۾ سنڌ ۾ شامل هو) ابن ابوبڪر ڪتاني بن شيخ اساعيل بن شيخ عبدالله بن شيخ نصر الدين بن شيخ سراج الدين بن شيخ خيرالدين بن ابي عاصم بن شيخ محمد بن شيخ وحيدالدين بن شيخ مسعود بن ابوالقاسم بن محمد بن عبدالرحمان بن ابي بڪرالصديق رضي الله عنه. حضرت غوث الحق مخدوم نوح جن جمع جي رات ۲۷ رمضان المبارڪ ۹۱۱هه ۾ ٽوڙي ڳوٺ ۾ تولد ٿيا. سندن نالو لطف الله رکيو ويو پر پاڻ پوءِ نوح جي نالي سان مشهور ٿيا. پاڻ ستن ورهين جي ڄمار ۾ ان وقت جي عارف مخدوم عربي عرف مخدوم شاهه ڏني وٽ پڙهڻ ويٺا. پاڻ فقط پنجويهه پارا قرآن حڪيم جا پڙهيائون، پهريان ڏهه پارا ۽ پويان پنڌرهن پارا. ٻي روايت آهي ته قرآن ڪريم جا ٻه پارا ۽ ٻه ٽي فقہ جا ڪتاب پڙهيائون. فقير بهاؤالدين گودڙيو چوي ٿو ته هڪ ڏينهن سيد علي شيرازي جي فرزند سيد جلال جي جاءِ تي ويٺا هئاسون ته مخدوم صاحب فرمايو ته حضرت ابوبڪر ۽ حضرت علي رضه اچي لنگھيا. حضرت علي رضه جن تڪڙو اچي فرمايو ته اٿ توکي محمد رسول الله جن سڏين ٿا. حضرت ابوبڪر رضـه جن آهستي اچي رهيا هئا. حڪم موجب روانو ٿيس. ائين محسوس ٿيو ته لڪيءَ جي جبل تي چڙهي رهيو هجان. جڏهن مجلس ۾ پهتس ته حضرت عيسيٰ کي ويٺل ڏٺم. اوچتو مون کي هڪ لکيل ڦرهي هٿ ۾ ملي ۽ نبي سائين جن تي نظر پيم پاڻ گوڏا اونڌا ڪيو ويٺا هئا. مون مٿس نظر ڪري توجه سان سبق پڙهيو. حضرت ابو بڪر رضه جن فرمايو ته يا رسول الله هي منهنجو اولاد آهي.
ٻي روايت آهي ته مخدوم نوح رح جن ڪنهن وقت ٺٽي ۾ آيا. ظاهر جي عالمن ٻڌو هو ته هن ڪجھه پڙهيو ڪونهي، تڏهن به قرآن جي معنيٰ چڱي طرح بيان ڪري ٿو، سو گڏجي ڏسڻ ويا، مخدوم صاحب جن هڪڙي آيت جي تفسير ۾ مشغول هئا، راوي چوي ٿو ته مون کي تسبيح هٿ ۾ هئي ۽ هر معنيٰ تي داڻو ڦيرائيندو ٿي ويس، جڏهن ماٺ ڪيائون ته ڪل اسي داڻا ٿيا هئا. مخدوم صاحب جن بهترين عادتن ۽ بي انداز ڪرامتن جا مالڪ هئا، سندن جاري ڪيل فيض مان خلق خدا کي بي انتها فائدو رسيو ۽ سندن صحبت ۾ رهي ڪيترا پنهنجي من جي مير لاهي الله وارا ٿي ويا.
پاڻ خميس جي ڏينهن ۲۷ ذي القعد ۹۹۸ هه ۾ هن جھان مان لاڏاڻو ڪري دارالبقا ڏانهن روانا ٿيا. ان وقت سندن عمر ۸۷ ورهيه هئي. پر کانئن پوءِ به سندن جاري ڪيل فيض جو درياهه جاري رهيو، سندن خاندان مان نالي وارا بزرگ ٿيندا رهيا، جيڪي پنهنجي علم ۽ بزرگي ۾ بيمثال ٿي گذريا آهن.
هالا ڪنڊي پرڳڻي ۾ ڀاڻوٺ، کانوٺ، ڀٽ شاهه، جھيجا، کيبر، انڙپور ۽ بوهري مشهور ڳوٺ آهن، جيڪي پڻ الله وارن بزرگن جي آرامگاهه آهن. مخدوم نوح عليه رحمة جن کان سواءِ ٻيا به ڪافي بزرگ، عالم ۽ اديب هن خطي ۾ پيدا ٿيا آهن، يا جن هالا ڪنڊي جي بزرگن مان فيض پرايو آهي، انهن جو به هتي مختصر ذڪر ڪجي ٿو.
عبدالسميع خان سانوڻي ۱۱۲۶هه ۾ نواب سيف الله خان ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو، سندس پاران هاله ڪنڊي جي سانوڻي قوم جي شاهه عبدالغفور جو ڀاءُ عبدالسميع خان سانوڻي سندس پاران نائب ٿي ٺٽي آيو.
شاهه خير الله هي سيد احمد بغدادي جو پٽ هو، پاڻ هاله ڪنڊي ۾ مخدوم نوح رح جن جي صحبت ۾ رهيو ۽ اتان ئي فيض ۽ هدايت پرايائين. سندس مقبرو پراڻي سکر ۾ آهي. سيد ابوالحسن هي سيد محمد جو ٻيو نمبر پٽ هو، مخدوم نوح رح جي سلسلي جو مريد هو ۽ سندس اڪثر هاله ڪنڊي اچڻ ٿيندو هو.
مخدوم جعفر بوبڪائي ولد مخدوم ميران مخدوم نوح رح جن جو همعصر وڏي ڪمال وارو، جامع ۽ زبردست عالم ٿي گذريو آهي. هڪ ڏينهن مخدوم نوح عليه رحمة جن فرمايو ته مون خدا تعاليٰ کي هن اکين سان ڏٺو آهي مخدوم جعفر جن فرمايو ته توهان هنن اکين سان ڪونه ڏٺو هوندو، توهان تي جڏهن به اهڙي حالت طاري ٿي ته پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيو، پوءِ به جيڪڏهن رب جو ديدار قائم آهي ته پوءِ يقين ڄاڻو ته اها اک ظاهري اک ۽ اهو ديدار رواجي ديدار نه آهي. مخدوم نوح عليه رحمة هن تجربي کان پوءِ فرمايو ته ”جي نه هجي ها جعفر ته نوح ٿئي ها ڪافر“. مخدوم جعفر ۹۲۰هه کان پوءِ گذريو آهي. سندس تصنيفون عجلته الطالبين، حل العقود في طلاق السنود، القطانہ في مرمہ الخزانة، خرانہ الروايات ۽ ٻيا ڪيترا آهن.
___ نصرپور جي سماواتي پرڳڻي جي جھوني ڳوٺ ڪاتيار جي بزرگ ميرڻ ڪاتيار کي سيد عبدالڪريم مخدوم نوح عليه رحمة جي خدمت ۾ وٺي ويو، جتان معرفت ۽ مرتبو مليس.
___ چاچڪن جي سرڪار جي ناليري شهر جوڻ پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ درويش حاجي سورو به مخدوم نوح رح جو صحبتي ۽ کانئس فيض پرايل هو.
___ درويش بهاؤالدين گودڙيو به پهريائين جوڻ جي آس پاس رهندڙ درويش موسيٰ جو مريد هو تنهن کان پوءِ مخدوم نوح رح جي خدمت مان فيض پرايائين.
___ ونگي ولهار جي سرزمين ۾ ڪو ڇو مشهور ڳوٺ آهي، اتي جو سيد ساجن سوائي اصل مٽيارين جو، مخدوم نوح رح جو مريد ۽ ڪرامت جو صاحب ٿي گذريو آهي.
__ درويش لڌو بهار به مخدوم نوح جي نظر شفقت جو هڪ منظور نظر هو.
__ دوريش قطب به مخدوم نوح رح جو مريد هو، هي بزرگ مخدوم جعفر بوبڪائي سان به مليو هو.
__ بنوري پر ڳڻي جي ڳوٺ هٽڙي جو بزرگ درويش صابر سومرو به مخدوم نوح رح جي فيض نظر جو نوازيل هو ۽ ڪمال جو صاحب هو.
__ بلڙي جو شاهه عبدالڪريم مٽياري سيدن مان هو سندس ولادت ۹۴۴هه ۾ ٿي. پاڻ وڏو بزرگ ۽ الله وارو هو. سندس لکيل ڪتاب بيان العارفين ۽ تنبيه الغافلين آهن. مخدوم نوح رح جي صحبت مان فيض پرائي وڏو فائدو حاصل ڪيائين ۽ سندس اشاري موجب وڃي بلڙي ۾ رهيو، جتي ۱۰۲۰هه ۾ سندس وفات ٿي.
__ نيرون ڪوٽ جو هڪ ڳوٺ ناياهو آهي. اتي جو درويش بادو مخدوم نوح رح جو مريد هو جڏهن پهريائين مخدوم نوح عليه رحمة جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته فرمايائينس ڪلمو پڙهه. ڪلمي پڙهڻ سان مڇي وانگر ڦٿڪي، ڏڪي بيهوش ٿي ڪري پيو، مخدوم نوح جي حڪم سان کيس حجري ۾ کڻي ويا، جتي ٽي ڏينهن بي خبر پيو هو، پوءِ جيڪي ٿيو سو ڏيهن ڏٺو.
__ مخدوم ابو مصطفيٰ هڪ زبردست عالم مخدوم نوح جو معاصر، سندس مريد ۽ شاگرد هو، هو وقت جي ولي سيد الله جي نياڻيءَ مان هو، سندس رهڻ جي جاءِ پير شيخ عالي جي ڀرسان آهي. سندس پٽ مخدوم بايزيد به وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي.
__ شيخ عبدالعزيز اصل ڳوٺ هاله ڪنڊي جو رهندڙ هو، مرد قابل ۽ هوشيار هو. نواب امير خان جي خدمت ۾ مقرر هو، پوئين عمر ۾ هالن مان لڏي وڃي ٺٽي ۾ رهيو، هن کي شيخ عبدالهادي ۽ شيخ عبدالسلام نالي ٻه پٽ هئا، عبدالهادي کي اولاد نه ٿيو. عبدالسلام هندستان وڃي لاهور جي خالصي جي ديوان تي سرفراز ٿيو. سندس پٽ مغليه دور ۽ پوءِ نادر شاه جي وقت ۾ وڏن سرڪاري عهدن تي رهندا آيا. سندس اولاد مان محمد اعظم تحفةالطاهرين نالي ڪتاب لکيو.
__ مڪليءَ تي آراميل اولياءَ الله مان ميان مٺو فقير مخدوم نوح جو مريد ۽ ڪمال جو صاحب هو. اڪر ۾ سندس هجرو مشهور آهي. پير آسات جي ڏاڪن هيٺيان دفن ٿيل آهي.
__ فقير بهاؤالدين گودڙيو مخدوم نوح رح جو وڏي ۾ وڏو مريد ۽ ظاهري ڪرامتن ۾ مشهور آهي. سندس مزار مٺي فقير جي ڀرسان مڪلي ۾ آهي.
__ سلطان کمر مخدوم نوح جي مريدن مان هڪ فقير آهي ۽ مڪلي ۾ آرامي آهي.
__ سيد علي ثاني شيرازي، دوريش آچر جو مريد هو ۽ ان مان فيض پرايائين پر پوين ڏينهن ۾ مخدوم نوح رح جو مريد هو. سيد علي شيرازي درويش ڀرڪيي لنگ جي زيارت تي ويو ته هن ٻين وانگر هن کي خدمت جي تڪليف ڏني مخدوم نوح دل ڪوسي ڪئي. نتيجي ۾ مرزا باقي درويش ڀرڪئي کي شهيد ڪرائي ڇڏيو.
__ مخدوم عربي هاله ڪنڊي حال ۽ مقامات جو صاحب هو.
__ مخدوم رح مولانا ابو بڪر بن دائود بريد جي صحبت ۾ رهي حال جو صاحب ۽ اولياءَالله ٿيو.
__ صاحب بلاغت ۽ فصاحت آخوند احمد پٽ آخوند عبدالعليم پٽ آخوند رحمت الله، الله انهن تي رحم ڪري، سندس تخلص احمدي هو، سندس مذهب حنفي ۽ طريقو قادري هو، هي سانوڻي هالا جا رهندڙ هئا. هي وڏو عالم ۽ قرآن پاڪ جو حافظ هو. نظم ۽ نثر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. ٽالپرن جي حڪومت جي شروعات کان پوءِ ان کان به اڳ ٽالپر مير صاحبان جي استاد هجڻ جو فخر حاصل هئس. ڏکين بيتن جي حل ۾ بي مثل هو. سندس عمر ۸۰ سال هئي. پاڻ نثر ۽ نظم جو استاد هو. پاڻ لطيفي سجاده نشين مرحوم سيد الله بخش شاهه جي انتقال تي بيت چيائين.
فارسي: زنور لطيفي جمال علي، چراغ الله بخش شد منجلي
ترجمو: علي جي جمال ۽ لطيفي نور کان، الله بخش جو ڏيئو روشن ٿيو.
هن گھراڻي جو پهريون سجادو سيد جمال شاه هو انهيءَ لاءِ چيائين.
فرزين و بيذق آمد صد مهره شطرئج، ليڪن بوقت بازي رخ هردو سوئي شاه است.
آخوند احمد هڪ فارسي ڪتاب تحفة السلاطين لکيو هو. جنهن جي آخر ۾ لکيو اٿس ته ۱۰ ربيع الاول ۱۲۷۰ هه مصنف احمد پٽ آخوند عبدالعليم پٽ آخوند رحمت الله پٽ آخوند الله بخش رهندڙ هالا مدرس خاص سلاطيني قديم. آخوند اميد علي سها جو دوست هو. سيد غلام محمد شاهه گدا ديني علم ۾ سندس شاگرد هو. سندس طريقو قادري هو. پاڻ سيد علي گوهر پٽ صبغت الله پٽ سيد محمد راشد عليه رحمة جو مريد هو. مير نور محمد ۽ مير محمد حسن علي خان ٻئي مير نصير خان ٽالپر جا پٽ به سندس شاگردن مان آهن. تاريخ ڪڍڻ جي فن ۾ پنهنجو مثال پاڻ هو. سندس عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ شعر چيل آهن. پاڻ ۱۲۱۷هه ۾ وفات ڪيائين ۽ هالا جي قبرستان ۾ دفن ٿيو. سئو سالن کان وڌيڪ زنده رهيو. “ (بياض مولوي دين محمد وفائي)
آخوند اميد علي پٽ حاجي عبدالله پٽ حافظ نور محمد قريشي، عقيلي هالائي مشهور سانوڻي آخوند جي خاندان مان هو سندس تخلص سها هو. پاڻ نظم ۽ نثر جو ڄاڻ، حافظ قرآن ۽ سٺو لکندڙ هو. شاهه عبدالقيوم مجددي (۱۲۲۰ ھ ۱۲۷۱ ھ ) جي بعيت ڪيائين (مونس المخلصين ص۲۲) آخوند صاحب ڪاتب ۽ سٺو لکندڙ هو. سندس ڪيترا لکيل ڪتاب ڪتب خانه مجديه ٽنڊي سائينداد ۾ موجود آهن. جيئن ته مڪتوبات معصومي، عمده المقامات ۽ ٻيا. علم جعفر ۽ عمليات جي مهارت هئس. هڪڙو ڪتاب لکيائين جيڪو فارسي شعر ۽ تاريخ ڪڍڻ بابت سندس دور ۾ مشهور هو. مير حسين علي ٽالپر کيس تمام گھڻو چاهيندو هو، ۽ گھڻو ڪري آخوند صاحب حيدرآباد ۾ مير صاحب جي صحبت ۾ گذاريندو هو، سندس”ديوان“ ، ”انشا“، ”سفرنامہ ڪلڪة“ ”رسالہ در علم تڪثير“ کان سواءِ قصيده برده کي فارسي شعر ۾ ترجمو ڪيائين ۽ ٻيا ڪتاب ”قدسيات قيوميه“ جيڪو، سندس مرشد شاهه قيوم جي حالات بابت لکيائين ۽ انجي آخر ۾ ساراهيه قصيدا مرثيه، مرشد جي لاڏاڻي جون تاريخون گھڻيون ڏنيون اٿس. جن مان هڪ هي آهي.
ظهر الهدي بنعاليه رفــــع التقا بخصـــــــــــالہٖ
شرح الصدور بقالہٖ، ڪشف الدجيٰ بجمالہٖ
ڪانت سينن و وصالہٖ، بلغ العلي بڪمالہٖ
۲۷۱ھ مــــونس المخلصين ص ۳۹.
سندن تعليم مان هدايت ظاهر ٿي. خصلتن مان تقوي بلند ٿي.
کليا سينا سندس گفتگو سان حسن سان اوندهه ۾ روشني ٿي.
سندن گذارڻ جا سال هئا، ”بلندي کي پهتو ڪـــــــــــــمال سان،“
هڪ ڀيري پنهنجي خاص دوست بهادر جي تعريف ۾ هڪ رباعي چيائين ته:
بهادر چادر سيت پاکيزه اي، نه باشد چنين گوهري در صدف
شهر جوهري قدر او را شناخت، بهان گران رامده باخذف
بهادر پاڪ موتي مثل آهي، سڀ ۾ اهڙو موتي نه هونـدو
هر جوهري هن جو قدر نه سڃاڻي سگھنـدو
ڳري قيمت واري کي ٺڪر تي نه ڏي.
آخوند احمد هالائي (وفات ۱۲۱۷هه) جيڪو مشهور شاعر ۽ هن جو دوست هو، هن جواب ۾ هيءَ رباعي چئي.
بهادر نه دريست پاکيزه اي، زخم مهر مهره ارزان برابر خذف
چه شعراءِ تابع غواگفہ حق، تو داناي هستي مفرما قـــــــــــــــــذف
بهادر پاڪ موتي نه آهي ، ڪوڏي کان سستو ٺڪر برابـر آهي
شاعرن جھڙو حق چوڻ کان گمراه تون داناءِ آهين ڄاڻي واڻي ڪوڙ نه چئه
هن بابت ٻيا به ڪيترا ڏي وٺ جا شعر ٻنهي طرفان چيا ويا هئا. مونس المحبين جو لکندڙ سندس تاريخ وفات ۱۱ رجب ۱۲۱۲هه لکي آهي. مولانا دين محمد وفائي پنهنجين يادگيرين ۾ ۱۵ ربيع الاول ۱۲۲۸هه لکي آهي. ٻي تاريخ ” وهو دخل بجنة السلام“ مونس المفلصين واري لکيو آهي ته لا خيال بودلي جي مقبري ۾ هالا ۾ دفن ٿيل آهي.
قاضي ميان عبدالقوي صاحب هاله ڪنڊي جو رهندڙ هو، سندس تخلص پهريائين شريف هو پر پوءِ ملتجي تخلص ٿيس نظم ۽ نثر جو ڄاڻو هو. پاڻ نازڪ خيال ۽ شيرين مقال هو ۽ علم وارن جو قدر دان پڻ قاضي صاحب درگاهه حضرت مخدوم نوح قدس سره جو مريد هو. سندن انتقال جي تاريخ قاضي صاحب هن طرح لکي آهي.
فيض حق فياض عالم حضرت مخدوم نوح
”آنکہ از دست يدالله يا فتة تلقين بحـــــــــــق
زين سبب کز شاه دين بيواسطہ تعليم يافت
درد بستان ولايت ز اوليا برده سبـــــــــــــــــــــــق
چونگہ فيض مطلق امد ذات پاڪش در جھان
گفت هاتف سال تاريخ وصالش ” فيض حق “
حضرت مخدوم نوح بن مخدوم نعمت الله بن مخدوم الحق بن مخدوم شهاب الدين بن مخدوم فخرالدين سهروردي صديق هالائي ۹۱۱ هجري ۾ پيدا ٿيا ۽ وفات ۲۷ ذوالقعد ۹۹۸ هجري ۾ ڪيائون جنهن تي ملا قاسم هڪ قطعو تاريخ جو چيو.
بود آنکہ نهصد و هم يازده بوده فـــــــزون
سال تاريخ ولادت ان ولايت کيـــــــــــش دان
مدتي عمر گراي آن گرامي مـــــــــايـــــــــد را
جملہ همشتا دو همفت سال بود اندر جھان
سال فوت آن غوث حق پر سيد چون از خود
از سر حسرت فغان برداشت آنکه گفت هان
از سنہ نهصر و هشتاد هڙ ده زفت صبــــــح
بيست هفتپم درشب پنجسلبہ ذي قـــعد دان
(دليل الذاڪرين)
حافظ غلام محمد سانوڻي هالا جو رهندڙ هو سندس تخلص غلام هو. عربي ۽ فارسي تي عبور هوس پاڻ آخوند احمد صاحب جو پٽ ۽ مير سيد غلام محمد ”گدا“ جو استاد هو. افسوس جو پاڻ جواني ۾ ئي گذاري ويو (۱۲۹۸هه ۾.)
آخوند محمد قاسم پٽ نعمت الله قريشي هالا جو رهندڙ هو. ۱۲۲۱ھ ۱۸۰۶ع ۾ ڄائو هو. پنهنجي دور جو فارسي ۽ سنڌي جو بهترين شاعر هو. افسوس جو هن کي خليل تڪمله ۾ جاءِ نه ڏني آهي. آخوند قاسم تمام گھڻا شعر چيا آهن غزل جو استاد هو. بهترين قصيده چوندڙ هو، عربي ۽ اردو ۾ به شاعري ڪندو هو. شعر جو اڪثر صنفون سندس ڪتابن ۾ موجود آهن. آخوند مرحوم شروع ۾ انگريز حڪومت جو معمولي ملازم منشي هو. پوءِ اها نوڪري ڇڏي مير علي مراد خان ٽالپر والي خيرپور سنڌ جي دربار ۾ مير حسن علي خان ٽالپر سان وابسته ٿيو. مير علي مراد خان ٽالپر طرفان آخوند قاسم کي ٻه سئو روپيه پگھار ملندي هئي. ۽ مير حسن علي ٽالپر سندس قدر شناسي ڪري انعام طور پنج رپيه مهينو مقرر ڪيا. آخوند صاحب ۱۲۹۸ھ ۱۸جنوري ۱۸۸۱ع اڱاري ڏينهن گذاري ويو ۽ پنهنجي وطن هالا ۾ دفن ٿيو. سندس ديوان سنڌيءَ ۾ ديوان قاسم جي نالي ۱۸۷۵ع ميرزا قليچ بيگ جي مقدمي سان شايع ٿيو هو پر سندس فارسي ديوان اڃا شايع نه ٿيو آهي. ” مفرح القلوب“ ۾ لکي ٿو ته:
زدست لطف شہ خيرپور ديده شود
که تاچه پرورش مـــــــــا پديد مي آيد
هڪ قصيده ۾ مير حسن علي خان حيدرآباد واري لاءِ چوي ٿو ته:
من و دعئہٗ بودتا قوام قصر جھان
سوال دبدبده دولتش قــــــوي بنياد
بعز و جاه و جلال و فال عهد مدام
خداش نا مور و نامدار گــــــــــردا ناد
هر که درملکـــ ”لار“ ميماند، زير آسيب آسمان باشد
ور برد در کراچي آب ر خروم ، لطف حق پيش و بيکران باشد
هاله ڪنڊي ۾ هڪ ٻيو شاعر به قاسم نالي ۽ تخلص سان سانوڻين جي خاندان ۾ آخوند محمد قاسم پڻ نعمت الله کان ۵۰ سال اڳ ٿي گذريو آهي. جنهن جو پورو ديوان ته نه مليو آهي. پر سندس مختلف لکڻيون مون کي (حسام الدين راشدي) هٿ آيون آهن. تخلص ۽ نالي جي هڪجهڙائي ڪري سنڌ جي ڄاڻو عالمن هنن ٻنهي شاعرن کي هڪ ڪري سمجھيو آهي. حالانڪ هي شاعر ٻيو آهي. جنهن بابت مختصر معلومات هن ريت آهي. آخوند محمد قسم پٽ آخوند محمود مشهور سانوڻي آخوند جي خاندان مان هو، هن پنهنجي پيءَ کان تعليم حاصل ڪئي. سندس والد آخوند محمود به عالم هو ۽ نصرپور جي مدرسي ۾ پڙهائيندو هو. ۱۱۷۲هه کان پوءِ گذاري ويو ۽ ان ڳوٺ ۾ ئي دفن ٿيو. محمد قاسم پيءَ جي وفات بعد نصرپور جي مدرسي ۾ پيءَ جي جاءِ سنڀالي ۽ پوءِ وري ٽنڊي مير ڄام خان ۾ اچي رهيو ۽ اتي اچي پڙهائڻ لڳو. سندس ديوان فارسي ۾ موجود آهي، جنهن ۾ ٻين بهترين شعرن سان گڏ پنهنجي شهر هالڪنڊي جي ساراهه ڪندي چئي ٿو ته:
يا ربّ شگفتہ باده، گلزار هاله ڪنــــــــــدي
آباد رکجان سائين گلزار هاله ڪــــــــــــــــــــــنڊي
سر سبز و سايہ گستر اشجار هاله ڪندي
ساوا هجن سدائين اشجار هاله ڪــــــــــــــــــنڊي
پروردگار عالم از لطف بي نهايــــــــــــــــت
ساري جھان جا مالڪ ڪر ٻاجهه تون مڙن تي
رونق پذير گرده هر ڪار هاله ڪنــــــــــــدي
سولا ڪجاءِ سڀ ڪم ۽ ڪار هاله ڪــــــــــنڊي
با حرمت محمد و اصحاب آل پاکــــــــــــــش
نالي نبيءَ جي ۽ صدقي سندن صحابــــــــــــــــن
فضل خدا ست هردم معمار هاله ڪنـــدي
رب جو فضل آ هردم معمار هاله ڪنــــــــــــڊي
چون گل شگفته هر دم، باد از نسيم فرحت
گل وانگي آ ٽڙيل ۽ ٿڌڙي هتي هوائـــــــــــون
يا رب ز فضل عامت خوشدار هاله ڪــــــندي
قادر جي آ ڪرم سان خوشدار هاله ڪنــــــڊي
هريکـ بعلم نامي، هريکـ بفضل سامــــــــــــــي
مشهور آ ملڪن هر ڪو هتي جو عالــــــــــــم
هر يڪ عديل جامي، ابرار هاله ڪنــــــــــــدي
هر هڪ آ جامي جھڙو ابرار هاله ڪـــنــڊي
ازبسکہ بيمثال است، اندر بلاد گيتي
بازار بي مثل آ ناهي سا ڪنهن شــهر ۾
ورد زمان علام، اذڪار هالـه ڪنـــــدي
دنيا جي آ زبان تي اذ ڪار هاله ڪنـــــــڊي
هر ڪوچه چون گلستان هر خانه کاخ جنت
هرجاءِ ڄڻ گلستان هر گھر هتي جو جنت
از روضہ ارم بہ بازار هاله ڪنـــــــدي
آهي ڀلي ارم کان بازار هاله ڪنــــــــــــــــڊي
مرغول مهو شانش هر ڪس کة ديد گفتــا
سهڻن جا پيچ پائڻ هر هڪ ڏسي چيو ٿــي
از چين و شام بهتر صد بار هاله ڪندي
آ چين شام کان مٿ سئو بار هاله ڪنڊي
کر جا ڪني بجنت هر دم ز شوق گوئـــي
هر وقت شوق مان جي جنت ۾ جاءِ ڳولهين
با شد که باز بينم ديدار هاله ڪـــــــــــــندي
ات ڀي ڪريا سڌون مان ديدار هاله ڪنڊي
در ديده سڪندر منشان طبع روشــــــــــــــن
روشن دماغ ماڻهن ۽ سوچن ۾ سڪـــــــندر
آئينہ هست هريکـــ ديوار هاله ڪنـــــــــدي
چمڪي جتي ٿي هر هڪ ديوار هاله ڪنڊي
قا حشر غم نه بيندز آفات ” قاسما “ او
ڪوسو ڪو واءُ ڪڏهين ”قاسم“ لڳي نه ڪڏهين
مخدوم نوح باشد، دار هاله ڪـــــــــندي
مخدوم نوح ٿيو آ سردار هاله ڪـــــــــــــنڊي.
ديوان قاسم حيدرآباد جي ٽالپري ڪتب خاني ۾ موجود آهي. جنهن جي آخر ۾ لکي ٿو ته تاريخ ڇهين مهينو رجب ۱۲۱۲هجري ڏينهن يڪشنبہ لکندڙ حقير فقير پر تڪسير محمد تقي غفرالله العلم ان ديوان ۾ هڪ مدح هڪ ساراهه مخدوم هاله ڪنڊي ۾ هڪ مدح سندس پٽ محمد حيات جي فارسي غزل ۽ ۸ اردو غزل شامل آهن (مهراڻ جون موجون ص ۴۵) ٻئي هنڌ وري هاله ڪنڊي جي ساراهه ڪندي چوي ٿو ته.
شيرين و خوشگواه، هست اب هاله ڪندي
وڻندڙ مٺو ڀلو آ ٿيو آب هاله ڪنڊي
يادم دهدز ڪوثر، ڪولاب هاله ڪــــــــندي
ڏياري ٿو ياد ڪولاب هاله ڪنــــــــڊي
هر باغ .”باغ رضوان، هريڪ درخت طوبيٰ
هر باغ آهي رضوان، هر وڻ هتي جو طوبيٰ
باشد دري ز جنت هر باب هاله ڪنـــــــــــــدي
جنت جو در هجي شل هر باب هاله ڪنـــــڊي
يا رب دعائي قاسم کن مستجاب هـــــر دم
مولا قبول ڪر تون ”قاسم“ سندي دعا کــي
باشند خوش هميشہ اصحاب هاله ڪــــــندي
خوش ٿي رهن سدائين اصحاب هاله ڪنڊي.
کيس ٻه پٽ هئا هڪ جو نالو محمد حيات ۽ ٻئي جو محمود هو. محمود جي ڄمڻ جي تاريخ هن ريت چئي اٿس. تاريخ تولدش خرد گفت، ”محمود زهي بيخت محمود ۱۲۱۲ هه. آخوند محمد قاسم فارسي ۾ پنهنجي باري ۾ ۽ پنهنجن پٽن جي باري ۾ به شعر چيا پاڻ حافظ ۽ سعدي جو عقيدت مند هجڻ سبب سندن ساراهه ۾ پڻ شعر چيا آهن. ديوان قاسم جو هڪ نسخو، جنهن جي لکڻ جي تاريخ ۹ شوال ۱۲۴۰ ھ آهي. سرڳواسي صوڀراج ”فاني“ جي ڪتابن ۾ به موجود آهي. ڊاڪٽر سدا رنگاڻي پنهنجي ڪتاب لاءِ ان مان مدد ورتي هئي.
(هي مضمون ڪافي جاين تي ڇيپو آهي. اسان ماهوار پيغام جي مئي جون 1991 جي حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رح جي حوالي واري خصوصي شماري تان کنيل آهي. ڪجھ مواد ورجاءُ کان بچڻ لاءِ حدف ڪيو ويو آهي.)